Showing posts with label چهنڊڙيون. Show all posts
Showing posts with label چهنڊڙيون. Show all posts

Thursday, August 27, 2020

ڪورونا ۽ اولهه جي طاقت جا ڀڄندڙ بت!


شفيق الرحمان شاڪر

اولهه جي دنيا گذريل ٻن ٽن صدين کان ڪنهن ”نامعلوم“ جي خوف ۾ ورتل آهي.ايئن ڇو آهي؟ ان ڳالهه کي سمجھڻ لاء ڪجهه بنيادي تصورن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.زندگي ۽ ڪائنات ۾ جيڪر خدا تعاليٰ کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي ته پوء انسان جي لاء ڪابه شيء ”نامعلوم“ نٿي رهي.ان دائري ۾ انسان ڄاڻي ٿو ته خدا ڪهڙين ڳالهين سان خوش ٿئي ٿو ۽ ڪهڙين شين تي ناراض ٿئي ٿو.سڀني کي معلوم هوندو آهي ته خدا ڪهڙين ڳالهين تي انعام ڏئي ٿو ۽ ڪهڙين ڳالهين تي سزا ڏئي ٿو.مذهب جي دائري ۾ زندگي گذاريندڙن کي خبر هوندي آهي ته ڪجهه شيون ”آزمائش“ هونديون آهن ۽ ڪجهه شيون ”تقدير خداوندي“ جي حيثيت رکن ٿيون پر جڏهن انسان خدا جو انڪار ڪندو هجي ته پوء هو ڪنهن نامعلوم خوف جو شڪار ٿيڻ سواء رهي نٿو سگھي.اولهه واري جديد دنيا بنيادي طور تي خدا جي منڪر آهي ان ڪري ان جي اڪثريت به هڪ نامعلوم خوف ۾ ڦاٿل آهي.اولهه جا سائنسدان ٻن صدين کان ٻڌائيندا رهيا آهن ته هن ڪشادي ڪائنات اندر اسان جي ڌرتيء جي حيثيت هڪ ذري کان وڌيڪ ناهي ۽ خلا ۾ موجود ڪابه شيء اوچتو ڌرتيء سان ٽڪرائجي ڌرتيء تان زندگيء جو نالو نشان مٽائي سگھي ٿي.اولهه جي سائنسدانن جو خيال آهي ته دنيا مان ڊائناسور به اهڙي نموني ختم ٿيا هئا.هالي ووڊ گذريل سٺ ستر سالن ۾ اهڙيون ڪئين فلمون جوڙيون آهن جن ۾ مريخ يا ڪنهن نامعلوم گرهه کان آيل مخلوق زمين ۽ انسانن تي غالب اچي وڃي ٿي.اهڙيون فلمون به آهن جن ۾ ڪا نا معلوم بلا يا وبا اوچتو ڪٿان ظاهر ٿي آمريڪين جي زندگيء کي برباد ڪري ڇڏي ٿي.انهيء صورتحال جون ٻه وضاحتون ممڪن آهن.هڪڙي اها ته خدا جي انڪار بعد اولهه وارن لاء زندگي ۽ ڪائنات ”اوپري“ بڻجي ويئي آهي ۽ انهيء اوپرائپ مان نامعلوم جو خوف پيدا ٿي رهيو آهي.ٻي وضاحت اها ٿي سگھي ٿي ته اولهه وارن خالق ۽ خلق خدا جي خلاف ايترا ته ڏوهه ڪيا آهن جو انهن گناهن جو احساس ”احساس گناهه“ بڻجي اولهه وارن جي گڏيل نفسيات ۾ رچي ويو آهي.اهو احساس اولهه وارن کي ان خوف ۾ ڦاسائي ٿو ته انهن جيڪي ڏوهه ڪيا آهن انهن جي سزا جي طور تي ڪو نه ڪو گڏيل نتيجو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ضرور ظاهر ٿيندو.جيئن ته اولهه ان سزا جي نوعيت کان واقف ناهي ان ڪري اهو ان کي مريخ جي مخلوق يا ڪنهن ٻي بلا سان ڀيٽ ڏيئي انهن کان قسمين قسمين فلمون تيار ڪرائي ٿو.اها ڳالهه ڪيتري عجيب آهي جو اولهه عرصي کان جنهن نامعلوم بلا جي خوف ۾ ورتل هو اها ڪورونا جي صورت ۾ ظاهر ٿي چڪي آهي.اسان ڪيترن ئي اهڙن وڏن قاتلن جي باري ۾ پڙهيو آهي جيڪي ٻين کي مارڻ ۾ وڏي ”دليري“ ڏيکاريندا هئا پر ناحق خون سندن دل ۾ اهو خوف پيدا ڪري ڇڏيو ته کين ڪو نه ڪو ماري ڇڏيندو.ان ڪري ڪجهه قاتلن کي ننڊ بلڪل ئي نٿي اچي.اولهه وارن جو ضمير ايترو سجاڳ ڪونهي جو اهي ڪروڙين بي گناهه ماڻهن کي قتل ڪري پنهنجي ننڊ وڃائي سگھن پر اولهه جي آرٽ خاص طور تي سندن فلمن مان سندن گڏيل باطن جوڪجهه اندازو ٿئي ٿو.انساني زندگيء جو اهو پاسو به عجيب آهي جو انسان جنهن خوف ۾ ڦاٿل هوندو آهي اهو هڪ ڏينهن نيٺ مجسم بڻجي سامهون اچي بيهندو آهي.ڪورونا وائرس اولهه وارن جو اهڙو ئي خوف آهي.اڳ ۾ ان خوف جو ڪو نالو نه هو پر هاڻي ان جو هڪڙو نالو رکيو ويو آهي.پر اولهه جو ان کان به وڏو خوف ڪجهه ٻيو آهي ۽ اهو خوف آهي دنيا مان اولهه جو گم ٿي وڃڻ.ان ڪري نه جو خدا نه ڪري جو هن وبا ۾ اولهه جا سڀ ماڻهو مري ويندا بلڪه سندن خوف آهي دنيا مان سندن تهذيبي،سياسي،علمي،معاشي ۽ فوجي طاقت جي گم ٿيڻ جو خطرو.اهو خوف ڪنهن ٻئي پيدا ناهي ڪيو پر سندن اندران ڦٽو آهي.اوڻويهين صديء ۾ اولهه جو قومون پنهنجي پنهنجي جغرافيائي حدن مان ٻاهر نڪتيون ۽ اٽڪل پوري دنيا تي قابض يا غالب ٿي وييون.سندن اهو غلبو اهڙو ته شاندار هو جو لڳو ٿي ته اهو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو پر ويهين صدي۽ جي وچ ڌاري اولهه جو نو آبادياتي نظام گم ٿيڻ شروع ٿي ويو.ان تجربي اولهه جي ”آسماني ” مخلوق کي زميني مخلوق بنائي ڇڏيو.روس ۾ 1917ع ۽ چين ۾ 1949ع ۾ ايندڙ سوشلسٽ انقلاب اولهه کي پهريون ڀيرو ڪنهن ”عالمي حريف“ جي خوف ۾ مبتلا ڪيو. سوشلزم جو ڊپ ايترو ته هو جو اولهه کي لڳو ته سوشلسٽ انقلاب امريڪا ۽ برطانيا ۾ به اچي سگھي ٿو پر 1992ع ۾ سوويت يونين ٽٽي ويو ۽ سوشلزم به اڏامي ويو.ان سان اولهه جي سياسي،معاشي،فوجي ۽ تهذيبي بالادستي کي هڪ نئين قوت ملي ۽ آمريڪي انتظاميه ۾ اهو اعتماد پيدا ٿيو جو اها اهو اعلان ڪري سگھي ته دنيا ۾ سرمائيداري نظام جي فتح ٿي ويئي آهي ۽ تاريخ جو اهو سفر جنهن ۾سرمائيداراڻي ۽ سوشلسٽ نظام ۾ ڇڪتاڻ رهي سو ختم ٿي ويو۽ هاڻي پوري انسانيت وٽ ڪرڻ لاء رڳو هڪڙو ئي ڪم رهجي ويو آهي ته اها اولهه جي قدرن جي پيروي ڪري.اولهه جا ڪجهه دانشور ايترو ته پر اعتماد بڻيا جو انهن صاف چيو ته ويهين صدي آمريڪا جي صدي هئي ۽ ايڪويهين صدي به آمريڪا جي صدي هوندي پر آمريڪي دانشورن جي ذهانت ۽ علم جو اهو حشر اسان جي سامهون آهي ته سوويت يونيين جي ٽٽڻ کان ويهه پنجويهه سال بعد ئي چين دنيا جي ٻي وڏي معاشي طاقت بڻجي اڀريو.روس پيوٽن جي اڳواڻيء ۾ ٻيهر پنهنجن پيرن تي بيهي رهيو ۽ آمريڪا کي ڪيترن ئي محاذن تي چيلينج ڪرڻ لڳو.آمريڪا افغانستان ۾ طالبان کي شڪست ڏيڻ آيو هو پر رڳو ٿورڙن طالبان وقت جي سپر پاور جو ڀوسو ڪڍي ڇڏيو.ان کان گھڻو اڳ پال ڪينيڊي پنهنجي ڪتاب ”وڏين طاقتن جو عروج ۽ زوال“ ۾ آمريڪا جي زوال جي اڳڪٿي ڪري چڪو هو.انهن سمورين سچائين اولهه جي سياسي.معاشي،فوجي ۽ تهذيبي زوال جي خوف کي نروار ڪري ڇڏيو آهي.تجربو ڪيو وڃي ته ڪورونا وائرس اولهه جي سمورن بتن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي.اولهه جو سڀ کان وڏو بت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي آهي.سائنس اولهه جو خدا به آهي ۽ انهن جو مذهب پڻ.سائنس اولهه جي وحي به آهي ته انهن جو عقل پڻ.سائنس اولهه جي سماعت به آهي ته انهن جي بصيرت پڻ.جهڙيء طرح مسلمانن خدا تي ايمان آندو تيئن اولهه سائنس تي ايمان آندو.اولهه وارن توڙي انهن جي اثر هيٺ سمورن انسانن جو اعتماد آهي ته سائنس ذريعي هر ناممڪن شيء کي ممڪن بڻائي سگھجي ٿو.اڃا ڪلهه جي ڳالهه آهي جو نوح حراري اها دعويٰ ڪئي هئي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجيء سبب موت تي قابو پائڻ هاڻي ٽيڪنيڪل مسئلو آهي ۽ امڪان آهي ته ايندڙ سو سالن اندر انسان موت تي قابو پائي هميشه لاء امر بڻجي ويندو.اهم ڳالهه اها ته اولهه ته ڇا پر پوري دنيا مان ڪنهن به سامهون اچي اهو نه چيو ته حراري بڪواس ٿو ڪري.انهيء جو سبب اهو جو ماڻهن جي اڪثريت کي لڳو ته ممڪن آهي ته سو سالن ۾ سائنس ايتري ترقي ڪري جو موت تي فتح حاصل ٿي وڃي.پر ڪورونا وائرس سائنس ۽ ٽيڪنالاجيء کي اونڌي منهن ڪيرائي وڌو.ان وائرس جي باري ۾ هاڻي عجيب عجيب ڳالهيون ڪيون پييون وڃن.پهرين چيو ويو ته اهو وائرس چين کان آيو جڏهن ته هاڻي سي اين اين اطلاع ڏيئي رهي آهي ته ڪورونا چين نه پر يورپ کان آمريڪا آيو.پهرين چيو ويو ته ڪورونا زندهه جرثومو آهي جڏهن ته هاڻي چيو پيو وڃي ته اهو مرده ۽ طفيلي وائرس آهي.ڪڏهن ٿا چون ته ويڪسين ڪجهه ڏينهن ۾ اچڻ واري آهي ته ڪڏهن ٻڌائين ٿا ته ان ۾ گھٽ ۾ گھٽ سال لڳي ويندو.مطلب ته ان پوري بحران ۾ سائنس ڪو معجزو ثابت نه ٿي سگھي آهي.ڪورونا سائنس جي ڪمزوري ۽ محدوديت کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي.
اولهه جو هڪ وڏو بت سندس معاشي نظام آهي،ان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي آهي.ڪورونا رڳو ٻن ٽن مهينن اندر ان بت جا ٽڪر پکيڙي ڇڏيا آهن.آمريڪا ۾ رڳو هڪ مهيني دوران هڪ ڪروڙ ستر لک ماڻهو بيروزگار ٿيا آهن.اٽليء ۾ صورتحال ايتري خراب ٿي آهي جو اتي چوريون ٿيڻ شروع ٿي وييون آهن.جيڪر ڪرونا ڪجهه وڌيڪ عرصي لاء مهمان رهيو ته پوري دنيا ۽ خاص طور تي آمريڪا ۽ يورپ جون معيشتون بلڪل ئي برباد ٿي وينديون.بيشڪ ٽين دنيا جا ملڪ به گھڻو متاثر ٿيندا پر اولهه جي ملڪن جي خوشحاليء جو جنازو نڪري ويندو.ڪورونا وائرس اولهه جي مادي طاقت خاص طور تي فوجي طاقت جا به پرزا اڏائي ڇڏيا آهن ۽ اهو هڪ بي جان جرثومي آڏو بيوسيء جي تصوير بنيو بيٺو آهي.نائين اليون دوران آمريڪا جا ٽن هزارن کان ڪجهه وڌيڪ ماڻهو مئا هئا جنهنجي رد عمل ۾ هن افغانستان اندر ٻن لکن کان مٿي بي گناهه ماڻهو ماري وڌا ۽ عراق تي امريڪا رڳو اهو الزام هڻي حملو ڪيوته ان وٽ وڏي پيماني تي تباهي پکيڙيندڙ زهريلا هٿيار آهن پراتان ڪجهه به نه ملي سگھيو ۽ لکين بي گناهه عراقي آمريڪي ظلم جو شڪار ٿي ويا.هاڻي ڪرونا هزارين آمريڪي ماري ڇڏيا آهن پر آمريڪا ان دشمن جو وار ونگو به نه ڪري سگھيو آهي.مڇرن جي ننڍري فوج هزارين سال پهرين نمرود جي فوج کي چٽي ورتو هو ۽ اڄ مڇرن کان به هڪ معمولي شيء آمريڪا ۽ يورپ جي سموري مادي ۽ فوجي قوت کي بي معنيٰ بڻائي ڇڏيو آهي.

اولهه صدين کان عقل جي بت جي پوڄا ڪندو رهيو آهي.ان جو ضد آهي ته هن جي عقل کي ڪنهن وحي جي روشنيء جي گھرج ڪانهي پر اولهه جي عقل جي پستيء جو اهو حال آهي جو اهو ٽن مهينن ۾ اڃا تائين ڪورونا جي اچڻ ۽ ان جي مچايل تباهي جي منطق کي بيان ڪرڻ کان لاچار آهي.ان سلسلي ۾ اولهه جي لادين ماڻهن سان ڪهڙي شڪايت ڪئي وڃي جڏهن اولهه جي سڀ کان وڏي مذهبي ۽ روحاني شخصيت پوپ فرانسس پنهنجي بيان ۾ ڪورونا کي ”فطرت جو انتقام“ جو نالو ڏيئي رهيو آهي.پوپ چيو ته انسان فطرت سان جھيڙو ڪيو آهي جنهن ڪري فطرت هاڻي انتقام وٺي رهي آهي.ڪيتري نه عجيب ڳالهه آهي جو اولهه جي وڏي ۾ وڏي روحاني ۽ مذهبي شخصيت به ڪورونا کي ”ما بعد الطبيعاتي تناظر“ ۾ ڏسڻ بدران رڳو طبيعاتي تناظر ۾ ڏسي رهي آهي!

(روزاني عوامي آواز)

  

Wednesday, October 3, 2018

چهنڊڙيون ؛ “ٻٽون چور”



ياسر قاضي
چور جي نه عادت ويندي، ڪجهه به ٿئي،
ڀل  کڻي  “ويهين”     جو   آفيسر    هجي.
هو  ته هٿ   هڻندو  جٿي مليس موقعو،

ڀلي   کڻي  دنيا   جو   ڪو  در    هجي.

Wednesday, September 26, 2018

چهنڊڙيون ؛ سي سي آئي


                                                                                                          ياسر قاضي 
بي دخل ڌاريا ڪجن؟ ڪوئي ڪڇيو؟
ڊيم تي چئني  جي   ڇا   هو   راء     ۾؟
ڇو نٿا ماڻهن سان   کولي ڳالهه ڪيو؟
سنڌ   ڇا    آ    ماڻيو “سي سي آء” ۾؟

Wednesday, September 19, 2018

چهنڊڙيون,؛ “ ڪڻڪ”





                                                      ياسر قاضي 
وڃي ٿي ڪڻڪ افغانين ڏي منهنجي،
مگر  ٿر  لاء   ڪا          امداد      ناهي.
اڃو  ڪاڇو   ۽    ڪوهستان    ترسي،
ٻڌي   ڪنهن   سنڌ   جي   فرياد   ناهي.

Monday, May 21, 2018

چهنڊڙيون ؛ “توقير”



جي روز گند ڪن ٿا جي روز ڏين گاريون،
جن جي ته ڪريل حرفن آزاريون نياڻيون،
تن کي جي ڏيکاريو آ هاڻي ته سحر سينڊل،
سڀ ياد ڪرڻ ويٺا “ توقير” جون ڪهاڻيون!

Sunday, May 20, 2018

چهنڊڙيون ؛ ايوان جي توقير!


                                                      ياسر قاضي
ڳالهه هڪ جوتي جھلڻ جي ناهي هت،
ڳالهه  آ    ايوان     جي      توقير         جي.
جنهن جا  ان    ڪردار  جا    هن رهنما،
ان    نڀاڳي    قوم    جي      تقدير     جي.

Saturday, May 19, 2018

چهنڊڙيون ؛ نگران وزير اعظم



                                                      ياسر قاضي
ڏئي  ٿو  ڀاڳ  ڪنهن   جو   هيل    ڀيڙو؟
ڏسئون بڻجي ٿي ڪنهن جي دال سيرو؟
تصدق ؟   يا    مليحه ؟    يا    ته     عشرت،
يا   جي  ــ  جبار  ؟   يا       ٽيرو      مٽيرو؟

Tuesday, May 15, 2018

چهنڊڙيون ؛ تڪراري بيان



                                                      ياسر قاضي
هن  ڌڪيل  جي دوا  ڪري ڪوئي ،
هوش    ماڻي ،       دعا  ڪري ڪوئي،
ڇا     ته    وڦلي  ٿو     بي وقوفيء       ۾  ؟
اهڙي حرڪت تي ڇا ڪري ڪوئي؟

Wednesday, May 9, 2018

چهنڊڙيون ؛ “جادو”


جهالت   ٻول  اوچي  ٿي   پڪاري،
ٿو  عابد  شير علي سڀ کي ٻڌائي،
“سڀئي  ڌنڌا  ڇڏي   عمران   هاڻي
ميان صاحب تي جادو ٿو ڪرائي.”
                                           (ياسر قاضي)

Monday, April 23, 2018

چهنڊڙيون ؛ ٿري جي


اچي      شهر  پنهنجي    ٿري  جي   جا     ويئي،
جوا نن جي   منهن  تي  ٿي   ڏسجي   سرهائي،
نڪو   ڪار   جن  کي  سوا     نيٽ          جي آ،
انهن     آ    خو شيء      ۾       مٺا ئي    و  رهائي.

Tuesday, April 10, 2018

چهنڊڙيون ؛ “رشوتي”



ڪم  وٺڻ  وارن  کي  ٿو در در رلائي رشوتي،
مال ملڪيت  ان طرح  سان  ٿو وڌائي رشوتي،
ٿو  ٻڌي  نوٽن  سندي گفتار  دل   ۽ جان سان،
دين  ايمان  داء  تي  پنهن  جو لڳائي رشوتي.

( رجب آزاد)

Monday, April 2, 2018

چهنڊڙيون ؛ فون سڄڻ ڏي



ڪيان ٿو فون سڄڻ ڏي،
ٻيو ڪو جھٽي نه وجھي،
رقيب  وجهه  وٺي   لائين
کي   ڪٽي    نه     وجهي،
رکايان       ڏاڙهي       نٿو
بس انهي ڪري “ دادن ”
چوان     مان    سچ    ڪو
ڏاڙهي    پٽي   نه    وجھي.
دادن فقير

Friday, March 30, 2018

چهنڊڙيون ؛ نون ..نظرياتي؟


ياسر قاضي

عدالت   تي   ڪيل   حملا   ڀلي    ويو
پليو    خود   آمرن  جي  هنج   ۾  جو،
آ جنهنجو نظريو “ پنهنجي ضرورت”
چوي   ٿو    پاڻ    کي  “ نظرياتي ” سو. سو..

Thursday, March 29, 2018

چهنڊڙيون ؛ حرص



مون ڏٺو آهه جنهن  ڇني کاڌو،
 پيٽ  ان  جو نه ڪڏهن ڀربو آ،
زندگي حرص ڪر نه بي حاصل،
 سڀ ڇڏي وڃبو آ جي مربو آ.

Friday, March 23, 2018

چهنڊڙيون ؛ اليڪشن جي موسم



اليڪشن جي ايندي موسم،  وري موجون مچي وينديون،
وري     رهبر      رسي    ويندا،  وري رانديون رچي وينديون،
وري ڪي ڪڪڙڪسبا  ۽ وري  ديڳيون پچي وينديون،
ڀلا برياني خوش ره تون!پنهنجون مانيون بچي وينديون.

Friday, August 5, 2016

چهنڊڙيون ؛ڇڏيو يار! بجلي هاڻي سولر هلايو




ڇڏيو يار! بجلي هاڻي  سولر هلايو

اجايو حڪومت  تان نه دنيا کلايو

نه بجلي ئي رهندي نڪا لوڊشيڊنگ

اڃا  هڪڙو  ڀيرو اسان کي کٽايو.


Sunday, July 31, 2016

چهنڊڙيون ؛ ويو شاه هڪڙو، ۽ ٻيو شاه آيو.


دبئيء  مان  سنڌ  لئي  نئون   ٺاه آيو،

ڪنهن جو  اوج تي ڀاڳ واه واه آيو،

سنڌين لئي اهائي ساڳي ڌوڙ ڇائي،

ويو  شاه  هڪڙو، ۽   ٻيو     شاه آيو.

Saturday, July 23, 2016

چهنڊڙيون ؛ نه ڪائي قوم جي ڳڻتي، نه سڀاڻي جو ڪو اُلڪو آ،


نه ڪائي قوم جي ڳڻتي، نه سڀاڻي جو ڪو اُلڪو آ،
ڪرپشن ڪا هتي ناهي، معيشت  جو   نه کُٽڪو آ،
عوامي  راء  آ  شامل   اسان  جي هن   بادشاهيء    ۾،
نه ڪوئي احتجاج آهي نه ئي ٻاهر ڪو   ٻُڙڪو آ.

Thursday, July 14, 2016

چهنڊڙيون ؛ اسان کي هڪ دفعو هاڻي ته هڪڙو اين آراو گھرجي،


اوهان سان ناه ٻيو تڪرار،نه ڪائي ڇڪ ڇڪان آهي،
اوهان سان ٻي شڪايت  ڪا،  نه  ڪا  ئي  ته گلا آهي.
اسان کي هڪ دفعو هاڻي ته هڪڙو اين آراو گھرجي،
پاناما  کان  پناه  گھرجي،     اها   بس          التجا  آهي.

Monday, July 11, 2016

چهنڊڙيون ؛ تنهنجو ئي درد ڀريو رکيو آ.


      ٻيو     هن    دل   ۾  ڇا  رکيو آ
      تنهن جو ئي درد ڀريو رکيو آ.
    چيري ڦاڙي جنهن به ڏٺي دل،
     پاناما     زهر    ڀريو    رکيو  آ.