Friday, February 16, 2024

عوامي مينڊيٽ ۽ استاد منگهوء جون خواھشون!

 


شفيق الرحمان شاڪر

سمورن تڪرارن ۽ تضادن سان گڏ خير سان چونڊون ٿي گذريون.ڪنھن کٽيو، ڪنھن ھارايو، اھي اعلان شڪ شبھن جا ھار پائي اڃا تائين جاري آھن.چونڊن سان جيڪو سلوڪ ٿيو سو ٿيو پر چونڊن بعد گهڻن سان استاد منگهو واري ڪار نہ ٿي وڃي. جيڪر ڪنھن کي استاد منگهو ٽانگي وارو ياد نہ ھجي تہ سعادت حسين منٽو جو افسانو ” نئون قانون“ پڙھي ڏسي.مختصر ڪھاڻي اھا آھي تہ استاد منگهو گهوڙي گاڏي ھلائيندو ھو ۽ کيس ننڍي کنڊ جي انگريزن جي غلاميء کان آزاديء جو منتظر ھو.منگهو جي ٽانگي تي سوار ٿيندڙ ماڻھو جيڪا بہ ڳالھہ ڪندا ھئا، ھو ترت ئي انھن ڳالھين تي اعتبار ڪري وٺندو ھو.ايستائين جو استاد منگهو ٻڌي ورتو تہ پھرين اپريل تي نئون قانون ايندو جيڪو انگريزن جي غلاميء کان آزدي ڏياريندو.منگهو ويچارو پھرين اپريل جي انتظار ۾ سڄو مارچ جشن ملھائيندو رھيو تہ اجهو ٿيون غلاميء جون زنجيرون ٽٽن.ايستائين جو پھرين اپريل بہ اچي ويئي.استاد منگهو کي پھرين اپريل تي انگريزن کان آزاديء جو پروانو تہ نہ ملي سگهيو بلڪہ ھڪڙو انگريز ملي ويو جنھن کي استاد منگهو اھو چئي خوب ڪاوڙ ڪڍي تہ ” پھرين اپريل اچي ويئي پر اڃا تائين تنھن جي آڪڙ ناھي ويئي.“

اسان واري معاملي ۾ استاد منگهو في الحال جمھور جو سج ڳولھي رھيو آھي.ھو پنھن جي ووٽ جي عزت افزائي ٿيندي ڏسي رھيو آھي ۽ حيرت زدہ آھي تہ ھاڻي تہ اٺين فيبروري بہ گذري ويئي پوء بہ اھا ئي آڪڙ!

چونڊن جا تڪراري نتيجا اڃا تائين جاري آھن.بھرحال ڪونہ ڪو تہ اقتدار جو تاج ضرور پھريندو.ڪجھہ عرصو وڌيڪ انتظار ڪرڻ ۾ ڪھڙو ھرج آھي.سوال اھو آھي تہ اقتدار ۾ ايندڙ نئين ٽيم کان اسان اھا ڪھڙي نئين اميد رکي سگهون ٿا جيڪا اڄ کان اڳ نہ لڳائي ھجي؟ حڪومت جوڙيندڙ اھي ڪھڙا نوان چھرا ھوندا جن کان وري ڪي نيون اميدون لڳايون ۽ پراڻا سڀ ڏيئا وسائي ڇڏيون؟

کٽڻ وارن کي سوڀ مبارڪ جو جمھوريت جا جيڪي ڀاشڻ انھن تيار ڪري رکيا آھن، ھاڻي ايندڙ ڪجھہ ھفتن تائين انھن جي ڪجھہ اھم نڪتن مان عوام فيضياب ٿيندو رھندو.اسان کي ٻڌايو ويندو تہ نئين دور جي شروعات ٿي چڪي آھي.ھاڻي پھرين جيان ڪجھہ بہ نہ ٿيندو. پر ڇا ھاڻوڪن تڪراري چونڊ نتيجن بعد ڪنھن نئين دور جو آغاز ٿي سگهندو؟ روٽي، ڪپڙا،مڪان، تعليم، تيڪنالاجي،صحت، بنيادي انساني حق،بنيادي آزادي ۽ بھتر معيشت،اھي سڀ اھڙا معاملا آھن جن تي ھر سياسي جماعت قوم ۽ ملڪ جي بھتريء جي دعويدار آھي ۽ لڳ ڀڳ سموريون پارٽيون ساڳي پلاننگ ۽ پاليسي رکن ٿيون.حڪومت جرنيلي ھجي يا جمھوري، اڄ تائين ڪنھن بہ اقتدار سنڀالڻ بعد اھڙو اعلان ناھي ڪيو تہ اسان جا عزيز ھم وطنو! اوھان جي نوانوي اعتماد جي مھرباني،اڳتي ڏسجو تہ اسان ڪيئن نہ ملڪ ۽ قوم جو ٻيڙو ٿا غرق ڪيون.ظاھر آھي تہ ايندڙ نئين ڪابينا جي اھا ئي دعويٰ ھوندي تہ اسان ھر بگڙيل ڪم سنواري وٺنداسين.نئين حڪومتي ٽيم بہ گذريل حڪومتن جيان خوبصورت پاليسيون جوڙيندي، سرڪاري گزيٽ پيپر وري نين قانوني موشگافين سان سينگاربو،خوب نوٽيفڪيشن جاري ٿيندا، بل پاس ٿيندا ۽ ٿي سگهي ٿو تہ ڪجھہ آئيني ترميمون بہ ٿي وڃن.حڪومتي ٽيم جوڙيندڙن وٽ پھرين سو ڏينھن جو ڪو پلان اڳ ۾ ئي تيار ھوندو، آئي ايم ايف وٽ وڃڻو آھي،معاشي سڌارن جا دھل وڄايا ويندا،اسٽيٽ بينڪ جي نئين پاليسي متعارف ڪرائي ويندي،  ٽيڪس نيٽ وڌائڻ ۽ قومي خسارو گهٽائڻ جا نت نوان خيال پيش ڪيا ويندا.ممڪن آھي تہ ھڪ ڀيرو وري حڪومتي ميمبرن، وزير اعظم ھائوس وغيرہ کي بچت ڪرڻ، رات جي وقت گهٽ فانوس روشن ڪرڻ، گرميء ۾ ڇھن جي بدران چار اي سي ھلائڻ ۽ وزير اعظم ھائوس جي ڪچن جو خرچ گهٽائڻ لاء سبزي ۽ ڀاڄي وغيرھ وزير اعظم ھائوس جي لان تي اپائڻ جا پريس رليز بہ جاري ڪيا وڃن.

روزمرہ جا ننڍا وڏا حڪم جاري ڪرڻ ڪنھن چونڊيل حڪومت جو اڪيلو ڪم تہ نہ ھوندو آھي،عالمي اسٽيج تي قوم جي ڊائريڪشن طيء ڪرڻ،جمھوريت جو ڪيس وڙھڻ ۽ جمھور جي حقن جي حفاظت ڪرڻ بہ چونڊيل حڪومتن جي بنيادي آئيني ذميداري ھوندي آھي.پاڪستان ھڪ ڊگهي جمھوري، سياسي، معاشي ۽ سماجي بحران مان گذري رھيو آھي، عوام چاھي ٿو تہ سمورو ملڪ گڏجي انھن بحرانن مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري،انھن پنھن جن نمائندن کي ووٽ نوان بحران پيدا ڪرڻ لاء نہ پر موجود بحران حل ڪرڻ لاء ڏنو آھي.ان لاء نہ تہ رقابت ۽ عداوت جي سياست وري ڪو نئون رنگ اختيار ڪري ۽ وري ملڪ ۾ سياسي جهنڊاپٽ شروع ٿي وڃي.

لکن جي تعداد ۾ گهٽي گهٽيء موجود استاد منگهو کي انتظار آھي تہ ھن دفعي فيصلا سازيء جو عمل سندن چونڊيل نمائندن جي ھٿ ۾ ھوندو ۽ غير سياسي قوتن جي مداخلت جو فتنو ھميشہ لاء سياست مان ختم ٿي ويندو. استاد منگهو جي خواھش آھي تہ پارليامينٽ اندر چونڊيل نمائندن جون منڊيون لڳڻ بند ٿين، بين الاقوامي لاڳاپا نئين نموني سان عوامي امنگن موجب ٻيھر ترتيب ڏنا وڃن، سمورا اھم ملڪي معاملا پارليامينٽ جي صلاح مشورن ذريعي حل ڪيا وڃن،انصاف جو نظام بھتر ٿئي، اھڙيون پاليسيون جڙن جو غريب عوام تان مھانگائِ جو بار ھلڪو ٿئي،صحت ۽ تعليم جي ميدان ۾ ڪي انقلابي قدم کنيا وڃن،عوام کي ئي ھن ملڪ جو اصل حڪمران تسليم ڪيو وڃي ۽ ھر ادارو آئيني حدن ۾ رھندي پنھن جو ڪم ڪري.ماضيء ۾ ويچاري عوام مختلف نعرن ۽ خوبصورت اعلانن جي آڙ ۾ جيڪي ڪجھہ ڀوڳيو آھي اھو ڪنھن کان بہ ڳجهو ناھي.ماضيء جي پاليسين ملڪ کي تباھين جي جنھن ڪناري تي آڻي بيھاريو آھي انھن تي نظرثاني ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي.عوام جن کي بہ پنجن سالن لاء جمھوري مينڊيٽ ڏنو آھي انھن کي مليل آئيني آزاديء موجب حڪومت ڪرڻ ڏني وڃي،استاد منگهوء جي خواھش تہ اھا ئي آھي پر اصل واڳ ڌڻين جي خواھش ڪھڙي آھي،ملڪ جي ايندڙ قسمت انھيء سوال جي جواب سان سلھاڙيل آھي.

 

 

Monday, February 5, 2024

مصنوعي ذھانت ۽ مشينن جي غلامي!

 

شفيق الرحمان شاڪر

چيٽ جي پي ٽي“ جو نئون ورجن اچي چڪو آھي جنھن کي ترت ڪم ۾ آڻن جي ضرورت آھي ٻي صورت ۾ اسان جا ايندڙ نسل نوڪري حاصل ڪري نہ سگهندا. ان لاء اسان کي ھيٺين ڳالھين تي غور ڪرڻو پوندو.

جيڪر اسان جا ٻار ننڍي عمر جا آھن تہ اسان کي ايندڙ نظام تعليم ۾ان سوفٽ ويئر سان ايندڙ تبديلين کي ضرور نظر ۾ رکڻو پوندو.ھي اھڙو طاقتور سافٽ ويئر آھي جو جنھن بہ موضوع تي اوھان ان کي لکڻ جي ڪمانڊ ڏيندا اھو ڪجھہ ئي سيڪنڊن ۾ لکي وٺندو.مثال، پنھن جي ڪنھن بہ ڪاروباري دوست کي اي ميل جو جواب پنھن جھي مرضيء مطابق رڳو چند سيڪنڊن ۾ ڏيئي ڇڏيندو.ٻارن جو ھوم ورڪ ان سان نھايت سولائيء سان ڪرائي سگهجي ٿو.آئي اي ايس ۾ پڇيل سوالن جا صحيح صحيح جواب سيڪنڊن ۾ حاصل ڪري سگهجن ٿا.

ڪو زمانو ھو جڏھن خط لکيا ويندا ھئا ۽سٺي لکت ۽ مضمون تي زور ڌنو ويندو ھو پر پھرئين ڪمپيوٽر لکت جو مسئلو حل ڪري ڇڏيو ۽ ھاڻي چيٽ جي پي ٽي مضمون جو مسئلو بہ حل ڪري ڇڏيو آھي. انسان * مشين جي وچ ۾ سافٽ ويئر ڳالھہ ٻولھہ يعني رابطي کي آسان ڪري ڇڏيو آھي. اسان ڏسون ٿا تہ سوشل ميڊيا جي ڪنھن بہ ايپ تي اسان جيڪي ڪجھہ چوندا آھيون ان جو ترت ريسپانس سامھون اچي وڃي ٿو. چيٽ جي پي ٽي 3،5 ان رابطي کي وڌيڪ آسان ڪري ڇڏيو ھو. ان آسانيء جو دارومدار 175 بلين فيڪٽس يعني حقيقي معلومات تي ھو جيڪي انھيء ۾ فيڊ ڪيل ھيون.

سافٽ ويئر ۾ موجود ”الگوردم“ جي مدد سان نتيجو ڪڍيو وڃي ٿو پر ھاڻي چيٽ جي پي ٽي 4 لانچ ٿي رھي آھي جنھن جي حيران ڪندڙ ڳالھہ اھا آھي تہ اھو 100 ٽرلين پيراميٽرس تي مشتمل آھي رڳو اھو ئي نہ پر اھو ھاڻي وڊيوز، تصويرن، انگن توڙي آڊيو فائلز ؛ کي بہ پروسيس ڪندو

۔ ۔ ان جو مطلب اھو ٿيو تہ اوھان کي جيڪر ڪا فلم ٺاھڻي آھي تہ اوھان کي نہ تہ ڪنھن ڪھاڻيء جي گهرج پوندي ۽ نہ ئي اداڪارن پويان ڊوڙڻ جي ضرورت رھندي.اھو سموريون گهرجون پاڻ ئي پيدا ڪندو.اوھان جيڪر چاھيو تہ 200 صفحن جو ڪو ڪتاب ھڪ يا ٻن ڏينھن ۾ مڪمل ڪري سگهو ٿا.اھو سڀ ڪجھہ حيرتناڪ ھئڻ سان گڏوگڏ خطرناڪ پڻ ھوندو.

ان جي پي ٽي4 کي روبوٽڪس ۾ استعمال ڪيو ويندو جا  رڳو ھڪ مشين آھي. ان مشين وٽ جڏھن ايتري گهڻي معلومات ھوندي تہ سوچيو تہ اھا انساني خاصيتن جي ڪيترو ويجهي ھوندي بلڪ ڏنل معلومات جي بنياد تي اھا انسان کان وڌيڪ چست ۽ ذھين ھوندي.

ان کان ڊڄڻ جي ضرورت ڪانھي پر اسان کي ھاڻي خالي ناھي ويھڻو بلڪ انھن مشينن کان سکڻو آھي.جيڪر اسان ايئن نہ ڪيو تہ مشينون اسان کي پنھن جو غلام بنائي وٺنديون.اسان کي مصنوعي ذھانت کي سمجهڻو، سکڻو ۽ استعمال ڪرڻو آھي.ايئن سمجهو تہ ھڪ قسم جي ڊوڙ آھي جنھن ۾ اسان کي ھر حالت ۾ حصو وٺڻو آھي.جيڪي ماڻھو ان کي نہ سکندا تہ انھن لاء گهڻيون ڏکيائيون پيدا ٿينديون.نوڪريء جا وڌيڪ موقعا حاصل ڪرڻ، ڪاروبار توڙي اعليٰ تعليم لاء ان کي سکڻ ضروري آھي.ھاڻي اسان کي پنھن جي اولاد کي اھڙي پروفيشن ۾ لڳائڻو پوندو جو اھي مستقبل سان گڌ ھلي سگهن.

چيو تہ اھو بہ وڃي ٿو تہ ڪو مريض اسپتال ويندو، پنھن جي بيماريء جون نشانيون ٻڌائيندو ۽ اھو بنان ڪنھن ڊاڪٽر جي مدد جي ان سافٽ ويئر جي مدد سان پنھن جي علاج جي پرچي سان گڏ واپس ايندو.بيماريء جي علا،متن جي بنياد تي مشين جو الگوردم انساني دماغ کان وڌيڪ واقف ھوندو،اسان انھيء تي اڃا ڪم شروع نہ ڪيو آھي پر يورپ ۽ آمريڪا ۾ ان تي زور شور سان رسرچ جو ڪم جاري آھي.

ٽيڪنالاجي اڄ جنھن تيزيء سان ترقي ڪري رھي آھي ۽ ان سان دنيا ۾ جيڪي تبديليون اچي رھيون آھن انھن کان ڪنھن بہ صورت ۾ لاتعلق رھي نٿو سگهجي، اھي رڳو ٽيڪنالاجيء جا لاڙا ناھن پر اھا ھڪ اڻ ٽر حقيقت آھي ۽ ڪرونا وبا اسان کي انھن لاڙن کي اختيار ڪرڻ جو سبق سيکاريو آھي. جيڪر اسان مصنوعي ذھانت ۽ چيٽ جي پي ٽي جھڙي سافٽ ويئر جو صحيح استعمال نہ ڪيو تہ مشينون نہ رڳو اسان کي پنھن جو غلام بنائي ڇڏينديون بلڪ اسان تي ايترو غالب اچي وينديون جو اسان انھن جي نوڪري ڪرڻ جي لائق بہ نہ رھنداسين.تبديليء کي ڪو روڪي نٿو سگهي البت انھيء کي پنھن جي مٿان غالب اچڻ کان روڪي سگهجي ٿو.ايندڙ وقت جي ايندڙ تبديلين ڪا بہ قوم جيترو جلد سمجهي وٺي اوترو ئي ان لاء بھتر ھوندو آھي.

 

چونڊن ۾ ”اليڪٽيبلز“ جي سياست.ڪيستائين ھلندي؟

 

شفيق الرحمان شاڪر

 

”باباء سوشلزم“ جي نالي سان مشھور شيخ رشيد ھڪ سنھڙو پتڪڙو ۽ نھايت ئي سادو ماڻھو ھو.ٿورو سوچيو،قومي اسيمبليء جواھڙو اميدوار جنھن جي چھري کان بہ ماڻھو واقف ناھن،جڏھن نتيجا آيا تہ ھن 68721 ووٽ کنيا ۽ ھن جي مقابلي ۾ بيٺل سمورن اميدوارن جا ووٽ ملائي بہ سندس ووٽن جو ھڪ ڀاڱي ٽي حصو بہ نہ بڻيا.اھو لاھور جي نيو سمن آباد وارو شھري تڪ ھو جنھن ۾ شيخ رشيد جو ذاتي ووٽ بينڪ رڳو ھزار ٻارھن سو ھوندو.اھي سڀ ذوالفقارعلي ڀٽي يا ٻين لفظن ۾ پيپلز پارٽيء جا ووٽ ھئا.اھو اڪيلو مثال ناھي بلڪ 1970ع جي چونڊن ۾ وڏا وڏا برج اونڌا ٿي پيا ھئا.ڀٽي صاحب جي شخصيت جو ڪرشمو ئي ڪجھہ اھڙو ھو جو ماڻھن گمنام ڪردارن کي بہ ووٽ ڏيئي ڇڏيا.اتان ئي اھو اصطلاح شروع ٿيو تہ ھو کمڀي کي بہ ٽڪيٽ ڏئي ھا تہ اھو کٽي وڃي ھا.ھاڻي اچون ٿا ان سوال طرف تہ ڇا اڄ بہ ڪنھن سياسي جماعت وٽ اھو ووٽ بينڪ موجود آھي؟ان جو سادو جواب “نہ“ ۾ آھي.ھن وقت ڪنھن بہ جماعت جي ڪاميابيء جو راز پارٽي ووٽ بينڪ واڌو ”اليڪٽبلز“ آھن. ڪنھن بہ تڪ ۾ برادري،راڄن ۽ پيري مرشديء جي بنياد تي پنھن جو ذاتي ووٽ بينڪ رکندڙن کي اليڪٽيبلز چيو وڃي ٿو.پارٽي ووٽ بينڪ ۽ اليڪٽيبلز جي ذاتي ووٽ بينڪ جو ميلاپ سيٽ کٽڻ جي ضمانت سمجهيو وڃي ٿو.اھو ئي سبب آھي جو چونڊن کان پھرين سياسي جماعتون گهڻي ۾ گهڻا اليڪٽيبلز پنھن جي پارٽيء ۾ گڏ ڪرڻ گهرن ٿيون.پاڪستان تحريڪ انصاف 2018ع جون چونڊون ان نموني کٽيون ۽ مسلم ليگ نون پڻ 2024ع جي چونڊن ۾ ساڳيو فارمولا استعمال ڪرڻ گهري ٿي.بلوچستان سان واسطو رکندڙ اٽڪل 15 اليڪٽيبلز نون ليگ ۾ شامل ٿي چڪا آھن،اھڙيء طرح پنجاب ۾ بہ ان حڪمت عمليء تي عمل ٿي رھيو آھي.

ھتي ڪجھہ سوال پيدا ٿين ٿا تہ اليڪٽيبلز جي ذاتي ووٽ ٻينڪ جي نوعيت ۽ ڍانچو ڇا آھي؟اھو ڪيئن ترتيب وٺي ٿو ۽ ڇا اليڪٽيبلز جي سياست ھر دور ۾ موثر رھي آھي ۽ ڇا اھا ايندڙ دور ۾ بہ موثر رھندي؟

چونڊن واري سياست تي ڳوڙھي نظر رکندڙ تجزيي گارن جو چوڻ آھي تہ اليڪٽيبلز اھي ماڻھو آھن جيڪي سندن ذاتي ووٽ بينڪ جي بنياد تي سيٽ ڪڍي سگهن ٿا،اھي عام طور تي وڏا زميندار ھوندا آھن جن جي زمينن تي ڪم ڪندڙ ھارين نارين جو ووٽ انھن جو ڄڻ تہ ذاتي ووٽ ھوندو آھي.انھيء سان گڏوگڏ انھن جون پنھن جون ڊگهيون برادريون ٿين ٿيون جيڪي برادريء جي بنياد تي سندن حمايت ڪنديون آھن.ان کان سواء عقيدت جو ووٽ بينڪ رکندڙ شخصيتون ھونديون آھن جن جي مريدن جو ھڪ وسيع دائرو پکڙيل ھوندو آھي جيڪي ھر صورت ۾ انھن کي ئي ووٽ ڏيندا آھن.

ويجهي ماضيء ۾ بدلجندڙ سماجي حالتن ۽ لاڙن اليڪٽيبلز جي ھڪ نئين طبقي کي بہ جنم ڏنو آھي جيڪو مڊل ڪلاس سان تعلق رکي ٿو.ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار سان جڙڻ بعد انھن وٽ راتو رات تمام گهڻو پئسو اچي ويو.اھي ماڻھو ووٽ خريد ڪرڻ لاء پاڻيء وانگر پئسو وھائين ٿا.

سوال اھو بہ آھي تہ ڇا اھي اليڪٽيبلز سدائين کان ايئن مضبوط ھئا؟انھن جون پاڙون ماضيء ۾ ڪيستائين اونھيون پکڙيل آھن؟

1970ع ۾ پاڪستان ۾ پھريون عام چونڊون ٿيون،ان وقت ووٽ بينڪ پارٽين جو ھو.ان وقت اولھہ پاڪستان ۾ کاٻي ۽ ساڄي ڌر جي سياست عروج تي ھئي.ھڪ طرف پيپلز پارٽي ۽ ٻئي پاسي مذھبي جماعتون متحرڪ ھيون. 1970ع ۾ مسلم ليگ جا مختلف ڌڙا پنھنجو پاڻ کي پاڪستان جوڙيندڙ جماعت سڏائي پاڪستاني سياست ۾ جڳھہ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا.اھو دور پاڪستاني سياست ۾ نظرياتي ڇڪتاڻ جو دور ھو.

1970ع کان پھرين ٿيندڙ چونڊن ۾ ڪھڙا ماڻھو ايندا رھيا.پاڪستان جي پھرين اسيمبليء ۾ 31 وڪيل،27 جاگيردار ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ 12 ماڻھو پھتا.1955ع جي اسيمبليء ۾ 28 زميندار، 23 وڪيل ۽ 14 رٽائرڊ آفيسر 7 بزنيس مين پھتا.اھو ئي حال 1965ع واري اسيمبليء جو ھو.پھريون ڀيرو 1970ع جي چونڊن ۾ اشرافيا جو زور ٽٽو.قومي اسيمبليء جي 138 سيٽن مان 55 مڊل ڪلاس، 52 جاگيردارن،52 وڏن واپارين ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙن حاصل ڪيون.

1977ع جون چونڊون تڪراري بڻجي وييون جنھن بعد 1985ع جي اسيمبلي آئي جنھن جي ناڪاري اثرن کان اسان جي سياست اڃا تائين ٻاھر نہ نڪري سگهي آھي.پيپلز پارٽيء جي کٽڻ جي خوف کان جنرل ضياء غير جماعتي بنيادن تي اليڪشن ڪرائي جنھن جي نتيجي ۾ سياست جا بنياد ئي بدلجي ويا.توڙي جو اليڪٽيبلز پاڪستان جي قيام کان پھرين بہ موجود ھئا پر اسان جي ھاڻوڪي سياسي پس منظر ۾ انھن جا پيرا 1985ع جي اليڪشن تائين وڃن ٿا.اڳ ۾ نظرياتي بنيادن تي جماعتن کي ووٽ ملندا ھئا پر جڏھن اليڪشن ۾ سياسي جماعتون ئي نہ رھيون تہ اميدوار ڪھڙي بنياد تي پنھن جي چونڊ مھم ھلائين؟ اتان ئي ذات،برادري ۽ پئسي جي ڪلچر جنم ورتو.ھڪ تجزيي مطابق 1993ع جي چونڊن ۾ پي پي ۽ نون ليگ جا اسي سيڪڙو اميدوار جاگيردار ۽ صنعتڪار ھئا.

جمھوريت جي تقاضا اھا آھي تہ فرد جي بدران سياسي نظرين کي اھميت ڏني وڃي پر روحاني گادين، جاگيرداري، برادري ۽ پئسي کي ترپ جي پتي طور استعمال ڪندڙ ڪنھن بہ جماعت،ڪنھن بہ ٽڪيٽ ۽ ڪنھن بہ چونڊ نشان تي کٽڻ وارو اھو نسل رڳو ذاتي مفاد کي ئي آڏو رکڻ لڳو.بنيادي طور تي اليڪٽيبلز جو اھو سلسلو جمھوري سرشتي جي بنيادي گهرجن سان ئي ٽڪراء ۾ آھي.

پاڪستان ۾ چونڊن کان اڳ اليڪٽيبلز جون سياسي قلابازيون معمول جي سرگرمي آھن. عام طور تي جنھن جماعت تي مقتدر ڌريون مھربان ھونديون آھن، ھي موسمي پکي بہ ان طرف ئي منھن ڪندا آھن جيئن اڄ ڪلھہ سندن آکيرو مسلم ليگ نون جي ڇٽي آھي جنھن تي ھر ايندڙ ڏينھن تي ڪو نہ ڪو ڪبوتر لھي رھيو آھي.

پھريون ڀيرو اليڪٽيبلز کي اھا ڳڻتي ورائي ويئي آھي تہ اھي اسيمبليء ۾ ڪھڙيء طرح پھچن؟ ھونئن عام طور تي اھي آزاد بيھندا آھن ۽ اليڪشن کٽي ڪري حڪومت جوڙيندڙ جماعت کان پوري پوري قيمت وصول ڪري پنھنجون وفاداريون سندس جهوليء ۾ وجهندا آھن.ڪجھہ تجزيي نگارن موجب پنجاب خاص طور تي جي ٽي روڊ تي اليڪٽيبلز جو زور ٽٽي چڪو آھي، ايستائين جو ڏکڻ پنجاب جي اميدوارن کي بہ اليڪٽيبلز نٿو چئي سگهجي جو بنان ڪنھن پارٽيء جي حمايت جي اھي بہ اڪيلي چونڊون کٽي نٿا سگهن.جنھن جو سبب عمران خان فيڪٽر بہ ٻڌايو وڃي ٿو جو ھن سان تعلق رکندڙ نوجوان طبقو ڪنھن جي بہ ٻڌڻ لاء تيار ناھي.ٻيو تہ اليڪٽيبلز جن گروھن ۽ برادرين تي ڀاڙيندا ھئا اھي پڻ ٽٽي يا ڪمزور ٿي چڪا آھن.ان ڪري اليڪٽيبلز وڏي انگ ۾ رڳو تڏھن کٽي سگهن ٿا جڏھن اسٽيبلشمينٽ انھن جي غير رواجي مدد ڪري.اھڙا اليڪٽيبلز پڪ سان نون ليگ کي فائدو ڏئي سگهن ٿا پر سوال اھو آھي تہ جيڪي ماڻھو اسٽيبلشمينٽ جي مدد ۽ مرضيء سان کٽي ايندا اھي مسلم ليگ جي ڳالھہ ڪيتري حد تائين مڃڻ ۽ ڪيتري حد تائين ان سان وفاداري نڀائڻ جا پابند ھوندا؟ اھي تہ انھن جي ئي ٻڌندا جن کين کٽائڻ جي مھرباني ڪئي ھوندي!

 

 

Wednesday, January 10, 2024

ھي ڪٿان جي عقلمنديء وارو مطالبو آھي؟

 

شفيق الرحمان شاڪر

جمع جي ڏينھن سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪجھ سينيٽرز پاران عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي حق ۾ ھڪ قرارداد پيش ڪئي ويئي جيڪا بعد ۾ اڪثريتي راء سان منظور بہ ٿي ويئي.انھن سينيٽر صاحبان جي خيال مطابق ھن وقت ملڪ جون حالتون چونڊن لاء سازگار ناھن ان ڪري جيڪر چونڊن کي ڪجھ عرصي لاء ملتوي ڪري ڇڏجي تہ ڪا قيامت نہ ايندي.انھن صاحبن پنھن جي ان راء جي حق ۾ ٻہ وڏا دليل پيش ڪيا آھن. پھريون اھو تہ ھن وقت ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سخت سردي آھي جنھن ڪري ماڻھو ووٽ ڏيڻ لاء پولنگ اسٽيشنن تي پھچي نہ سگهندا.ٻيو دليل اھو تہ ملڪ ۾ امن امان ۽ سلامتيء واري صورتحال نھايت ئي ڳڻتيء جوڳي آھي جنھن ڪري چونڊون وڙھندڙ اميدوارن جي زندگين کي خطرو آھي،اھڙي صورتحال ۾ چونڊون ڪرائڻ وارو عمل ماڻھن ۽ خاص طور تي چونڊون وڙھندڙ اميدوارن جي زندگين کي خطري ۾ وجهڻ جي برابر ٿيندو.

جيڪڏھن ڏٺو وڃي تہ سندن انھن ٻنھي دليلن ۾ ڪو بہ وزن محسوس نٿو ٿئي بلڪ اھا ڪنھن ڊرامي جي ڪڙي معلوم ٿئي ٿي.ڊرامو اھو آھي تہ ڪجھ ڌرين بلڪ اڪثر سياسي جماعتن جي بہ اھا ئي خواھش آھي تہ ڪنھن نہ ڪنھن طرح چونڊن کي ملتوي ڪرايو وڃي.انھن جي اھا خواھش ڇو آھي، انھيء تي اڳتي ھلي روشني وجهنداسين پر پھريان انھن معزز سينيٽر صاحبان جيڪي پنھن جو پاڻ کي سياسي ڪارڪن ۽ جمھوريت جا دعويدار چورائين ٿا جي دليلن تي غور ڪريون ٿا تہ انھن ۾ ڪيترو وزن آھي؟

جيستائين موسم جي خرابي ۽ سخت سرديء جو سوال آھي تہ پارليامينٽ کي گهرجي تہ اھا آئين ۾ ترميم ڪري اھو نقطو آئين ۾ شامل ڪري ڇڏي تہ ملڪ ۾ چونڊون ڪڏھن بہ سياري جي موسم ۾ نہ ٿينديون.ان کان پوء جيڪر ملڪ جي نھايت ئي گرم علائقن سان تعلق رکندڙ سياسي اڳواڻ اعتراض ڪن تہ اھا ترميم بہ ٿيڻ گهرجي تہ چوڻدون گرميء جي موسم ۾ بہ نٿيون ڪرائي سگهجن.اھڙيء طرح برساتن جي موسم ۾ تہ ھونئن ئي ڪرائي نٿيون سگهجن.مطلب تہ چونڊون صرف ان وقت ٿيڻ گهرجن جنھن وقت اصل واڳ ڌڻي چاھين يا وري جڏھن سياسي ڌرين کي چونڊون کٽڻ لاء سندن حق ۾ ”سازگار“ حالتون نظر اينديون ھجن.ھي ملڪ آھي يا مسخري! اڳي ڪيترا ڀيرا چونڊون فيبروريء جي سخت سرديء ۽ جولاء جي سخت گرميء ۾ نہ ٿي چڪيون آھن ڇا؟

ھاڻي اچون ٿا ملڪ جي سلامتي ۽ امن امان جي صورتحال سبب چونڊون ملتوي ڪرائڻ واري مطالبي تي،سوال اھو آھي تہ ملڪ ۾ امن امان جي بدتري ۽ دھشتگرديء وارين ڪاروائين يا خطرن جي جيڪا ڳالھ ڪئي پيئي وڃي، ڇا اھا صورتحال رڳو اڄ ڪلھ پيدا ٿي آھي يا گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان جاري آھي؟2008غ جي عام چونڊن دوران ملڪ جي امن امان ۽ سلامتيء واري صورتحال ڇا ھئي؟ ڇا ان وقت اھي دھشتگرد ڪاروائيون ۽ خطرا موجود نہ ھئا؟ محترمہ بينظير صاحبہ ان وقت دھشتگرد ڪاروائين جو نشانو نہ بڻي ھئي؟ عوامي نيشنل پارٽيء جا ڪيترا ڪارڪن ۽ اڳواڻ انھن دھشتگرد ڪاروائين جو شڪار نہ ٿيا ھئا ڇا؟ حالتون اڄ وڌيڪ خراب آھن يا گذريل چونڊن يعني 2008ع ۽ 2013ع جي وقت وڌيڪ خراب ھيون؟ وري ان ڳالھ جي ڪھڙي ضمانت آھي تہ ايندڙ ڪجھ عرصي دوران ملڪ جون حالتون سڌري وينديون ۽ دھشتگرد ڪاروائين کي بلڪل ئي ٻنجو اچي ويندو.

اصل ڳالھ اھا آھي تہ اھي معزز سينيٽر صاحبان انھن ئي ناٽڪي ڪردارن سان سامھون آيا آھن جيڪي ناٽڪ ماضيء ۾ بہ جمھوريت جي نالي تي ھن ملڪ ۾ ٿيندا رھيا آھن.ھي ڪھڙي جمھوريت جا علمبردار آھن جيڪي پارليامينٽ جيڪا ھن وقت اڻپوري آھي ان جي تڪميل جي عمل ۾ رنڊڪون وجهي رھيا آھن.دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ چونڊون جنگ جي حالتڻ ۾ بہ ٿينديون رھن ٿيون ڇو تہ جمھوري عمل ۾ ڪنھن بہ قسم جي دير، رڪاوٽ يا ٽال مٽول مسئلا حل ڪرڻ بدران ھميشہ مسئلا وڌيڪ منجهائي ٿي.لڳي ٿو تہ اسان جي مقتدر ڌرين توڙي سياسي رانديگرن اڄ تائين پنھن جي تاريخ مان ڪو سياسي سبق ناھي سکيو.تجربن جي فيڪٽري اڄ بہ ساڳئي ڪم ۾ رڌل نظر اچي ٿي.اھو ئي ”ون مين شو“ جاري آھي.توڙي جو سندن ماضيء جون سموريون ”دانشمنداڻيوڻ“ پاليسيون ھاڻي سندن نڙيء جي اھڙي ھڏي بڻجي چڪيون آھن جنھن کي نہ تہ ڳوري سگهجي ٿو ۽ نہ ئي ٻاھر ٿوڪي ٿو سگهجي.انھن ”دانشمنداڻين“ ڪاروائين مان ھڪڙي ” عمران خان پروجيڪٽ“ بہ آھي جنھن انھن سان اھڙو تہ حشر ڪيو آھي جو کين ڪجھ بہ سمجھ ۾ نٿو اچي تہ ان ”مسخري“ مان جان ڪيئن ڇڏائجي.بدقسمتيء سان عوام جي اڪثريت اڄ بہ اھو ٿي سمجهي تہ خان صاحب سندن حقن جي جنگ وڙھي رھيو آھي.ھنن جي خيال ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻيون سياسي ڌريون پاڻ ۾ ملي ڪري خان صاحب تي قھر ۽ ستم جا جبل ڪيرائي رھيا آھن پر خان صاحب نھايت بھادريء سان ”اينٽي اسٽيبلشمينٽ“ نظريي تي قائم ۽ دائم بيٺل آھي.جيئن تہ اسان جي ملڪ ۾ اھو نظريو عوام ۾ گهڻو مقبول آھي ان ڪري عوام خاص طور تي نوجوانن جي اڪثريت اڄ بہ خان صاحب کي مظلوم سمجهندي ساڻس گڏ بيٺل نظر اچي ٿي.اھو ئي خوف آھي جيڪو اصل واڳ ڌڻين کي ڪا ھڪڙي منصوبابندي مڪمل نموني عمل آڻڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي رھيو آھي.اھي خان صاحب کي ھر صورت ۾ سياسي عمل کان ٻاھر رکڻ گهرن ٿا پر ڪھڙيء طرح؟ ھڪ طرف عوامي مقبوليت وارو گراف ھيٺ لھڻ جو نالو ئي نٿو وٺي تہ ٻئي طرف خود اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليا بہ ورھايل ۽ منجهيل نظر اچي ٿي.ٻين مکيہ سياسي جماعتن جي حالت اھا آھي تہ انھن وٽ خان صاحب جي مضبوط بيانيي جي ڀيٽ ۾ نہ تہ ڪو بھتر بيانيو آھي ۽ نہ ئي سندن گذريل سورھن سالن واري حڪومت جي ڪا قابل بيان ڪارڪردگي.ان ڪري مقتدر ڌرين سان گڏوگڏ اھي بہ ڪنھن نموني ڪجھ عرصي لاء چونڊن کان فرار اختيار ڪرڻ گهرن ٿا.شايد ان وقت تائين خان صاحب جو سياسي پتو پوريء طرح صاف ٿي وڃي ۽ ھنن ويچارن جي راھ ۾ ڪا بہ رڪاوٽ باقي نہ رھي.خواھشون تہ سٺيون آھن پر ماضيء ۾ بہ اھڙين ئي حسين خواھشن ملڪ ۽ قوم جو ٻيڙو غرق ڪيو آھي!

(روزاني عوامي آواز 8 جنوري 2024ع)

Saturday, January 6, 2024

ملڪ کي درپيش بحرانن ۾ ايندڙ حڪومت لاء چيلينج.

 

شفيق الرحمان شاڪر

ملڪ ۾ ايندڙ چونڊن جي حوالي سان اڃا تائين مونجھارا ۽ مختلف انومان موجود آھن.ڪجھ تجزيي نگار تہ ملڪ ۾ نئين مارشل لا جون اڳڪٿيون بہ ڪري رھيا آھن توڙي جو سپريم ڪورٽ پنہن جي واضح رويي ذريعي اھو اشارو ڏيئي چڪي آھي تہ چونڊون ھر حالت ۾ پنہنجي مقرر وقت تي ئي ٿينديون.اصل مسئلو اھو ناھي تہ چونڊن ۾ ڪھڙي جماعت اقتدار ۾ ٿي اچي پر سڀ کان اھم سوال اھو آھي تہ ڇا ھاڻوڪي ماحول ۾ جڏھن سياسي ماحول ۾ تمام گهڻي گرمي آھي ۽ خاص طور تي ھڪڙي سياسي جماعت رياست،نگران حڪومت توڙي اليڪشن ڪميشن تي جانبداريء جا مختلف قسم جا الزام ھڻي رھي آھي ان ماحول ۾ ڇا چونڊن جي نتيجن کي دل ۽ جان سان قبول بہ ڪيو ويندو؟۽ جيڪر نتيجن کي قبول نٿو ڪيو وڃي تہ ان جا ايندڙ سياسي نظام تي ڪھڙا اثر پوندا؟ڇا ملڪ جيڪو اڳيئي ڪيترن ئي سياسي، سماجي،معاشي ۽ سلامتيء وارن بحرانن جي ور چڙھيل آھي، ايندڙ حڪومت ان کي انہن بحرانن مان ٻاھر ڪڍي سگهندي؟ ايندڙ حڪومت لاء ڪھڙا سنگين ۽ سخت قسم جا مسئلا، مشڪلاتون ۽ بحران اڳيئي انتظار ڪري رھيا آھن انہن جو ڪجھ جائزو وٺڻ ضروري آھي.

ملڪ کي ھن وقت سڀ کان وڏو مسئلو معاشي بحران جو آھي جنہن کي حل ڪرڻ ڪنہن بہ حڪومت لاء ايترو آسان ڪم نہٿيندو.پاڪستان ھڪ زرعي ملڪ ھوندي بہ پنہنجي قومي ناڻي جو ھڪ وڏو حصو کاڌي جون شيون ٻاھران گهرائڻ تي خرچ ڪري رھيو آھي.زراعت جي ميدان ۾ گذريل ڪيترن سالن کان جيڪا تباھي آئي آھي ان جو تدارڪ ڪرڻ لاء ڪنہن بہ جماعت وٽ ڪو واضح پروگرام نٿو ڏسجي.ملڪي صنعت اڳيئي برباد ٿي چڪي آھي.ڪرپشن قومي ادارن کي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي.احتساب جو ڪو منصفاڻو نظام قائم ڪرڻ ڪنہن بہ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل نہرھيو آھي.احتساب لاء قائم ڪيل نام نہاد ادارو نيب ھر دور ۾ سياسي بليڪميلنگ جي ھٿيار طور استعمال ٿيندو رھيو آھي.انہن سمورين حقيقتن جي روشنيء ۾ ملڪ جون معاشي حالتون ڪھڙيء طرح درست ٿي سگهن ٿيون،سمجھ کان ٻاھر آھي.نتيجي طور تي اسان سڀ آئي ايم ايف جي در تي اکيون اٽڪايو ويٺا آھيون جيڪو ڏينہون ڏينہن اھڙا سخت شرط لاڳو ڪري رھيو آھي جن سان غريبن جي ستيا ناس ٿي چڪي آھي ۽ ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي  مجبور آھن.

ٻيو اھم مسئلو ننڍن صوبن ۾ احساس محروميء جو آھي جتي ماڻھو سمجهن ٿا تہ کين ملڪي ڪار وھنوار توڙي صلاح مشوري ۾ شامل نٿو ڪيو وڃي. سندن وسيلن،زمينن ۽ ذريعن تي رياست ناجائز قبضو ڪري رکيو آھي ۽ حق گهرڻ جي ڏوھ ۾ ماڻھن کي کنڀي کنيو وڃي ٿو ۽ بعد ۾ انہن جا چچريل لاش وصول ٿين ٿا.محروم قوميتن ۾ اھا بيچيني ڏينہون ڏينہن وڌندي ٿي وڃي پر نہتھ رياست ۽ نہئي ڪنہن حڪومت انہن معاملن تي سنجيدگيء سان سوچ ڪئي آھي.ڇا ايندڙ حڪومت ان پوزيشن ۾ ھوندي جو ننڍين قوميتن جي ان اھم مامري کي منہن ڏيڻ لاء سنجيدگيء سان ڪي قدم کڻي سگهي؟ ظاھر آھي تہ قدم تڏھن ئي کڄي سگهي ٿو جڏھن حڪومتن توڙي رياست وٽ سچي نيت بہ موجود ھجي.

ٽيون اھم مسئلو ملڪ کي درپيش دھشتگرديء جو آھي.اھي ماڻھو ۽ گروھ جن کي رياستي سرپرستيء ۾ پالي وڏو ڪيو ويو اھي ھاڻي رياست لاء ناسور بڻجي چڪا آھن.رياست توڙي مختلف حڪومتون ان معاملي ۾ سدائين عظيم مونجھاري جو شڪار رھيون آھن ۽ اڄ تائين دھشتگرديء جي خاتمي لاء ڪا متفقہ ۽ موثر منصوبابندي نہجڙي سگهي آھي.نيشنل ايڪشن پلان ھڪ سٺو قدم ھو پر بدقسمتيء سان انہيء تي اڄ تائين عمل نہٿي سگهيو آھي.ٻاھريان خطرا پنہن جي جڳھ تي پر ھن وقت ملڪ اندروني طور تي سلامتيء جي جن بحرانن سان وڪوڙيل آھي انہيء کي منہن ڏيڻ اڪيلو ڪنہن حڪومت جي وس جو ڪم ئي ناھي.افسوس اھو جو ان اھم معاملي تي بہ سياست واري راند کيڏبي رھي آھي.دھشتگرديء واري معاملي سان ڳنڍيل ھڪ ٻيو معاملو عدم برداشت ۽ انتھا پسنديء جو آھي.گذريل ڊگهي عرصي تائين رياستي سرپرستيء ۾ نوجوانن جي جيڪا ذھن سازي ڪئي ويئي انہيء کي رڳو طاقت ذريعي ڪنٽرول ڪري نٿو سگهجي.انہيء لاء ھڪ ڊگهي ۽ موثر تعليمي ۽ تربيتي نظام جي ضرورت آھي ۽ اھو بہ تہ سماج مان ناانصافين کي ھر ممڪن حد تائين گهٽايو وڃي جو اھي ناانصافيون نوجوانن کي دھشتگرديء ۽ انتھا پسنديء جي اوڙاھ طرف ڌڪو ڏين ٿيون.ان سموري معاملي ۾ ماڻھن کي مناسب معاشي موقعا مھيا ڪرڻ، قانوني سماجي برابري قائم ڪرڻ ۽ ماڻھن کي زندگيء جون بنيادي سھوليتون مھيا ڪرڻ بنيادي حيثيت رکن ٿا.ظلم ڪنہن بہ سطح تي ھجي اھو ماڻھن ۾ بغاوت، بيزاري،نفرت ۽ انتھا پسنديء جو ٻچ ڇٽي ٿو.ايندڙ حڪومت لاء اھو بہ چيلينج ھوندو تہ اھا انہن مسئلن کي منہن ڏيڻ لاء ڪھڙي ٿي حڪمت عملي اختيار ڪري؟

اسان جي ملڪ جي آباديء جو ھڪ وڏو حصو غربت واري لڪير کان ھيٺ زندگي گذاري رھيو آھي جن کي نہتھ مناسب کاڌ خوراڪ ميسر آھي،نہصحت جون سھولتون ميسر آھن ۽ نہ ئي تعليم جو ڪو مناسب بندوبست ٿو نظر اچي. سڀ کان وڌيڪ خراب حالت ٻارڙن جي آھي جن جي اڪثريت اڄ بہ اسڪولن کان ٻاھر روڊن رستن تي پنندي، سخت پورھيو ڪندي يا وري منشيات استعمال ڪندي نظر اچي ٿي.جيڪر عالمي ادارن جون رپورٽون ٿيون پڙھجن تہ لڱ ڪاڊارجيو وڃن. ڪروڙين ٻار اھڙا آھن جن کي مناسب کاڌو مھيا نہھئڻ ڪري اھي مختلف بيمارين جو شڪار ٿين ٿا ۽ انہن مان ھر سال لکين ٻار بنان ڪنہن علاج جي مريو وڃن.اڄ ايڪويھين صديء مان ھر ايندڙ حڪومت لاء اھو سوال نہايت ئي اھم آھي تہ ڇا ڪنہن سڌريل سماج ۾ معصوم ٻارڙن جو مستقبل اھو ئي ھوندو آھي جيڪو اسان جي ملڪ ۾ آھي؟

 (روزاني عوامي آواز 5 جنوري 2023ع)

Saturday, December 30, 2023

دھل وڄي ۽ دوسو رھي!


شفيق الرحمان شاڪر

خير سان چونڊن جي موسم وري موٽي آئي آھي.ھر طرف سياسي بھاريون لڳيون پييون آھن.گهڻن لاء ھيء موسم ڪمائيء جي موسم ھوندي آھي.بينر، پينافليڪس،پوسٽر، پمفليٽن۽ بيج وغيرھ تيار ڪرڻ وارن جون موجون لڳي وڃن ٿيون.بورچين جون بھ عيدون ٿيو وڃن.ڪرائي تي ھلندڙ ڪارن موٽرن جي مالڪن جو بہ ڀاڳ کلي ٿو.لوڪل بي روزگار ننڍن ننڍن وڏيرن ۽ پٽيلن جي بہ چاندي ٿيو پوي جيڪي ٽوپيون ڏنگ تي رکي،واڇون ٽيڙي اميدوارن سامھون پنھن جي سياسي ۽ راڄوڻي حيثيت جا ڪوڙا ڦٽاڪا ٻاري ۽ سندن ٻٽونء ۾ ھزارين ووٽ حاضر ھئڻ جون دعوائون ڪري سياسي واپار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن.صبح جو ھڪڙي اميدوار جي اوطاق تي تہ رات جو وري ان جي مخالف اميدوار جي ديري تي مکين جيان پيا ڦيرا ڏيندا.ھاڻي تہ ڪارڪن بہ ڪرائي تي حاصل ڪرڻا پون ٿا.جھڙي ڪوالٽي تھڙي قيمت، جھڙو مال تھڙو اگھ،جھڙو منھن تھڙو........، جھڙا روح تھڙا ختما. پوسٽر ۽ بينر لڳائڻ وارن جا الڳ ٺيڪيدار، نعرا ھڻندڙ ۽ نچندڙن جي پنھن جي قيمت، مخالف اميدوارن جا پوسٽر ڦاڙڻ ۽ بينر لاھڻ لاء الڳ ٽاسڪ فورس، مخالف اميدوار جي ڪردار ڪشي ڪرڻ لاء جدا ٽيم.

ھاڻي تہ ھر ڪم جديد ۽ سائنسي بنيادن تي ٿئي ٿو.اصل مقابلي جي جڳھ بلڪ کٽڻ ۽ ھارائڻ جو ھنڌ سوشل ميڊيا آھي.نجي طور تي توھان پڇا ڪندا تہ ھر ماڻھوء تي اليڪشني اميدوارن خلاف شڪايتن جا دفتر زبان تي ٻڌڻ لاء ملندا پر جي نظر ڊوڙائبي تہ اھي ئي ماڻھو انھن اميدوارن جي سياسي ميلن ۾ نچندي، ٽپندي، ھنڀوچيون ھڻندي، ھو جمالو ڳائيندي،گڦون ھاريندي ۽ نعرا ھڻندي نظر ايندا.انھيء رويي کي خبر ناھي سياسي ڊڪشنري ۾ ڇا سڏبو آھي پر اسان ان کي ”سياست “ سڏيندا آھيون. ”آوي ھي آوي“کان “جيوي ھي جيوي“ تائين، ”اسان جو اميدوار ھيرو، ٻيا سڀ زيرو“ جي قواليء کان ” اڄ تہ ٿي ويئي فلاڻو فلاڻو” جي راڳ تائين پوري ملڪ کي تپائي کڻندا.

آئين، منشور، نصب العين ۽ ڪارڪردگيون، ڪير ٿو ان فضول جهنجهٽ ۾ پوي.بس موقعو آھي تہ ڪجھ جھان ٺاھي وٺجي.اسان وٽ اليڪشن جي معنيٰ آھي ناچ، ٽپا،تاڙيون،تقريرون، ڀت ۽ بريانيون.اليڪشن لٿي کان پوء ”ڪم لٿو ڪاغذ ڦاٽو“ بس پوء ”جوڳي نہ ڪنھن جا مٽ.“ رھي ڪارڪردگي تہ اھا نہ اليڪشن کان اڳ ٿي ڪنھن کي ياد اچي ۽ نہ ئي اليڪشن کان پوء ڪو ڪنھن کان سوال ڪري پنھن جي قيامت ٿو ڪاري ڪرڻ گهري.

بس ھلندا ھلو.ڪنھن اڻ ڄاتل منزل جي تلاش ۾ بلڪ بنان ڪنھن منزل ۽ مقصود جي روہ تتيء جو ڪنھن رڃ ۾ رلندا رھو.اسان مان اڪثريت اڄ بہ ان کي پنھن جو مقدر سمجهي صبر جميل جو مظاھرو ڪندي ٿي اچي.ڪير ايندو، ڪير ويندو، ڪير کٽيندو، ڪير ھارائيندو، ماڻھن کي ان سان نہ ڪا دلچسپي آھي ۽ نہ ئي اھو سندن زندگيء جي سڌاري يا برباديء جو سوال آھي.اسان تہ اڄ تائين اھو ئي سمجهندا ٿا اچون تہ اليڪشن ڪمائيء جي موسم آھي،مال ميڙڻ سان گڏوگڏ نوان نينھن لائڻ ۽ نوان ناتا جوڙڻ جو سونھري موقعو آھي.جيڪر اوھان جي زبان شريف ۾ اھا صلاحيت موجود آھي جو اھا دھل جي ھر ڏوڪي تي واہ واہ جو سنگيت پنھنجن ڪجھ ھمنوائن سان گڏجي سر ۾ ڳائي سگهي ٿي تہ اليڪشن جي موسم ۾ اوھين دنيا جا ڪامياب ترين انسان آھيو. ملڪ جا مسئلا ڪھڙا آھن، سنڌ کي کي ڪھڙا چيلينج درپيش آھن،اسان جون قومي ۽ اجتماعي ڏکيائيون ڇا آھن؟ قومي ڳڻتيء جا ڪھڙا سوال آھن.انساني بنيادي حق ۽ زندگيء جون بنيادي سھوليتون ڇو ميسر ناھن؟ اھو مٿي جو سور نہ تہ ووٽ وٺندڙن جو آھي ۽ نہ ئي ووٽ ڏيندڙن جو،اھي سڀ معاملا دانشورن،سماجي ڪارڪنن،صحافين، اديبن، دانشورن ۽ شاعرن کي حل ڪرڻا آھن جيڪي انھن ”ميلاين“ جي نظر ۾ سڀ چريا آھن.اسان ٻي عام خلق کي تہ ڄڻ بس ”جيئي جيئي“ ، ”زندہ باد“ ۽ ”مردہ باد“ جي ڀنگ گهوٽڻ لاء پيدا ڪيو ويو آھي.بک،بدحالي، بيماري ۽ بي روزگاري اسان جا بنيادي حق آھن ۽ شڪر آھي جوحڪومتن ۾ ايندڙ ۽ ويندڙن مان اڄ تائين ڪنھن بہ اسان کي پنھنجن انھن بنيادي حقن کان محروم ناھي ڪيو.انصاف جو عاليشان نظام اسان وٽ خدا جي فضل سان اڳ ۾ ئي موجود آھي ۽ انشاء اللھ آئيندہ صدين تائين ڪو بہ ان نظام جو وار ونگو ڪري نٿو سگهي.”ڏاڍي جي لٺ کي ٻہ مٿا واري سرشتي“ کي نہ اڳ ۾ خطرو ھو ۽ نہ ئي ھاڻي ڪو کيس ڪوسو واء لڳڻ وارو آھي.

سو سياڻن کي صلاح آھي تہ وارو ڪريو جو وري پنج سال انتظار جي اذيت سھڻي پوندي.بس، في الحال ھن اليڪشن لاء ئي جيئو.آئيندي جي سمورن وسوسن، خوف خطرن،وھمن ۽ گمانن کان آزاد ٿي.اھا ”آزادي“ وڏي نعمت آھي جيڪا جھان ۾ قومن جو جيون سنوارڻ لاء ڪافي ۽ شافي آھي.ھروڀرو مستقبل جي مشڪلاتن جو اونو ڪرڻ ڪٿان جي عقلمندي آھي.جهومو، ڳايو، جهمريون پايو،ھنڀوڇيون ھڻو.جي ٿي سگهي تہ مخالف اميدوار جي ڪن غريب حامين جي ڳچي بہ ضرور پڪڙيو ۽ ٿوري گهڻي ٿڦا ٿڦي بہ ٿئي تہ ھرج ناھي.انھيء طريقي سان توھان اليڪشن جي ڪمائيء ۾سٺو بونس حاصل ڪري سگهو ٿا.جيڪي نچي نٿا ڄاڻن اھي جاھل آھن ۽ انھن کي جاھل ئي رھڻ ڏيو،۽ کين سندن حال تي ڇڏي ڏيو.اھي انگ ۾ تمام ٿورا ھوندا لکين تہ ”دوسو“ آھن جيڪي اليڪشن جو اھو ميلو مناسب نموني مچائڻ لاء ھر وقت سر تريء تي رکي حاضر ملندا.بس ڏونڪي لڳڻ جي دير آھي پوء

”دھل وڄي ۽ دوسو رھي!“

( روزاني ھلال پاڪستان 29 ڊسمبر 2023ع)

Wednesday, December 27, 2023

”غداري“ جا سرٽيفڪيٽ ورھائڻ واري روش.

 

شفيق الرحمان شاڪر

دنيا جي تاريخ تي نظر وجهبي تہ ڪيترائي اھڙا نالا ملن ٿا جن پنھنجي ذات خاطر ملڪي ۽ قومي مفادن کي وڪڻيو.عالمي رپورٽ موجب دنيا جو سڀ کان وڏو ۽ پھريون نمبر غدار آندري ويلاسوف آھي.ھي اھڙو ويڙھاڪ ھو جيڪو ماسڪو کي ھٽلر جي قبضي کان بچائڻ گهرندو ھو پر لينن مارٽ لاء جنگ ڪندي آندري جرمن فوجين جي ور چڙھي ويو،گرفتار ٿيڻ بعد ھن جرمن کي پنھنجي ملڪ جي باري ۾ حساس معلومات ڏيڻ شروع ڪري ڏني ۽ روسي فوجن کي اڻ ميو نقصان فوجن پھچايو.

تاريخ جو ٻيو وڏو غدار وٽڪن ڪسلنگ سڏرائي ٿو.1942ع ۾ ناروي جو صدر بڻيو ۽ صدارت جي تخت تان ئي ھن کي ڦاسيء جي تختي تي ٽنگيو ويو.ڪسلنگ جو تعلق بہ نارويجين فوج سان ھو.1940ع ۾ ڪسلنگ ھٽلر سان ملاقات ڪئي ۽ ناروي جي صدارت بدلي ھن پنھنجي ئي فوج ۽ ملڪ خلاف ڪاروائي ڪندي ناروي جي فوج کي شڪست ڏيئي صدارت سنڀالي.

ٽيون وڏو غدار مير جعفر آھي جيڪو اسان جي تاريخ جو اھم ڪردار آھي.ھن برطانوي فوج جي سربراھ رابرٽ سان ملي پلاسيء جي جنگ ۾ مسلمانن جي شڪست جو سبب بنيو.اھو مير جعفر ئي ھو جنھن انگريزن کي ننڍي کنڊ تي ٻن سو سالن تائين قابض رھڻ لاء رستو مھيا ڪيو.

اھڙيء طرح غدارن جي ڊگهي فھرست ۾ چين جو چن ھوئي، يونان جو ايفليٽس ٽريچنر،آمريڪي بينٽ آرنلڊ ۽ فلپائين جو ايميليو اوگونالڊ عالمي رينڪنگ ۾ پھرئين نمبر جا غدار آھن.اھي ڪجھھ نالا اھڙا آھن جن پنھنجي ملڪ ۽ قوم جي خلاف قدم کنيا ۽ تاريخ انھن کي غدار قرار ڏنو.

اھڙيء طرح پاڪستان جي تاريخ تي نظر ڊوڙايون تہ پاڪستان جي قيام بعد 1951ع ۾ غداريء جو پھريون مقدمو مشھور شاعر فيض احمد فيض خلاف ٺھيو جنھن تي الزام ھو تہ ھن پاڪستان جي پھرئين وزير اعظم لياقت علي خان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ۾ حصو ورتو جنھن کي ”راولپنڊي سازش ڪيس“ بہ چيو وڃي ٿو.ان ڪيس ۾ فيض احمد فيض کي چار سال قيد ۾ رکيو ويو.ان کان پوء خان عبدالولي خان تي 1975ع ۾ غداريء جو ڪيس داخل ٿيو. ولي خان پشتون اڳواڻ ۽ عوامي نيشنل پارٽيء جو سربراھ ھو.ھن تي پيپلز پارٽيء جي حيات شيرپائو جي قتل جي الزام سان گڏ آزاد پختونستان ۽ گريٽر پختونستان لاء ڪم ڪرڻ جو الزام ھو.ولي خان ۽ سندس 51 ساٿين تي غداريء جو مقدمو داخل ڪيو ويو ۽ کين قيد ڪيو ويو.1978ع ۾ جڏھن ان وقت جي ڊڪٽيٽر جنرل ضياء کي قومپرستن جي حمايت جي ضرورت پيئي تہ ھن ولي خان سميت سندس 51 ساٿين کي ”محب وطن“ جو سرٽيفڪيٽ ڏيئي کين آزاد ڪري ڇڏيو.

2003ع ۾ مسلم ليگ نون جي جاويد ھاشميء خلاف غداريء جو ڪيس جڙيو ۽ کيس 3 سالن لاء جيل ڀوڳڻو پيو.جاويد ھاشميء تي الزام ھو تہ ھن ڪنھن حاضر سروس آرمي آفيسر جو خط ليڪ ڪيو جو ان وقت جي آرمي چيف جي آمريڪا نواز پاليسين جي خلاف ھو.جاويد ھاشميء کي ٽن سالن کان پوء ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.قانون قدرت ڏسو تہ ساڳئي پرويز مشرف تي 2014ع ۾ سنگين غداريء جو ڪيس داخل ٿيو.اھو پاڪستاني تاريخ ۾ ڪنھن بہ آرمي چيف خلاف غداريء جو پھريون ڪيس ھو.پرويز مشرف خلاف 3 نومبر 2007ع ۾ ايمرجنسي نافذ ڪري آئين معطل ڪرڻ جو الزام ھو.ان ڪيس ۾ ڊسمبر 2019ع ۾ پرويز مشرف کي ڦاسيء جي سزا ٻڌائي ويئي توڙي جو بعد ۾ لاھور ھائي ڪورٽ طرفان اھا سزا معطل ڪئي ويئي.

پاڪستان ۾پنھن جي مرضيء سان غداريء جا سرٽيفڪيٽ ورھائڻ ۽ پنھن جي مرضيء سان ساڳين ئي ماڻھن کي محب وطن قرار ڏيڻ واري راند تمام پراڻي آھي ۽ ھن وقت تائين جاري آھي.غداريء جي الزامن واري فھرست ۾ پھرئين نمبر تي سياستدان پوء صحافي،شاعر،اديب ۽ پنھن جا حق گهرندڙ ماڻھو يا گروھ شامل رھيا آھن.جنگ جي ايڊيٽر انچيف کي سياسي اختلافن جي بنياد قيد ڪيو ويو.ميان نواز شريف ۽ سندس خاندان جي فيڪٽرين ۾ ڀارتي ايجنٽن جي ڪم ڪرڻ جون خبرون ھلايون وييون.محترمہ بينظير ڀٽو کي ملڪ لاء سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏنو ويو.ڪيترن ئي ميڊيا چينلز کي ٻاھرين ملڪن کان فنڊ وٺڻ جي الزام ھيٺ ملڪ دشمن ۽ غدار قرار ڏنو ويو.تحريڪ انصاف جي ڪجھ اڳواڻن تي بھ ھن وقت ڪجھ اھڙي قسم جا الزام آھن.

ھن وقت ملڪ ۾ مسنگ پرسنس جي حوالي سان جيڪا صورتحال آھي پوري دنيا ۾ تنھن پاڪستان جي ساک خراب ڪري رکي آھي.جيڪي بہ ماڻھو گم ڪيا وڃن ٿا انھن تي ”غداري“ ۽ ”ملڪ دشمني“ جا الزام ھنيا وڃن ٿا.اھي الزام سچا آھن يا ڪوڙا انھن جو فيصلو ڪير ڪندو؟ عدالتن کي ڪرڻ گهرجي يا چند ماڻھن جي گروھ کي؟ غداريء جا سرٽيفڪيٽ ورھائيدڙن اوڀر پاڪستان جي ماڻھن سان جيڪو سلوڪ ڪيو اھو ھاڻي ڪو راز نھ رھيو آھي.ساڳيو ئي سلوڪ ننڍن صوبن جي مختلف قوميتن سان اڄ بہ جاري آھي.بلوچستان ۽ ڪي پي توڙي سنڌ جي ماڻھن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ اڄ بہ جاري آھي.اھائي الزامن جي نوعيت، اھا ئي غداريء جا سرٽيفڪيٽ ورھائڻ واري پراڻي ريت،اھو ئي ماڻھن کي سندن بنيادي حق گهرڻ تي طاقت جو غير ضروري استعمال، مطلب تہ اھا ئي ڪھاڙي اھائي وڍڻ جي وار اڄ بہ جاري آھي.دنيا جي ڪابہ رياست پنھن جن شھرين سان اھو سلوڪ نھ ڪندي آھي جيڪو اسان جي پياري ملڪ ۾ ھڪ گروھھ پھرئين ڏينھن کان جاري رکندو پيو اچي.شايد اسان جي ان مقتدر گروھ اڃا تائين دل سان اھو تسليم ئي ناھي ڪيو تہ پاڪستان مختلف قوميتن جو ھڪ وفاق آھي،اھا ڪنھن فرد يا گروھ جي ذاتي جاگير ناھي.ھتي فيصلا اھي ئي پائيدار ٿي سگهن ٿا جن ۾ سمورين وفاقي اڪاين جي راين کي ھڪ جھڙي اھميت ڏني ويئي ھجي.تعصب جي عينڪ پائي ۽ پنھن جن ئي ماڻھن کي غدار قرار ڏيڻ واري ذھنيت سان ڪيل سمورا فيصلا طاقت جي زور تي ڀلي عمل ۾ بہ آندا وڃن پر اھڙا فيصلا قومي فيصلن واري حيثيت حاصل ڪري نٿا سگهن.ھي جو ماڻھن کي ” ملڪ جي سلامتي“ وارا ڀاشڻ روز ورجايا وڃن ٿا ان خود فريبيء مان ٻاھر نڪري حقيقتن کي قبول ڪرڻ گهرجي ۽ وڏي ۾ وڏي حقيقت اھا آھي تہ پاڪستان ۾ رھندڙ مختلف قوميتن کي ھن وقت نھايت مايوسيء ۽ بيوسيء جو احساس آھي. اھا مايوسي ۽ بيوسي ھاڻي غصي ۽ بيزاريء جو روپ اختيار ڪندي ٿي وڃي.وقت اچي ويو آھي تہ مقتدر ڌريون پنھن جي سوچ ۽ روين تي ڪجھ نظرثاني ڪن ۽ مسئلن ۽ مونجهارن جي پائيدار حل لاء ڪنھن گرينڊ ڊائيلاگ جي شروعات ڪرڻ گهرجي.

(روزاني عوامي آواز 25 ڊسمبر 2023ع)

Friday, December 22, 2023

ايندڙ چونڊون ۽ فرار جي ڪيفيت.


 

شفيق الرحمان شاڪر

سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تہ پاڪستان تحريڪ انصاف جنھن کي سندن حڪومت جي خاتمي بعد سمورن سياسي پارٽين کان وڌي ڪري نين عام چونڊن جي تڪڙ ھئي سا ھاڻ مختلف حيلن بھانن سان چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي منصوبي جو حصو ڪيئن بڻجي ويئي آھي؟ حالانڪ جڏھن عمران خان حڪومت تحريڪ عدم اعتماد جي نتيجي ۾ ختم ٿي ھئي تہ خان صاحب جي زبان تي صبح سانجهيء ھڪڙو ئي راڳ ھو تہ جلد کان جلد ٻيھر عام چونڊون ڪرايون وڃن جنھن مقصد لاء ھو نہ رڳو عدالتن ۾ بہ ويو پر پنجاب توڙي ڪي پي ۾ پنھنجون حڪومتون بہ پنھن جو پاڻ ختم ڪرائي ڇڏيائين،ھاڻي جڏھن عام چونڊن جو شيڊول بہ جاري ٿي چڪو آھي تہ خان صاحب چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاء مختلف عدالتن جا در کڙڪائيندي نظر اچي ٿو.تحريڪ انصاف جي ھڪ اھم وڪيل ۽ عھديدار گذريل ھفتي لاھور ھائيڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي تہ اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ عدليا مان رٽرننگ آفيسر مقرر ڪرڻ بدران انتظاميہ مان مقرر ڪيا آھن جنھن ڪري چونڊون صاف ۽ شفاف نہ ٿي سگهنديون.ھميشہ جيان لاھور ھائي ڪورٽ تحريڪ انصاف جي ھا ۾ ھا ملائيندي اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جو شيڊول جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ ھڪ لارجر بينڇ جي جوڙجڪ ڪئي ويئي تہ جيئن چونڊن واري عمل کي پوئتي ڌڪيو وڃي،حالانڪ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس اٽارني جنرل کي وچ ۾ آڻي چونڊن جي تاريخ 8 فيبروري مقرر ڪرائي ھئي ۽ اھو بہ واضح ڪيو ھو تہ چونڊن جي اھا تاريخ پٿر تي لڪير سمجهڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ وھم گمان پکيڙڻ جي ڪنھن کي بہ اجازت نہ ڏني ويندي. جيڪر ڏٺو وڃي تہ انھن حالتن ۾ ھڪ بھتر فيصلو ھو جو ڪيتريون ئي ڌريون ھر قيمت تي چونڊن جي عمل کي ھڪ ڊگهي عرصي تائين پوئتي ڌڪڻ واري منصوبي تي پنھن جو پورو زور لڳائي رھيون ھيون.بجاء ان جي جو تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ جي ان ٽياڪڙيء واري عمل جي مڪمل حمايت ڪري،انھن ان عمل کي روڪڻ لاء پنھن جو زور لڳائڻ شروع ڪري ڏنو.جڏھن لاھور ھائي ڪورٽ جو چونڊن ۾ رڪاوٽ جي حوالي سان اھو فيصلو سامھون آيو تہ انھيء ئي ڏينھن سپريم ڪورٽ جي ھڪ ٽي رڪني بينچ اھو فيصلو رد ڪندي اليڪشن ڪميشن کي ترت اليڪشن جو شيڊول جاري ڪرڻ جون ھدايتون ڏيئي ڇڏيون جنھن ڪري تحريڪ انصاف توڙي ڪجھ ٻين ڌرين کي مايوسيء جو منھن ڏسڻو پيو.لاھور ھائي ڪورٽ سان رجوع ڪندڙ انصافي اڳواڻن کي نادان دوست چئجي يا داناء دشمن پر انھن عام ماڻھن ۾ اھو تاثر پکيڙڻ ۽ مضبوط ڪرڻ ۾ ڪا بہ ڪثر نہ ڇڏي تہ تحريڪ انصاف کي چونڊن ۾پنھن جي ڪاميابيء جو ڪو ڀروسو ناھي.ٻئي طرف دعوائون اھي پئي ڪيون وييون تہ تحريڪ انصاف جي جيڪا عوامي مقبوليت آھي ان مطابق اھا چونڊن ۾ ٻہ ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪري وٺندي.ان ۾ ڪو شڪ نہ ھئڻ گهرجي تہ تحريڪ انصاف جو ھڪ مضبوط ووٽ بينڪ اڄ بہ موجود آھي پر تحريڪ انصاف ھن وقت جن ڏکين حالتن مان گذري رھي آھي تڏھن رڳو ھمدرديء جي بنياد تي چونڊن ۾ ڪا فيصلائتي ڪاميابي ماڻڻ ڪو آسان ڪم نُہ ٿيندو.عمران خان سان گڏوگڏ ڪيترائي اھم انصافي اڳواڻ عملي طور تي سياسي ميدان کان آئوٽ ٿي چڪا آھن ۽ صاف نظر اچي پيو تہ تحريڪ انصاف کي سياسي عمل توڙي ايندڙ چونڊن ۾ کيڏڻ لاء مناسب ميدان نہ پيو ڏنو وڃي،انھن حالتن ۾ خان صاحب لاء واحد سھارو ملڪي عدليہ توڙي اسٽيبلشمينٽ ۾ ويٺل سندس ڪجھ ” ھمدرد“ آھن جيڪي بہ بد قسمتيء سان بدليل حالتن ۾ ھن لاء ڪو موثر ڪردار ادا ڪرڻ کان قاصر نظر اچن ٿا.انھن حالتن ۾ ايندڙ چونڊون تحريڪ انصاف جي لاء ڪھڙو سوڻ ثابت ٿينديون في الحال ڪجھ اڳڪٿي ڪري نٿي سگهجي پر حالتون ٻڌائين ٿيون تہ مقتدر ڌرين موجودھ چونڊن ۾ تحريڪ انصاف خاص طور تي خان صاحب کي ھر صورت ۽ ھر قيمت تي ٻاھر رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي ۽ في الحال ان فيصلي تي نظرثانيء جي ڪا گنجائش نظر نٿي اچي،ٻئي طرف ايندڙ چونڊن ۾ جن کي اڳيان آڻڻ جون تياريون ٿي رھيون آھن انھن جي باري ۾ بہ سوين شڪ شبھا ۽ انومان اتي جا اتي موجود آھن ۽ ڪوشش ڪئي پئي وڃي تہ ڪنھن بہ طرح ”مائينس ون“ وارو فارمولا لاڳو ڪري ڪا سڪون جي بانسري وڄائي وڃي پر اھو معاملو بہ ايڏو سادو ۽ سولو ثابت نہ ٿيندو. ميان صاحب ڪيتري سھپ ۽ صبر جو مظاھرو ڪندو؟ شھباز جو شوق پورو ٿيندو يا نہ، پيپلز پارٽي،استحڪام پاڪستان پارٽي،پرويز خٽڪ گروپ، ايم ڪيو ايم،جي يو آئي جو ايندڙ سياسي عمل ۾ ڪھڙو ۽ ڪيترو حصو پتي ھوندو.اھي سڀ سوال اڃا حل طلب آھن.سڀني شڪن شبھن ۽ مونجهارن باوجود اھو تھ واضح ٿي چڪو آھي تہ ايندڙ چونڊون پنھن جي مقرر تاريخ تي ئي ٿيڻيون آھن ۽ سپريم ڪورٽ جي ھاڻوڪي چيف جسٽس جي موجودگيء ۾ چونڊن جي عمل کي ڪنھن بہ طرح متاثر ڪرڻ واري ڪابہ حرڪت ڪامياب ٿيندي نظر نٿي اچي.انھِ پس منظر ۾ ھڪ دلچسپ سياسي صورتحال پيدا ٿي چڪي آھي.اھڙيون چونڊون جن کان ڀڄي بھ نٿو سگهجي پر بنان ڪنھن خوف ۽ خطري جي اطمينان سان انھن ۾ شامل ٿيڻ لاء بہ ڪيتريون ئي ڌريون تيار نظر نٿيون اچن!

(روزاني عوامي آواز 20 ڊسمبر 2023ع)

Wednesday, December 13, 2023

سر سامونڊي؛ ” سکاڻيا مَ سمهو.“


 

شفيق الرحمان شاڪر

هن سر ۾ سمنڊ،سامونڊي وڻجارن ۽ سندن نارين جي اڌمن ۽ اوسيئڙن جو ذڪر ٿيل آهي جنهن ڪري هن سر تي اهو نالو پيو آهي.مشهور هندستاني راڳڻين مان اهڙو ڪو به راڳ موجود ناهي جنهن جو نالو سر سامونڊي هجي. هن سر ۾ شاه سائينء جي شاعراڻي شعور جون ٻه خاص خوبيون نڪري نروار ٿين ٿيون.هڪڙو ته منجهس دلسوزي ۽ رقت نهايت نازڪ اندازيء سان بيان ڪئي ويئي آهي.ٻيو ته زال ذات جي دلي جذبن،اندروني اڌمن ۽ امنگن جي اهڙي ته چٽي مورت اڪريل آهي جو ڄڻ ته شاعر پاڻ زال بڻجي پيو هجي.وڻجاريء جي اندر جا احوال،جيڪي پور کيس پل پل پون ٿا تن جو اظهار،انيڪ وسوسن ۽ وهمن جي برسات،ڪانڌ جي موٽي اچڻ جو اوسيئڙو ۽ انتظار،بندر تي ناکئن کان پرينء جو پڇڻ،باسون باسڻ،چوواٽن تي ڏيئا ٻارڻ، مطلب ته جيستائين وڻجارو صحيح سلامت واپس نٿو موٽي هن ويچاريء جي زندگي وهه بڻجيو وڃي.

سندن پرديس اسهڻ جو منظر ڪيڏو نه ڪربناڪ آهي جو؛

” ننگر، ناتاريون، پڳهه کڻي پنڌ ٿيا،

بندر، بازاريون، سڃا سامونڊين ريء.“

جڏهن وڻجارا ننڍا وڏا لنگر کڻي ۽ رسا کولي سفر تي روانا ٿيا ته انهن سواء سنسار سنسان ۽ بازارون ويران ٿيون محسوس ٿين.جڏهن ڏياري جو وقت آيو ته وڻجارن سڙهه کولي ٻيڙين کي سمنڊ حوالي ڪيو ۽ وڻجاري ٻيڙيء جي ونجهه کي ڀاڪر پائي روئي رهي آهي.

”ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنڀائيا،

وجھيو ور ونجهه کي، روئي وڻجاري،

ماريندم ماري، پرهه سور پرينء جا.“

لڳي ٿو ته وڇوڙي جا اهي سور هن ويچاريء کي ماري وجھندا.چوي ٿي ته جيڪر کيس خبر هجي ها ته سندس ور اهڙو ڌنڌو ٿو ڪري جو سالن جا سال گھر کان پري ٿو گذاري ته هوند هوء ڪڏهن به هن سان شادي نه ڪري ها.

”جان وڻجارو ڪانڌ، تان مون هڏ لائون لڌيون،

پرڏيهه  مٿي سانگ،    اٺئي     پهر ان جو.“

جڏهن سر ۽ لوهيڙا ڳڀجن ٿا ۽ انهن ۾ قدرتي گلڪاري رنگ ڀري ٿي ته وڻجاريء کي ور جي ياد گهڻو ستائي ٿي ۽ کيس اهو وسوسو ٿو ستائي ته شايد سندس سڄڻ کي واپس ورڻ واري ڳالهه وسري ويئي آهي.

”سر   لوهيڙا    ڳڀيا،    ڪسر   نسريا،

تو ڪيئن وسريا، ڍوليا! ڏينهن اچڻ جا.“

هن سر ۾ روحاني راز اهو سمايل آهي ته دنيا جو مثال هڪ گهري ۽ گھاٽي سمنڊ جيان آهي. سمنڊ جو هڪ خوفناڪ منظر جو سمنڊ جي مٿاڇري تي ڪوهيڙي مثل لڙاٽ ڇانيل آهي جنهن ڪري پري پري تائين نظر نٿي پوي،پاڻيء جون تکيون ۽ بي رحم لهرون آهن جيڪي انسانن توڙي غورابن کي غرق ڪرڻ لاء آتيون آهن.

” لڙ، لهريون، لس، ليٽ، جت اَتُ نه آب جو،

الله ات ۾  اولئين،   ٻيڙا     مٿي    ٻيٽ،

جوکو ٿئي ۾ جڙاو کي، ڦرهي اچي نه ڦيٽ،

لڳي ڪا م لپيٽ،  غاريبي غوراب کي.“

جتي لهرون به آهن ته ليس به آهي،چڪڻ به آهي ۽ پاڻيء جو ڪو اندازو ئي ناهي،ڪُنن جو ڪو پتو ناهي يعني جهاز يا ٻيڙيء کي هر پاسي کان رڳو خطرا ئي خطرا آهن.اها ٻيڙي ڇا آهي؟ انسان جي دل آهي جنهن کي رڳو مالڪ حقيقيء جي محبت لاء پيدا ڪيو ويو آهي.انسان جي دل اها ٻيڙي آهي جنهن کي دنيا جي سمنڊ ۾ ترڻ لاء ڇڏيو ويو آهي پر ان کي پنهن جو پاڻ کي خواهشن جي خطرن کان بچائي پار پوڻو آهي.انهيء جو مثال ايئن به ڏنو وڃي ٿو ته جيڪر ٻيڙي پاڻيء ۾ هجي ته ٺيڪ پر جيڪر پاڻي ٻيڙيء ۾ داخل ٿي وڃي ته ٻيڙيء جي بربادي آهي.سو دل جو به هروقت دنيا سان ئي واسطو رهي ٿو پر خرابي اتان ٿي شروع ٿئي جڏهن دنيا دل ۾ داخل ٿي وڃي.دنيا جي سمنڊ مان ئي معرفت جا موتي هٿ ڪرڻا پون ٿا جيڪي مالڪ حقيقيء جي بارگاه ۾ قبول ٿين ٿا. پر اهي موتي هٿ ڪرڻ ڪو سولو ڪم ته ناهي.ان لاء به ڪنهن وڏي هنر جي ضرورت آهي ۽ شاه سائين فرمائين ٿا ته اها گت غواصن وٽ آهي جيڪي سمنڊ سوجھين ٿا.

”اي گت غواصن، جئن سمنڊر سوجھيائون،

پيهي منجهه   پاتار جي،  ماڻڪ ميڙيائون،

آڻي ڏنائون  هيرا   لعل   هٿن      سين.“

اها اٽڪل ۽ اهو فن انهن ٽوٻن وٽ آهي جيڪي پڪو پهه ڪري سمنڊ جي اونهاين ۾ وڃي تلاش ڪن ٿا ۽ تمام اونهن ڪنن ۾ ٽٻيون هڻي وڃي ماڻڪ ماڻين ٿا.هيرا لعل انهن جي ئي قسمت ۾ هوندا آهن.مولانا رومي رحه به اهڙن غواصن جو ذڪر پنهنجي مثنويء ۾ ڪيو آهي؛

” يا چو غواصان،  بزير    قعر آب،

هر ڪسي چيزي همي گيرد شتاب،

هر  اميد   گوهر  و   در    ثمين،

تو پره پر مين ڪنند از آن و اين.“

”جهڙيء طرح ٽوٻا سمنڊ جي گهرائيء ۾ وڃي، جنهن کي جيڪا شيء ملي ٿي هٿ ڪري اچي ٿو پر اها ئي اميد رکندو آهي ته هن کي قيمتي ماڻڪ ملن تنهن ڪري هو پنهنجي ٿيلي ڀري کڻندو آهي.“

جتي سمنڊ جون بي رحم ڇوليون يعني دنياوي خواهشون ٻيڙي يعني انساني دل کي تيزيء سان گھيريو بيٺيون آهن اتي ناکئو يعني ٻيڙي هلائيندڙ ٿورو به غافل ٿيو يا ننڊ جي پنڪي کاڌائين ته سمجهه ته ٻيڙي ويئي هٿن مان.

انهيء ڪري شاه سائين ناکئن کي نصيحت ٿو ڪري ته

” بندر جان   ڀئي،    سکاڻيا   م     سمهو،

ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جئن ماٽي منجهه مهي،

ايڏو سور  سهي،  ننڊر نه     ڪجي ناکئا.“

اي ناکئا! جيستائين بندر ڀوائتو ۽ خطرناڪ آهي ۽ اڃا طوفان جو خطرو نه ٽريو آهي يعني سمنڊ پوري سلامتيء وارو نه ٿيو آهي تيستائين سک ۽ آرام سان نه ويهو.توهان ڏسو نٿا ته ڪناري واري پاسي تي پاڻي ابتا ڦيرا پيو ڪري ڄڻ ته ڪنارا ئي ڪُن بڻجي ويا آهن. ڄڻ ته ماٽيء ۾مانڌاڻيء سان مهي پيئي ولوڙجي.اهڙين ڏکين حالتن ۾ ننڊون ڪرڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي؟

Friday, January 13, 2023

معاشي بحران ۾ پيسجندڙ عوام ۽ حڪمران!


 

شفيق الرحمان شاڪر

هاڻياسان جي حڪمران طبقي توڙي اصل واڳ ڌڻين کي به اها ڳالهه چڱيء طرح سمجهه ۾ اچي ويئي آهي  ته پاڪستان هن وقت معاشي ميدان ۾ هڪ غير معمولي صورتحال جو شڪار آهي ۽ ان صورتحال کي جيڪر ڪجهه به عرصو وڌيڪ جيئن جو تيئن برقرار رهڻ ڏنو ويو ته سامهون معاشي ڏيوالپڻي جي سرحد صاف نظر اچي رهي آهي، ان غير معمولي صورتحال مان نڪرڻ جو واحد علاج غير معمولي قدمن سان ئي ممڪن ٿي سگھي ٿو.. اسان جا معاشي ماهر ڪينسر جهڙي مرض جو علاج هميشه ڊسپرين جي گولي سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن، جنهن جو نتيجو وڌيڪ معاشي بدحالي جي صورت ۾ نڪرندو رهيو آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان کي ڪوڙيون گوليون کائڻيون پونديون، پر اهي ڪوڙيون گوليون هن وقت تائين صرف عام غريب ماڻهوءَ کي ئي کائڻيون پون ٿيون ۽ طاقتور طبقن کي هر آزمائش کان آزاد رکي کين وڌيڪ رعايتون ۽ سهوليتون مهيا ڪيون وينديون آهن.، معاشي ميدان ۾ بنيادي تبديلي، بنيادي سڌارن سواء ممڪن نه آهي.جڏهن بنيادي سڌارن جي ڳالهه ٿئي ٿي ته ان مان مراد ڪجهه نمائشي قسم جا سڌارا نه هوندا آهن.اسان جنهن جمهوري نظام جو راڳ هر وقت آلاپيون ٿا ان جو بنياد ئي سڌارن تي هوندو آهي. اهڙا سڌارا جن جو تعلق عام ماڻهوء جي معاشي مفاد سان هجي ۽ هن کي سهنجائيء سان ساهه کڻن جو موقعو ملي. ان سان حڪمرانن ۽ عام ماڻهوءَ جي وچ ۾ اعتماد جو تعلق به قائم ٿيندو، ڇاڪاڻ ته تيستائين مرض جو صحيح علاج ممڪن نه ٿيندوجيستائين ان مرض جي صحيح سڃاڻپ نٿي ڪئي وڃي.

معاشي استحڪام ڪنهن به سياسي نظام ۽ حڪومت جي ڪاميابي جي ڪنجي آهي ۽ ڪا به حڪومت معاشي بحران کي حل ڪرڻ سواء دنيا توڙي عوام اندر پنهن جي ساک کي بهتر بنائي نٿي سگھي. هاڻوڪي حڪومت به ان بحران کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ ان کي منهن ڏيڻ سان ئي هو پنهنجي جي ساک کي بهتر بڻائي سگهن ٿا.ان ڳالهه کي جيڪر صحيح تسليم به ڪجي ته هن حڪومت کي معاشي بحران ورثي ۾ مليو آهي ته سوال ٿو پيدا ٿئي ته وقت جي اها ڪهڙي حڪومت رهي آهي جنهن سمورين معاشي خرابين جي ذميداري اڳين حڪومتن تي نه وڌي هجي؟ عوام جي ان ڳالهه سان ڪا دلچسپي ناهي هوندي ته توهان کي ورثي ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون مصيبتون ۽ پريشانيون مليون آهن.عوام هر حڪومت کان اها ئي اميد رکندو آهي ته اها سندس مشڪلن ۽ مصيبتن ۾ ڪجهه ڪمي آڻيندي. اٽي ان جو اگھ ڪجهه سستو ٿيندو.ٻن وقتن جي مانيء لاء ڪو روزگار جو بندوبست ٿيندو.سرڪاري اسپتالن ۾ ڪا سوئي دوا ملندي، روزمرهه جي بنيادي استعمال جي شين جي اگھن ۾ ڳاٽي توڙ اضافو نه ڪيو ويندو. دوائڻ جون قيمتون پنج سو سيڪڙو نه وڌايون وينديون.جيڪڏهن ڪا به حڪومت عوام جي انهن بنيادي اميدن مان ڪنهن به اميد تي پورو نٿي لهي ته ڀلي صبح سانجهيء ماڻهن کي ڪهڙا به قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائي،ڪهڙا به جواز ۽ بهانا گھڙي،عوام ۽ سندن وچ ۾ ڪڏهن به همدردي ۽ احساس جو رشتو قائم ٿي نه سگھندو.ڇا وفاقي توڙي سمورين صوبائي حڪومتن لاء اها شرم جي ڳالهه ناهي ته اڄ ڪلهه اٽو هڪ سو پنجهٺ روپيا ڪلو جي حساب سان وڪامي رهيو آهي پر حڪمران خبر ناهي ڪهڙي گھور ننڊ ۾ پيل آهن. جڏهن دليل ڏنو وڃي ٿو ته اسان عام ماڻهوءَ جي معاشي حالت کي تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا، ته ان جو گهڻو تعلق معاشي سطح تي روزگار جي ننڍڙن موقعن ۽ ماحول  پيدا ڪرڻ سان هوندوآهي. حڪومت جي وڏي ترجيح مائيڪرو انٽرپرينيئرشپ جهڙا ماڊل هجڻ گهرجن. مڃيوسين ته روزگار فراهم ڪرڻ هاڻي حڪومت جي اڪيلي ذميواري نه رهي آهي پر هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جنهن سان ماڻهن کي معاشي ميدان ۾ ڪجهه ڪرڻ جا موقعا فراهم ٿين ته اها حڪومت جي نه ته پوء ڪنهن جي ذميداري آهي؟. خاص ڪري نوجوانن ۾ اهو شعور پيدا ڪرڻ ته هو پنهن جو پاڻ کي اڳتي وڌائين ۽ ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪن. حڪومت کي گهرجي ته انهن نوجوانن کي بنان وياج جي ننڍڙا قرض جاري ڪري .گھريلو صنعتن کي هٿي وٺرائي اهڙو ماحول  پيدا ڪجي جو خاص ڪري گهرن ۾ ويٺل عورتون پڻ معاشي عمل ۾ حصو وٺي سگھن ۽ ان حوالي سان اسان کي بنگلاديش، ڀارت، سريلنڪا ۽ نيپال جهڙن ماڊلز کان سکڻو پوندو.

حڪمران طبقي کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته معاشي ترقي سياسي اڪيلائي ۾ نه ٿي ٿئي. ان لاءِ هڪ جامع سياسي ۽ معاشي نظام جي ضرورت آهي، جيڪو مضبوط بنيادن تي بيٺل هجي. ان عمل  کي پڻ هڪ مضبوط ادارتي فريم ورڪ جي ضرورت هوندي آهي. ڇو ته ادارن جي مدد سان ئي اسان معاشي ترقي سان لاڳاپيل هدف حاصل ڪري سگهون ٿا. اسان جي ادارن جي صلاحيت تمام ڪمزور آهي بلڪه ادارا گھڻي ڀاڱي تباه ٿي چڪا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان تمام گهڻا وسيلا خرچ ڪري به گهربل نتيجا حاصل نه ڪري سگهيا آهيون. عالمي سطح تي اسان جي معاشي ترقي ۽ عام ماڻهوءَ جي گذران سان لاڳاپيل انگ اکر ٻڌائين ٿا ته اسان  ڏينهون ڏينهن بدحالي جي هڪ ڌٻڻ ڏانهن ڌڪجي رهيا آهيون. غربت جي لڪير کان هيٺ رهندڙ ماڻهن جي انگ ۾ تيزيء سان اضافو ٿي رهيو آهي، تعليم ۽ صحت جهڙين بنيادي سهولتن جي عدم فراهمي، بيروزگاري، مهانگائي، پيٽرول، بجلي، گيس ۽ دوائن جي اگهن ۾ واڌ سبب عام ماڻهوءَ جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هاڻي اسان کي  پنهن جي سموري سياست.کي  اهڙي فريم ورڪ ۾ نئين سر آڻڻو پوندو، جنهن جي اسان کي هن وقت ترت ۽ تڪڙي ضرورت آهي ۽ اهو عمل وڏن سياسي سڌارن ۽ ادارن جي بحاليءَ سان جڙيل آهي، جيڪڏهن اسان اهو سڀ ڪجهه نه ڪري سگهياسين ته پوءِ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ جو خواب رڳو هڪ خواب ئي رهندو!

روزاني عوامي آواز 12 جنوري 2023ع

Friday, January 6, 2023

اخلاق باختا آڊيوز جي سيريز

 

شفيق الرحمان شاڪر

ملڪي سياست اخلاقي پستي ۽ تنزل جي جن حدن کي ڇهي رهي آهي انهيءَ تي بس ماتم ئي ڪري
سگھجي ٿو.لڳي ٿو ته هاڻي نه رڳو سياسي ڌريون پر اصل مقتدر قوتون به پنهنجن حريفن جو مقابلو سياسي ۽ قانوني طور تي ڪرڻ بدران هڪ ٻئي جي ذاتيات ۽ نجي زندگين جي گندگين ۾ پنهنجا هٿ صاف ڪندي نظر اچن ٿيون.ڪنهن به ترقي پسند ۽ مهذب معاشري ۾ اختلاف نه رڳو جائز پر ضروري هوندو آهي پر اسان جي سياسي ماحول ۾ اڄ ڪلهه جيڪي ڪجهه ميڊيا ۽ خاص طور تي سوشل ميڊيا تي نظر اچي رهيو آهي،اهو نه ته ڏسڻ جهڙو ۽ نه ئي وري ٻڌڻ جهڙو آهي.هڪ ٻئي کي وچ چوراهي تي اگھاڙو ڪيو پيو وڃي ۽ ايندڙ نسل کي پڻ اهو سيکاريو پيو وڃي ته اها ئي اسان جي تهذيب ۽ ثقافت آهي.ان سموري صورتحال ۾ اسان هڪ ڳالهه ته ثابت ڪري ڇڏي آهي ته هاڻي بحيثيت قوم اسان اخلاقيات جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن ۽ پنهنجن ڪجهه ذاتي، گروهي ۽ سياسي مقصدن جي حصول لاءِ اسان جنهن رستي جي چونڊ ڪئي آهي اهو رستو سماج اندر سواءِ نفرتن ۽ انتشار جي ٻئي ڪنهن به طرف نٿو وڃي.

پاڪستان جي پوري تاريخ هونئن ته اهڙين مسخرين سان ڀري پيئي آهي پر هن وقت اکيون جيڪي ڪجهه ڏسي رهيون آهن ۽ ڪن جيڪي ڪجهه ٻڌي رهيا آهن انهيء َتي ڪنهن به حساس ۽ باوقار شخص جو ڪنڌ شرم کان جھڪي ٿو وڃي.اخلاق باختا آڊيوز جي هڪ سيريز آهي جيڪا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي ۽ مٿان وري اها خوشخبري ٻڌائي پيئي وڃي ته هاڻي اهڙين ئي ” انمول وڊيوز“ جو هڪ نئون سلسلو به شروع ٿيڻ وارو آهي جن کي ڏسي ڪري قوم پنهنجن حڪمرانن جي شان ۾ وڌيڪ قصيدا پڙهڻ شروع ڪري ڏيندي.عوام جي اڪثريت جن کي کائڻ لاءِ اٽو نه ملي رهيو آهي سي انهن آڊيوز ۽ وڊيوز جي ذريعي پنهنجي پيٽ جي دوزخ جي باهه وسائي وٺندا، مهانگائيءَ کي ٻنجو لڳي ويندو، بيروزگارن کي در در جا ڌڪا نه کائڻا پوندا ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان ترقيءَ جي آسمان کي ڇهڻ لڳندو.خان صاحب کي شڪايت آهي ته سندس پالڻ وارن ساڻس سٺو سلوڪ نه ڪيو. سندس سهولتڪارن کي گلا آهي ته ملڪ ۽ قوم جو سڀ ڪجهه خان صاحب جي قدمن ۾ قربان ڪرڻ بعد به ساڻن احسان فراموشيءَ وارو سلوڪ ڪيو ويو.مٿان وري پنهنجون اهي سموريون آئيني توڙي غير آئيني عنايتون ورجايون پيون وڃن ته لاڏلي جا هر انگل آرپورو ڪرڻ لاءِ ملڪ ۽ قوم سان ڪهڙا نه ويڌن وهايا ويا.هر ادراي جي ڪهڙي طرح ستيا ناس ڪئي ويئي. سامهون وارن سياستدانن کي ڪيئن نه سوڙهو ڪري سياسي ميدان مان ئي ٻاهر ڦٽو ڪيو ويو.ڪيئن ڪيئن نه ماڻهن سزائون کاڌيون،فيصلا ڪٿي ٿيا ، ڪٿي لکيا ويا ۽ ڪٿي ٻڌايا ويا.چوپڻيون وات ۾ وجھڻ کان ويندي نيپيون بدلائڻ تائين،هر لحضي ۽ لمحي جي ماجرا وڏي فخر سان بيان ٿي رهي آهي.آئين سان مذاق ڪرڻ جي پوري ڪامينٽري بيان ٿي رهي آهي،شايد انهن عظيم ڪارنامن تي ڪنهن تمغه شجاعت جي طلب ۽ تمنا آهي جيڪا کين سک سان ويهڻ ئي نٿي ڏئي.
جتي ملڪ ۽ سماج عوام جا نه پر ڪجهه زورآور طبقن جي ملڪيت هجن اتي ايئن ئي ٿيندو آهي.جن جي دعويٰ هئي ته هاڻي ملڪ ۾ عظيم تبديلي آڻينداسين اهي هاڻي پنهنجين مجبورين جو تذڪرو ڪندي نظر اچن ٿا. جن چيو پئي ته ملڪ جو خانو خراب خان صاحب ڪيو آهي انهن جڏهن طاقت جون ڪرسيون سنڀاليون آهن ته وٽانئن اٽي جون قيمتون به قائم نٿيون رهن.سڀ پنهنجن پنهنجن مفادن جي دائرن ۾ گھمي رهيا آهن.ڪنهن کي عوام جو هوش ناهي رهيو.اهو عوام جنهن جي نالي تي اهي سڀ سياست جو ناٽڪ رچائين ٿا. پر وقت ۽ صورتحال ثابت ڪيو آهي ته عوام جي مسئلن ۽ مشڪلن سان ڪنهن جو به ڪو تعلق نه آهي.سڀ جو سڀ آءِ ايم ايف ۾ اميدن جون اکيون لڳايو ويٺا آهن ته شايد ان خيرات سان ملڪ معاشي طور تي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچي وڃي.من ڪي نام نهاد دوست ملڪ ڪجهه وڌيڪ مهرباني ڪري وٺن. پنهنجا افعال سڌارڻا ناهن.مستقبل جي ڪا منصوبابندي ناهي ڪرڻي.بس هر معاملي کي ڌڪي ۽ جڳاڙ سان ئي اڳتي ڌڪڻو آهي.اقتداري راند ۾ ملڪ ۽ عوام جو جيڪو به نقصان اهي ڏسي وائسي ڪري ويٺا انهن جي چٽي هر صورت ۾ پيڙهيل عوام کي ئي ڀرڻي آهي.اڳتي هلي نه گئس ملڻي آهي، نه تيل ۽ بجليءَ جو ڪو ڀروسو ٿو ڏسجي.پنهنجا پاليل دهشتگرد هڪ دفعو وري انساني زندگين کي زهر بنائڻ لاءِ سندرا ٻڌي بيٺل نظر اچن ٿا.حڪومت نالي ڪابه شيءِ ڪٿي به نظر نٿي اچي.مافيائن جو راڄ آهي ۽ پوري رياست توڙي عوام کي انهن مافيائن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.
اسان سال 2023ع ۾ داخل ٿي چڪا آهيون.وفاق جو پنهنجو منهن مهاڙ ۽ صوبن ۾ الڳ ڇڪتاڻ واري ڪيفيت نظر اچي ٿي.انهن حالتن ۾ ڪٿي ڪا اميد تلاش ڪجي،ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي يا وري اسان ڏسي وائسي ڪجهه سمجھڻ چاهيون ئي نٿا جو حقيقتون نهايت سخت ۽ ڀيانڪ صورت کنيو بيٺيون آهن.اسان جو حڪمران لڏو توڙي اصل واڳ ڌڻي هڪ ٻئي تي الزامن ۽ جوابي الزامن کان فارغ ٿيندا ته ضرور ڪو حل تلاش ڪندا.في الحال ڪرڻ لاءِ ٻيا ناٽڪ ئي کوڙ آهن.عوام سڪون،صبر ۽ دلچسپيءَ سان في الحال انهن آڊيوز ۽ وڊيوز مان لطف اندوز ٿئي ۽ پوءِ زور زور سان هڪ جذباتي نعرو هڻي ته ” اسين هڪ زندهه قوم آهيون،هڪ تابنده قوم آهيون.

روزاني عوامي آواز 6 جنوري 2023ع

Friday, June 10, 2022

“ عظيم انقلاب” جي “معصوم” خواهش!

 

شفيق الرحمان شاڪر

ٻه ڏينهن پهرين جڏهن پنهنجي ناڪام لانگ مارچ کان پوء خان صاحب ٻيهر بني گالا واپسيء جون تياريون ڪري رهيو هو ته سندس وفادار مشيرن هڪ اهڙو ته تجسس ۽ خوف ڀريو ماحول جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ڄڻ ته خبر ناهي ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ پاڪستان جو ڇا حشر ٿي ويندو.عمران خان جيڪو لاڳيتو پنهنجي بيانيي مٿان بيانيو بدلائيندو رهيو آهي تنهن اهو راڳ آلاپڻ به شروع ڪيو ته سندس زندگيء کي خطرو آهي ۽ کيس قتل ڪرڻ جي سازش سٽي ويئي آهي.بس پوء ته سندس همنوائن به ساڳيو سر ڪڍڻ شروع ڪري ڏنو. “ ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏو هڻي تيرهن ” جي مثل سندس هڪ قانوني مشير اهڙو ته فلمي سين جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي جو ماڻهن ۾ اڻ تڻ واري ڪيفيت پيدا ٿي ويئي.هن صاحب پنهن جي “ جاچ” مطابق اهو پڻ چئي ڏنو ته عمران خان جنهن رات بني گالا پهچندو ته کيس هميشه لاء رستي تان هٽايو ويندو.هن نه رڳو عوام کي ان رات جاڳڻ جو مشورو ڏنو بلڪه اهو به عهد ڪيو ته هو به سڄي رات ڪنهن دريء وٽ بيهي حالتن تي نظر رکندو ۽ ڪنهن خطري جي صورت ۾ ڪنهن عدالت جو دروازو کڙڪائيندو.سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان سڄي صورتحال تي ڇا چئجي.اها آهي سياست جيڪا هن وقت هن ملڪ ۾ هلي رهي آهي. هڪ طرف پورو ملڪ سخت معاشي بحران جي ور چڙهيل آهي ته ٻئي طرف اهي انقلاب جا دعويدار آهن جيڪي ملڪ ۾ وڌيڪ بي يقيني واري صورتحال پيدا ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نٿا ڇڏين. جيستائين ڪنهن جي زندگيء کي خطرو هئڻ جي ڳالهه آهي ته هن ملڪ ۾ ڪهڙي ماڻهوء جي زندگي محفوظ آهي؟ شهرن ۾ ڪنهن به وقت ڪا پراڻي عمارت ڪري پوي ٿي يا ڪٿي ڪا باهه ڀڙڪي اٿي ٿي ته گھٽيون ايڏيون سوڙهيون آهن جو اتي ڪا باه وسائڻ واري گاڏي، ڪو امدادي قافلو يا ڪا ايمبولنس پهچي ئي نٿي سگهي.ٻهراڙين ۾ ڪنهن اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارن کي ڪو ڀروسو ئي ناهي ته ڪنهن ڪمري جي ڇت ڪهڙي وقت سندن مٿان ڪري پوي ۽ هو هميشه لاء ابدي ننڊ سمهي پون.روزانو جيڪي نت نيون وبائون ۽ آفتون نازل ٿين ٿيون انهن مان ڪو قسمت سان بچي به وڃي ته بک ۽ بيماري سندس ساه نپوڙيو وٺي.اٽڪل ٻاويهه ڪروڙ ماڻهو روزانو اهڙين ئي اذيتن ۽ عذابن مان گذرن ٿا پر انهن جي زندگي ته ڇا موت تي به ڪنهن کي ڪا تشويش نٿي ٿئي،باقي ملڪ جي هڪ معمولي اشرافيا هر وقت اهڙا انگل آرا ڪندي ٿي رهي ۽ سندن سيڪيورٽيء تي عوام جا ڪروڙين روپيا خرچ ٿيندا ٿا رهن تڏهن به اهي مطئمن ناهن.انهن کان ڪو پڇي ته پاڪستان ۾ جيئڻ جيڪر انهن لاء ايترو ئي ڏکيو ٿي ويو آهي ته هو هن ملڪ ۽ عوام جي جان ڇڏي ڪنهن ٻئي سڌريل ملڪ ڏانهن هليا ڇو نٿا وڃن جتي سندن اکيون ٿڌيون ۽ دل پرسڪون رهي.سچ اهو آهي ته هي ملڪ رڳو انهيء اشرافيا لاء جڙيو آهي ۽ انهن کي رعايتون ۽ آسائشون مهيا ڪرڻ ئي رياست جي ذميداري آهي،باقي ٻيو عوام ته رعيت آهي جن جي حيثيت ڪيڙن ماڪوڙن کان وڌيڪ ڪانهي.سياست،جمهوريت، عوامي بالادستي،آئين جي حڪمراني وغيره اهي رڳو خوبصورت نعرا آهن جن سان ماڻهن کي ريجھائي اقتدار جي ڏاڪن تائين پهچبو آهي. ڪهڙا نظريا ۽ ڪهڙا اصول؟ هتي ٻن طبقن جي جنگ آهي هڪڙا آقا ۽ ٻيا غلام، هڪڙا حاڪم ۽ ٻيا محڪوم،هڪڙا راجا ۽ ٻي رعيت. گذريل ستر سالن کان اها ئي راند ۽ اهو ئي تماشو هلندو پيو اچي.

خان صاحب سان مسئلو اهو آهي جو هن جي ريڪارڊ ۾ گذريل ساڍن ٽن سالن جي اقتدار اندر پنهن جي ڪا ڪارڪردگي ڏيکارڻ واري شيء ئي موجود ناهي بلڪه جهڙيء طرح ملڪ،عوام توڙي ملڪي ادارن جي ستيا ناس ڪئي ويئي ان تان ماڻهن جو ڌيان هٽائڻ لاء اهو ئي ڪارگر نسخو آزمايو پيو وڃي ته ماڻهن کي سازش،مداخلت،انقلاب،اسلام جي مختلف اصطلاحن ۾ الجھائي پنهنجو پاڻ کي مظلوم ثابت ڪيو وڃي ۽ مختلف رياستي ادارن تي دٻاء وجھي پنهن جي حق ۾ حمايت ۽ فيصلا حاصل ڪيا وڃن. دل ۾ عظيم “انقلاب” جي هڪ اهڙي “ معصوم“ خواهش آهي جيڪا خان صاحب ۽ سندس ساٿين کي سڪون سان ويهڻ نٿي ڏئي.هڪ اهڙي خواهش جيڪا بنان ڪنهن حقيقي مزاحمت،محنت،تڪليف،مشقت،سختي سواء يا ته ڪنهن جادو،ٽوڻي ڦيڻي ذريعي پوري ٿي وڃي يا ايمپائر جي اشاري سان سموري شڪست “ عظيم فتح” ۾ بدلجي وڃي.جيڪڏهن حڪومت ڪاسختي ڪندي،يا پوليس ڳوڙها گئس يا لٺيون وسائيندي يا عدالتون تحفظ فراهم نه ڪنديون ۽ جيڪر گرمي به گھٽ نه ٿيندي ته پوء ڀلا اهو انقلاب ڪيئن اچي سگھندو؟ ۽ خان صاحب ۽ سندس ساٿين جي چوڻ مطابق جيڪر اهو “انقلاب ” نه آيو ته ملڪ جا ٽي تڪر ٿي ويندا، ملڪ معاشي ڏيوالپڻي تي پهچي ويندو،ملڪ جي فوج تباهه ٿي ويندي ۽ پاڪستان جا نيوڪليئر اثاثا کسجي ويندا.خان صاحب ڏينهن رات ان “ انقلاب” آڻڻ لاء “جهاد” ڪري رهيو آهي.جيڪو به ان ڪم ۾ خان صاحب جو ساٿ ڏئي ٿو سو “محب وطن” ۽ باقي ٻيا سڀ “غدار” آهن.انهيء عظيم انقلاب لاء خان صاحب وري ڪڏهن ٿو لانگ مارچ ڪري ان جو جواب هن وقت خان صاحب وٽ به ڪونه آهي!

(روزاني عوامي آواز 10 جون 2022ع)

Thursday, February 10, 2022

ماضيء جو ائينو ؛ پاڪستان ۾ نوڪرشاهي ۽ اختيارن جي جنگ.


شفيق الرحمان شاڪر

ملڪ آزاد ٿيو ته اسان کي بيوروڪريسي به انگريزن جي ڏنل ملي جيڪا بنيادي طور تي برطانيا جي وفادار هئي.پاڪستان ٺهڻ کان ترت پوء بيوروڪريسي پر ڪڍڻ شروع ڪري ڏنا جڏهن ته پاڪستان جا سياستدان اڃا ڪمزور هئا ان ڪري بيوروڪريسي سندن ڪمزوريء جو فائدو کڻندي ڪجهه ئي سالن ۾ اقتدار تي مڪمل قبضو ڪري ورتو.هڪڙو صاحب هو ملڪ غلام محمد جيڪو انڊيا جي وزارت خزانه ۾ ڪم ڪندو هو.1947ع ۾ انڊين ريلوي سروس ۾ اچي ويو ۽ بيوروڪريسي جو جيڪو حصو پاڪستان جي حصي ۾ آيو هيء سوکڙي به ان ۾ شامل هئي.لياقت علي خان جي ڪابينا ۾ هن کي وزارت خزانه جو قلمدان ڏنو ويو،بعد ۾ محلاتي سازشن ذريعي 17 آڪٽوبر 1951ع تي پاڪستان جو گورنر جنرل بڻجي ويو.قائد اعظم جي وفات بعد گورنر جنرل جو عهدو خواجا ناظم الدين سنڀاليو هو ۽ لياقت علي خان جي قتل بعد خواجا ناظم الدين گورنر جنرل جو عهدو ڇڏي وزير اعظم بڻيو.غلام محمد کي خواجا ناظم الدين بظور وزير اعظم گورنر جنرل نامزد ڪيو هو.1935ع جي ايڪٽ مطابق جيڪي اختيار هند جي وائيسراء کي حاصل هئا اهي ئي اختيار هاڻي گورنر جنرل کي حاصل هئا.17 اپريل 1953ع تي غلام محمد خواجا ناظم الدين کي معزول ڪري هڪ ٻئي بيوروڪريٽ محمد علي بوگرا کي پاڪستان جو نئون وزير اعظم بنايو ويو.اسٽيبلشمينٽ هڪ لحاظ کان حڪومت جو ڪنٽرول ان وقت ئي سنڀالي ورتو هو جڏهن غلام محمد گورنر جنرل بڻيو هو،اهڙيء طرح بيروڪريٽ هاڻي سياستدان به بڻجي ويٺا هئا.

24 آڪٽوبر1954ع  تي جڏهن دستورساز اسيمبلي فيصلو ڪيو ته گورنر جنرل جي اختيارن کي محدود ڪيو وڃي ته غلام محمد دستور سازاسيمبليء کي ئي ختم ڪري ڇڏيو.جڏهن ته محمد علي بوگرا کي نئين ڪابينا جوڙي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي ويئي ته جيئن نيون چونڊون نه ٿي سگھن.ان نئين ڪابينا ۾ ڪمانڊر انچيف جنرل ايوب خان وزير دفاع جڏهن ته  سيڪريٽري داخلااسڪندر مرزا کي وزير داخلا جا عهدا عطا ڪيا ويا.هاڻي هڪ طرح سان اها بيوروڪريٽس جي ئي حڪومت هئي جو گورنر جنرل ۽وزير اعظم سميت سمورا اهم عهدا سولين جي بدران بيوروڪريٽس جي حوالي هئا.اڪندر مرزا وزير داخلا سان گڏ اوڀر پاڪستان جو گورنر به رهيو.

جسٽس منير جيڪو بائونڊري ڪميشن جو ميمبر هو ۽ بعد ۾ پاڪستان جو چيف جسٽس بڻيو تنهن “نظريه ضرورت” هيٺ ان بندوبست کي جائز قرار ڏنو ۽ غلام محمد جي فيصلي کي درست قرار ڏيندي اسيمبلي بحال نه ڪئي. سموري طاقت پنهنجي هٿن ۾ ڪٺي ڪندڙ غلام محمد کي اسڪندر مرزا 7 آگسٽ 1955ع تي معزول ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ گورنر جنرل بڻجي ويٺو.23 مارچ 1956ع تي ٻي قانون ساز اسيمبليء 1956 وارو آئين منظور ڪيو جنهن مطابق گورنر جنرل جي عهدي کي صدر پاڪستان جي عهدي ۾ بدلايو ويو،اهڙيء طرح اسڪندر مرزا پهرئين پاڪستاني صدر جي چارج سنڀالي. 27 آڪٽوبر 1958ع تي ايوب خان 51سالن جي عمر ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو ڇڏي جنرل موسيٰ کي آرمي چيف مقرر ڪيو جڏهن ته صدر اسڪندر مرزا کي معزول ڪري ان جي جڳهه تي پاڻ صدر پاڪستان بڻجي ويو ۽ 25 مارچ ا969ع تائين هو ان عهدي تي رهيو.هن کي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل يحيٰ خان هٽائي پاڻ صدر پاڪستان بڻجي ويٺو جيڪو 20 ڊسمبر 1971ع تائين پاڪستان جو صدر ۽ چيف آف آرمي اسٽاف رهيو جڏهن ته 16 ڊسمبر 1971ع تي اوڀر پاڪستان پاڪستان کان الڳ ٿي بنگلاديش بڻجي چڪو هو

ملڪ جي سخت بگڙيل حالتن ۾ اقتدار بطور سويلين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ذوالفقار علي ڀٽو جي حوالي ڪيو ويو ۽ گڏوگڏ ذوالفقار علي ڀٽي صدر پاڪستان جو عهدو سنڀالي ورتو.انهيء ئي ڏينهن جنرل گل حسن چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو سنڀاليو.ذوالفقار علي ڀٽي 4 آگسٽ 1973ع تي نئين آئين مطابق سولين وزير اعظم طور قسم کنيو جڏهن ته چوڌري فضل الاهي کي صدر پاڪستان مقرر ڪري ڇڏيو.1973ع جي آئين مطابق اختيار واپس وزير اعظم وٽ اچي چڪا هئا.ڀٽي کي جنرل ضياالحق 5 جولاء 1977ع تي معزول ڪري آئين معطل ڪري ڇڏيو.جڏهن ا985ع ۾ آئين بحال ڪيو ويو ته ٻيهر اٺين ترميم ذريعي اختيار واپس صدر حوالي ڪيا ويا.17 آگسٽ 1988ع تي ضياءالحق جو جهاذ هوا ۾ ڦاٽي ويو.بينظير ڀٽو کي سياسي ميدان مان ٻاهر ڪڍڻ لاء آئي جي آئي جوڙائي ويئي جنهن جو حصو نواز شريف به هو.پيپل پارٽيء خلاف يارهن سالن جي پروپيگنڊا باوجود 1988ع ۾ بينظير صاحبه وري وزير اعظم بڻجي ويئي.جڏهن بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جون چونشيل حڪومتون وري وري ٽوڙيون وييون ته 1997ع ۾ انهن ٻنهي گڏجي تيرهين آئيني ترميم ذريعياٺين ترميم ترميم ذريعي ڦبايل وزير اعظم جا اختيار واپس وٺي ڇڏيا ته 1999ع ۾ جنرل پرويز مشرف اچي نازل ٿيو جنهن 2003ع ۾ سترهين آئيني ترميم ذريعي ٻيهر اختيار پنهن جي حوالي ڪري ورتا.2010ع ۾ سويلين حڪومت هڪ دفعو وري ارڙهين ترميم ذريعي پارليامينٽ جا اختيار واپس کسي ورتا.اختيارن جي اها جنگ اڃا به جاري آهي.هڪ طرف اپوزيشن سويلين بالادستيء جي جدوجهد ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف اسٽيبلشمينٽ جنهن ناجائز نموني سان انهن اختيارن تي قبضو ڪري رکيو آهي اهي اختيار سويلين عوامي نمائندن کي ڏيڻ لاء تيار ناهي

(روزاني عوامي آواز 10 فيبروري 2022ع)