Showing posts with label طنز ۽ مزاح. Show all posts
Showing posts with label طنز ۽ مزاح. Show all posts

Saturday, December 30, 2023

دھل وڄي ۽ دوسو رھي!


شفيق الرحمان شاڪر

خير سان چونڊن جي موسم وري موٽي آئي آھي.ھر طرف سياسي بھاريون لڳيون پييون آھن.گهڻن لاء ھيء موسم ڪمائيء جي موسم ھوندي آھي.بينر، پينافليڪس،پوسٽر، پمفليٽن۽ بيج وغيرھ تيار ڪرڻ وارن جون موجون لڳي وڃن ٿيون.بورچين جون بھ عيدون ٿيو وڃن.ڪرائي تي ھلندڙ ڪارن موٽرن جي مالڪن جو بہ ڀاڳ کلي ٿو.لوڪل بي روزگار ننڍن ننڍن وڏيرن ۽ پٽيلن جي بہ چاندي ٿيو پوي جيڪي ٽوپيون ڏنگ تي رکي،واڇون ٽيڙي اميدوارن سامھون پنھن جي سياسي ۽ راڄوڻي حيثيت جا ڪوڙا ڦٽاڪا ٻاري ۽ سندن ٻٽونء ۾ ھزارين ووٽ حاضر ھئڻ جون دعوائون ڪري سياسي واپار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن.صبح جو ھڪڙي اميدوار جي اوطاق تي تہ رات جو وري ان جي مخالف اميدوار جي ديري تي مکين جيان پيا ڦيرا ڏيندا.ھاڻي تہ ڪارڪن بہ ڪرائي تي حاصل ڪرڻا پون ٿا.جھڙي ڪوالٽي تھڙي قيمت، جھڙو مال تھڙو اگھ،جھڙو منھن تھڙو........، جھڙا روح تھڙا ختما. پوسٽر ۽ بينر لڳائڻ وارن جا الڳ ٺيڪيدار، نعرا ھڻندڙ ۽ نچندڙن جي پنھن جي قيمت، مخالف اميدوارن جا پوسٽر ڦاڙڻ ۽ بينر لاھڻ لاء الڳ ٽاسڪ فورس، مخالف اميدوار جي ڪردار ڪشي ڪرڻ لاء جدا ٽيم.

ھاڻي تہ ھر ڪم جديد ۽ سائنسي بنيادن تي ٿئي ٿو.اصل مقابلي جي جڳھ بلڪ کٽڻ ۽ ھارائڻ جو ھنڌ سوشل ميڊيا آھي.نجي طور تي توھان پڇا ڪندا تہ ھر ماڻھوء تي اليڪشني اميدوارن خلاف شڪايتن جا دفتر زبان تي ٻڌڻ لاء ملندا پر جي نظر ڊوڙائبي تہ اھي ئي ماڻھو انھن اميدوارن جي سياسي ميلن ۾ نچندي، ٽپندي، ھنڀوچيون ھڻندي، ھو جمالو ڳائيندي،گڦون ھاريندي ۽ نعرا ھڻندي نظر ايندا.انھيء رويي کي خبر ناھي سياسي ڊڪشنري ۾ ڇا سڏبو آھي پر اسان ان کي ”سياست “ سڏيندا آھيون. ”آوي ھي آوي“کان “جيوي ھي جيوي“ تائين، ”اسان جو اميدوار ھيرو، ٻيا سڀ زيرو“ جي قواليء کان ” اڄ تہ ٿي ويئي فلاڻو فلاڻو” جي راڳ تائين پوري ملڪ کي تپائي کڻندا.

آئين، منشور، نصب العين ۽ ڪارڪردگيون، ڪير ٿو ان فضول جهنجهٽ ۾ پوي.بس موقعو آھي تہ ڪجھ جھان ٺاھي وٺجي.اسان وٽ اليڪشن جي معنيٰ آھي ناچ، ٽپا،تاڙيون،تقريرون، ڀت ۽ بريانيون.اليڪشن لٿي کان پوء ”ڪم لٿو ڪاغذ ڦاٽو“ بس پوء ”جوڳي نہ ڪنھن جا مٽ.“ رھي ڪارڪردگي تہ اھا نہ اليڪشن کان اڳ ٿي ڪنھن کي ياد اچي ۽ نہ ئي اليڪشن کان پوء ڪو ڪنھن کان سوال ڪري پنھن جي قيامت ٿو ڪاري ڪرڻ گهري.

بس ھلندا ھلو.ڪنھن اڻ ڄاتل منزل جي تلاش ۾ بلڪ بنان ڪنھن منزل ۽ مقصود جي روہ تتيء جو ڪنھن رڃ ۾ رلندا رھو.اسان مان اڪثريت اڄ بہ ان کي پنھن جو مقدر سمجهي صبر جميل جو مظاھرو ڪندي ٿي اچي.ڪير ايندو، ڪير ويندو، ڪير کٽيندو، ڪير ھارائيندو، ماڻھن کي ان سان نہ ڪا دلچسپي آھي ۽ نہ ئي اھو سندن زندگيء جي سڌاري يا برباديء جو سوال آھي.اسان تہ اڄ تائين اھو ئي سمجهندا ٿا اچون تہ اليڪشن ڪمائيء جي موسم آھي،مال ميڙڻ سان گڏوگڏ نوان نينھن لائڻ ۽ نوان ناتا جوڙڻ جو سونھري موقعو آھي.جيڪر اوھان جي زبان شريف ۾ اھا صلاحيت موجود آھي جو اھا دھل جي ھر ڏوڪي تي واہ واہ جو سنگيت پنھنجن ڪجھ ھمنوائن سان گڏجي سر ۾ ڳائي سگهي ٿي تہ اليڪشن جي موسم ۾ اوھين دنيا جا ڪامياب ترين انسان آھيو. ملڪ جا مسئلا ڪھڙا آھن، سنڌ کي کي ڪھڙا چيلينج درپيش آھن،اسان جون قومي ۽ اجتماعي ڏکيائيون ڇا آھن؟ قومي ڳڻتيء جا ڪھڙا سوال آھن.انساني بنيادي حق ۽ زندگيء جون بنيادي سھوليتون ڇو ميسر ناھن؟ اھو مٿي جو سور نہ تہ ووٽ وٺندڙن جو آھي ۽ نہ ئي ووٽ ڏيندڙن جو،اھي سڀ معاملا دانشورن،سماجي ڪارڪنن،صحافين، اديبن، دانشورن ۽ شاعرن کي حل ڪرڻا آھن جيڪي انھن ”ميلاين“ جي نظر ۾ سڀ چريا آھن.اسان ٻي عام خلق کي تہ ڄڻ بس ”جيئي جيئي“ ، ”زندہ باد“ ۽ ”مردہ باد“ جي ڀنگ گهوٽڻ لاء پيدا ڪيو ويو آھي.بک،بدحالي، بيماري ۽ بي روزگاري اسان جا بنيادي حق آھن ۽ شڪر آھي جوحڪومتن ۾ ايندڙ ۽ ويندڙن مان اڄ تائين ڪنھن بہ اسان کي پنھنجن انھن بنيادي حقن کان محروم ناھي ڪيو.انصاف جو عاليشان نظام اسان وٽ خدا جي فضل سان اڳ ۾ ئي موجود آھي ۽ انشاء اللھ آئيندہ صدين تائين ڪو بہ ان نظام جو وار ونگو ڪري نٿو سگهي.”ڏاڍي جي لٺ کي ٻہ مٿا واري سرشتي“ کي نہ اڳ ۾ خطرو ھو ۽ نہ ئي ھاڻي ڪو کيس ڪوسو واء لڳڻ وارو آھي.

سو سياڻن کي صلاح آھي تہ وارو ڪريو جو وري پنج سال انتظار جي اذيت سھڻي پوندي.بس، في الحال ھن اليڪشن لاء ئي جيئو.آئيندي جي سمورن وسوسن، خوف خطرن،وھمن ۽ گمانن کان آزاد ٿي.اھا ”آزادي“ وڏي نعمت آھي جيڪا جھان ۾ قومن جو جيون سنوارڻ لاء ڪافي ۽ شافي آھي.ھروڀرو مستقبل جي مشڪلاتن جو اونو ڪرڻ ڪٿان جي عقلمندي آھي.جهومو، ڳايو، جهمريون پايو،ھنڀوڇيون ھڻو.جي ٿي سگهي تہ مخالف اميدوار جي ڪن غريب حامين جي ڳچي بہ ضرور پڪڙيو ۽ ٿوري گهڻي ٿڦا ٿڦي بہ ٿئي تہ ھرج ناھي.انھيء طريقي سان توھان اليڪشن جي ڪمائيء ۾سٺو بونس حاصل ڪري سگهو ٿا.جيڪي نچي نٿا ڄاڻن اھي جاھل آھن ۽ انھن کي جاھل ئي رھڻ ڏيو،۽ کين سندن حال تي ڇڏي ڏيو.اھي انگ ۾ تمام ٿورا ھوندا لکين تہ ”دوسو“ آھن جيڪي اليڪشن جو اھو ميلو مناسب نموني مچائڻ لاء ھر وقت سر تريء تي رکي حاضر ملندا.بس ڏونڪي لڳڻ جي دير آھي پوء

”دھل وڄي ۽ دوسو رھي!“

( روزاني ھلال پاڪستان 29 ڊسمبر 2023ع)

Sunday, October 27, 2019

طنز مزاح؛ ڌرڻي ڌڻين لاء ڪجهه ڌيان طلب !!!



شفيق الرحمان شاڪر
ماڻهن کي سال کان انتظار هو ته مولانا ڌرڻي جو ڪو حتمي اعلان ڪري ته جيئن اهي کيس ڌرڻي جي باري ۾ ڪجهه مفيد مشورا ڏيئي ”نيڪيء جي ان ڪم“ ۾ پنهنجو حصو ملائي سگھن.ٻه مهينا ته ان ڇڪتاڻ ۾ ئي گذري ويا ته مولانا اچي رهيو آهي ڇو ته هو غصي ۾ آهي، مولانا نه پيو اچي ڇو ته کيس ”پرچايو“ پيو وڃي.هاڻي جڏهن مولانا جي آمد لڳ ڀڳ طيء ٿي چڪي آهي ته سندس ”خير خواهه “ کيس ڪجهه قيمتي مشورا به ڏيئي رهيا آهن.سڀ کان پهرين ته مولانا صاحب پنهنجن انهن ارشادن ۽ فرمانن کي ماڻهن جي نظرن مان گم ڪري جن ۾ هو ڌرڻي ڪلچر کي ”بغاوت“ قرار ڏيئي چڪو آهي.عمران خان ان وقت جي وزير اعظم نواز شريف جي استعيفا کان گھٽ ڪنهن شرط تي راضي نه هو،اڄ مولانا به وزير اعظم عمران خان جي رخصتي گھري ٿو.ٻنهي ڌرڻڻ جو مقصد ته ساڳيو آهي توڙي جو طريقو مختلف هجي.جيڪر اها خان صاحب جي ”بغاوت“ هئي  ته خير سان اڄ مولانا به ”باغي“ بڻيل آهي.
مولانا صاحب عمران خان جي ڌرڻي خلاف هڪ ڌڙڪيدار۽ شاندار تقرير ڪئي هئي جنهن ۾ چيو هو ته جڏهن حالتون ٽڪراء طرف وڃن ٿيون ته ”ڪا ٽين طاقت“ فائدو کڻندي آهي ان ڪري هن وقت به مولانا صاحب کي يقيني بنائڻو پوندو ته سندس ڌرڻي جو فائدو ملڪي سياست ۾ ڪا ”ڏاڍي“ ۽ ”تڪڙي“ ڌر کڻي نه سگھي.مولانا صاحب جي همت ۽ فراخ دليء تي اوهان کي کيس ضرور داد ڏيڻو پوندو ته فرض ڪريو ته عمران خان جي حڪومت هلي به وڃي،نيون چونڊون ٿين به سهي تڏهن به مولانا جي جماعت جو پوري ملڪ ته ڇا پر ڪنهن هڪڙي صوبي ۾ به پنهن جي حڪومت جوڙڻ جو ڪو امڪان ئي ناهي،مولانا کي ڏيئي وٺي ڪشمير ڪميٽيء جي اڳواڻي يا وري منسٽر انڪليو ۾ هڪڙو بنگلو ئي ملڻو آهي.اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي ٻجھندي به جيڪر هو پنهنجو سڀ ڪجهه داء تي هڻي حڪومت خلاف ڀرپور بغاوت ڪرڻ لاء تيار آهي ته پوء مولانا واقعي وڏي دل وارو آهي.اهو ته طيء آهي ته جي يو آئي ايف ڪارڪن نعرا هڻي هڻي پنهنجون نڙيون سڪائي ڇڏين ۽ ڌرڻو ڪامياب به بڻائي ڇڏين تڏهن به ڌرڻي جو امڪاني بينيفيشري گھٽ ۾ گھٽ اڪيلي مولانا نه ٿيندو،اهو ته ايئن ٿيندو جو “ سور کائي ڳيري ۽ بيضا کائي ڪانء.“
هڪڙي سوچ اها به آهي ته مولانا پنهنجي حصي جي ٻوٽيء لاء اڳئين جي پوري ڳئون ڪهڻ جي چڪر ۾ آهي.پر هڪڙن جي سوچ اها به آهي ته مولانا نهايت ئي ڏاهو بلڪه نهايت ئي ”گهگھه“ سياستدان آهي،هر حڪومت ۾ ايئن ئي ته ايڊجسٽ ناهي ٿي ويندو.هو شيخ رشيد جيان قربانيء جي تاريخ نٿو ڏئي البته قربانيء جو وقت ڪڏهن ايندو هن کان بهتر ڪير ڄاڻي سگھي ٿو؟مولانا کي اندازو آهي ته وزير اعظم جي حمايت ڪرڻ وارا هاڻي پڇتائي رهيا آهن.عمران خان لاء وڇايل بساط جا مهرا هاڻي هيڏانهن هوڏانهن لڙهڪي رهيا آهن،حڪومت جا ڏينهن جڏهن به ڳڻيا ويندا ڳڻپ مولانا جي ڌرڻي کان شروع ٿيندي.هاڻي جڏهن ڌرڻو اڻٽر آهي ته مولانا کي ڪجهه اهم ڳالهيون به سوچ هيٺ ضرور آڻڻ گھرجن.جيئن ته اڇي ۽ ڪاري پارٽي جھنڊي جيان ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيندڙ به اڇن ۽ ڪارن ڪپڙن ۾ ملبوس هوندا،ڪهڙو نه سٺو ٿئي جو ڌرڻي ۾ ڪجهه رنگ به ڀريا وڃن.جيڪر مولانا ڌرڻي ۾ جي يو آئي ايف جي ڪارڪن ۽ ووٽرعورتن کي به گڏ آڻڻ جو بندوبست ڪن ته جيئن گھٽ ۾ گھٽ انهن عورتن ۽ مردن جيڪي پنهنجو پاڻ کي لبرلز سڏائين ٿا انهن جو ڀرم رهجي وڃي جيڪي عمران خان جي بغض ۾ مولانا جي حمايت ڪري رهيا آهن.مولانا جي جماعت کي سياست ڪندي هڪ زمانو ٿي چڪو آهي،مولانا سياست ۾ عورتن جي ڪردار کي به ضرور مڃيندو هوندو سو هن کي پنهن جي طاقت مڃرائڻ لاء رڳو مدرسن جا شاگرد نه پر زندگيء جي هر طبقي ۽ شعبي جا ماڻهو پنهنجي ڌرڻي ۾ شريڪ ڪرائڻا پوندا.مولانا کي اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته اهو رڳو مردن يا مدرسي جي شاگردن جو نه پر عوام جو ڌرڻو آهي ۽ عوام ۾ هر عمر جا مرد توڙي عورتون شامل آهن.
طاهرالقادري مولانا فضل الرحمان جيان مذهبي شخصيت آهي،مولانا کي گھرجي ته هو طاهرالقادريء وارن ٻن ”ڪامياب“ ڌرڻن جي هڪ مختصر جائزي واري رپورٽ به تيار ڪرائي وٺي جنهن سان اهو ڄاڻڻ ۾ مدد ملندي ته ڌرڻي جي شرڪاء کي لاڳيتو ”انگيج“ رکڻ لاء ڪهڙا ڪهڙا ”ڪرتب“ گھربل هوندا؟ڏينهن جو وقت ته پنهنجو موبائيل فون چارج ڪندي،هتان هتان ٻه ٽي گل ٻوٽا ٽوڙي،دوڪان تان نسوار،پان،سوپاري ۽ سگريٽ ڳولهيندي،ڪنهن گاڏي تي چانهه جا سرڪ ڀريندي،دل پشوري ڪندي ۽ ميڊيا وارن کي ڏسي ٻه ٽي نعرا هڻندي گذري ويندو پر ٿڌڙي موسم جون ڊگھيون راتيون ڪيئن گذرنديون؟ان لاء مولانا حقيقت ۾ مولانا طاهر جي تجربن مان فائدو حاصل ڪري سگھي ٿو.جڏهن رات ڊگھي ٿيڻ لڳي ۽ ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيندڙن جو جذبو ٿڌو ٿيڻ لڳي ته حڪومت کي ڪيرائڻ لاء فجر جي نماز جو الٽيميٽم ڏنو وڃي،وقت پورو ٿي وڃي ته ان مهلت جو وقت وڌائي وچين يا سانجھي نماز تائين ڪري سگھجي ٿو.نوجوانن جي ٽولين کي ”روشن مستقبل“ ۽ ”سونهري ڏينهن“ جا خواب ڏيکاري روزانو ٻن کان ٽي ڪلاڪ سڪون سان گذاري سگھجن ٿا جڏهن ته اهو اعلان ته هڪ اهم حڪومتي اڳواڻ هٿ ادب جا ٻڌي ڳالهين لاء اچڻ گھري ٿو.ٻڌايو منهن جا بهادر ڪارڪنو!،ڇا ڪرڻ گھرجي؟ظاهر آهي ته جذبات جي چوٽ چڙهيل هجوم مان ”نه،نه“ ۾ ئي جواب اچڻو آهي.اهڙيء طرح ان قسم جي ڪرت ۾ به ٻه ٽي ڪلاڪ نڪري سگھن ٿا.جنهن ڏينهن نظر اچي ته اڄ ڌرڻي وارن جي ارمانن تي مارگلا ٽڪرين مان اٿندڙ ڪڪرن جي ماڪ جو وسڪارو ٿي رهيو آهي،بس انهيء ڏينهن بافتي جي ڪجهه وال ڪپڙي جو بندوبست ڪري اسٽيج تان ”ڪفن پوش” ڌرڻي جو اعلان ڪيو وڃي ان سان ميڊيا کي به ”بريڪنگ“ لاء پٽيون ملي وينديون ۽ طاهرالقادريء واري ڌرڻي جون يادون به تازيون ٿي وينديون.اهڙيء طرح آڪٽوبر مهيني جي بجليء واري بل کي ڦاڙي ساڙڻ وارو ڪرتب به نظاري ۾ چار چنڊ لڳائي سگھي ٿو،اهڙيء طرح  خان صاحب کي به ڪنٽينر جون اهي ”دل فريب“ شامون ۽ ”وصال ڀريون“ راتيون ياد ڏياري سگھجن ٿيون.
مولانا صاحب جي ”با ذوق“ ڪارڪنن پردي پويان هلڪي موسيقيء سان ڪجهه تحريڪي ترانا به جوڙيا آهن پر رڳو اهي ڪافي ناهن.“ انصافي“ ۽ ”طاهري“ ڌرڻن جيڪي معيار قائم ڪيا آهن،مولانا کي انهن کي سامهون رکي ڪري منصوبا بندي ڪرڻي پوندي.بک جي مستيء ۾ ٻڏل عوام جي ستل روح کي سجاڳ ڪرڻ لاء ڪنن کي پردا ڦاڙ سائونڊ سسٽم جي ضرورت پوندي.هونئن مولانا جي پارٽيء کي جي ڊي بٽ پارٽيء کان مشورن جي گھرج ناهي،ميگا فون ۽ لائوڊ اسپيڪر جو استعمال مولوين کان وڌي ڪري ڪير ٿو ڄاڻي؟ مولانا جيڪر طيء ڪيل پلان موجب اڪٽوبر جي پڇاڙيء ۾ انٽري ڏيندو ته شهر اقتدار جي موسم وڌيڪ مست ۽ ظالم ٿي ويندي اهڙي حالت ۾ مولانا لاء بازار گرمائڻ ايترو آسان نه رهندو.ڪارڪنن کي ڪمبل ۽ رضائيون گڏ کڻي اچڻ جو چيو ويو آهي پر مورال هائي رکڻ لاء ڪجهه هائي ليول انتظام ڪرڻا پوندا.ان سلسلي ۾ حضرت خادم رضوي اينڊ ڪمپني جو تجربو گھڻو ڪشادو آهي.هاڻي اهو حضرت رضوي پاڻ يا سندس ڪارڪن ئي ٻڌائي سگھن ٿا ته انهن کي فيض آباد ڌرڻي دوران پوندڙ غضب جي ٿڌ سان وڙهڻ لاء بادام،کجور ۽ ڪاجو جا کوکا ڪير پهچائيندو هو؟
وفاقي گھرو وزير اعجاز شاه فرمائي ٿو ته ڪهڙي خبر مولانا رات جو سمهي ۽ صبح جو کيس ”هدايت“ نصيب ٿي وڃي پر جيستائين هدايت جي روشني نٿي ملي تيستائين ڌرڻي جي اونداهين راتين کي مقدر جو لکيو سمجھي خان صاحب جي ٽيم کي ”تياري “ ته ضرور ڪرڻي آهي.عمران خان جي ٽيم کي ڌرڻي جو ته ڀرپور تجربو آهي پر ڌرڻو روڪڻ لاء ڪهڙي مهارت گھرجي انهيء فن جو انهن کي ايترو تجربو به ناهي جيترو تجربو شيخ رشيد جو ريلوي ۾ آهي!ڌرڻي ڌڻين لاء ڌيان طلب مشورن جي اها ديڳ ورهائڻ بعد به مون جهڙن بي سمجھن کي اڃا ته اهوئي سمجھه ۾ ٿو اچي ته  31آڪٽوبر تي ڌرڻو نه پر رڳو آزادي مارچ ئي ٿيندو  پر جيڪر واقعي ڌرڻو لڳي ٿو ته اهو سيلاب هاڻوڪي وقت جي حڪمرانن کي لوڙهيندو يا وري اسلام اباد پهچڻ کان اڳ ئي خود ڌرڻي ڌڻين مٿان اٿلي پوندو،ان جي اڳڪٿي رڳو شيخ رشيد جهڙا سياسي پنڊت ئي ڪري سگھن ٿا،ٻي عام خلق کي ان تي چپ چورڻ جي اجازت ڏيئي نٿي سگھجي!
(روزاني هلال پاڪستان 22 آڪٽوبر 2019ع)

Thursday, August 29, 2019

طنز و مزاح؛ فيسبڪي دانشورن لاء صلاحون!






شفيق الرحمان شاڪر
اسان جي قوم قومي ريس جو شڪار آهي ان ڪري جڏهن ڪو شخص ڪرياني جو دوڪان کولي ٿو ته ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ان جي آس پاس ڪرياني جا ڪيترائي دوڪان کلي وڃن ٿا.ڪو بس ۾ معجون يا چورن وڪڻندو آهي ته پوري قوم هٿ ۾ ٿيلهو کڻي اهو ڌنڌو شروع ڪري ڏئي ٿي.هڪڙو ڪو ڊاڪٽر بڻجي ٿو ته پويان لائين لڳي وڃي ٿي.ڪو ون وهيلنگ ڪري ٿو ته باقي قوم وري اڌ وهيلنگ ڪرڻ لاء تيار ٿيو وڃي.اڄ ڪلهه قوم کي جنهن شيء جو دورو پيل آهي سو آهي فيس بڪي دانشوريء جو.فيس بڪي دانشور بنجڻ م سڀ کان وڏي آساني اها آهي جو اوهان وٽ رڳو انٽرنيٽ جو هئڻ ضروري آهي باقي عقل،سوچ،تعليم وغيره جي ڪا خاص ضرورت نٿي پوي.هڪ سٺو فيسبڪي دانشور ٿيڻ لاء ڪجهه اهم ۽ بنيادي تجويزن تي عمل ضروري آهي.سڀ کان اڳ پنهنجو اصلي نالو وساري ڪو نئون فيسبڪي نالو تجويز ڪريو.نالو جيترو عجيب هوندو ان جو اوترو ئي سٺو اثر ٿيندو.جيڪر نالو يا اڪائونٽ زنانو ٺاهجي ته شهرت ۾ ترت چار چنڊ لڳي سگھن ٿا.هاڻي پوسٽنگ جو مرحلو اچي ٿو.هتي اوهان وٽ چوائس آپشن آهن ته اوهان ڪهڙي قسم جا دانشور بنجڻ گھرو ٿا.قوم جا غمخوار،محبت جا خدائي خوار،مذهبي نمڪ خوار،سائنسي شيرخوار،اخلاقي پنشن خوار يا وري سازشي پڪوڙي خوار.قوم جا غمخوار اهي آهن جن کي رات ڏينهن،اٿندي ويهندي قوم جو درد کائيندو رهي ٿو.جيڪر ڪو برو ڪم ڪري ته انهن کي تڪليف ٿيندي آهي ۽ جيڪر ڪو سٺو ڪم ڪري تڏهن به کين تڪليف ٿيندي آهي جو اهي چڱائيء مان به برائي ڪڍڻ جا ماهر هوندا آهن.محبت جا خدائي خوار اهي آهن جن جو سڄو سال ئي ڊسمبر بڻيل هوندو آهي ۽ عشق محبت ۾ تڙپي تڙپي آسپاس وارن جو ساهه منجھائڻ ۾ مهارت رکندا آهن.انهن کي ڪيترائي ابتا سبتا شعر ياد هوندا آهن ۽ ان سوز ۾ ٻڌائيندا آهن جو عام حالتن ۾ اوهين پڙهو يا ٻڌو ته شعر تي شير کي ترجيح ڏيڻ لڳو.مذهبي نمڪ خوار اهي ماڻهو آهن جيڪي رات ڏينهن مذهبي بحث ڇيڙيندا رهندا آهن ۽ هر ڳالهه ۾ مذهب جي چتي هڻڻ ۾ دير نٿا ڪن. سائنسي شير خوار اهي آهن جيڪي ٻه ٽي ڪتاب پڙهي هر معاملي کي سائنسي نگاهه سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ نتيجي ۾ عام شيون ڏسڻ کان به محروم ٿي وڃن ٿا.ڀلي اهي ميٽرڪ م فزڪس ۽ ڪيمسٽريء ۾ بار بار فيل ٿيا هجن پر هر وقت پنهنجا سائنسي خيال ٻين جي دماغ ۾ اوتڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن.انهن ماڻهن سان هڪڙو مسئلو اهو به هوندو آهي ته اهي هر وقت مذهب کان بيزار رهندا آهن.پاڪستان ۾ ڪهڙو به مسئلو ٿي پوي ته ان کي وڃي مذهب سان ڳنڍيندا آهن.اخلاقي پنشن خوار اهي هوندا آهن جن ماڻهن جا اخلاق سڌارڻ جو پنهنجي طور تي ٺيڪو کڻي ڇڏيو هوندو آهي.هونئن ته قوم جي غمخوار جي ويجھو ٽولو آهي پر هنن جو سڄو زور اخلاقيات تي هوندو آهي توڙي جو اهي سندن عام زندگيء ۾ ماڻهن سان کلي ڳالهائڻ جي صلاحيت کان به محروم هجن پر فيسبڪ تي اخلاقيات بابت پوسٽون ڏيندي نٿا ٿڪن.آخري قسم سازشي پڪوڙا خوارن جوآهي ۽ الله جو شڪر آهي جو پاڪستان ۾ انهن جو تعداد ايترو ناهي ۽ جيترا آهن اهي گھڻا انگريزي ميڊيم آهن پر جيترا به آهن اهي گھڻو ڪجهه آهن.ڪجهه به ٿئي ته هو ان مان ڪونه ڪو سازشي نڪتو ڳولهي وٺندا آهن.اڄ ڪلهه سياسي ماحول ۾ انهن جي گھڻي گھرج آهي جو هڪ سڌي سنئين ڳالهه کي به گھمائي ڦيرائي ماڻهن کي به گھمائي ڇڏيندا آهن.هاڻي اهو فيصلو اوهان کي ڪرڻو آهي ته اوهين ڪهڙي قسم جا دانشور بنجڻ گھرو ٿا.اڄڪلهه سڀ کان وڏو اسڪوپ قوم جي غمخوارن جو آهي جن ۾ ڪي انصافي ته ڪي وري نوني آهن.فيس بڪي دانشور بنجڻ جو آسان طريقو اهو آهي ته سڀ کان پهرين تحريڪ انصاف جي حمايت ڪريو ۽ جڏهن پنج هزار کن فالوئر ملي وڃن ته نوني بڻجي وڃو.انهيء سان اهي پنج سو يا هزار ٻيا وٺي ايندا جيڪي اوهان تي لعنت ملامت ڪندا اهڙيء طرح اوهان ڏينهن ٻيڻي ۽ رات چوڻي ترقي ڪندا.ٻيو طريقو اهو آهي ته اوهين فقط تحريڪ جا ئي حامي رهو پر ان لاء اوهان کي نون جي مخالفت ۾ ڪا نواڻ آڻڻي پوندي نه ته ته اهي انقلابي وري ڪنهن ٻئي دانشور پويان هلڻ لڳندا.محبت جا خدائي خوار بنجڻ لاء اوهان کي جليل سڙيل شعر،ڇوڪرين جون تصويرون،ڪجهه ابتن سبتن ناولن جا ااقتباس گھرجن جيڪي اوهين اهڙي رفتار سان پوسٽ ڪيو جنهن رفتار سان ساوڻ م گيسٽرو پکڙجندي آهي.مذهبي معاملن لاء ٻه رستا آهن يا ته مڪمل ماڊرن بنجي وڃو يا وري بلڪل پراڻن خيالن وارا.جيڪو به گروپ ۾ داخل ٿئي ان لاء لازم هجي ته هو هر وقت ٻئي ٽولي کي ڇيڙيندو رهي.سائنسي شيرخوار بنجڻ لاء سائنسي نظريا ۽ ٿيوريون فيس بڪ تي ڏسو ۽ جيڪا به خراب ڳالهه هجي ان جو ناتو سائنسي تعليم ۽ نظرين جي کوٽ سان جوڙي ڇڏيو.ريل حادثو ٿئي ته سائنسي اوزارن جو نه هئڻ، باهه لڳي ته سائنسي نظرين جو نه هئڻ،ڪو مري وڃي ته سائنس کي پنهنجي مٿان لاڳو نه ڪرڻ،مطلب ته سائنس جو نه هئڻ ئي اسم اعظم بڻجي وڃي.اخلاقي پنشن خوار بنجڻ ته نهايت ئي آسان آهي.پنهنجي محلي يا پاڙي جي ڪنهن پوڙهي يا پوڙهيء کي ڏسي وٺو ته اهي ڪهڙيء طرح نوجوانن جي هر ڳالهه ۾ آسانيء سان اخلاقيات جي گھٽتائيء جو الزام ڏين ٿا.سازشي پڪوڙي خوار بنجڻ لاء ٿوري محنت ڪرڻي پوي ٿي ان ڪري مشورو اهو آهي ته اهو ڪم جيڪي ڪري رهيا آهن انهن کي ئي ڪرڻ ڏيو جيڪر وڌيڪ شوق آهي ته انهن جي ڪم تي هٿ جي صفائي ڏيکاريو ۽ سندن ڪاپي ڪري پيسٽ ڪرڻ شروع ڪري ڏيو.ڪجهه ٻيا اهم مشورا اهي آهن ته ڪڏهن به مناسب ۽ متناسب ڳالهه نه ڪيو بلڪه هر معاملي ۾ انتهائي حدن تي هليا وڃو.ڪڏهن به پاڻ هار نه مڃيو ۽ جيڪر جواب نه ملي ته ترت ذاتيات تي لهي اچو.اها ڳالهه چڱيء طرح سمجھي ڇڏيو ته اوهين ئي عقل ڪل آهيو ۽ ٻيا سڀ ماڻهو پاڳل آهن ۽ اوهان خدائي فوجدار آهيو جن جو ڪم ڏنڊي سان ماڻهن کي سڌو ڪرڻو آهي.ڪڏهن به نه مڃيو ته اوهين ڪنهن خاص گروهه سان تعلق رکو ٿا بلڪه ٻئي گروهه کي گاريون ڏيندي چوندا رهو ته اوهين غير جانبدار آهيو.اهڙيء طرح اوهان جا فالوئرز چوندا ته ڏسو هي غير جانبدار ماڻهو به اسان جو پاسو کڻي رهيو آهي،اهڙيء طرح اوهان جا فالوئر وڌندا.گاريون گند،بد زباني ۽ فحش ڪلامي هن راند جو حصو آهن  ان ڪري ان جي استعمال کان هٻڪ نه ڪيو.اسٽيٽس جيترا وڌيڪ ۽ جيترا ڪٽر ٻين لفظن ۾ گٽر هوندا ڪاميابيء جا امڪان ايترائي روشن هوندا.

(روزاني هلال پاڪستان 26 آگسٽ 2019ع)

Thursday, July 4, 2019

ايف ايم ريڊيو جي دنيا...!



شفيق الرحمان شاڪر
ايف ايم ريڊيو چينل اچڻ سان هڪڙو فائدو ضرور ٿيو آهي جو ڇوڪريون ويچاريون جيڪي گھرن ۾ ويٺيون رهنديون هيون ۽ ماء پيء جي ڊپ وچان ڪنهن غير مرد سان ڳالهه ٻولهه ئي نه ڪنديون هيون هاڻي رات سڪون سان ڪنهن ”ادي جنيد“ سان آن ايئر ڳالهيون به ڪن ٿيون،سندس آواز جي تعريف به ڪن ٿيون ۽ پنهنجي پسند جو گانو به ٻڌي وٺن ٿيون.”ادو جنيد“ به پنهنجي آواز کي وڌيڪ پرخمار بڻائي پندرهن سو روپين ۾ رات جو ٻن ڪلاڪن تائين آهون ڀريندو رهندو آهي ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش  ۾ پوريء طرح ڪامياب ويندو آهي ته هو ڪنهن ”رومانٽڪ “ شخصيت جو مالڪ آهي ۽ ساغر صديقيء کان ناصر ڪاظميء تائين هن جا نهايت ئي ويجھا لاڳاپا رهيا آهن.رات جي ميزبانن کي وحيد مراد ۽ ڏينهن جي ميزبانن کي شوخ ۽ لاپرواهه شاه رخ بنجڻ جو جنون هوندو آهي. ڏينهن جو اهي مائيڪ وات جي اندر وجھي اهڙي ته خوش خوش ۽ تيز گفتگو ڪندا آهن جو ڪو ماء جو لال اندازو نه ڪري سگھندو ته ويهه منٽ پهرين اهو ڍالي ۾ لٽڪي اسٽوڊيو پهتو آهي.ڪيترين ئي ميزبان ڇوڪرين جي ته ڳالهه ڳالهه تي ايتري کل نڪري ويندي آهي جو ريڊيو ٻڌندڙ ڏند پيهي سندس زال کي پٽڻ لڳندو آهي.انهن مان گھڻيون اهي هونديون آهن جن جون شڪليون سندن آواز جي بلڪل ابتڙ هونديون آهن.گھر ۾ مڙس انهن سان ڊڄندي ۽ هٻڪندي ٿوري به پيار جي ڪا ڳالهه ڪري ته مٺيون ڀڪوڙي سندس پويان پئجيو وڃن پر آن ايئر اهڙي ته محبت سان فون ڪالس جو جواب ڏينديون آهن جو ”چوهڙ جي زبير“ جي هڪ دفعو به ڪال ملي وڃي ته سڄو ڏينهن پنهنجي پان جي مانڊڻيء تي ويٺو حسين خيالن ۾ گم رهندو آهي.ايف ايم ريڊيو سبب حڪيمن جي به چاندي ٿي ويئي آهي.حڪيمن پورا پورا پروگرام نشر ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن ۽ انهن ”حڪيمي پروگرامن“ ۾ اڪثر حڪيم صاحب ۽ ”صائما جي“ پري پري جي ”مايوس“ مريضن کي نه رڳو دوائون پارسل ڪندا آهن پر انشاءالله انشاءالله چوندي بواسير کان هارٽ اٽيڪ تائين جو آن ايئر علاج به تجويز ڪري وٺندا آهن.صائما جي پاڻ به حڪيم صاحب کان گھڻو متاثر نظر ايندي آهي.وقت بوقت سندس بيمارين جو علاج به پڇندي رهندي آهي ۽ جذبات کان متاثر ٿي بار بار اعتراف به ڪندي آهي ته حڪيم صاحب تو منهنجو مسئلو ئي حل ڪري ڇڏيو.
ايف ايم ريڊيو سبب هاڻي گاڏين ۾ ٽيپ جي بدران ريڊيو گھڻو ٻڌو وڃي ٿو،گانا به سٺا لڳندا آهن پر حرام آهي جو ڪوبه گانو پورو ٻڌايو وڃي.اڌ کان مٿي گاني ۾ ميزبان سندس انٽري وجھي گاني جي ستيا ناس ڪري ڇڏيندا آهن.ڪيترا ئي شوقين قسم جا ميزبان ته گاني سان گڏ پنهنجي گلوڪاريء جو مظاهرو به ڪرڻ لڳندا آهن نتيجي ۾ سونون نگم به برو لڳڻ لڳي ٿو.ايف ايم ميوزڪ جو اهڙو نئون ٽرينڊ متعارف ڪرايوآهي جو هاڻي ڳالهه ٻولهه دوران به هر خالي جڳهه تي ميوزڪ وڄڻ شروع ٿي وڃي ٿي.ان جو هڪڙو فائدو ضرور ٿيو آهي جو ميزبان جيڪر ڇهه سٽون به ياد ڪيو ويٺو هجي ته ڳالهه ٻولهه ۾ اڌ ڪلاڪ ته سولائيء سان گذريو وڃي.ڪنهن ڳالهه ۾ ميوزڪ وجھي ايترو ته پکيڙيو وڃي ٿو جو پوري ڳالهه ٻڌڻ لاء ڪن سڪيو وڃن.مثال اوهان جيڪر ڏينهن جو ريڊيو آن ڪيو آهي ته  گفتگو ڪجهه هن قسم جي هوندي؛ ”جي لسنرز آئون آهيان اوهان جو ڀاء،اوهان جو ڀائيٽو،اوهان جو ڀاڻيجو،اوهان جو چاچو،اوهان جو مامو،اوهان جو دوست،اوهان جو ساٿي،اوهان جو همراز..لسنرز اڄ نهايت ئي وڻندڙ ڏينهن آهي ۽ ان ڏينهن جي مناسبت سان مون اڄ هي ميوزڪ.. ايتري دير ۾ ته ماڻهو هوند آفيس يا گھر مان ٿي موٽي اچي.ايف ايم تي هر اهو ماڻهو ڪامياب ”ڊي جي“ بنجي سگھي ٿو جنهن ڏيڍ ٻه سال لاري اڏي تي ”دادو لاڙڪاڻو“ جا آواز لڳايا هجن يا بسن ۾ چورن وڪيو هجي.ساهه کڻڻ سواء ڳالهائڻ جو فن ايف ايم جي ميزبان کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن کي نٿو اچي.ايف ايم ۾ موجود ڊي جي گھڻي ڳالهائڻ جا ايترا ته عادي ٿي چڪا آهن جو جيڪر اهي ڪجهه منٽن لاء چپ ٿي وڃن ته مري وڃن.ڌڙا ڌڙ ايندڙ ايف ايم ريڊيو چينلن ”هي ريڊيو پاڪستان آهي“ جهڙي خوبصورت آواز کي به دٻائي ڇڏيو آهي.هاڻي عشق ڪرڻ جا طريقا،ڪاوڙيل ڇوڪريء کي پرچائڻ جا طريقا ۽ دل جو حال شعرن ۾ ٻڌائڻ جي ذميداري ايف ايم ريڊيو وارن سنڀالي ورتي آهي. گھريلو پابندين ۾ جڪڙيل ڇوڪرا ڇوڪريون دل کولي پنهنجي وڻندڙ شخصيت سان گفتگو ڪن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن لڳندو آهي ته ڪال ڪندڙ کي وسري ويو آهي ته اها ڪال آن ايئر به وڃي رهي آهي.انهن سمورين ڳالهين باوجود هڪ ڳالهه جو ڪريڊٽ ايف ايم ريڊيو چينلز کي ضرور ملڻ گھرجي جو انهن ريڊيو کي وري زندهه ڪري ورتو آهي نه ته ريڊيو پاڪستان جو ڪم رڳو ايترو رهجي ويو هو ته مارڪيٽن جا اگھه،حڪومتي موقف تي ٻڌل ٽاڪ شوز ۽ بور قسم جا گانا بار بار ٻڌايا وڃن.مون پنهنجي هڪ ڊي جي دوست کان پڇيو ته تون روزانو ساڍا ڇهه ڪلوميٽر ڳالهائين ٿو ته ٿڪين نٿو؟ اطمينان سان جواب ڏنائين جڏهن گھر ۾ ڪو ڳالهه ٻڌڻ وارو ئي نه هجي ته پنهنجو ٽيلنٽ آزمائڻ لاء ايف ايم جو ڊي جي بنجڻ کان وڌيڪ ٻيو زبردست ڪم ٻيو ڪهڙو ٿي سگھي ٿو؟ منهنجي خيال م صحيح ٿو چوي،روزانو پندرهن ويهن خوبصورت آوازن سان گپ لڳائڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي.دنيا ترقي ڪري آهي،هاڻي گھر ويٺي ئي دنيا جي ميلي ۾ شامل ٿي سگھجي ٿو ۽ ”ادي جنيد“ سان نه رڳو پاڻ ڳالهه ٻولهه ڪري سگھجي ٿي پر ”باجي“ جي ڳالهه به ڪرائي سگھجي ٿي.رات جوڪنهن به لمحي ٿورو ايف ايم چينل ٽيون ڪيو ۽ ڪالرز جي گفتگو ٻڌو،اوهان کي لڳندو ته ڄڻ ڊي جي ۽ خاتون ڪالر باغ جناح ۾ فروٽ چاٽ کائيندي دل جون ڳالهيون ڪري رهيا هجن.رات هڪ خاتون ڪنهن ميزبان کي چئي رهي هئي”پيارا ڀاء!..هاڻي ته اوهان جو آواز نه ٻڌان ته مون کي ننڊ ئي نٿي اچي!“
(روزاني هلال پاڪستا

Tuesday, June 11, 2019

نئون فيشن،نوان رنگ!



شفيق الرحمان شاڪر

والين پائڻ تائين ته ٺيڪ هو پر مرداڻن ماڊلنگ جون ڪجهه تصويرون ڏسي دل ٽپا کائي نڙيء ۾ اچي ويئي آهي.چڱن خاصن نوجوانن ميڪسيون پائي رکيون آهن جڏهن ته هڪڙي جوان مرد ته باقائدي پنهنجي مٿي تي پوتي به پهري رکي آهي ۽ گھڻي اميد آهي ته ترت ئي ڪنهنجو گھر وسائي وٺندو.پهرين خيال آيو ته شايد نوجوانن ۾ ڪا ”سلڪي ٽچ“ آهي پوء جاچ جوچ ڪئي ويئي ته پتو پيو ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي،سڀ ”حدود آرڊيننس “ جا اهل آهن.هڪڙو مشهور پروڊيوسر آهي پر اهڙو فيشن ڪندو آهي جو ڪڏهن ڪڏهن فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي ته موصوف فيشن ڪيو آهي يا  ڪا غلطي.هڪ ڏينهن قبلا صاحب ٻه الڳ رنگن وارا جوتا پائي آيو.ساڄي پير ۾ ڳاڙهو ۽ کاٻي پير ۾ پيلو.منطق پڇيو ويو ته لاپرواهيء وچان فرمايائين؛ ماڻهوء کي ٻين کان الڳ نظر اچڻ کپي.مون هٿ ٻڌي عرض ڪيو؛ حضور! ماڻهو ماڻهو ئي نظر اچڻ گھرجي.اهو به فيشن آهي ته چمڪندڙ ڪوٽ هيٺان ڳاڙهي رنگ جي پينٽ پائڻ گھرجي ۽ وڌيڪ هيٺ بنان جورابن جي بوٽ پاتا وڃن جن جون ڪنهيون کليل هجن.ان قسم جا اڪثر ڇوڪرا وارن ۾ يا ته گھنڊ لڳائيندا آهن يا اهڙي ته چمڪدار ٺوڙهه ڪرائيندا آهن جو لڳندو آهي ته ليمينيشن ڪرايل هجي.ننڍپڻ ۾ هڪ چيوگم ملندو هو جنهن جي پيڪيٽ تي ڪنهن جانور جي تصوير هوندي هئي،ان جي استعمال جو طريقو نهايت ئي سادو هو،ٻانهن تي ٿوري ٿڪ لڳائي انهيء تي اهو تصوير وارو ڪاغذ چنبڙايو ويندو هو ۽ زور سان دٻائي کنيو ويندو هو ته تصوير ٻانهن تي ڇپجي ويندي هئي.اهو ان دور جو ”ٽيٽو“ هوندو هو جيڪو پهرئين غسل ۾ ئي صاف ٿي ويندو هو.عاشق مزاج ماڻهو ٻانهن تي محبوبا جي نالي جو پهريون اکر اڪرائيندا هئا،منهنجي سڃاڻپ واري بزرگ جي هٿ تي اڃا تائين ”ايس“ لکيل آهي.سندس چوڻ مطابق هن اهو سندس بيگم جي محبت ۾ لکرايو هو.مون پڇيو توهان جي بيگم جو نالو ته بلقيس خانم هو.اطمينان سان چيائين؛ ها آئون کيس پيار مان ايس بلقيس خانم چوندو هئس.هاڻي اهو رواج به هلي پيو آهي ته ڌڙا ڌڙ ٽيٽو اڪرايا وڃن ٿا ۽ اسٽائيل اهڙو جو گھاٽي ٺوڙهه جي پڇاڙيء ۾ ڀٽونء جي شڪل يا ٻانهن جي ڏوري تي ڏنگ هڻندڙ نانگ.نيٽو فورسز کان پوء اهو ٽيٽو فورسز گھڻو عام آهي.اسان جي هڪ اداڪارا جو ٽيٽو به گھڻو مشهور ٿيوهو.سندس تصوير ڏسي بي اختيار ٽين نظر ٽيٽو تي ئي پوندي هئي.اسان کي فيشن تي ڪو اعتراض ڪونهي پر ڦاٽل جينز، هڪ طرف نڪتل شرٽ ۽ ڇوڪرين جيان ڪيل چوٽيء کي فيشن چوڻ..نه نه،آئون نٿون مڃان، آئون نٿو ڄاڻان!
ڊريس ۾  پينٽ شرٽ پائڻ جو رواج ئي ختم ٿيندو ٿو وڃي.نئون نسل ان کي پراڻو فيشن سمجھي ٿو،غضب خدا جو،رائل بليو ڪلر جي شرٽ،لائيٽ گري ڪلر جي پينٽ ۽ هيٺان ڪاري مڪيشن جا بوٽ..ان کان اعليٰ ڊريسنگ ٻي ڪهڙي ٿي سگھي ٿي؟پر نه!ٻار نٿا مڃين.اوهان انهن کي ڪنهن به ريڊي ميڊ ڪپڙن جي دوڪان تي وٺي وڃو ته هر اها جوتي سندن فيوريٽ بڻبي جيڪا اسان جي زماني ۾ پائڻ کان وڌيڪ مارڻ جي ڪم ايندي هئي.پر خوشيء جي ڳالهه آهي جو شادي وهانء جي موقعي تي وليمو ۽ بارات،اهي ٻه فنڪشن اهڙا آهن جن ۾ نوجوان نسل به ڪوٽ پينٽ پائڻ پسند ڪري ٿو.اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪٿي نه ڪٿي ڪا چولي ضرور لٽڪندي رهندي آهي.مثال ڪالهه پاڙي جي هڪ شاديء ۾ وڃڻ ٿيو،هڪ فيشن ايبل نوجوان ڪوٽ پينٽ پهري رکيو هو پر شرٽ جو مٿيون بٽڻ کولي ٽائي کي ناٽ ان طرح لڳائي هئي ڄڻ ته اجھو اجھو ٿڪي ٽٽي دفتر کان گھر پهتو هجي.نئون نسل ته سلوار قميص پائي ئي ڪونه ۽ جيڪر پائي وٺي ته اتي به کچ مارڻ کان باز نٿو اچي.اوهان ئي ٻڌايو،هاف ٻانهن واري قميص سان گڏ کليل گھيرا ۽ گلن واري سلوار ڪيئن لڳندي آهي؟ فيشن جو اهو سلسلو رڳو ايستائين محدود ناهي،آئون ته صبح کان سڪتي جي عالم ۾ آهيان.گھٽيء ۾ هڪ نوجوان ڏٺم جنهن اڌ مڇ رکي ڇڏي هئي.جنهن تيزيء سان اڄ جي نوجوانن ۾ نرالو نظر اچڻ جو لاڙو وڌي رهيو آهي اهو ڏينهن پري ناهي جو ايندڙ ڪجهه سالن ۾ نوجوان اهڙيون شيون به پائڻ لڳندا جيڪي بهرحال انهن کي هرگز نه پهرڻ گھرجن.عين ممڪن آهي ته اهي ننهن وڌائي ڇڏين،نيل پالش لڳائڻ شروع ڪن،هلو ايستائين به خير آهي پر ڊڄو ان وقت کان جڏهن وڏي کڙيء واري جوتي پائي پرس لوڏڻ شروع ڪري ڏين.فيشن جي ان ڊوڙ ۾ ڪم جي شيء خريد ڪرڻي هجي ته ڇهه دوڪان گھمڻا پون ٿا. آئون گرمين جي موسم ۾ عام طور تي ٽرائوزر ۽ ٽي شرٽ پائيندو آهيان،پوين ڏينهن ۾ ڪجهه نوان ٽرائوزر خريد ڪرڻ ويس ته خبر پيئي ته اڄ ڪلهه نئين فيشن جا ٽائيٽ پانچن وارا ٽرائوزر هلي رهيا آهن.لاحول ولا قوت!يعني ٽائيٽ ترين پانچا پائيو ۽ 42 ڊگري سينٽي  گريڊ گرميء ۾ ڀت سان ٽڪرون هڻندا ڦرو.اهو فيشن فوري طور تي ختم هئڻ گھرجي ڇو ته انهيء سان روڊ وڌيڪ سوڙها ٿيڻ جو خطرو آهي جو ماڻهو “آسان باش“ پوزيشن م هلڻ شروع ڪري ڏيندا.انهن سمورن خطرن باوجود دل کي ڪجهه تسلي ضرور آهي ته مون تمام ٿورا اهڙا نوجوان ڏٺا آهن جيڪي شاديء کان پوء پنهنجو فيشن برقرار رکي سگھن.ڄڻ ته شادي ان اهم ترين مسئلي جو حل آهي.تنهن هوندي به ڏک  جي ڳالهه اها جو اسان جي ملڪ ۾ ايتريون شاديون نٿيون ٿين جيتريون ولادتون ٿين ٿيون.ان ڪري الائينمينٽ آئوٽ هوندي آهي.سڌرن گھٽ پيا ۽ بگڙن گھڻا پيا.ڪو وقت هو جو جڏهن پنڪ ڪلر رڳو ڇوڪرين لاء مخصوص هوندو هو پر اڄ ڪلهه اهو مردن ۾ به عام آهي.هلو ان کي به معاف ڪيون ٿا ڇو ته خود مون وٽ به پنڪ ڪلر جون ٽي چار  قميصون آهن.گھڻو افسوس ان ڳالهه جو آهي جو ڀلا بيلٽ سواء به ڪو پينٽ پائيندو آهي؟ جي ها پائيندا آهن ۽ ”بيلو دي بيلٽ“ پائيندا آهن جنهن کي ڏسي ڪري اڪثر اهو لڳندو آهي ته ايندڙ چوڪ تائين گانو هلي ويندو..”تون هل آئون آيس.“
هاڻي مارڪيٽ ۾ ڪاشيڪاريء کان عاري ۽ پلينٽي شرٽ ڳولهڻ ۾ وقت لڳي ٿو،ڊزائين سواء سمپل ڪوٽ به نٿو ملي،مٿان وري ڪرتي ۽ سلوار جو به نئون رواج اچي ويو آهي،ڪرتو اهو ئي پراڻو آهي پر سلوار الاسٽڪ واري پاجامي ۾ بدلجي ويئي آهي.اسان جو هڪ دوست ان فيشن مان ڏاڍو خوش هو ته زندگي آسان ٿي ويئي آهي پر ٽيون ڏينهن جيڪي ڪجهه ساڻس ٿيو تنهن بعد هن پاجامو پائڻ کان ئي توبهه ڪري ڇڏي.موصوف صبح تڪڙ ۾ تيار ٿي دفتر آيو ته ڪرتو ۽ پاجامو پهريل هئس،ٿوري دير بعد گھران بيگم جو فون آيس،ڪجهه دير ته وڏي اطمينان سان ڳالهه ٻڌندو رهيو پر اوچتو ٻئي طرف کان خبر ناهي ڇا ٻڌائين جو سندس رنگ کي ڦڪو ٿي ويو.هڪ نظر پاجامي تي وڌائين،تيزيء سان ٿيلهو پڪڙيائين ۽ ڊوڙندو دفتر مان ٻاهر نڪري ويو!
(اردو ادب مان ورتل)

Monday, June 3, 2019

لوٽن ۽ لفافن کان چمچن تائين!



شفيق الرحمان شاڪر
جيڪر ويجھو وڃي لوٽن جي ڪنهن ڍير تي نظر وجھبي ته اهي رڳو پلاسٽڪ جا لوٽا آهن جن کي هيٺ مٿي سجائي هڪ منظم شڪل ڏني ويئي آهي پر ڪجهه فاصلي تي وڃي ڏسبو ته اهي سمورا لوٽا ملي ڪري هڪ وڏي اڪيلي لوٽي جي شڪل اختيار ڪن ٿا ۽ انهن جي جز ۽ ڪل جو فرق مٽجي وڃي ٿو ڇوته هر ايڪائيء جو انفرادي لوٽاپڻ ختم ٿي ڪائناتي لوٽي ۾ ضم ٿي وڃي ٿو ۽ اهو همه گير شاهي لوٽو اسان جي نظرن سامهون موجود اڪيلي حقيقت بڻجي ڪري رهجي وڃي ٿو.ڪجهه اڃا به پري وڃي لوٽن جي ان ڍير تي نظر وجھو ته اهو هڪ شاهي گادي يا اقتدار جي ڪرسيء جو منظر پيش ڪري ٿو۽ جڏهن اسان دل جي نگاهه سان روزمرهه جي ان ٿانو کي ڏسون ٿا ته ٽونٽيء کان وٺي تري تائين اسان کي اهو هڪ بليغ سياسي،سماجي ۽ اخلاقي اشارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سياست ۽ صحافت ۾ لوٽي جو عمل دخل ڪا اڄ جي ڳالهه ناهي.ستر اسي سال اڳ مولانا ظفرعلي خان هي لفظ ڊاڪٽر عالم نالي هڪ اهڙي ماڻهوء لاء ڳالهايو هو جيڪو هر ٽئين ڏينهن پارٽي بدلائي ڇڏيندو هو. پهرين هو اتحاد المسمين ۾ هو،پوء مسلم ليگ ۾ هليو ويو ۽ هوا جو رخ بدلجندي ئي ڪانگريس ۾ شامل ٿي ويو.جڏهن ملڪ تقسيم ٿي ويو ته پاڪستان پهچي هڪ دفعو وري مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪيائين پر مولانا ظفر علي خان پاران مليل لقب هن کي اهڙو ته چنبڙي پيو جو ماڻهو کيس ڊاڪٽر عالم لوٽو چئي سڏڻ لڳا ۽ اها ڇيڙ ڇاڙ ايتري ته وڌي جوڊاڪٽر عالم لوٽو لاهور کان فرار ٿي واپس ڀارت هليو ويو.اسان جي ملڪ ۾ ايندڙ غير ملڪي سياح شايد لوٽي جي شاندار مقامي تاريخ کان واقف نه هوندا آهن ۽ اهي ان کي رڳو عام استعمال جو هڪ ٿانو سمجھندا آهن.اسلام آباد آرٽ گيلريء ۾لوٽن جي ڍير کي حيرت وچان تڪيندڙ هڪ غير ملڪي سياح خاتون کي جڏهن  ٻڌايو ويو ته لوٽو رڳو هڪ برتن ڪونهي بلڪه هڪ بليغ سياسي،سماجي ۽ اخلاقي استعارو آهي ته هوء چوڻ لڳي ته ان معنيٰ ۾ لوٽو انگريزي جي لفظ ” برائون نوز“ يعني ڀوري نڪ جو متبادل آهي.سندس چوڻ هو ته چاپلوسي ۽ چمچاگيري ڪرڻ وارا ماڻهو جڏهن پنهنجي ڪارڪردگيء جي معراج تي پهچندا آهن ته نياز نوڙت ۽ خاڪساريء ۾ سندن نڪ وڏي صاحب جي پيرن کي ڇهندي جسم جي ناقابل بيان حصن تائين پهچي ويندو آهي جتي لاڳيتو رڳڙڻ سان سندن نڪ ڀورو ٿي ويندو آهي.خاتون جو ضد هو ته لوٽي ۽ ڀوري نڪ ۾ سڌو تعلق آهي ڇوته لوٽي جي ٽونٽي به استعمال وقت انهن ئي جسماني عضون جي آسپاس گھمندي آهي جتي چاپلوس جو نڪ ڌڪا کائيندو آهي.ان امريڪي عورت جي تحقيق پنهنجي جڳهه پر اسان جي سادي کوجنا جو محدود دائرو رڳو ايترو اشارو ڪري سگھي ٿو ته اسان وٽ ”بي تري لوٽي“ جومحاورو مشهور آهي يعني اهڙو لوٽو جيڪو ڪنهن هڪ جڳهه تي نه ٽڪندو هجي.ڪڏهن ساڄي ته ڪڏهن کاٻي پاسي لڙهڪي ويندو هجي.بي اصول ماڻهوء کي ان قسم جو لوٽو چيو ويندو آهي ۽ مولانا ظفرعلي خان به ان پس منظر کي سامهون رکي پنهنجي شڪار کي لوٽو قرار ڏنو هو.
اسان وٽ سن اسي ۽ نوي جي سياست ۾ لوٽي جو لفظ داخل ٿيو هو پر لوٽي تي وڌيڪ ڪجهه چوڻ کان پهرين ” چمچي“ کي ڪجهه خراج تحسين پيش ڪرڻ ضروري آهي.”چمچو“ به هڪ جامع ۽ مختصر لفظ ۾ بدلجڻ کان پهرين هر ديڳ جو چمچو هوندو هو پر هاڻي فقط ”چمچو“ چوڻ سان ئي هڪ خوشامدي،چاپلوس ۽ ٻچاپڙي شخص جو تصور ذهن ۾ اچي وڃي ٿو.هونئن ته ٿانون جي دنيا ۾ چمچي جو درجو نهايت هيٺ اچي ٿو پر منصبي فرضن جي لحاظ کان ڏسو ته ان ننڍڙي جان نهايت ئي وڏي ذميداري سنڀالي رکي آهي.کاڌي کي ديڳ مان ڪڍي پليٽ تائين پهچائڻو هجي ته اهو ڪم چمچي کان سواء ڪير ڪري سگھي ٿو؟چمچي جي ان جانثاريء تان صدقي وڃجي جو سندس سامهون رڳو اهو ئي فرض رهي ٿو ته کاڌي جي ڍير يعني ديڳ،ڍونگي يا ڊش وغيره مان مال کڻ ۽ پنهنجي مالڪ جي وات ۾ پهچاء.ظاهر آهي ته ديڳ مان مال ڪڍڻ لاء وڏا چمچا استعمال ٿين ٿا،ڍونگي مان پليٽ تائين جو سفر ڪجهه ننڍي چمچي سان طيء ٿئي ٿو جڏهن ته پليٽ کان وات تائين پهچڻ لاء پلاء کي نهايت ئي ننڍڙي چمچي جو سهارو وٺڻو پوي ٿو.زردي۽ رس ملائيء لاء چمچو اڃا به ننڍو ٿي وڃي ٿو پر سائيز ڪهڙي به هجي چمچي جي ڊيوٽي اها ئي رهي ٿي.تنهن هوندي به منصبي فرضن جي ان بنيادي اهميت جي باوجود تمام ٿورا مالڪ آهن جيڪي پنهنجن چمچن جو قدر ڪندا هجن.ڏسڻ ۾ آيو آهي ته چمچي جي قدر ۽ قيمت مالڪ جي پيٽوپڻ تي دارومدار رکي ٿي يعني مالڪ جيترو پيٽو هوندو چمچي جي اهميت ايتري قدر وڌي ويندي.پر ان سموري اهميت باوجود چمچو جديد دور جي پنهنجي هم منصب لوٽي جي مقابلي ۾ ڪا حيثيت نٿو رکي. ڪم ۽ زبان جي مزي جي لحاظ کان به چمچي جي پهچ رڳو زبان تائين آهي جڏهن ته لوٽي جي ٽونٽي ان هنڌ تائين ڪم ڪري وڃي ٿي جتي وڏن وڏن جو پتو پاڻي ٿي ويندو آهي.چمچو کاڌي جي رڳو شروعات آهي جڏهن ته لوٽو ان جي انتها آهي ۽ هاضمي جي عمل کان پوء کاڌو جيڪا به شڪل اختيار ڪري ٿو انهيء سان مقابلو صرف لوٽو ئي ڪري سگھي ٿو.ڄڻ ته چمچي ۽ لوٽي جي مقام ۽ منصب ۾ اهو ئي فرق آهي جيڪو ڪنهن تحريڪ جي بنياد وجھندڙ ۽ ختم ڪندڙ جي وچ ۾ هوندو آهي.لوٽو جڏهن به گھري پنهنجي مالڪ جي چمچاگيري به ڪري سگھي ٿو پر ڪنهن چمچي لاء ترت لوٽي ۾ بدلجي وڃڻ ممڪن نه هوندو آهي.لوٽو جيڪر وقتي طور تي چمچي جو ڪردار اختيار به ڪري ٿو ته به لوٽا گيريء جي خطرناڪ هٿيارن کي ڦٽو نٿو ڪري بلڪ وقتي طور تي انهن جي استعمال کان ڪنهن مصلحت هيٺ گريز ڪري ٿو.اڄ جو لوٽو مولانا ظفرعلي خان جي اسي سالا پراڻي لوٽي کان گھڻو خطرناڪ آهي.
”لفافي“ جو وجود ته قديم وقت کان آهي پر اسان وٽ ان ڪجهه سال پهرين نواز شريف دور حڪومت ۾ مشهوري ماڻي هئي جڏهن ڪنهن به ناجائز ڪم لاء پئسا وصول ڪرڻ واري کي اهو لقب ملڻ لڳو هو.جيئن ته پئسو عام طور تي خاڪي رنگ واري لفافي ۾ پيش ڪيو ويندو آهي ان ڪري وصول ڪندڙ پاڻ به ”لفافو“ سڏائڻ لڳو.پر لفافي جي ان سادي تشريح سان گڏ ان جي ڪجهه گهري پهلوء جي طرف به اشارو ڪرڻ ضروري آهي.لفافو هڪ ڍلي ڍالي،خالي خولي ۽ بنان ريڙهه جي هڏيء جي مخلوق آهي جنهن ۾ نئين نڪور ڪرنسي نوٽن جي ٿڦي وڌي وڃي ته ان ۾ آڪڙ پيدا ٿي پوي ٿي ۽ جيستائين لفافي ۾ نوٽ رهندا آهن ان جي آڪڙ به قائم رهندي آهي.نوٽ نڪري وڃڻ بعد  لفافو واپس هڪ ڍلي ڍالي،خالي خولي ۽ رکي ڦڪي مخلوق بڻجي ويندو آهي ۽ نوٽن جي نئين کيپ لاء ڦڙڦڙائيندو رهندو آهي.
دنيا چاهي ڪٿان کان ڪٿي پهچي وڃي پر اسان جو نظام لوٽن،چمچن ۽ لفافن سان هميشه سينگاريل رهي ٿو.بورچيخانن ۽ غسل خانن کان ويندي اقتداري ايوانن تائين انهن جي پهچ هميشه بحال ۽ برقرار رهي ٿي.

(روزاني هلال پاڪستان 1 جون 2019ع)

Friday, May 17, 2019

سياستدان،ٽشو پيپر ۽ بيماري!



شفيق الرحمان شاڪر
ٽشو پيپر ٻن قسمن جا ٿين ٿا.هڪڙا ته هوندا آهن نج ٽشو پيپر جيڪي هڪ ئي قسم جا ٿين ٿا ۽ ٻيا اهي ٽشو پيپر جيڪي هر طرح جا ٿين ٿا رڳو ٽشو پيپر وانگر نٿا ٿين. ايئن سمجھو ته هوندا ته اهي ڪجهه ٻيو آهن پر انهن کي ٽشو پيپر سمجھيو ۽ بنايو ويندو آهي.اڃا به ڳالهه آسان ڪجي ته اسان ”ٽشو پيپر جگ“ ۾ جي رهيا آهيون.ان دور ۾ ماڻهن کان قومون ۽ سياسي جماعتن کان ٽيڪنالاجيء جي نواڻ تائين سڀ ٽشو پيپر آهن،استعمال ڪيو ۽ اڇلي ڇڏيو.ڪم ڪار سياست ۽ وهنوار رياست ته اڪثر هلن ئي ٽشو پيپر تي ٿا.سياسي ٽشو پيپرن جو مقدر بيلٽ پيپرن تي دارومدار رکي ٿو،جيڪر انهن جا ٺپن وارا بيلٽ پيپر تمام ٿورا هجن ته سندن بدبختي اچي وڃي ٿي.پوء انهن سان اليڪشن ۾ ايندڙ پگھر اگھي اگھي اڇلائي ڇڏيو ويندو آهي ۽ اهي ويچارا پڇندا ئي رهجي ويندا آهن ته “جيڪر پالي نٿا سگھو ته پوء پيدا ڇو ٿا ڪريو؟“
ٽشو پيپر جي باري ۾ خيالن جو اهو سلسلو هڪ خبر پڙهڻ بعد جڙيو.ان خبر مطابق هڪ امريڪي ڪمپنيء ماڻهن کي بيمار ڪرڻ وارا ٽشو پيپر تيار ڪيا آهن جن ۾ نڇن ۽ زوڪام وارا جراثيم شامل آهن.انهن جي هڪ پيڪيٽ جي قيمت اسي ڊالر يعني اٽڪل ٻارهن هزار پاڪستاني روپيا آهي.
لاس اينجلس ۾ موجود ڪمپني مطابق ٽشو پيپرن جو نالو ”وائيو“ رکيو ويو آهي.ڪمپنيء مطابق هن وقت تائين اها ٽشو پيپرن جا هڪ هزار پيڪيٽ وڪڻي چڪي آهي.انهن کي سنگھڻ وارا جلد يا دير سان ڇڪون ڏيڻ،کنگھڻ ۽ بخار ۾ مبتلا ٿيندي نظر ايندا.ڪمپنيء سندس ان ايجاد جو جواز اهو ڄاڻايو آهي ته ڪجهه ماڻهو نفسياتي طور تي بيمار ٿيڻ گھرن ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي ماڻهن کان الڳ رکڻ گھرن ٿا.ان ڪري اهو ٽشو پيپر ٺاهيو ويو آهي ته جيئن جڏهن ڪو بيمار ٿيڻ گھري ته اهي ٽشو پيپر خريد ڪري ۽ انهن سان نڪ صاف ڪندي وڏا وڏا ساهه کڻي ۽ پوء بيماريء جو آڌر ڀاء ڪرڻ لاء تيار ٿي وڃي.ڳالهه ته صحيح آهي،زندگي ايتري ته مصروف ٿي ويئي آهي جو ان مصروفيت کان رڳو بيماري ئي نجات ڏيئي سگھي ٿي.سوچجي ٿو ته بيمار بڻجي ليٽيو رهجي ”تصور جانان “ ڪري.پر مسئلو آهي جو جيڪر بيگم کي خبر پيئي ته حضرت ڪنهن تصور جانان لاء ليٽيل آهي ته ممڪن آهي ته بيماريء وارو ليٽڻ ڪٿي زخمن سبب ليٽڻ ۾ نه بدلجي وڃي.بيمار هئڻ جي خواهش پويان رڳو واندڪائيء جي سوچ ئي لڪيل نه هوندي آهي پر “ٻيا به غم آهن زماني ۾ واندڪائيء سواء“. ڪجهه شاگرد اسڪول مان ڇٽيء لاء بيماريء جا بهانا ڳولهيندا آهن.شادي شده ماڻهو سهاراڻن  ۾ ٿيندڙ ڪنهن شاديءجو ڪارڊ ملندي ئي دعا گھرڻ ويهي رهندا آهن ته ”الاهي!عين شاديء جي تاريخ تي کنگھه کي سيني ۾ بيدار ڪري ڇڏ ۽ پنهنجي بندي کي بيمار ڪري ڇڏ.“
بيماريء جي ضرورت سڀ کان گھڻي انهن سياستدانن کي پوي ٿي جن کي جيل وڃڻو پوي ٿو.گرفتاريء جو ڏينهن ايندي ئي سندن دل،جيري،چيلهه ۾ ڪو نه ڪو مرض جاڳي پوندو آهي.ڳالهه ايئن آهي جو سياستدانن جون بيماريون به انهن وانگر ملڪ ۽ قوم جون خيرخواهه ٿين ٿيون.جيستائين اهي اڳواڻ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۾ مصروف رهن ٿا تيستائين هر قسم جا مرض انهن کي پنهنجي پهچ کان پري رکن ٿا پر جيئن ئي بيماريء کي پتو پوي ٿو ته صاحب هاڻي واندو آهي ته اها کين چوندي آهي ته ”مهربان آهيان،گھرايو جنهن به وقت مون کي حاضر آهيان.“پوء ترت سڏ اچي وڃي ٿو ۽ بيماري پاڻ اچي سياستدان کي جيل مان اسپتال وٺي وڃي ٿي.
مسئلو اهو آهي جو انهن بيماريء وارن ٽشو پيپرن جو دائرو نزلي،زوڪام،کنگھه ۽ بخار تائين محدود آهي.دل،جگر ۽ چيلهه انهن جي جراثيم جي پهچ کان ٻاهر آهن ان ڪري اهي سياستدانن لاء سندن استعمال ٿيل ٽشو پيپرن جيان بيڪار آهن.جيستائين رڳو واندڪائي ۽ فرصت لاء بيمار ٿيڻ جو تعلق آهي ته اسان وٽ اها مشق فضول ڪم سواء ٻيو ڪجهه به ناهي.هتان اوهان ٽشو پيپر سنگھي بيمار ٿيندا ۽ فارغ ٿي بستري تي ڊگھا ٿيندا هتان فيسبڪ تي اسٽيٽس ڏيڻ جي بيماري اوهان ۾ ٺينگ ٽپا ڏيندي پهچي ويندي.بيماريء جي پوسٽ ڏيندي ئي خير جي دعائن جا ڪمينٽس اچڻ شروع ٿي ويندا ۽ اوهان جي واندڪائي انهن جو شڪريو ادا ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويندي.ڪجهه لمحن بعد اوهان کي واٽس ايپ تي ڪالون وصول ٿيڻ شروع ٿي وينديون.ڳالهه جي شروعات ”ڇا ٿيو؟“ سان ٿيندي پوء مفيد مشورا اچڻ لڳندا،دوائون تجويز ٿيڻ لڳنديون،ڊاڪٽرن،حڪيمن ۽ هوميو پيٿڪ جا ڏس پتا به ٻڌايا ويندا.انهيء سڀ مان جيڪر جان ڇٽي ته بيگم ”ڊاڪٽر ڏانهن هل.“ جي حڪم سان پهچي ويندي.اهڙيء طرح اوهان جو رهيل ڏينهن ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي ايندي ويندي، اتي انتظار گاهه ۾ بور ٿيندي ۽ ڊاڪٽر جي فيء کان دوائڻ ۾ پئسا ٻوڙڻ ۾ خرچ ٿي ويندو.اسان حيران آهيون ته امريڪي ٻارهن هزار پاڪستاني ماليت جي ٽشو پيپرن جو ڏٻو رڳو بيمار ٿيڻ لاء خريد ڪري رهيا آهن،بيماريء جي خريداريء تي ايترو خرچ! ايتري رقم ته اسان پنهنجي علاج تي به خرچ نه ڪندا آهيون.انهيء مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته امريڪين لاء بيمار ٿيڻ ڪهڙو نه مشڪل مسئلو آهي! انهيء حالت ۾ ڊونلڊ ٽرمپ صاحب جي ذهني بيمارهئڻ تي اهو ئي چئي سگھجي ٿو ته ”اها هن جي عطا آ جنهن کي پروردگار ڏي.“
امريڪين جي ڀيٽ ۾ اسان پاڪستاني ڪيترا خوش نصيب آهيون جو جڏهن بيمار ٿيڻ لاء دل گھريو ڪنهن گندي گھٽيء جي ڪنهن ڪنڊ ۾ وياسين ۽ اتي پيل ڪنهن ڪچري جي ڍير وٽ بيهي ڪجهه دير ڊگھو ساهه کنيوسين، منرل واٽر بدران سڌو نل جو پاڻي پيتوسين،شهر جي ڪنهن مصروف روڊ تي وڃي دونهون ڦڦڙن ۾ ڀري ورتوسين ۽ هڪڙو ٽڪو خرچ ڪرڻ سواء بيمار ٿي پياسين.مطلب ته اسان جي ملڪ م علاج لاء کڻي ڪيترو به پري وڃڻو پوي پر بيماري هر وقت اسان جي گھر جي چانئٺ تي حاضر رهي ٿي!
(روزاني امڪان 17 مئي 2019ع)



Sunday, March 24, 2019

سياست،سياستدان ۽ عوام.



شفيق الرحمان شاڪر
ڇا چئجي،ڪيئن چئجي ۽ ڪنهن سان ڪهڙي گلا ڪجي.سوچيو وڃي ته ڪنهن کي ڇو ڪجهه چئجي جو سڀ پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن ۽ سڀ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.پنهنجو پنهنجو حصو شامل ڪري رهيا آهن ته پوء انهن ”ويچارن“ کي ڇا چئجي؟سڀ پنهنجن ڏکن ۽ دردن کي پٺيء پويان اڇلي هڪ ئي ڌن ۾ لڳل نظر اچن ٿا. ڏينهن رات ملڪ ۽ قوم جي ”خدمت“ ڪري رهيا آهن.پاڪستاني عوام جي ”ڀلائي ۽ بهبودي“ جي ڪمن ۾ لڳل آهن.هر وقت ڪنهن جوٽيل ڍڳي وانگر .انهن کي ٻي ڪنهن شيء سان ڪا دلچسپي ناهي.بس هڪڙي ئي ڌن آهي سا آهي ”خدمت،خدمت ۽ خدمت.“جيئن اسان جي قائد قوم کي ترقي ڪرڻ لاء نصيحت ڪئي هئي ته ”ڪم،ڪم ۽ ڪم.“ سو هنن وري پنهنجو موٽو ”خدمت” کي بنايو آهي۔ هتي هي سوال سامهون اچي ٿو ته جيڪر ڪو فرد يا فردن جو ميڙ عوام جي خدمت تي مقرر هجي، ان راتين جي ننڊ ۽ ڏينهن جو سڪون عوام لاء برباد ڪري رکيو هجي ۽ لاڳيتو پاڻ کي ملڪ ۽ قوم جي خدمت لاء وقف ڪري ڇڏيو هجي ته اهڙي شخص يا ماڻهن کي ”خادم جمهوريت“ يا خادمين جمهوريت“ چئبو آهي.اهي خادم جنهن نظام کي ملڪ ۾ ترقي ڏيندا آهن تنهن کي جمهوريت چئبو آهي.انهن ماڻهن جي ميڙ کي سياستدان چئبو آهي جڏهن ته انهن جي عملن ۽ سوچن کي سياست چئبو آهي.اسان جي پياري وطن ۾ سياست جا ڪيترائي قسم آهن.مثال؛ خانداني سياست،نسل در نسل سياست،صدين تائين سياست، استحصال جي سياست،کاٻي ۽ ساڄي ڌر جي سياست،اف هيء سياست،هاء هيء سياست، حيف هيء سياست،هتان جي سياست،هُتان جي سياست،گھريلو سياست،ڏاڏاڻي،ناناڻي ۽ سهراڻي سياست وغيره.انهن سياستن جي وصف بيان ڪرڻ لاء ته ڪي دفتر گھرجن ان ڪري تفصيل ۾ وڃڻ جي گھرج ناهي.انهن سياستن جو ئي اثر آهي جو اسان وٽ خبرن ۾ سياست،اخبارن ۾ سياست،ادارن ۾ سياست،ريڊيو ۽ ٽي وي تي سياست،ڏوهن ۾ سياست.مرڻن ۽ پرڻن ۾ سياست،جيڏانهن ڏسو ته سياست ئي سياست نظر اچي ٿي.تڏهن ته هر طرف سڪون جا دريا وهي رهيا آهن،خوشحاليء جون نديون ڇوليون هڻي رهيون آهن.هر طرف،سڪون،چين ۽ اطمينان جي بانسري وڄي رهي آهي.هر طرف راحت ئي راحت آهي.اهڙي حالت ۾ ڀلا ”خوشي“ کي ڪير ڪيئن وساري سگھي ٿوجيڪا اسان جي وچ ۾ زنده ۽ تابنده گھمي رهي آهي ڇو ته اسان جا رهنما ۽ اسان جا سياستدان سڀ ان ڪوشش ۾ آهن ته اسان جي پياري،محترم ۽ نازڪ عوام کي ڪا تڪليف نه پهچي.هونئن ڏٺو وڃي ته آخر سياستدان آهن ڇاجي لاء؟ ڀلا جمهوري نظام جي جاکوڙ ڪنهن جي لاء ڪئي وڃي ٿي؟ان جو جواب ته ڪو آڱوٺي ڇاپ،اڻ پڙهيل ۽ ڏنڊا مار به اکيون پوري ڏيئي سگھي ٿو ته انهن سياستدانن جي جمهوريت لاء ڪيل اها جدوجهد رڳو ۽ رڳو عوام لاء ئي هوندي آهي.سياستدان اهي هستيون آهن جن پنهنجو پاڻ کي وساري پنهنجو وجود عوام جي خدمت لاء وقف ڪري رکيو هوندو آهي ۽ سندن خيرخواهيء کي پنهنجي زندگيء جو مقصد بنائي ڇڏيو هوندو آهي.اسان وٽ اهڙين متبرڪ هستين جي کوٽ بلڪل ناهي.اسان جي وطن ۾ اڄڪلهه نهايت ئي نفيس،تجربيڪار ۽ ڏاهن سياستدانن جو ملاکڙو جاري آهي.اهو ملاکڙو ڏسي ڪري اسان کي ڏاڍو سٺو محسوس ٿئي ٿو،فخر وچان اسان جا ڪنڌ مٿي ٿي وڃن ٿا.ايئن لڳندو آهي ڄڻ ته اسان جي ڪنڌ ۾ سريو لڳي ويو هجي.اسان کي ڏاڍي خوشي“ ٿيندي آهي جو اسان جي پياري وطن ۽ ان جي ڏاهن سياستدانن جو ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيئن ڪيئن ذڪر ٿئي ٿو.چوندا آهن ته سياست ۾ ڪنهن کي به ڪڏهن ”نه“ نه چئبي آهي،اهو ئي نه پر مصلحت ۽ مفاهمت “ جا دروازا  هروقت کليل رکبا آهن.انهيء ئي سوچ جي پيش نظر ڪڏهن به ڪو دوست دشمن ۽ ڪو دشمن دوست بڻجي سگھي ٿو.ڪهڙي نه پياري آهي اها سياست! جتي جڏهن کپي ڪنهن کي پاڻ وٽ گھرائي وٺجي يا ”نياز ۽ نوڙت“ جو مظاهرو ڪندي ڪنهن وٽ پاڻ هليو وڃجي، هٿ ملائي وٺجي ۽ ڪوشش ڪري هڪ ٻئي جا پير چمي وٺجن ڇو ته محبت انڌي ٿيندي آهي.اسان ڪيترا ظالم آهيون جيڪي ان عظيم ”پيار ۽ محبت“ کي نٿا سمجھون بلڪه ان کي غلط سلط نالا ڏيندا آهيون ته اهي ته پنهنجن ذاتي مفادن لاء ڪجهه به ڪري سگھن ٿا،ڪجهه به داء تي لڳائي سگھن ٿا.ڪجهه ماڻهو ته جمهوريت جي انهن ”خادمن“ کي مفاد پرست ۽ مطلبي به سڏي ويهن ٿا.اصل ۾ اهڙو نادان عوام جمهوريت جي گھرجن کي سمجھن ئي نٿا ۽ جڏهن کين سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته چون ٿا ته ان سموري فتني جي پاڙ ته اسان پاڻ آهيون ڇو ته اسان پاڻ ووٽ ڏيئي انهن کي پنهنجو اڳواڻ بنايوآهي ته پوء الزام ڪهڙي ڳالهه جو؟ اسان پاڻ چونڊي چونڊي پنهنجن نمائندن کي اسيمبلين ۾وٺي اچون ٿا ۽ ايڏيون وڏيون ذميداريون انهن ”ويچارن“ کي ڏيئي ڇڏيون ٿا.اهي ماڻهو جيڪي پاڻ ڪجهه ڪري نٿا سگھن يا ڪرڻ نٿا چاهين اهي انهن ماڻهن کي معصوم سمجھي چونڊي وٺن ٿا.هاڻي اوهان ئي ٻڌايو ته ان ۾ ويچارن نمائندن جو ڪهڙو قصور؟ اها ڪا وڏي ڳالهه نه رهي آهي هاڻي ته اهو روزمرهه جو معمول آهي،ڪانه ڪا تبديلي ۽ ڪانه ڪا هلچل سياسي جماعتن ۽ سياستدانن ۾ ٿيندي رهي ٿي.ڪالهه هو صاحب اوهان جو هو،اڄ اسان جو آهي ۽ سڀاڻي نه تنهن جو نه منهن جو پر ڪنهن ٻئي جو هوندو.ملڪ ته برابر اسان سڀني جو آهي پر سياست ۽ جمهوريت رڳو انهن جي آهي.اسان پنهن جي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي انهن کي جمهوريت جمهوريت کيڏڻ لاء کليل ميدان ڏيئي ڇڏيو آهي.ٿورو تصور ته ڪيو جو گذريل ستر سالن کان ملڪ ڦربو ۽ لٽبو ئي رهيو آهي ۽ لٽڻ وارا ايترا دلير آهن جو ڦري ۽ لٽي به معصوم ئي آهن.برطانيا ۾ جڙيل آشيانا هجن يا سوئز بينڪ ۾ اربن جا اڪائونٽ،سري جا محل هجن يا ملڪي زمينون،انڊسٽري هجي يا هائوسنگ اسڪيمون،زراعت هجي يا واپار،هر ڪم جيڪو ڪنهن به سياستدان سان تعلق رکي ٿو سو ايترو ته برڪتون حاصل ڪندو ٿو وڃي جو موسمي پيداوار ته پنهنجي جڳهه تي پر بي موسمي ميوو به خوب ڏيئي رهيو آهي ۽ عوام ويچاري کي ته رڳو ”صبر جو ميوو“ ئي نصيب ٿئي ٿو.پر انهن جي حوالي ٿيل سمورا سرڪاري يعني عوامي ادارا خيرجو رڳو ”خسارو“ ئي ڪمائين ٿا.


(روزاني عوامي آواز 22 مارچ 2019ع)

Monday, February 4, 2019

اينڪر پرسن!


شوڪت لوهار
(روزاني سنڌ ايڪسپريس 4 فيبروري 2019ع)

Sunday, January 13, 2019

کل ڀوڳ ؛ چرين کي هر طرف چريا ئي نظر ايندا آهن!



شفيق الرحمان شاڪر

ڪڏهن ڪڏهن اسان مان گھڻن کي اهو محسوس ٿيڻ لڳندو آهي ته اسان جي آسپاس سڀ جا سڀ رڳو پاڳل ۽ چريا رهن ٿا.هر انسان تي ڪڏهن نه ڪڏهن هڪ اهڙي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي جنهن ۾ هو پنهنجو پاڻ کي ئي عقل ڪل سمجهندي آسمانن تي اڏام ڪرڻ لڳي ٿو ۽ پنهنجي چوڌاريء رهندڙ سموري مخلوق کي جاهل ۽ بيوقوف سمجھڻ لڳندو آهي پر اها ڪيفيت جيڪر ڪنهن جي ذهن ۽ روين تي سدائينء لاء ڇانئيل رهي ته اها پاڻ ئي وڏي چرپڻ ليکي ويندي آهي.پر عام طور تي اها ڪيفيت عارضي ٿئي ٿي جو اها ڪيفيت ختم ٿيندي ئي اوچتو سڀ ڪجهه عام رواجي نظر اچڻ شروع ٿي ويندو آهي.
هن وقت ملڪ ۾ هڪ دفعو وري اقتدار جي ڪرسين تي نوان حڪمران ويٺل نظر اچي رهيا آهن، جيڪي ڪلهه تائين گھٽيون ماپي رهيا هئا سي اقتداري گھوڙي جا شهسوار بڻيل آهن ۽ جيڪي ڪجهه عرصو پهرين اقتداري ايوانن جي سونهن بڻيل هئا انهن مان ڪجهه ته جيلن جي لوهي سيخن پويان جڏهن ته باقي رهيل انتظار واري قطار ۾ بيٺل نظر اچن ٿا.پاڻ سواء ٻين سڀني کي پاڳل سمجھڻ واري اها ڪيفيت ڪن مٿان سوار ٿي رهي آهي ته ڪي وري پنهنجي نارمل ذهني ڪيفيت ڏانهن موٽي رهيا آهن.انسان جيڪي ڪجهه سوچي رهيو هوندو آهي،جيڪي ڪجهه تجربا ۽ تجزيا ڪندو رهندو آهي ۽ جيڪي منصوبا جوڙي رهيو هوندو آهي ڪڏهن ڪڏهن وقت جو سنگدل وهڪرو انهن سڀني شين کي اونڌو ڪري ويندو آهي ۽ نتيجا عمل يا سوچ جي بلڪل ابتڙ ايندا آهن.اها ئي انساني سچائي آهي ته انسان جي هر خواهش پوري نٿي ٿئي ۽ خواهش جيتري وڏي هوندي آهي انهيء جو موت ايترو ئي گھڻو دردناڪ هوندو آهي.انهيء ڪري ئي شايد غالب مرحوم کي اهو مڃڻو پئجي ويو هو ته انسان جي دلين ۾ خواهشن ۽ تمنائن جا جيڪي اڻ ڳڻيا انبار آهن انهن مان هر خواهش تي ساهه وڃڻ جو خطرو آهي.
چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ جانور به انسانن جيان ڳالهائيندا هئا سو شايد باندرن ۾ به شعر ۽ شاعري ٻڌڻ جو شوق هو ۽ باقائدي انهن جي وچ ۾به خوب مشاعرن جون محفلون ٿينديون هيون.شايد مشهور سائنسدان ”ڊارون“ به انهن ئي ڏينهن جي پيداوار هو جو جڏهن هن پنهنجي آسپاس باندرن کي ڳالهائيندي ڏٺو ته “باندرن مان انسان جي ارتقا“ جو اهو نظريو اسان جي مٿان ٿاڦي ويوته انسان پهريائين باندر هو. جڏهن ته گھڻن جو چوڻ آهي ته انسان پهرين به پاڳل هو ۽ هاڻي به پاڳل آهي.پهريان جهالت هٿان پاڳل بنيل هو ۽ هاڻي جديد سائنس کيس پاڳل بنائي ڇڏيو آهي.اهو به چيوويندو آهي ته ”چرين کي جي چريو چون ٿا سي چريا آهن پاڻ“.
پاڳلخاني جو دورو ڪندڙ ڪنهن ٽيم هڪ ڪمري ۾ ڏٺو ته هڪ نرس جيئن ئي ڪنهن پاڳل مريض کي انجيڪشن هڻڻ لاء اڳتي وڌي ٿي ته پاڳل وات مان فائرنگ جو آواز ڪڍڻ ۽ نرس طرف هٿ سان پستول جا اشارا ڪرڻ شروع ڪري ڏئي ٿو ۽ نرس ترت ئي مرڻ جي اداڪاري ڪندي هيٺ زمين تي ڪري پوي ٿي.وري جڏهن ٻيو ڀيرو کيس انجيڪشن هڻڻ لاء اڳتي وڌي ٿي ته ساڳيو سين ٿئي ٿو ۽ نرس مرڻ جي اداڪاري ڪرڻ لڳي ٿي.لاڳيتو اهو منظر ڏسي ٽيم جي هڪ ميمبر اڳتي وڌي نرس کان پڇيو ته اهو شخص ته آهي ئي پاڳل جيڪو اهڙيون اجايون حرڪتون ڪري رهيو آهي پر تون ته پاڳل ناهين جيڪا هر هر هن سان سر ۾ سر ملائي رهي آهين؟نرس چيو؛ جيڪر آئون مرڻ جي ايڪٽنگ نه ڪريان ته اهو شخص سمجھڻ لڳندو آهي ته سندس پستول خراب ٿي ويو آهي جنهن ڪري صحيح ڪم نٿو ڪري.پوء ته هي مون تي جوڊو ڪراٽي جا وار ڪرڻ لڳي ٿو.“
اسان جي ملڪ ۾ به لطيفن جون فيڪٽريون تمام گھڻيون آهن.چون ٿا ضياءالحق جي دور ۾ جڏهن موصوف جا ڪيترائي لطيفا ٺاهيا ويا ته هن فوجي آفيسرن جي ڊيوٽي لڳائي ته اهي ان ماڻهوء کي ڳولهين جيڪو هن جا لطيفا ٺاهي ٿو.ضياءالحق جي آفيسرن نيٺ ان ،ماڻهوء کي وڃي ڳولهي هٿ ڪيو.جنرل ضياء ان ماڻهوء کي چيو ته تون منهنجا لطيفا ٿو ٺاهين.توکي خبر ڪانهي ته آئون هن ملڪ جوسڀني وڌيڪ پاپولر ليڊر آهيان؟ ان شخص جواب ڏنو؛ لطيفا ته مون واقعي کوڙ ٺاهيا آهن پر هي لطيفو جيڪو تون پيو ٻڌائين اهو منهنجو هرگز ٺاهيل ناهي.ڪجهه ماڻهو پاڳلن کان وڌيڪ پاڳل هوندا آهن پر ماڻهو انهن جي گھڻي عزت ڪندا آهن ڇو ته انهن کي پاڳلپڻي جو سرٽيفڪيٽ مليل نه هوندو آهي.
آمريڪا جي هڪ پاڳل خاني ۾ نفسيات جا ٻه ماهر هڪ پاڳل جي دماغي حالت جو جائزو وٺڻ لاء کانئس سوال پڇي رهيا هئا ته آمريڪا جوپهريون صدر ڪير هو؟پاڳل جواب ڏنو؛ جارج واشنگٽن.ماهر نفسيات حيران ٿي ويو جو هن بلڪل صحيح جواب ڏنو هو.ٻيو سوال ڪيائين؛ ٻڌاء امريڪا جو ٻيو صدر ڪير هو؟ جواب مليو؛جان ايڊم.ماهر نفسيات جو وات حيرت وچان کليل ئي رهجي ويو.سندس ٻئي ساٿيء چيو ته هن پاڳل جي ذهني حالت ته بلڪل درست لڳي ٿي.اوهان هن کان آمريڪا جي ٽئين صدر جو نالو به پڇي وٺو.پهرئين ماهر پريشانيء وچان چيو؛ پر مون کي پاڻ ئي آمريڪا جي ٽئين صدر جو نالو نٿو اچي!
اهڙيء طرح جڏهن سالن جا سال پاڳل خاني ۾ زير علاج رهڻ بعد هڪڙي پاڳل کي سندس اطمينان بخش رويي سبب گھر موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته آخري چڪاس بعد ميڊيڪل آفيسر پاڳل کي ٻڌايو ته ميڊيڪل بورڊ کيس گھر موڪلڻ جو ارادو ڪيو آهي.ڇا تون اهو ٻڌائڻ پسند ڪندين ته گھر وڃي تون ڪهڙي طرح زندگي گذاريندين؟ پاڳل ڌيان سان ڊاڪٽر جي ڳالهه بڌي پوء سنجيدگي سان چوڻ لڳو؛ ڊاڪٽر صاحب! مون کي نارمل زندگي طرف موٽڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو.آئون ڪوشش ڪندس ته پنهنجن پوين غلطين کي نه ورجايان.اصل ۾ آئون هڪ ايٽمي سائنسدان هئس ۽ نهايت ئي گھڻا ڪيميائي ۽ ايٽمي هٿيار جوڙڻ ۽ ڏينهن رات ان ڪم ۾ محنت ڪرڻ ڪري آئون پاڳل خاني پهچي ويس.پر هاڻي آئون واپس وڃي پريڪٽيڪل هٿيار ٺاهڻ بدران رڳو ٿيوريء تي ڪم ڪندس جنهن سان اميد تي منهنجي ذهن تي ڪو دٻاء نه پوندو.ڊاڪٽر چيو؛ ڏاڍو سٺو. پاڳل چوڻ لڳو جيڪر ٿيوري واري ڪم کان مون کي ڪا ڪوفت ٿيڻ لڳي ته پوء آئون ايٽمڪ سائنس ۾ پي ايڇ ڊي ڪري وٺندس ۽ پڙهائڻ شروع ڪري ڏيندس.ڊاڪٽر چيو؛ اهو ته تمام سهڻو خيال آهي.پاڳل چوڻ لڳو ته جيڪر آئون اهي ٻئي ڪم نه ڪري سگھيس ته پوء گھر ويهي پنهنجي زندگيء جي تجربن تي سائنسي ڪتاب لکندس ته جيئن ايندڙ نسل اهي ڪتاب پڙهي لاڀ حاصل ڪري سگھي.ڊاڪٽر شاباس واري لهجي ۾ چيو؛ اهو ته نهايت ئي شاندار خيال آهي!.. پر ڊاڪٽر وڌيڪ ڪجهه چوي ان کان اڳ ئي هن ڊاڪٽر جي ڳالهه اڌ ۾ ڪپيندي چيو؛ ۽ ڊاڪٽر هڪ ڳالهه اها به ٻڌي ڇڏ ته جيڪر مٿين سمورن آپشنز مان جيڪر آئون ڪوبه آپشن اختيار ڪري نه سگھيس يا حالتن مون کي اهو ڪجهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ته پوء آئون واپس ريلوي اسٽيشن تي پان ۽ سگريٽن جو کوکو ٻيهر شروع ڪري وٺندس!
(روزاني سنڌ ڌرتي 11 جنوري 2019)

Tuesday, December 18, 2018

سياسي مشورن کان سياسي لطيفن تائين!


شفيق الرحمان شاڪر


”يو ٽرن“ کان پوء ”ڪڪڙيون پالڻ“ ۽ ”آنن جي ڪاروبار“متعلق ڪپتان بيان ڇا ڏنو هر طرف سوشل ميڊيا تي ڪڪڙين واري اها ”ٽان ٽان “ شروع ٿي ويئي جيڪا اهي آنو لاهڻ بعد اڪثر اعلان ڪري دنيا کي پنهنجو ڪارنامو ٻڌائينديون آهن.شايد ماڻهن عوامي وزيراعظم جي ان عوامي مشوري کي به عوامي تفريح ۽ کل ڀوڳ جو ذريعو بنائي ورتو.نه ته ڏٺو وڃي ته ويچاري ڪپتان ته رڳو حضرت بل گيٽس جي ڪاروباري رازن تان پردو کنيو هو.پر ڇا ڪجي پاڪستاني قوم کي جيڪا روئڻ جهڙين ڳالهين تي کلندي جڏهن ته کلڻ جهڙين ڳالهين تي روئندي نظر ايندي آهي.بهرحال خلق خدا ڪپتان کي به انهن سياسي خوش مزاجن جي لسٽ ۾ شامل ڪري ورتو آهي جيڪي ماضيء ۾ توڙي هاڻي به ان قسم جا لطيفا فائر ڪندا رهيا آهن جن کي ٻڌي ڪري لاڳيتو کلڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ لاء دل چوندي آهي.
اڳوڻي صدر پرويز مشرف پنهنجي دور اقتدار ۾ هڪ دفعي فرمايو هو ته پاڪستان ۾ آيل خوشحالي ۽ ترقيء جو ثبوت اهو آهي جوهاڻي هر ماڻهوء جي هٿ ۾ موبائيل فون آهي.اڳوڻي نون ليگ حڪومت جي ”درويش صفت“ وزير خزانه اسحاق ڊار کي جڏهن داليون مهانگيون ٿيڻ جي شڪايت ڪئي ويئي هئي ته هن عوام کي انمول مشورو ڏنو هو ته اهي دال بدران مرغي استعمال ڪن.
پيپلز پارٽيء جي اڳوڻي دور جي بهبود آباديء جي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان بجليء جي ڊگھي لوڊ شيڊنگ جي شڪايت ڪئي ويئي هئي ته هن موصوفه اهو چئي ماڻهن جي ڏندن ۾ آڱريون وجھرائي ڇڏيون هيون ته لوڊ شيڊنگ سان ملڪ جي آباديء ۾ ڪافي اضافو ٿيندو.ماڻهن کي سندس اهو جديد فلسفو سمجهه ۾ نه ويٺو ته لوڊشيڊنگ دوران گرميء سبب ماڻهو مري آبادي گھٽائيندا يا وڌائيندا؟
نواز شريف حڪومت جو صدر ممنون حسين به ماڻهن جي وندر ۽ دل لڳيء جو سٺو سامان بنيو رهيو.هن صدارت جو تخت سنڀاليندي ئي بيان جو اهو ڌماڪو ڪيو هو ته منهنجي دل گھري ٿي ته آئون ويس بدلائي ماڻهن جا مسئلا معلوم ڪيان.ماڻهن کي کل ان تي آئي ته ملڪ جي ماڻهن جا مسئلا معلوم ڪرڻ لاء ويس بدلائڻ جي آخر ڪهڙي ضرورت آهي،ڇا ماڻهو پنهنجا مسئلا ٻڌائڻ ۾ شرم محسوس ڪن ٿا؟پر سائين ممنون حسين کي ويس بدلائڻ جو اهڙو ته نشو لڳو جو ويوڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ويس بدلائيندو ۽ آرسيء سان ڳالهيون ڪندو.تان جو سندس جاء بدلائي ويئي جنهن کان پوء وڃي سڪون جو ساهه کنيائين.اهڙيء سادگيء تان صدقي ڇو نه ٿجي جو پاڪستانين جي مسئلن جي پوري دنيا کي خبر هئي پر ممنون آخر تائين انهن مسئلن جي باري ۾ ڄاڻڻ لاء ويس بدلائڻ جي خواهش ڪندو رهيو.

سنڌ جي ”فقير صفت“ سائين قائم علي شاهه به پنهنجي وڏ وزارت واري دور ۾ اهڙا لطيفا فائر ڪيا جن جي دهشت اڄ تائين اسان جي ذهنن تي قائم آهي.برسات دوران ڪراچيء جي نالن ۽ نيڪالن جو طوفاني دورو ڪرڻ بعد سائين سڳوري ميڊيا سان ڳالهائيندي اها ڄاڻ شيئر ڪئي هئي ته هن اجھو اجھو گجر نالي جو پاڻ” طبي معائنو“ فرمايو آهي.اتي صورتحال ڪافي بهترآهي ( يعني گجر نالي جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.) وري جڏهن سخت برسات سبب شهر جي حالت وڌيڪ خراب ٿي ته سائين بادشاه صحافين سان ڳالهائيندي فرمايو هو ته شهر ۾ 156 ملي ميٽر برسات پيئي آهي.سندس اهڙا کوڙ ٻيا بيان ميديا ۾ کل جو سبب بڻجندا رهيا.
نمڪين بيان جاري ڪرڻ ۾جي يو آئي جي حافظ حسين احمد سان گڏوگڏ جماعت اسلاميء جو سراج الحق به پنهنجو مٽ پاڻ آهي.فرمائڻ لڳو ته ملڪ کي نواز شريف جي نه پر قرآن شريف جي ضرورت آهي.هڪ دفعو پراڻي ايم ڪيو ايم جي قائد کي مخاطب ٿيندي فرمايائين ته هي  ” جي ٿري “    نه پر ”ٿري جي “ جو زمانو آهي.
ماضيء ۾ مفاهمت جي نالي تي ٿيندڙ سياست ۾ به ڪيترائي نت نوان تماشا نظر ايندا هئا.ڪراچيء ۾ هر مهيني سوين ماڻهو مکين ۽ مڇرن جيان ماريا ويندا هئا،پراڻي ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽيء جا اڳواڻ روزانو هڪ ٻئي خلاف الزامن جو نئون ميزائيل ڦٽو ڪندا هئا ۽ شام جو هڪ ٻئي کان معافيون گھرندا هئا.ان وقت جي ايم ڪيو ايم جو قائد هڪ نه ٻئي ڏينهن پنهنجي پارٽيء جي قيادت تان استعفا ڏيندو هو ۽ ٻئي ڏينهن ”نهين ڀائي نهين” جي نعرن ۾ اها واپس وٺي ڇڏيندو هو.
سياست ۾ سياسي اڳواڻ اهڙا بيان اڪثر ڏيندا رهندا آهن جن سان سان سندن ذات تي ڪو فرق نه پوندو آهي.پي ايس پي سربراهه 2018ع جي عام چونڊن کان اڳ اهو بيان ڏنو هو ته پي ايس پي اليڪشن ۾ نه رڳو ڪراچي سويپ ڪندي پر سنڌ جو وڏو وزير به پي ايس پي جو ٿيندو پر اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن ميڊيا مصطفيٰ ڪمال کي ڳولهيندي ئي رهي ٿي
سنڌ جو هاڻوڪو وڏو وزير به اهڙن سياسي لطيفن ۾ ٻين کان ڪنهن به طرح پوئتي ناهي.هڪ دفعي فرمايو هئائين ته سنڌ ۾ ٿيل شاندار ترقيء جو ثبوت اهو آهي جو سندس ڳوٺ واهڻ جتي ڪنهن زماني ۾ رڳو ٽي موٽر سائيڪلون هيون اتي هاڻي سوين موٽر سائيڪلون ڊوڙندي نظر اچن ٿيون.
ماضيء جون حڪومتون پڻ يو ٽرن وٺنديون رهيون آهن.مثال ملڪ ۾ بجليء جي کوٽ ختم ٿي چڪي آهي يا ٿر ۾ بکن وگھي ٻار نه پيا مرن يا وري ملڪ جي معيشت مستحڪم ٿي چڪي آهي،انهن سمورن بيانن کي عوام هميشه ابتو ڪري پڙهندو هو.
ڪپتان تي تنقيد جا تير هلائڻ وارن کي عرض آهي ته اهي صبر جا ڍڪ پيئن،سندس حڪومت کي اڃا مس سو ڏينهن ٿيا آهن سو سندس انهن سو ڏينهن ۾ صرف سو سياسي لطيفا به عوام کي ٻڌڻ لاء نه ملن ته پوء سياست ڪهڙي؟
آخر ۾هڪڙو سياسي لطيفو اهو به آهي ته وزيراعظم عمران خان فرمايو آهي ته پاڪستان ترت ئي قرض وٺندڙ ملڪن جي فهرست مان نڪري قرض ڏيندڙ ملڪن ۾ شامل ٿي ويندو.جناب وزير اعظم کي ڪير ٻڌائي ته مهانگائيء پاران عوام جي چيلهه چٻي ٿيڻ بعد هاڻي بجليء سان گڏوگڏ گئس به اڻ لڀ بڻجي چڪي آهي!


(روزاني هلال پاڪستان 15 ڊسمبر 2018ع)

Tuesday, October 16, 2018

رڙ نه ڪريو،چپن کي سبو!




شفيق الرحمان شاڪر
چوندا آهن ته نصيحتون ۽ ڀاشڻ ٻڌڻ لاء پيٽ ۾ ڪجهه هئڻ ضروري آهي،خالي پيٽ ڪا به نصيحت ڊول ۾ نه ويهندي آهي.جڏهن پيٽ ۾ پوليس پيٽرولنگ ڪري رهي هجي ته ملڪي معيشت جي باري ۾ ڪهڙا ويهي قصا ٻڌجن بلڪه ان وقت اهي انگ اکر غذاب بڻجي ڪڙڪندا آهن.ملڪ جو موجوده وزيراعظم جنهن کي سندس مريد عقيدت وچان “ڪپتان” جڏهن ته پنجاب جو هيوي ويٽ پهلوان راڻو ثناءا محبت وچان “الزام خان ” سڏيندو آهي تنهن جي حڪومت آخر قوم کي خوشخبري ڏني آهي ته آئي ايم ايف وٽ وڃڻ به ضروري آهي جيئن استاد راحت فتح علي خان غزل ڳايو آهي ته
“ تيري آنکون ڪي دريا ڪا اترنا ڀي ضروري ٿا،
محبت ڀي ضروري ٿي، بڇڙنا بهي ضروري ٿا.”
سو مطلب اهو ٿيو ته تبديلي به ضروري هئي پر آئي ايم ايف وٽ وڃڻ به ضروري هو.ڳالهه پئي ڪئيسين خالي پيٽ جي ته اسان جي ملڪ کي اهو خاص اعزاز حاصل آهي ته هتي ڀريل پيٽ ئي اڪثر بکيا رهندا آهن ۽ اهڙا پيٽ رڳو اشرافيا جي حصي ۾ آيا آهن.رهيا غريب غربا ته انهن جا پيٽ هميشه خالي ئي رهندا ٿا اچن.شاباس هجي دال سڳوريء کي جنهن انهن غريبن سان هر حال ۾ نڀايو آهي،رهيو سوال مسمات مرغيء جو ته اها غريبن جي نصيب ۾ ڪٿي! اها غريبن کي رڳو ٻن شرطن تي ئي دستياب ٿي سگھي ٿي يا ته غريب بيمار ٿئي يا وري مرغي پاڻ بيمار ٿي پوي.ڄڻ ته مرغي هن دنيا ۾ نازل ئي وڏن پيٽن وارن لاء ٿي هجي!انهيء اشرافيا لڏي جا اڳواڻ اسان جا ڄائي ڄمندي حڪمران آهن جن جي پيٽن جي ايراضي وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌندي ئي ٿي وڃي.هر ڀيري قرض وٺڻ جو احسان اسان تي ڪندا آهن پر اهو ڏوڪڙ ميدان تي لهڻ کان اڳ وڃي ڪهڙن پيٽن ۾ ٿو سو راز سمجھڻ لاء اسان کي شايد اڃا صديون گھرجن.ڏاڍ مڙسيء جي انتها جو سڀ ڪجهه هضم ڪري به اسان کي دڙڪا ڏيندا رهن ٿا ته خبردار! اسان تي بي بنياد الزام نه هڻو نه ته هتڪ عزت جو ڪيس داخل ڪنداسين.ها سائين! عزت رڳو اوهان جي ئي آهي باقي عوام کي ته هڪڙو پوليس جو سپاهي به بنان ڪنهن ثبوت جي ماڻهن سامهون  مرغو بنايو ڇڏي.ماڻهو بنان ڪنهن فيصلي جي سالن تائين جيلن ۾ سڙي مري ويا.چوندا وري ڇا ته اسان جي خلاف هڪڙي روپئي جي به چوري ثابت ڪري ڏيکاريو! چون بلڪل صحيح ٿا جو پهرين ڳالهه اها ته اهي هڪڙي روپئي جي چوري ڇو ڪندا جو هن ملڪ ۾ روپئي جو چور ئي موچڙا سهي ٿو باقي جيڪر چوريء جو انگ خدا جي فضل سان اربن ۽ کربن ۾ هجي ته پوء اها چوڻي بلڪل ٺهڪي اچي ٿي ته “ قانون انڌو هوندو آهي.”يعني قانون کي ڪجهه به نظر نه ايندو آهي.قانون برابر انڌو هوندو آهي پر  ڇا خلق خدا به انڌي هوندي آهي؟.ٻي ڳالهه اها ته “ثابت ڪريو.” واقعي ! اهي اهڙا ڪرتب اهڙي ته هٿ جي صفائيء سان سرانجام ڏين ٿا جو انهن کي ثابت ڪرڻ لاء جاچ ادارن کي سڄي زندگي ئي ڪوئي ٻليء واري راند ئي کيڏڻي پوي ٿي ۽ نتيجو اهو جو الٽو جاچ ڪندڙ ئي توبه زاريون ڪندا رهجي وڃن ٿا.سمجهه ۾ اهو اسرار نٿو اچي ته جيڪا به نئين حڪومت اچي ٿي سا ساڳي رڙ ڪري ٿي ته خزانو ٻڙي ٻڙي!جيڪو به نئون مسيحا اچي ٿو اهو ايندي ئي عوام کي صبر جي تلقين ۽ ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ سختيون سهڻ جا ڀاشڻ ٻڌائڻ لڳي ٿو.ڇا ڪجي پيارا! جيڏو اٺ تيڏا لوڏا،جيڪو حڪمران جيترو وڏو انقلابي اوترو ئي ان جا لوڏا به وڏا! اٺ جي لوڏن تان ياد آيو ته ڪو ٻهراڙيء جو همراهه مال پڙيء تان اٺ خريد ڪرڻ ويو.اٺ جي مالڪ اٺ جي جيڪا ڳري قيمت ٻڌائي اها ٻڌي خريدار کي بخار اچي ويو، حيرت وچان پڇيائين؛ “ ميان! آخر تنهن جي اٺ ۾ اهڙي ڪهڙي خاص خوبي آهي جو ان جي هيڏي وڏي قيمت رکي اٿئي؟” اٺ جي مالڪ فرمايو“ منهنجو هي عجيب ۽ غريب اٺ اٿڻ ساڻ ئي ٽي لوڏا گڏ ڏيندو آهي.” خريدار پريشان ٿيندي چيو ته      “ آئون ته ان جي پهرئين لوڏي ۾ ئي ڪري ويندس باقي ٻه اضافي لوڏا اهو اجايا ڏيندو!” سو سمجھڻ وارن لاء اها ڳجھارت ايتري ڏکي به ناهي پر اسان جي خيرخواهه حڪمرانن جي في الحال فرمائش اها آهي ته “دانهن نه ڪريو.صبر کان ڪم وٺو.” ڪنهن شاعر جي چوڻ مطابق
“ تڙپني  ڪي  اجازت  هي نه  هي   فرياد  ڪي  هي،
گھٽ گھٽ ڪي مرجائون يي مرضي صياد ڪي هي.”
چون ٿا ڙڙيون ۽ فرياد نه ڪريو.چهنڊڙي پوي ته رڙ به نه ڪيون،ڪپڙن تي ٻرندڙ الا اڇليو ته ڇرڪ به نه ڀريون،ڪن مهٽيو ته ڪنجھون به نه، چاليهه هزار وولٽ جو جھٽڪو لڳي ته ڏڪون به نه،سالن جي سنگتي بڻيل اڪيلي دال سونهاري کسجي ته گھوڙا گھوڙا به نه ڪريون.جيڪا اوهان جي مرضي! جو مرضي ته نيٺ اوهان جي ئي هلڻي آهي.اوهين اسان جا آقا ۽ اسين اوهان جاغلام،اوهين اسان جا رهبر ۽ اسين اوهان جا ڄائي ڃمندي تابعدار، اوهان سان اسان جو جھيڙو ڪٿي ٿو ٺهي؟جيڪي ڪيو ۽ جيئن به ڪيو جواب ۾ اها ئي قبرستان واري خاموشي ئي اوهان کي ڇانئيل ملندي جيڪا گذريل ستر سالن ۾ اسان جي گڏيل قومي سڃاڻپ ۽ فخر جي نشاني رهندي آئي آهي.
(روزاني جيجل 14 آڪٽوبر 2018ع)

Monday, July 2, 2018

مالش ۽ خوشامد جو فن!


شفيق الرحمان شاڪر
پراڻي زماني ۾ جسم جي مالش جو گھڻو رواج هو ۽ اڃا به آهي پر هن جديد دور ۾ سموري جسم يا جسم جي ڪنهن خاص حصي جي مالش ڪرائڻ لاء بي شمار مشينون ايجاد ٿي پييون آهن مٿي جي وارن کان وٺي پير جي آڱرين تائين بدن جي عر عضوي جي مڪمل سڪون ۽ آرام خاطر ترڪيء جي تاريخي حمامن،بينڪاڪ ۽ دبئي جي جديد مساج هائوسز ۾ مهيا ٿيندڙ  بدن جي نس نس ٺاريندڙ خدمتن ۾ انهن مشينن جو ڪيترو ڪردار آهي،اهو ڄاڻڻ لاء ته کيسي ۾ غير ملڪي ناڻي ۾ مٽيل اڻ ڳڻيا نوٽ هئڻ گھرجن پر بازار ۾ به جيڪي ان مقصد لاء مشينون ۽ اوزار ميسر آهن اهي خريد ڪرڻ به عام شوقينن جي وس جي ڳالهه ناهي.البت مالش جو هڪڙو ٻيو قسم عام آهي جنهن کي “ خوشامد يا چاپلوسي” چيو وڃي ٿوجيڪا لفظن ذريعي مالش آهي اها سستي ۽ پهچ جي اندر آهي.خوشامد لاء جنهن اوزار جي ضرورت پوي ٿي اها آهي زبان يا وري قلم! اڪيلو قلم اهو سڀ ڪجهه ڪريو ڇڏي جيڪي دنيا جون سموريون مالشي مشينون گڏجي به ڪري نٿيون سگھن۽ جيڪر لکڻ وارو هٿ مضبوط هجي،ڏڪندو ۽ لڏندو نه هجي ته مالش جو مزو ٻيڻو نه پر ڪئي ڀيرا وڌي وڃي ٿو.دغا دعا،مجرم محرم،مشيت معيشت،چنڊ چنڊو ۽ ان طرح جي بي شمار هڪ ٻئي سان شڪل ۾ ملندڙ جلندڙ لفظن جي ڌٻڻ ۾ ٿورڙي به خطا قلم مان نڪرندڙ مس جو منهن ڪنهن طرف به موڙي سگھي ٿي،انهيء سان انڊلٺ جا رنگ به اڀري سگھن ٿا ۽ خود لکندڙ جو پنهنجو منهن مبارڪ به ڪارو ٿي سگھي ٿو.لفظ ويچاري جو ڪهڙو قصور،لفظ ته مزدور آهي جيڪو رڳو معنيٰ ڍوهي ٿو.لکندڙ جي مرضيء موجب تشبيهه،استعاري،اشاري،ڪنائي ۽ رمز جا روپ بدلائيندو آهي،نه عيوضو طلب ڪندو آهي ، نه اجورو گھرندو آهي۽ نه ئي حڪم جي نافرماني ڪندو آهي. بس ايترو ضرور آهي جو ڪجهه شخص پنهن جي ضمير جي روشني جھڪي ٿي وڃڻ جي صورت ۾ پنهن جي ذاتي دانائيء جي اوندهه جا الا ڀڙڪائي وٺندا آهن ۽ جوش ۾ اچي اهڙا اهڙا لفظ ان آڙاهه ۾ اڇلائيندا آهن جو نه رڳو ٻڌڻ ۽ پڙهڻ وارن تي انهن جا غير موسمي اثر مرتب ٿيندا آهن بلڪه ويچاري ممتا جي ماريل لغت کي به حيرت وچان ڏندين آڱريون اچيو وڃن !
مالش ۽ خوشامد ان طرح به هڪجهڙيون آهن جو ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ ٻئي خوش ٿيندا آهن.مالش ۾ معاوضو ترت ملندو آهي پر خوشامد ۾ ايئن نٿو ٿئي.پر گھڻا جينيس ۽ ماهر ڪاريگر ايڊوانس کان سواء ان ڌنڌي ۾ هٿ وجھندا ئي ناهن.انهن کي پتو هوندو آهي ته ان رڻ جو سفر ڏاڍو اوکو ۽ خطرناڪ هوندو آهي جو خوشامد جي ڇنڊڇاڻ نهايت باريڪ بينيء سان ٿي سگھي ٿي.پهريون ته آواز يا تحرير کي ڪن يا اک تائين پهچڻ بعد ئي قسمت جو فيصلو ٿيندو آهي ته انهن ترن ۾ تيل ڪيترو آهي. ڪڏهن ڪڏهن وري خوشامد جو خط ئي ڪنهن غلط پتي تي هليو ويندو آهي يا اهو پهچندي پهچندي ايتري دير ٿي ويندي آهي جو سامهون وارو شخص صفحه هستيء تان ئي مٽجي چڪو هوندو آهي مطلب ته اهو پنهنجي عهدي تان ئي غائب ٿي ويندو آهي.هاڻي نشانو خطا ٿيل تير ڪهڙي ڪم جو!
مالش وانگر خوشامد جا به ڪيترائي قسم آهن،ديسي،ولايتي،مقامي، صوبائي،مرڪزي،لاهوري، پشوري، اسلام آبادي،ڀوٿارڪي.درٻاري وغيره وغيره.اڄ ڪلهه جيڪا صنعت سڀ کان گھڻي مقبول آهي اها آهي اسلام آبادي.ان ۾ تيل ڪريم يا سڻڀ يعني سڻڀا لفظ استعمال نٿا ڪيا وڃن ڇو ته سڻڀ جي بوء سان ترت خبر پئجيو وڃي ته صاحب تازو مالش ڪرائي آهي.هاڻي گھڻي مالش صوتي يعني آواز واري هلي ٿي.اهڙي مالش جيڪا زبان ذريعي هڪڙي ڪن ۾ داخل ٿئي ۽ ٻئي ڪن مان نڪرڻ کان پهرين پوري جسم کي ٺاري يا ٻاري ڇڏي.اها کلي عام يعني اجلاسن ۾ به ٿئي ٿي  ۽ اڪيلائيء ۾ پڻ! فرق رڳو اهو جو اڪيلائيء ۾ وڏي واڪي  ۽ محفل ۾ محتاط طريقي سان سس پس واري انداز ۾ ٿئي ٿي.
هڪڙي صاحب ڪنهن ملاقاتيء کي اندر سڏيو،کيس عزت سان ويهاري چانهه پيش ڪئي.هن ويچاري اڃا چانهن جو هڪڙو ڍڪ ئي مس ڀريو هوندو ته ايتري ۾ صاحب جو اسٽنٽ آيو جنهن صاحب جي ڪن ۾ ڪا سس پس ڪئي،ايئن لڳو ڄڻ ڪنهن پٽاخي کي تيلي ڏيکاري هجي، صاحب کي ڄڻ ته اوچتو ڪو دورو پئجي ويو هجي.هن ترت پٽيوالي کي سڏيو ۽ حڪم ڏنائين ته هن ڪميڻي مهمان کي ڪرسيء سميت کڻي ٻاهر اڇلي ڇڏ.اهو مالش جو ڪهڙو قسم هو ان جو فيصلو اوهان پاڻ ڪجو.
“اوهان روشن سج آهيو اسين اوهان جا ڪرڻا! اوهان آسمان آهيو اسين اوهان جا تارا! اوهان ڇانو ڀريا وڻ آهيو اسين اوهانجا پن! ”ڪنهن سياسي جلسي ۾سپاسنامو پڙهندي مقرر اڃا اهي لفظ چيا هئا ته سامهون ميڙ مان آواز آيو “ اوهان ديڳ آهيو اسين اوهان جا چمچا!” اهو مثال سرعام مالش جو آهي.پر سرعام مالش ۾ ڪنهن وقت ڪا گرهه لڳڻ جو به خطرو رهي ٿو.مشاعرن ۾ به اڪثر ان قسم جون گرهون لڳي وينديون آهن. ڪنهن مشاعري ۾ اردوء جي هڪ شاعر مطلع پڙهيو؛
“اس زلف پي پڀتي شب ديجور ڪي سوجهي“
ڪنهن شرارتي آواز ڏنو؛
انڌي ڪو انڌيري مين بڙي دور ڪي سوجهي.
خوشامد جي ميدان ۾ ميڊيا خاص طور تي اليڪٽرانڪ ميڊيا بي مثال ترقي ڪئي آهي.لفظن ۽ معنائن سان گڏ پلي بيڪ ميوزڪ،ناز ۽ ادا،ميڪ اپ،ايڪشن،تعريفن سان ٽمٽار ٿيل ڏونگرا،ڀلا ان سيلاب سامهون ڪير بيهي سگھي ٿو! نسلن جا داستان هڪ ئي ڌڪ ۾ ختم.بت شڪني،بت فروشي ۽ بت تراشي جا سڀئي ڪرتب هڪ ئي ڇت جي هيٺان اک ڇنڀ ۾ حاضر  ء۽ انهيء ۾ ڪو خرچ به نٿو ٿئي.رڳو ٿوري زبان ئي ته گسائڻي آهي ۽ گسائڻ سان ته تلوار وڌيڪ تيز ٿي ويندي آهي!
بهرحال خوشامد يا چاپلوسيء جو فن جنهن کي اچي ويو سو اڳيان نڪري ويو ۽ جنهن کي نه آيو سو افسوس وچان هٿ مهٽيندو رهجي ويو.ڪهڙو تالو آهي جو ان سان نٿو کلي.پر اهو ڪم مايوس ٿي ڇڏڻو ناهي،مستقل مزاجي ۽ نڪ جي ڏاڍائيء سان پنهنجو ڪم جاري رکيو وڃي ته هر ڪاميابي قدم چمندي.بيگم ڪيئن ٿئي اوهان جي حق ۾ بي غم،باس ڪيئن بنجي اوهانجو دوست خاص، سس ٽنڊي نه ڪري اوهان سان ڪا ڀنڊي،اوهان جا رشتيدار رڳو اوهان جو ئي ڪن انتظار، مطلب ته اوهين ان فن ذريعي وڏن وڏن جي رڳو اکين جا تارا نه پر سندن اکين جي تارن جا تارا بڻجي سگھو ٿا.جيڪر اوهان کي مکڻ لڳائڻ اچي ٿو.خبر ناهي اوهان مان ڪيترا اهو فن سکڻ لاء سنجيده آهن بهرحال اسان مفت ۾ خير جو ڪم ڪندي ڪجهه نسخا بيان ڪيون ٿا.
باس،صاحب،ڀوتار جيڪو به هجي جيڪر نخريلو،نوڪيلو،غصيلو توڙي پٿريلو به هجي ته گھٻرائڻ جي ضرورت ناهي،ٿورو وقت لڳندو باقي ڪم پڪو  ۽ صاحب ميڻ ٿي ويندو.رڳو اوهان کي ان جي پسند ۽ ناپسند جي پوري لسٽ هٿ ڪرڻي پوندي،کيس وڻندڙ شين جي انڌي تعريف ۽ اڻ وڻندڙ شين تي هر وقت لعنت وجھڻ شروع ڪري ڏيو.رڳو وات جي بڪ بڪ سان به ڪم نه هلندو،ڪجهه کيسي کي به چهڪ ڏيڻو پوندو،سندس پسند مطابق ڪو تحفو ڪا سوکڙي،سندس جنم ڏينهن تي ڪيڪ ۽ ميڻ بتين واري رسم توڙي جو اوهان کي پنهنجي سالگرهه وسري ڇونه وڃي.ها، سندس هر حڪم جي ترت تعميل توڙي جو ان ۾ اوهان جي سر وڃڻ جو خطرو ڇونه هجي.سياڻن لاء اشارو ڪافي آهي وڌيڪ مٿو پاڻ کپائين.
جيڪر بيگم گھڻي خوبصورت ناهي ته ڇا ٿيو،سندس صورت جي تعريف ڪندي ڪنهن جو تيل ته نه کٽي ويندو! خبردار جو ڪڏهن ڀلجي به سندس مائٽن جي باري ۾ ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍيو اٿو نه ته اها دوا  ابتو  ري ايڪشن ڪري ڪم وڃائي ڇڏيندي بلڪ جيترو ٿي سگھي پنهنجن سهاراڻن جا فضائل ۽ ڪرامتون بيان ڪندا رهو.مائيء جا مائٽ توڙي اڌرات جو اچي اوهان تي عذاب الاهي بڻجي نازل ٿين تڏهن به وڏيون واڇون ٽيڙي ۽ ٻٽيهي ٻاهر ڪڍي پهريائين سندن پير وٺو پوء اهلن و سهلن مرحبا چئي کين پنهنجو اڪيلو ڪمرو خالي ڪري پاڻ وڃي بورچيخاني ۾ بسترو لڳايو ۽ کين اهي لفظ چوڻ نه وساريو ته اوهانجي اچڻ سان گھر ۾ بهارون اچيو وڃن.
اڃا به ڪا ڳالهه کوپڙيء ۾ نه ويهي ته فن مالش جي ڪنهن تجربيڪار ماهر ۽ خوشامد جي  پروفيشن ۾ پي ايڇ ڊي ڪيل ڪنهن پروفيسر جون خدمتون حاصل ڪري سگھجن ٿيون.وڌيڪ مرضيء جا مالڪ آهيو!

(روزاني جيجل )