Showing posts with label خلق جو آواز؛وال پيپر. Show all posts
Showing posts with label خلق جو آواز؛وال پيپر. Show all posts

Sunday, May 27, 2018

Saturday, May 26, 2018

وال پيپر ؛ جبري گمشدگين جو معاملو قانون تحت حل ٿيڻ گهرجي


جبري گمشدگين وارو معاملو ڏينهون ڏينهن سنگين شڪل اختيار ڪندو پيو وڃي، سياسي ڪارڪن هجن يا ميڊيا ئي ماڻهو، ليکڪ، انساني حقن جا ڪارڪن ۽ بلاگر، سڄي ملڪ اندر جبري گمشدگين جي لپيٽ ۾ اچي چڪا آهن. بلوچستان هجي يا سنڌ، خيبرپختونخواهه توڙي پنجاب، سياسي پرچار ۽ مختلف معاملن  تي پنهنجي راءِ  جي کليل اظهار جي ڪري ماڻهو کنڀي کنيا وڃن ٿا ۽ پوءِ ڪا خبر نه ٿي پئي ته انهن کي زمين ڳهي وئي يا آسمان کائي ويو. ڪي لاشن جي صورت ۾ مالڪن کي ملن ٿا ته ڪي لاڳيتو گم رهڻ کانپوءِ ڪٿي نه ڪٿي ظاهر ٿي وارثن کي ملن ٿا. اڪثر تي رياست خلاف، ملڪ خلاف ڪم ڪرڻ جو الزام هجي ٿو. جبري گمشدگين جي معاملي خلاف ماما قدير بلوچ جي احتجاج ۽ مارچ کي ملڪي توڙي عالمي ميڊيا تي پذيرائي ملي هئي، جڏهن ته تازو سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان کنڀي گم ڪيلن جي آزاديءَ لاءِسندن وارثن، سياستدانن، ساڃاهه وندن ۽ سماج جي مختلف طبقن سان لاڳاپيل ماڻهن جي احتجاج تي ڏينهن ڏٺي هلان، عورتن سان بدتميزي  ۽ چئن ڄڻن کي کنڀي کڻي وڃڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هيءُ معاملو ڀرپور نموني اٿيو. نتيجو اهو  نڪتو جو جيڪي نوجوان ڏينهن ڏٺي جو کنڀيا ويا هئا، صبح جو اهي واپس پنهنجي گهرن ڏانهن وريا. اُن احتجاج کانپوءِ اسلام آباد ۾ به مهراڻ آرٽس ڪائونسل جي سڏ تي احتجاج ٿيو. جن جي نيشنل پريس ڪلب اڳيان هنيل ڪيمپ به پوليس پٽي ڇڏي، ٽيون ڏينهن حيدرآباد ۾ به ليکڪن، ساڃاهه وندن، وڪيلن، انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ سياسي ڪارڪنن سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ جبري گمشدگين خلاف بک هڙتال ڪئي.
انساني حقن جو عالمي چارٽر هجي يا 73ع وارو ملڪي آئين هر ماڻهوءَ  کي پنهنجي سوچ آهر اظهار راءِ جي آزادي حاصل آهي ۽ اظهار راءِ جي آزادي بنيادي انساني حق به آهي. دنيا جي قومن ۾ اهي ملڪ ۽ معاشرا ئي ڪنڌ اوچو ڪري هلي سگهڻ جهڙا هوندا آهن. جتي جي شهرين کي اظهار راءِ جي آزاديءَ جهڙو بنيادي حق  بنا ڪنهن رنڊ روڪ جي حاصل هوندو آهي. سو انساني حقن جي ڀڃڪڙي  ڪو فرد ڪري، تنظيم ڪري يا ڪو ادارو ۽ حڪومت ئي ڇو نه ڪري، اهو ڏوهه آهي. جنهن بابت قانون ۽ آئين موجب پڇاڻو ٿيڻ گهرجي.
هر ڏوهه جي سزا جزا جو طريقيڪار قانون ۾ موجود آهي، جيڪي ماڻهو کنڀي گم ڪيا وڃن ٿا، اهي واقعي به  ڪنهن ڏوهه جا جي ڏوهاري آهن، انهن  خدانه خواستا جي  اهڙو ڪو ڏوهه ڪيو آهي، جيڪو رياست جي خلاف آهي يا ملڪ دشمنيءَ جي  زمري ۾ اچي ٿو ته بجاءِ انهن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽  دنيا  ۾ ملڪ کي بدنام ڪرڻ جي ۽ ڏٺو  ڪرڻ جي بهتر ٿيندو ته انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، کنڀي گم ڪرڻ بدران سندن خلاف عدالتن ۾ ڪيس هلائڻ گهرجي، جي واقعي به ڪو ڏوهه جو ڏوهاري ثابت ٿئي ته عدالت ذريعي اُن کي سزا اچڻ جي عمل تي ايئن ممڻ نه مچندو، جيئن هن معاملي تي سڄي ملڪ ۾ متلُ آهي.
جيئن هر شهري قانون تي عمل جو پابند آهي، بلڪل ايئن ئي حڪومت تي ادارن تي ۽ بااثرن تي به  قانون جو احترام لازم آهي پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ قانون بس رڳو ڪمزورن لاءِ آهي، ڏاڍا قانون تي عمل ڪن يا نه، شينهن کان ڪير پڇي ته تنهن جي وات ۾ ڌپ آهي.
افراتفري، بي چيني، غير يقيني ۽ بحراني ڪيفيت اتي ئي جنم وٺندي آهي، جتي فرد ۽ ادارا قانون کان مٿانهان هوندا آهن، پر جن معاشرن ۽ ملڪن ۾ قانون جي نظر ۾ سڀ شهري برابر هوندا  آهن، حڪومت هجي يا ادارا ۽ فرد سڀ جا سڀ قانون جي تابع نه رڳو هوندا آهن پر واقعي به پاڻ کي قانون جي تابع سمجهندا آهن ۽ قانون جو احترام ڪندا آهن، انهن معاشرن ۾ پنهنجا ماڻهو پاڻ ئي کڻي گم ڪرڻ جو اهڙو رواج ناهي. جهڙو اسان وٽ اڄ ڪلهه پيو  نظر اچي ٿو،
اڄ پاڪستان ڪيئي ڏيهي ۽ پرڏيهي للڪارن جي منهن ۾ آهي، اهڙي صورتحال ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين سان ڏيهان ڏيهه ملڪ جي نيڪ نامي نه پر بدنامي ئي ٿيندي سو اهڙا عمل جيڪي ملڪ جي بدناميءَ جو سبب بڻجن، تن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هڪ ته ڏوهه ٻڌائڻ بنا ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ ڇڏڻ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي، ٻيو وري اهڙين گمشدگين خلاف احتجاج جو حق ماڻهن کان کسڻ ان کان به وڌيڪ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، جيڪي ماڻهو ڪن به سببن جي ڪري کڻي گم ڪيا ويا آهن، سي هن ملڪ جا  شهري آهن، بهتر ٿيندو ته انهن کي دليل جي بنياد تي سمجهائي جيڪو درست رستو سمجهيو وڃي ٿو، تنهن تي  آندو وڃي، پر سندن خلاف ڪارروائي  لاءِ قانون بدران غيرقانوني راهه اختيار ڪرڻ ڪنهن به ريت ملڪ ۽ معاشري لاءِ بهتر ڳالهه ناهي.
(روزاني عوامي آواز)
ڇنڇر 26 مئي 2018ع، 10رمضان المبارڪ 1439 هه

Friday, May 25, 2018

وال پيپر؛ لساني نفرتن کان پاسو ڪرڻ جي ضرورت آهي


سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران ڌار صوبي جي ڳالهه ڪندڙن تي لعنت وجهڻ واري جملي کانپوءِ ايم ڪيو ايم (پاڪستان) ۽ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن ۾ لفظي ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير ٻه ڏهاڙا اڳ سنڌ اسيمبليءَ ۾ بجيٽ بحث کي سهيڙيندي ايم ڪيو ايم ميمبرن جا جواب ڏيڻ وقت چيو هو ته جن ماڻهن اوهان جو ٻانهون کولي آڌر ڀاءُ ڪيو هو، توهان اُنهن جي تذليل ڪئي آهي. هُن اِهو به چيو هو ته سنڌ ۾ الڳ صوبي جي گهر ڪندڙن تي لعنت ٿو وجهان. انهيءَ ڳالهه کي بنياد بڻائيندي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن نه رُڳو پريس ڪانفرنسون ڪيون پر قومي اسيمبليءَ ۾ به شور مچايو. قومي اسيمبليءَ ۾ فاروق ستار جو چوڻ هو ته وڏي وزير کي اِهو حق نه ٿو پهچي ته هُو الڳ صوبي جي ڳالهه ڪندڙن تي لعنت وجهي. هُن چيو ته پاڪستان قائم ڪندڙن کي برابر سنڌي نه سمجهيو ويو هو ۽ نه ئي اُنهن کي حق ڏنا ويا هئا. هُن اِهو به چيو ته اسان کي چئلينج نه ڏنو وڃي ته ڏکڻ سنڌ جو صوبو قائم ڪري نه ٿا سگهون. گڏوگڏ هُن وڏي وزير کان اهو جملو چوڻ تي معافي گهرڻ جو به مطالبو ڪيو هو.
پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻن ۾ شروع ٿيل ان تڪرار تي خلق کي حيراني اِن لاءِ به ناهي جو چونڊون سِرَ تي آهن ۽ ٻنهي پارٽين کي پنهنجي ووٽرن جو لهو گرم رکڻ لاءِ اِن قسم جا اشو گهربل آهن ته جيئن اُهي ووٽرن کي خوف ۾ مبتلا ڪري پنهنجي سوڀ کي يقيني بڻائي سگهن. پيپلز پارٽي مڙيوئي گهٽ پر ايم ڪيو ايم سدائين اهڙن تڪرارن جو ئي کٽيو کاڌو آهي. اِها به حقيقت آهي ته خوف جو کٽيو سدائين قائم رهي نه ٿو سگهي ۽ هڪ ڏينهن اُن جو انت ضرور اچي ٿو. اهڙي انت کان پوءِ اُميد اِها ٿي ڪئي وئي ته ايم ڪيو ايم عوام جي حقيقي مسئلن کي بنياد بڻائيندي پنهنجي سياسي سفر کي جاري رکندي ۽ ماضيءَ ۾ ڪيل ڪوتاهين جي ازالي طور لساني نفرتن مان سدائين لاءِ هٿ ڪڍي وٺندي، پر شايد اِهو ممڪن ناهي جو جيڪي هٿ لُٽڻ، ڦُرڻ ۽ مارڻ تي هريل هُجن، اُهي خير جي دُعا لاءِ اُڀ ڏانهن کڄي نه ٿا سگهن. اِهوئي الميو ايم ڪيو ايم جي ماڻهن سان به آهي. اِن سلسلي ۾ قومي اسيمبليءَ اندر مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي ڳالهه کي اسين نهايت مثبت ۽ وقتائتو سمجهون ٿا جنهن ۾ هُن چيو آهي ته اردو ڳالهائيندڙن کي آئون سنڌي سمجهان ٿو، اسان انهن خلاف نٿا ڳالهائي سگهون، باقي جيڪو سنڌ ٽوڙڻ يا مُلڪ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪندو اُهو لعنتي هوندو.
ورهاڱي کان پوءِ هندستان مان لڏپلاڻ ڪري ايندڙن کي مُهاجر ڪوٺيو ويندو هو. جيڪي مُلڪ جي لڳ ڀڳ هر حصي ۾ وڃي آباد ٿيا هئا پر گهڻائي سنڌ ۽ پنجاب جي علائقن ۾ رهائش اختيار ڪئي. هندستان مان لڏي ايندڙ ماڻهن پنجاب ۾ پاڻ کي پنجابي سڏائڻ شروع ڪيو، جڏهن ته سنڌ ۾ آباد ٿيندڙ اڄ سوڌو پاڻ کي مُهاجر سڏائي رهيا آهن. جڏهن ته حقيقت اِها آهي ته ورهاڱي وقت لڏپلاڻ ڪري آيل ماڻهن جي اڪثريت هن وقت سنڌ جي مٽيءَ ۾ مدفون آهي ۽ ٿورا ڪي گهڻا جيڪي حال حيات آهن، اُهي سنڌي ماڻهن جي مهمان نوازي ۽ مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏيڻ جي اڄ به ساراهه ڪن ٿا. نه رُڳو ايترو پر اُنهن پاڻ کي هتي جي ماحول ۾ اهڙو ته مائل ڪري ڇڏيو آهي جو اُنهن جي سڃاڻ ڪرڻ مشڪل آهي ته اُهي هندستان مان لڏپلاڻ ڪري آيا آهن يا هتي جا اصلوڪا رهواسي آهن. جڏهن ته سندن اولاد جيڪو ڄايو نپنو سنڌ ۾، جن سنڌوءَ جو پاڻي پيتو ۽ سنڌ جي کيتن جو اناج کاڌو اُهي ستر سالن کان پنهنجي سُڃاڻ مهاجر طور سڏائڻ ۾ فخر ڪن ٿا. ٿيڻ ته اِئين گهرجي ها ته جهڙيءَ ريت دنيا جي ٻين علائقن مان سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ڪري آيل ماڻهو سنڌي ٿي ويا آهن، تيئن هي ڀائر به پاڻ کي سنڌ جو سڏائين ها، پر احساس برتري کين اِئين ڪرڻ کان روڪي رکيو، جنهن جو وري جنرل ضياءَ پنهنجي مارشلائي دور ۾ خوب فائدو کنيو. هُن سنڌ ۾ ٿيندڙ سياسي چُرپر کي ماٺو ڪرڻ لاءِ لسانيت کي هوا ڏني، جيڪا اڄ سوڌو مختلف صورتن ۾ دُکندي رهي ٿي! اسان سڀني کي سمجهڻ گهرجي ته انهن نفرتن اڳ ئي گهڻو ڪجهه ڦُريو ۽ لُٽيو آهي، اُهي سنڌ توڙي سنڌ جي ماڻهن جي ترقيءَ ۾ تمام وڏي رُڪاوٽ رهيا آهن، اُنهن کي ٻيهر اُڀاري پنهنجي ماڻهن جون زندگيون زهر بڻائڻ دانشمندي ناهي. تنهن ڪري اسين سڀني ڌُرين کي اِهائي صلاح ڏينداسين ته سنڌ جي امن سان کلواڙ ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي!
 (روزاني عبرت 25 جولائي 2018ع)

Sunday, May 20, 2018

Tuesday, May 15, 2018

سنڌ ۾ معصوم نياڻين سان ٿيندر زيادتيون ۽ ڪجهه سوال….


گذريل ڪيئي سالن کان وٺي ملڪ جي ڪيئي علائقن ۾ نياڻين سان جنسي زيادتين جا ڪيئي واقعا مسلسل اخبارن ۾ رپورٽ ٿيندا رهيا آهن خاص ڪري پنجاب جي شهر قصور جي معصوم زينب جو ڪيس جنهن سڄي ملڪ کي لوڏي ڇڏيو هو، واضع رهي ته قصور ۾ هڪ سال دوران ٻارنهن کان وڌيڪ نياڻين سان جنسي زيادتيون ٿيون ۽ انهن کي قتل ڪيو ويو جنهن بعد پنجاب جو شهر قصور سڄي ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ معصم نياڻين سان زيادتين ۽ کين قتل ڪرڻ جي حوالي سان ڪافي بدنام ٿي ويو هو، سڄي ملڪ ۾ معصوم نياڻين سان جنسي زيادتيون پنجاب ۽ ان جي شهر قصور ۾ گهنيون ٿيون آهن ۽ بدقستيءَ سان سڄي ملڪ ۾ اهڙن انسانيت سوز واقعن جو تسلسل جاري آهي،
سنڌ اهڙن انسانيت سوز واقعن کان ڪنهن حد تائين محفوظ هئي، ڪجهه واقعا ضرور ٿيندا هئا پر انهن ۾ ايترو تسلسل ۽ تيزي نه هوندي هئي، ايڪڙ ٻيڪڙ واقعا ٿيندا هئا، پر هاڻي افسوس جي صورتحال اها آهي ته گذريل ٻن ميهنن کان سنڌ ۾ جهڙوڪر معصوم نياڻين سان جنسي زيادتي، تشدد ۽ انهن جي قتل وارن واقعن ۾ تيزي اچي وئي آهي.
ملڪ سميت سڄي سنڌ ۾ معصوم نياڻين سان جنسي زيادتيون ۽ انهن جي المناڪ قتل بعد جهڙوڪر ڪيئي سوال پيدا ٿي پيا آهن.، جيڪي سڄي سماج کان جواب طلب ڪري رهيا آهن.
معصوم نياڻين جي قتل بعد سڄي ملڪ جي ساڃاهه وندن ۾ سماج ۾ پيدا ٿيل اهڙي لاڙي ۽ رجحان تي پڻ انتهائي تشويش جو اظهار ڪيو ويو آهي.. اهو سوال به اڀري سامهون آيو آهي ته ملڪ ۾ معصوم ٻارڙن جي تحفظ لاءِ ڪي حفاظتي اپاءَ ڇونه پيا ورتا وڃن؟، سماج جا اخلاقي معيار ايترا مڪروح ۽ ڪرڀ وارا ڇو ٿي پيا آهن، سرڪار معصوم ٻارڙن خاص ڪري نياڻين خلاف اهڙين ڪاررواين کي روڪائڻ ۾ ناڪام ڇو ٿي آهي، اهڙن المناڪ واقعن ۾ ملوث ذميوارن کي گرفتار ڇو نه ٿو ڪيو وڃي ۽ انهن کي سزا ڏئي معاشري لاءِ ڪو مثال قائم ڇو نه ٿو ڪيو وڃي..
هي ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي سوال آهن جيڪي سماج ۾ هر وقت گردش ڪندا رهن ٿا ۽ جواب جا منتظر رهن ٿا. سنڌ ۾ معصوم نياڻين سان هن ئي مهيني جي پهرين ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ هڪ ٻئي پٺيان چار ڪيس ٿيا جن مان اهم ڪيس صائمه جروار جو هو جنهن تي سول سوسائٽيءَ تمام گهڻو سخت رد عمل جو اظهار ڪيو ۽ ڪيئي ڏينهن تائين سوشل ميڊيا ۽ روڊن رستن تي شديد تحريڪ هلائي جنهن جي نتيجي ۾ حڪومتي حلقن تي پڻ تمام گهُڻو اثر ٿيو ۽ سنڌ جي حڪومتي حلقن ان سلسلي ۾ پاڻ هرتا قدم کڻي اهڙي احتجاج کي روڪرائڻ جون ڪوشش ڪيون پر سول سوسائٽيءَ جي سرگرم ڪردار بعد سنڌ حڪومت ۽ پوليس کي سرگرميءَ جو مظاهرو ڪرڻو پيو نتيجي ۾ صائمه ڪيس جا ٻئي جوابدار پڪڙيا ويا ۽ انهن کي پوليس حوالي ڪيو ويو.
انهيءَ سلسلي ۾ ڪالهه هڪ ٻيو انسانيت سوز واقعو نواب شاهه ۾ پيش آيو، نواب شاهه جي لائن پار علائقي جمشيد ڪالونيءَ ۾ جوابدار پنهنجي سڳي مامي جي گهر ۾ داخل ٿي ڀاتين جي غير موجودگي ۾ چوٿين درجي جي شاگردياڻي 8 سالن جي شمائلا جيڪا جوابدار جي رشتي ۾ ماسات ٿئي کي ڪمري ۾ بند ڪري جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو ۽ بعد ۾ ڇري سان سندس ڳلو ڪپي  لاش رلي ۾ ويڙهي گهر ڀرسان مينهن جي واڙي ۾ اڇلائي فرار ٿي ويو.
مٿي جيڪي واقعا بيان ڪيا ويا آهن، اهي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ هن ئي مهيني ۾ ٿيا آهن، انهن کان سواءِ به معصوم نياڻين سان جنسي زيادتين جي ڪوششن جا ڪيئي ڪيس الڳ آهن.
اسان اهو سمجهڻ کان قاصر آهيون ته سنڌي سماج ۾ معصوم نياڻين سان هي جيڪي قهري ڪارروايون شروع ٿيون آهن، انهن جا سبب ڪهڙا آهن، ؟ ڇاسماج جا اخلاقي معيار پست ٿي ويا آهن، ؟ڇا سماج ۾ ڪا جنسي هيجيانيءَ واري صورتحال پيدا ٿي پئي آهي، ؟ ڇاسماج جنسي طور تي ڪنهن نفسياتي مونجهاري جو شڪار آهي؟آخر ڪار مسئلو آهي ڇا؟ ان جي خبر لهڻ ضروري آهي
دنيا جي ڪنهن به معاشري ۾ جڏهن اهڙيون ڪارروايون ٿينديون آهن يا ڪي به منفي رجحان جنم وٺندا آهن ته سڀ کان پهريان ان سماج جا ساڃاهه وند ماڻهو انهيءَ طرف متوجهه ٿيندا آهن ۽ اهڙن ناڪاري عملن جو جائزو وٺي سرڪار کي صلاحيندا آهن يا سرڪار مٿان دٻاءَ وجهندا آهن ته سرڪار ان معامري کي روڪڻ / ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪي قدم کڻي، سماجي سڌارا آڻي، اسيمبليءَ ۾ قانون پاس ڪري ۽ انهن کي سماج ۾ لاڳو ڪري.
پر افسوس جو سنڌ ۾ اهڙي قسم جو ڪوبه رجحان نظر نه پيو اچي نه سماجي سطح تي ۽ نه ئي حڪومتي سطح تي، سنڌ ۾ ته بدقسمتي اها آهي جو انهن مسئلن کي جهڙوڪر مسئلو سمجيو ئي نه ٿو وڃي، اهڙن سنگين معاملن کي فقط هڪ ڏوهه چئي انهن کي رد ڪيو پيو وڃي.
اسان هن موقعي تي ۽ مٿي ذڪر ڪيل انتهائي اذيتناڪ واقعن جي پس منظر ۾ سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ حڪومتي حلقن تائين سڄي سماج جو اهو مطالبو پهچائينداسين ته سنڌ ۾ معصوم نياڻين سان زيادتين ۽ کين قتل ڪرڻ وارين ڪارروائين کي ٻنجو ڏيارڻ لاءِ وڌ کان وڌ قانوني ۽ انتظامي قدم کڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن.
(روزاني عوامي آواز 15مئي 2018ع)

Monday, May 14, 2018

وال پيپر ؛ سنڌ پوليس جي ماڻهومارمهم.

سنڌ ۾ پوليس کاتي جي ڪارنامن کان سمورو عوام واقف آھي پوليس  جهڙي اھم ترين اداري جو اولين ڪم عوام جي حفاطت ڪرڻ ھوندو آھي ان کانسواء، ملڪ ۾ وڌندڙ ڏوھن کي ڪنٽرول ڪري ڏوھارين کي عدالتن ۾ پيش ڪري اتان سزائون ڏيارڻ ھوندو آھي پراسان وٿ پوليس اڄ ڏينهن تائين نه عوام جي حفاطت ڪرڻ سکي آھي نه ئي اھا پنهنجوپاڻ کي ان  قابل ڪري سگهي آھي جو ماڻهوان تي اعتبار ڪن ۽ بنا ڪنهن خوف جي وڃي ٿاڻي تي ڪنهن زيادتي خلاف داد فرياد  ڪري سگهن بلڪ سماڄ ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۽ وارداتن کان پوء پوليس کان ئي وڌيڪ ماڻهوڊنل رھندا آھن. اھڙي صورتحال ۾ جڏھن پوليس کاتي وٿ ماڻهن جوداد فرياد ٿي نه سگهندوھجي ته ڏوھاري ڪاروائين ۾ گهٽتائي ٿيڻ ۽ ماڻهن کي اٽصاف ملڻ ڪهڙي ريت ممڪن ٿي سگهي ٿو.پوليس ٿاڻن مان لاش ملڻ به اسان وٿ عام ڳالھه آھي. ان کانسواء ھاف فراء ۽ فل فراء وارو سلسلوبه وڏي وقت تائين جاري رھيو جنهن ۾ اھي ماڻهو به شڪار ٿي ويا جيڪي ڏوھاري به  نه ھئا. ڪالهوڪي مليل ھڪ خبرموجب قاضي احمد پوليس انٽرجي نوجوان شاگرد تي تشدد ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو آھي. ڪجهه ڏينهن اڳ نوابشاهه جي عدالت وٽان کنڀي گم ڪيل ڳوٺ مٺا خان جوکيوجوانٽر۾ پڙھندڙ شاگرد سجاد جوکيو مارجي ويوآھي.نوجوان کي بيھوشي وري حالت ۾ اسڀتال آندو ويو جتي ھن دم ڏئي ڇڏيو جڏھن پوليس جهڙو کاتو به انساني حقن کان مٿانهان  اپاء وٺندي اھڙي قسم جا ڪم ڪندوھجي ته ان کان پوء ڇا اھا گنجائش رھي ٿي ته پوليس لاء اھو چئجي ته اھو ھڪ اهڙو کاتو آھي جيڪوعام ماڻهو کي تحفظ فراھم ڪندو. ھي ھڪ بنهھ انسايت جا لڀڪا لتاڙيندڙ واقعوآھي ان ڪري جواھڙي قسم جا واقعا پيش اچڻ سان اھوتا ثر اڀري ٿو  ته پوليس کاتو جڏھن به جنهن کي به چاھي ان کي کنڀي گم ڪري وارثن حوالي لاش موڪلي سگهي ٽو جيتوڻيڪ اڄوڪي واقعي کانپوء، ايس ايڇ او کي معطل ڪري ستن ڄڻ خلاف ڪيس داخل ڪيويوآھي. ڊي آ جي جاچ ڪميٽي قائم ڪري ٽن ڏبنهن ۾ رپورٽ طلب ڪئي آھي پر ماضي ۾ به جڏھن اھڙي قسم جا واقعا ٿيا آھن انهن ۾ به پوليس کي اھڙا ڪيس ڦٻجي ويندا آھن چاڪاڻ ته اهڙن ڪيسن ۾ مقتولن جي وارثن تي ايترو زور بار رکيو ويندوآھي جو اھي وڌيڪ پنهنجي تذليل ٿيندي نٿا ڏسي سگهن تنهنڪري اھي ڪيس تان ئي ھٿ کڻي ويندا آھن اسين سمجهون ٿا ته ھن واقعي جي جيتري نندا ڪجي اها گهٽ آھي پر جهڙيء ريت شاگرد جي قتل تي ترت نوٽيس  ورتوآھي ۽ جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آھي ته ان ڪميٽي جواھو فرض ٿئي ٿوته اها  اڻ ڌري رپورٽ پيش ڪري اصل حقيقتن کي عوام آڏوآڻي ته جيئن اڳيان ھلي پوليس ۾ موجود رھزن ايس ايڇ او ڪنهن به بي گناھه شاگرد کي ائين تشدد ڪري قتل نه ڪري سگهن ۽ ماڻهن جوويساهه به  پوليس کاتي تي قائم رهي.






















































(روزاني سنڌ ايڪسپريس 14 مئي 2018ع)





Tuesday, May 8, 2018

وال پيپر ؛ اياز لطيف پليجو جو ايم ڪيو ايم قيادت ڏانهن کليل خط


خالد مقبول صديقي صاحب، عامر خان صاحب، فاروق ستار صاحب! جيئن ته توهان کي خبر آهي ته سنڌ ۽ ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين سنڌ صوبي کي لساني يا انتظامي بنيادن تي ٽوڙڻ جي سدائين سخت مخالفت ڪئي آهي ۽ انهن جو چوڻ آهي ته ائين ڪرڻ جي ڪا ننڍڙي ڪوشش به ڪئي وئي ته نه رڳو سنڌ کي، پاڪستان کي، بلڪه پوري ڏکڻ ايشيا کي ۽ بحيره عرب کان وٺي فار ايسٽ تائين پوري سامونڊي بيلٽ کي به ناقابل تلافي نقصان ٿيندو ۽ فائدي ۾ صرف ۽ صرف هندستان ۽ چند عالمي استعماري طاقتون رهنديون.
ڪجهه وقت اڳ ۾ به آمريڪي شهر نيو يارڪ ۾ ۽ لنڊن ۾، پاڙيسري ملڪ جي هدايتن تي ايم ڪيو ايم جي ڪجهه اڳوڻن وزيرن ۽ ڪجهه اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن سنڌ کي ٽوڙي ڌار صوبو ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو هو، نه رڳو اهو بلڪه پاڪستان جي خلاف ٽيڪسين تي بورڊ ۽ بينر به هنيا ويا.

توهان يقينن ڄاڻندا هوندا ته پاڪستان جا سڀئي صوبا، انهن صوبن ۾ رهندڙ تاريخي قومن جا هزارين سالن کان مقدس اباڻا وطن رهيا آهن. پاڪستان ڪنهن عالمي طاقت يا ٻاهرين حملي آورن نه پر انهن صوبن ۾ رهندڙ تاريخي قومن ٺاهيو آهي. جڏهن پاڪستان ٺهيو ته سنڌ صوبي جي ڌار حڪومت هئي، اليڪشن ٿيندي هئي، اسيمبلي هئي، سرحد صوبي جي الڳ حيثيت هئي ۽ پنجاب ۽ بلوچستان به موجود هئا ۽ انهن صوبن ئي پاڪستان ٺاهيو، انگريزن جي اچڻ کان اڳ ۾ يا مغلن جي قبضي کان به اڳ ۾ سنڌ هزارين سالن کان هڪ خودمختيار ۽ آزاد ملڪ هو

توهان چڱي ريت ڄاڻو ٿا ته جنهن کي توهان هڪ سازش تحت ڏکڻ سنڌ يا جناح پور چئو ٿا اهو ڪراچي شهر سنڌ جي تختگاهه ۽ شهه رڳ آهي ۽ اتي 70 لک سنڌين سان گڏ لکين پشتون، پنجابي، بلوچ ڀائر ۽ اسان جا هندستان مان بي سهاره ۽ مهمان ٿي آيل اتر پرديش، بهار، دهلي، مڌيه پرديش، رامپور، لکنئو، ڪلڪته ۽ گجرات جا لکين ڀائر به شامل آهن، انهن سڀني کي اسان پنهنجو پاڪستاني هم وطن ۽ سنڌ جا ڌيئرون ۽ پٽ سمجهون ٿا. اهي سڀئي ماڻهو نه لساني بنيادن تي هڪ قوم آهن، نه ثقافتي بنيادن تي، نه تاريخي يا ماضي جي جاگيرافيائي بنيادن تي، انهن جي ڪراچي ۾ هڪ ئي سڃاڻپ آهي ته اهي سنڌ ڌرتي ۽ اسان سڀني جي ملڪ پاڪستان جا شهري آهن. توهان سڀئي ڄاڻو ٿا ته جيڪي ماڻهو 1947ع ۾ هندستان مان بنا ڪنهن معاهدي، بنا ڪنهن قانون، بنا ڪنهن پاليسي، بنا ڪنهن انڊر ٽيڪنگ، بنا ڪنهن ليجسليشن ۽ بنا ڪنهن لک پڙهه جي فقط حملن ۽ قتل و غارت کان بچڻ لاءِ پاڪستان آيا، انهن بي سهارا ۽ غيور، بي گهر ۽ حوصلا مند، بيروزگار ۽ بي وسيلا ماڻهن کي سڀني ڌڪاري ڇڏيو، سڀني اڳتي وڃڻ لاءِ چيو، ڪير انهن جو حال ڀائي ٿيڻ لاءِ تيار نه هو، سواءِ سنڌ جي رحم دل، نرم مزاج ۽ انسان دوست ميزبانن جي... توهان هتي آيا، آباد ٿيا، وڏا ٿيا، هاڻ پاڪستان توهان جو ۽ اسان سڀني جو آهي، توهان سنڌ ۾ آهيو ته سنڌي آهيو. هاڻ توهان مهاجر ناهيو، مهاجرن لاءِ ته ڪئمپون ٿينديون آهن، راشن لاءِ لائينون ۽ عارضي ورڪ پرمٽ هوندي آهي، اهي صوبن جا مطالبا نه ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي واپس وڃڻو هوندو آهي، انهن لاءِ روهنگياز، تاملن، ايسٽ تيمور، بوسنيا ۽ فلسطين جي ماڻهن ۽ اسرائيلين ۽ ڍاڪا جي محصورين وانگر ڪڏهن نه ڪڏهن زمين سوڙهي ٿي ويندي آهي پر توهان ته اسان جا ڀائر آهيو، قانوني، آئيني ۽ انساني طور تي هم وطن آهيو، توهان مهاجر ناهيو، سنڌ ۽ پاڪستان جي اولاد، سنز اينڊ ڊاٽرز آف سوائل، اردو ڳالهائيندڙ سنڌي آهيو.

توهان ڪجهه ماڻهو شايد نٿا ڄاڻو ته ماءُ متروڪه ناهي ٿيندي، وطن متروڪه نٿا ٿين، قوم، ڌرتي، مذهب، نظريه، زبان، ايمان، انسانيت ۽ ثقافت متروڪه نٿي ٿئي يا شايد ممڪن آهي ته توهان پنج ڇهه ماڻهن وٽ، توهان جي تربيت ۽ توهان جي ڊي اين اي ۾ ماءُ، وطن، ڌرتي ۽ ايمان به متروڪه ٻڌايا ۽ سيکاريا ويا هجن. بهرحال اهو ياد رکو ته عام اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ ڀائر پاڻ ۾ ويجهو ٿي رهيا آهن، پاڪستان ۾ نفرتون گهٽ ٿي رهيون آهن، امن، ترقي، برابري ۽ رواداري جي خواهش ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، ماڻهو سمجهدار ٿي رهيا آهن، اهي هاڻ نفرتون دفن ڪرڻ چاهين ٿا پر توهان ڪجهه ماڻهو شايد تاريخ مان ڪجهه به نه سکيا آهيو، توهان الطاف، پربهاڪرن، هٽلر، ملادچ ۽ بال ٺاڪري جهڙن ماڻهن جي سياست جي زوال مان به ڪجهه نه سکيا، توهان جرمني، ڪوريا، هانگ ڪانگ، شام، عراق، ڪردستان، سريلنڪا ۽ افغانستان جي ماڻهن جي ٽٽڻ، ٽڪرائو، خون ريزي ۽ علحيدگي متعلق احساس جرم ۽ ازالي جي ڪوششن مان به ڪجهه نه سکيا. توهان ۽ حڪمران پارٽي جا ڪجهه اڳواڻ پنهنجي عارضي سياسي مفادن، اليڪشن ۽ اقتدار جي لاءِ سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جون جيڪي ڪوششون ڪري رهيا آهيو، اهي خطرناڪ رخ اختيار ڪري سگهن ٿيون، توهان ۽ اسان سڀاڻي ته هجون يا نه هجون پر جيڪي ڏار توهان وجهڻ چاهيو ٿا اهي لکين ماڻهن جو مستقل بنيادن تي جيئڻ جنجال ڪري سگهن ٿا

سنڌ جي سرزمين محبت ۽ ڀائيچارو وڌائڻ ۽ اخوت ۽ درگزر ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي هڪ تاريخي اهميت رکي ٿي پر گذريل ٽن ڏهاڪن کان، ايم ڪيو ايم جي قيام جي پهرئين ڏينهن کان وٺي منهنجي شهر ڪراچي ۽ منهنجي صوبي سنڌ ۾ ٿيندڙ قتل و غارتگري مان ائين لڳي ٿو جيئن سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن عنصر منهنجي ڪراچي جي غيور عوام جي اخلاقي، سياسي، تعليمي، سماجي ۽ ڪاروباري زندگين کي تباهه ڪرڻ لاءِ هر وقت گهاٽ گهڙي ويٺل هجن ۽ انهن کي جڏهن به موقعو ملي ٿو ته اهي پنهنجي ارادن جي تڪميل لاءِ منهنجي شهر کي باهه ۽ رت ۾ وهنجاري ڇڏين ٿا

دهشتگردي خلاف گذريل ڪجهه سالن ۾ ڪجهه ڪاميابيون ملڻ باوجود، اڃا منهنجي شهر ڪراچي جا ماڻهو نشتر پارڪ سانحي، 9 اپريل سانحي، 12 مئي سانحي، يوم عاشوره سانحي، بلديا فيڪٽري سانحي ۽ ڪارساز سانحي ۾ ملوث قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي به نه سگهيا آهن ته توهان صاحب هڪ ڀيرو وري عالمي هدايتن تي تباهي ۽ بربادي جو نئون منصوبو کڻي باهه ۽ رت جي هڪ نئين راند ۽ موت جو هڪ ٻيو رقص شروع ڪرڻ چاهيو ٿا. آخر ڇو؟ ڇو توهان کان ۽ حڪمرانن کان ڪراچي جو امن برداشت نٿو ٿئي؟ 

خدارا منهنجي ملڪ ۽ خاص طور تي منهنجي سنڌ ۽ ان جي تختگاهه ڪراچي جو امن ۽ سڪون برباد نه ڪريو، پنهنجي ڪلهن تي رکيل غير ملڪي هٿ کي هٽائي ڇڏيو، پاڙيسري ملڪن ۽ غيبي طاقتن جا آرڊر ٺڪرائي ڇڏيو ۽ اچو ته اسين سڀ سنڌ جا مستقل رهواسي متحد ٿي، پوري پاڪستان جي عوام کي گڏ کڻي، ڪنڌڪوٽ کان وٺي ڪراچي تائين هر مظلوم، هر بيروزگار، هر بي وس ۽ هر محروم فرد جي معاشي، انساني، سماجي ۽ سياسي حقن لاءِ گڏجي جدوجهد ڪريون

جن کا دین پیروئ کِذب و ریا ہے ان کو
ہمتِ کفر ملے، جرأتِ تحقیق ملے
جن کے سر منتظر تیغِ جفا ہیں ان کو
دستِ قاتل کو جھٹک دینے کی توفیق ملے۔

Wednesday, May 2, 2018

وال پيپر ؛ سنڌ ۾ ايڏو انڌير ڇو؟


اڃا ڪالھ صائما جروار  ڪيس کي سنڌ  پوليس لئي امتحان ڪوٺيندي    اھو چئي چڪا آھيون ته جيڪڏ ھن صائما جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن ته  سنڌ جو عوام اھو سوال پڇڻ جوحق رکي ٿو ته آخر سنڌ ۾ پوليس کاتي  جو ڪهڙو ڪارج آھي اڃا اھا ڳالھ اتي ٿي رھي هئي ته لاڙڪاڻي ۾ جاري  وحشت ڃي راڄ جون وڌيڪ ٻه  ٻيون خبرون سامهون آيون آھن ان مان  سچي ڳالھه اھا آھي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته  آخر واھر لاءڪنهن کي  سڏ ڪجي ؟واضح ڪندا ھلون ته صائما جروار ڪيس ۾ انصاف لاء  احتجاج سڄي سنڌ ۾ اڃا ھلندڙآھن مٿان لاڙڪاڻي ۾ ئي ٻن ٻين  نياڻين سان ڏاڍائي ٿي آھي ھڪ طرف  آبادپا ڙي ۾ وڀهن سالن جي  نياڻي کي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو ٻي طرف ڳوٺ قيصر ابڙو۾  ڇهن سالن جي نياڻي سان زيادتي ٿي آھي آخر ھي  ڇاٿي رھيو آھي؟ سنڌ ۾ ايتريلا قانونيت جو خاتمو ٿيڻ گهرجي انهن حڪمرانن کان  جن جي حڪومت بيٺل ئي لاڙڪاڻي جي شهيدن جي آڌار تي آھي
جڏھن لاڙڪاڻي جواھو حال آھي ته سنڌ جي باقي شهرن جي ڪهڙي  مالڪي ٿيندي ھوندي مثال طور جيئن عمرڪوٽ جي نياڻي اميشا  خاصخيلي جو ڪواتوپتوناھي. اميشاپو ليس پاڻ غائب ڪئي آھي. سنڌ جي وڏي  وزير وٽ باقي ھڪ مهينوآھي ۽ ان ھڪ مهيني ۾ ھو  سنڌ  ۾ جاري ان انڌير کان جيڪڌھن لاتعلق رھيو ته عوام کي ڪهڙو  جواب ڏيندو؟
(روزاني سنڌ ايڪسپريس 2 مئي 2018ع)

Monday, March 26, 2018

وال پيپر ؛ صحت جي شعبي ۾ هلندڙ گورک ڌنڌو!


سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس مٺي جي اسپتال ۾ علاج لاءِ ٻار کڻي ويندڙ والدين کي انهن جا لاش ملڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته معطلي سان ڇا ٿيندو. وارث ته پنهنجي ٻارن جو سرڪاري اسپتال علاج ڪرائڻ ويا هئا، علاج ٿيڻو هو پر ٻارن جا لاش کڻي آيا، ڇا اسپتال جو سربراهه ذميوار نه آهي، ڇا ڪنهن وڏي ماڻهو جو ڪو ڏوهه نه آهي. بدقسمتي سان نه صرف سنڌ جو صحت کاتو پر تمام کاتا ڪرپشن جي ور چڙهيل آهن، اتي سفارشي بنيادن تي يا ڏوڪڙن جي چمڪ ڌمڪ سان مقرري ٿئي ٿي. ميرٽ جي لتاڙ هئڻ ڪري سرڪاري کاتن جي ڪارڪردگي نه هئڻ برابر آهي، جنهن به کاتي تي نظر وجهو ان جو ٻيڙو ٻڏو پيو آهي. صحت ۽ تعليم اهم کاتا آهن، جنهن سان سنئون سڌو واسطو عوام جو آهي پر بدقسمتي سان ٻنهي کاتن جو ٻيڙو ٻڏو پيو آهي. ٻنهي کاتن جي ناقص ڪارڪردگي هر باشعور ماڻهو ڄاڻي ٿو. هنن کاتن جي ناقص ڪارڪردگي خلاف ميڊيا تي عوامي شڪايتن ۽ ڪرپشن جا اسڪينڊل هلڻ بعد سنڌ حڪومت مٿي تان بار لاهڻ لاءِ ٻنهي کاتن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، پر هنن کاتن ۾ ڪوبه سڌارو نه آيو آهي.
مٺي جي اسپتال ۾ مدي خارج دوائن سبب ٻارن جي موت جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن، اهڙا ڪيترائي واقعا ميڊيا تي اچڻ کان رهجي وڃن ٿا، ڪجهه اهڙا واقعا ميڊيا تي اچڻ جي باوجود ڪابه جاچ نه ٿي ڪرائي وڃي. انساني جانيون ضايع ٿيڻ جي ذميوارن خلاف ڪابه ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي، گهڻو زور پوڻ تي وڌ ۾ وڌ خانا پوري واري جاچ جو حڪم ڏنو ويندو آهي ۽ جاچ ڪندڙ پنهنجي ڊاڪٽرن کي انڪوائري مان بچائي ويندا آهن. سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ نقلي ۽ مدي خارج جي ويجهو ايندڙ دوائون سستي اگهه ۾ خريد ڪري ان جا وڏا بل ٺاهيا ويندا آهن. سرڪاري اسپتالن ۾ صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن جي حڪم تي نقلي دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين کان دوائون خريد ڪيون وڃن ٿيون، ان تي وڏي ڪميشن هيٺ کان مٿي تائين ڏيڻ جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي، انهن دوائن جو ڪو به اثر نه هوندو آهي. اهڙيون نقلي دوائون کائيندڙ مريض ڪيترن ئي سائيڊ افيڪٽ جو شڪار ٿيندا آهن. سرڪاري اسپتالن ۾ مدي خارج جي ويجهو پهچندڙ دوائون انتهائي سستي اگهن ۾ خريد ڪري ان جا بل وڏا ٺاهيا ويندا آهن. ڪيتريون ئي دوائون درياهه ۽ واهن ۾ اڇلايون وينديون آهن، اهڙيون خبرون وقت به وقت ميڊيا تي نظر اينديون آهن، ان جي جاچ لاءِ ڪميٽين جو به اعلان ٿيندو آهي، پر اهي انڪوائريون نالي ماتر ڪري فائنل ڪيون وڃن ٿيون. اهڙي ريت اهڙيون حرڪتون ڪندڙ قومي خزاني تي ڌاڙو هڻندڙ صحت کاتي جا عملدار، اسپتالن جي ايم ايس کي ڪابه سزا نه اچڻ ڪري اهڙو گورک ڌنڌو ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهي. گذريل 20 سالن کان سرڪاري اسپتالن ۾ نقلي دوائن جي حوالي سان اسپتالن جي وزٽ تي ايندڙ يا صحت جي حوالي سان ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ ٿيندڙ سيمينارن ۾ ايندڙ صحت کاتي جي وزير، سيڪريٽري کان اهڙيون شڪايتون ڪندي هنن کان سوال ڪندا آهيون ته ڇا اوهان پنهنجي يا پنهنجي خاندان جي علاج لاءِ دوائون سرڪاري اسپتالن مان وٺندا آهيون پر هو صاحب موصوف ان جو اطمينان بخش جواب نه ڏيندا آهن.
صحت کاتي جو وزير، سيڪريٽري ته رهيو پري پر سرڪاري اسپتالن جا ايم ايس ۽ ڊاڪٽر به پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان لاءِ سرڪاري اسپتالن مان دوائون نه وٺندا. هن کان اڳ مون ڪيترائي ڀيرا پنهنجي ڪالمن ۾ لکيو آهي، هر دور جو صوبائي وزير صحت ۽ صحت کاتي جا ڪامورا نقلي دوائن خلاف بيان بازي ڪندا آهن. نقلي دوائون ٺاهيندڙ ڪجهه فيڪٽرين تي به ڇاپا هڻندا آهن، پر سرڪاري اسپتالن ۾ نقلي دوائن وارين شڪايتن تي ڪوبه نوٽيس نه وٺندا آهن. اسان وٽ سرڪاري اسپتالون موت جا گهر سڏبيون آهن. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ٻين وڏن شهرن جي وڏين اسپتالن جا پروفيسر، اسسٽنٽ پروفيسر، سرڪاري اسپتالن ۾ گڏجي ويهي پوءِ خانگي اسپتالن ۾ ڪم ڪن ٿا، خاص طور رات جو ته سرڪاري اسپتالون هائوس جاب ڊاڪٽرن حوالي هونديون آهن. مون کي ذاتي طور تجربو آهي، مختلف سرڪاري اسپتالن ۾ مٽ مائٽ داخل ٿيندا رهيا آهن، ان ڪري ذاتي مشاهدو آهي ته سرڪاري اسپتالون بس انهن جي حوالي آهن. خاص طور رات جي وقت ايمرجنسي ۾ غريب مريض ڦٿڪندا آهن پر ڪو سينئر ڊاڪٽر نه ايندو آهي.
تازو ارڙي جون مدي خارج ويڪسين لڳڻ ڪري ڪجهه ٻارڙن جي مرڻ جون به خبرون آيون آهن، سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي لاپرواهي، نقلي دوائون، مدي خارج دوائن جي ڪري مريضن جي مرڻ جون خبرون وقت به وقت مختلف شهرن مان نظر اينديون آهن، پر صحت کاتو ان تي نوٽيس نه وٺندا آهن جي وٺندا آهن ته بس خانا پوري لاءِ يا بس هڪ ٻن ڊاڪٽرن پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي معطل ڪيو ويندو آهي ۽ ڪجهه وقت بعد معطلي ختم ڪئي ويندي آهي. اهي به حقيقتون آهن ته معطلي مان ڇا ٿيندو، ڇا معطلي سان مري ويل ماڻهن سان انصاف ٿيندو؟ انصاف ۽ اخلاق جي تقاضا اها آهي ته صرف هيٺين عملي خلاف ڪارروائي ڇو؟ ان جا ذميوار صحت کاتي جو اعليٰ عملدار، صوبائي وزير به آهي، انهن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.
جيڪڏهن ڪنهن سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي لاپرواهي، نقلي ۽ مدي خارج دوائون جي ڪري هڪ به ماڻهو مري ٿو ته ان جو ذميوار صرف هڪ ڊاڪٽر نه پر ان اسپتال جو ايم ايس، ڊي ايڇ او، ڊائريڪٽر جنرل سيڪريٽري، صوبائي وزير به آهن. جڏهن هنن سڀني خلاف جوڳي ڪارروائي ٿيندي تڏهن اسان جي سرڪار ۾ سڌارو ايندو. صحت کاتي جي ان کان وڌيڪ ڪهڙي نااهلي هوندي جو سرڪاري اسپتالون اين جي اوز حوالي ڪيون پيون وڃن، پر ان سان به عوام کي ڪو لاڀ نه پيو ملي. تازو ڪورٽ سڳوري سرڪاري اسپتالن جي ڊاڪٽرن کي خانگي اسپتالن ۽ پنهنجون ڪلينڪون نه هلائڻ جو حڪم ڏنو. ان تي عوام خوشي جو اظهار ڪيو پر افسوس جو صحت کاتي ڪورٽ سڳوري جي اهڙي عوامي مفادن واري فيصلي تي عمل نه ڪرايو، اڄ به سرڪاري اسپتالن جا ڊاڪٽر پرائيوٽ اسپتالن ۾ ڪم ڪن پيا، پنهنجون خانگي ڪلينڪون هلائين پيا. اسان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي سلام پيش ڪريون ٿا، جنهن مٺي سول اسپتال ۾ مدي خارج ويڪسين جي ڪري فوت ٿيل ٻارڙن جي موت جو ذميوار هڪ ٻه ڊاڪٽرن کي نه پر ايم ايس، صحت کاتي جي سيڪريٽري ۽ وزير کي به قرار ڏنو آهي. ان ڪري صوبائي سرڪار کي به گهرجي ته صحت جي معاملن ۾ غفلت ڪندڙ اعليٰ عملدارن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن صحت جي شعبي ۾ سڌارا اچي سگهن.
(روزاني عبرت 26 مارچ 2018ع)

Tuesday, December 26, 2017

وال پيپر؛حق گهرندڙن تي لٺيون نه وسايو

سارنگ چانڊيو
هن وقت سنڌ حڪومت جيڪو ڪجهه جمهوري دور ۾ ڪري رهي آهي اهو لقاءُ ته آمريت جي دور ۾ حڪومت سنڌ جي ماڻهن سان ڪندي رهندي هئي،؟ آمر مشرف ۽ ارباب رحيم جي دور ۾ جيڪي ڪلور ، ڪيس ، قهر ڪيا ويا انهن خلاف پ پ پ ان وقت سخت احتجاج ڪندي هئي، انهن عمل کي غير انساني ورتاءُ قرار ڏيندي هئي، پر پ پ پ اڄ اهو سڀ ڪجھه پاڻ ڪري اهو تاثر ڏئي رهي آهي ته اوهان جي جنهن سان محبت هئي اها هاڻ ناهي ؟ اوهان کي احتجاج جو حق ناهي؟ ان کان ايم ڪيو ايم طرفان سي ايم هائوس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، گورنر هائوس جي مک گيٽ اڳيان جماعت اسلامي ٽي ڏينهن ڌرڻو هنيو ، تحريڪ انصاف  طرفان سي ايم هائوس اڳيان مک گيٽ تي ڌرڻو هنيو ، ان وقت ڪو به ريڊ زورن نه هيو ، تشدد ڪري اهو ثابت ڪيو ويو ته  ريڊ زورن فقط سنڌين  لاءِ هوندو آهي. اهو سڀ ڪجهھ ان ڪري ٿيندو آهي جو اسان چونڊ صحيح نه ڪندا آهيون ان ڪري اسان کي اها سزا ملندي رهندي آهي انهن ۾ حڪمرانن جو ڏوھ ناهي اهو ڏوھ  اسان سڀني جو آهي جيڪي اهڙا وزير ۽ مشير چونڊي ايوانن ۾ موڪليون ٿا جيڪي رڳو ننڊ ڪرڻ جا عادي آهن باقي ڳالهائڻ واري زبان ڪاڪڙي مان نڪتل هوندي اٿن؟ جڏهن اهي ان فلور تي پهچندا آهن، انهن کي سنڌ جي ماڻهن جي دردن ڏکن ۽ ٻين تڪليفن جو ڪوبه الڪو ناهي هوندو اهي فقط مراعتون وٺڻ لاءِ اسان جهڙن اٻوجھن کي بيوقوف بڻائي ووٽ وٺندا آهن.جڏهن ڪا ڏاڍي ڌر احتجاج ڪندي آهي ته اها جهموريت طريقي سان احتجاج ڪري رهي هوندي آهي؟ جڏهن هن خطي جا قديمي رهواسي پنهنجي حقن لاءِ ڪو احتجاج ڪندا آهن ته انهن تي غلامن وانگي لٺيون وسايون وينديون آهن
2014ع ۾ اين ٽي ايس ذريعي ڀرتي ٿيل استادن ۽ ماسترياڻين پنهنجي مسقبل لاءِ  سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ جي مکيه گيٽ اڳيان ڪبوتر چونڪ تي احتجاج ڌرڻو هنيو ته پوليس انهن تي ڪڙڪي پئي  عورت استادياڻين تي بي رحماڻو تشدد ڪيو انهن جي وارن مان گهلي کين ٽنگا ٽولي ڪري پوليس موبائيلن ۾ اڇلايو ويو ڄڻ اهي رڍون، ٻڪريون  هجن ، مرد استادن تي لٺبازي ڪئي وئي ، انهن مٿان واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ويو، استادن جون گرفتاريون ٿيون ، ان وقت اهو محسوس ٿي رهيو هو ته پوليس ڄڻ ڪنهن غير ملڪي ماڻهن تي ڪڙڪيل هئي ، پوليس سمورا انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا. تاريخ شاھد آهي ته جڏهن به سنڌين ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو آهي ته انهن تي ائين تشدد ڪيو ويندو آهي ؟ 15 هزار استاد اين ٽي ايس جي ذريعي ڀرتي ڪيا ويا هئا ، پنجاب ۽ خيبر پختون خواھ صوبن به عالمي بينڪ جي چوڻ تي اين ٽي ايس ذريعي استاد ٽن سالن لاءِ ڀرتي ڪيا هئا انهن ٻنهي صوبن انهن کي پڪو ڪري ڇڏيو آهي ، جڏهن ته سنڌ ۾ به گادي واري شهرڪراچي  سان تعلق رکندڙ غير سنڌي اين ٽي ايس استادن کي پڪو ڪيو ويو آهي صرف ڪراچي کان هٽي باقي ٻين ضلعن سان تعلق رکندڙ استادن کي تعليم کاتي چيو آهي ته اوهان کي پڪو ان شرط تي ڪيو ويندو ته اوهان ٻيهر امتحان ۾ ويهو اهو امتحان پاس ڪريو ،  هڪ ئي صوبي جي  هڪ ڊويزن جي استادن کي ٽن سالن جو مدو پورو ٿيڻ تي پڪو ڪيو ويو ، ساڳو امتحان پاس ڪندڙ ٻين ڊويزن جي استادن کان واري امتحان وٺڻ جو شرط رکڻ حڪمرانن جي اها نيت ظاهر ڪري ٿو ته سنڌين سان هڪڙي ۽ غير ڌرتي ڌڻين سان ٻين سان وري ٻي آهي
ان مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته ڪجهھ ميهنن کان پوءِ اليڪشن آهي اهي وڏيرا ذهن جيڪي چاهين ٿا ته 15هزار جيڪي ڀرتي ٿيل استاد آهن اهي ڪڍي ڪري انهن کي ڀرتي ڪيو وڃي جيڪي انهن جا هاڪاري آهن، ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ پنهنجو گراف ٺاهي ڪري اهو تاثر ڏين ته اسان بيروزگاز نوجوانن کي روزگار ڏئي پنهنجو واعدو نڀايو آهي هاڻ اوهان پنهنجوواعد پورو ڪجو، جيئن ماضي ۾ انهيءَ حڪومت جي هڪ تعليم جي وزير ڪراچي جي 20 هزارکان مٿي استاد جعلي ڀرتي ڪيا هئا؟ ورلڊ بئنڪ جي دٻاءَ سبب پ پ پ حڪومت مجبورن اين ٽي ايس کان ٽيسٽ ڪرائي جنهن ۾ اهي پاس جيڪي پڙهيل هئا ۽ حڪومت جا سفارشي ماڻهو ڀرتي کان رهجي ويا هاڻ چاهين ٿا اهي اڻ پڙهيل نوجوانن کي استاد طور ڀرتي ڪيو وڃي جنهن سان سنڌ جي تعليم تباھ ٿي وڃي .
جيڪڏهن سنڌ سرڪار ڪجھه ڪرڻ چاهي ٿي ته انهن خلاف ڪاروائي ڪري جيڪي 6 سئو اربن کان مٿي پئسا اسڪولن جي بنيادي سهولت جي نالي تي هڙپ ڪري ويا آهن، رڳو انهن استادن، صحافين، ٻين کي تشدد جو نه نشانو نه بنائي جيڪي هن قوم جون اکيون آهن انهن تي تشدد نه ڪيو وڃي جئين سڀاڻي سنڌ جو ڪوبه ٻار پڙهي نه سگهي، رڳو وڏيرن ، پيرن ، سردارن ۽ ڀوتارن جي اوطاق جي رکوالي ڪندا رهن.
سنڌ سرڪار کي اهو ڪڏهن به نه وسارڻ گهرجي ته اڄ اقتدارانهن وٽ آهي ته سڀاڻي ٻين وٽ هوندو تنهن ڪري اهڙو ڪوبه فيصلو نه ڪيو وڃي جنهن سان سنڌ ۽ سنڌين کي نقصان ٿئي ، اها روش آمراڻي آهي جهموري حڪومت کي ائين نه ڪرڻ گهرجي.

Monday, August 22, 2016

وال پــــيــــپـــــــر :ڪراچيءَ جي ڪارخانن ۾ ڌرتيءَ ڌڻين لاءِ بند ٿيل روزگار جا دَرَ


ميڊيا اطلاع آهن ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ اندر مختلف صنعتي علائقن خاص ڪري سائيٽ، اورنگي ٽائون، بلديا لانڍي واري علائقي، ڪورنگي، نئين ڪراچي، سهراب ڳوٺ ۽ ٻين علائقن جي صنعتن ۾ هڪ منظم سازش ۽ رٿابنديءَ تحت ڌرتيءَ ڌڻين يعني سنڌي ماڻهن لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪري ٺيڪيدار نظام لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ اهي ٺيڪيدار وري اهي ماڻهو آهن جن جو ڌرتيءَ سان ڪو تعلق ناهي، تنهن ڪري انهن جي ترجيح ڌرتي ڌڻي نه پر ڌاريا آهن، اهي ڌاريا جن هن شهر جي امن کي ٽياس تي ٽنگي رکيو آهي.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ ڪراچي سنڌ جو اهڙو ته پرامن ۽ غريب پرور شهر هئي جتي بنا ڪنهن فتني فساط، لساني ۽ فرقيوار تحسب توڙي قبضي جي سوچ ۽ ذهنيت جي سڀ ماڻهو امن سان رهندا هئا، ڪير ڇا ٿو ڪري ان سان ڪنهن جو ڪو مطلب نه هوندو هو، هر ڪو پنهنجي دنيا ۾ مگن، نه فساد نه جهيڙو، نه دهشت گردي نه ٽارگيٽ ڪلنگ، نه ڀتو، نه زوريءَ فطرو وٺڻ جو رواج، نه ئي جانورن جون کلون نه ڏيڻ تي گوليءَ سان هڪ لحظي ۾ انساني زندگي ختم ڪرڻ جي ريت مطلب ته اها ڪراچي اڄ جي ڪراچيءَ کان الائي جي ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ خوبصورت، پرامن، چڱي ۽ سهڻي هئي.
ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني آهي ۽ سنڌ جي وارثن سان بلڪل ايئن ئي ٿيو آهي جيئن اسرائيل سوداگر فلسطين ۾ آيا ٽانڊو کڻڻ هئا پر ويا بورچي بڻجي ۽ فلسطيني آهن جو اڄ تائين دربدر ڌڪن ۽ ٿاٻن ۾، لاش کڻڻ ۾، حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ ۾ ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ٻن ويلن جي ڳڀي ۽ ڇت جي ڳولا ۾ مصروف آهن.
سنڌ سان به ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ بلڪل ايئن ئي ٿيو آهي. هڪ سازش تحت ورهاڱي کانپوءِ هندستان جي مختلف رياستن مان جيڪي ورهاڱي جا متاثر مسلمان ڀائر هيا تن کي اڄوڪي پاڪستان ۾ سمورن علائقن اندر برادريءَ جي بنياد تي ورهائي رهائڻ بدران سڀني کي سنڌ ڏانهن آڱر سان اڳتي جو رستو ڏيکاريندي ڀاشن ڏنا ويا ته ”پاڪستان آگي هي“ سو ايئن ئي انهن سڀني مسلمان ڀائرن جو ٿاڪ ۽ آماجگاهه سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ کي بڻايو ويو ۽ ڪراچي جتي صدين کان سنڌي اڪثريت ۾ هيا اوچتو ئي اوچتو آباديءَ جو توازن بگڙي ويو. ڌرتي ڌڻين جي آبادين کي غير قانوني ڪوٺي کين لڏايو ويو سندن آبادين کي بنيادي سهولتن کان محروم رکي نون آيلن کي سندن زمينون، وسيلا، روزگار، سهولتون مطلب ته سڀ ڪجهه ڏنو ويو، بلڪل ايئن ئي جيئن فلسطين جي ڌرتيءَ تي اسرائيلي طاقتور ۽ فلسطيني ٻن ويلن جي ڳڀي لاءِ پريشان آهن. ڪراچيءَ اندر ڌرتي ڌڻين سان به ته ايئن ئي ٿيو آهي.
ڪراچي ورهين کان وٺي بدامنيءَ جو ڳڙهه رهندي آئي آهي ۽ اهڙو ڦٽيل شهر پئي رهي آهي جنهن جا ڦٽ رت ڳاڙيندا رهيا آهن ۽ اهي ڦٽ پنهنجن نه پر انهن ڏنا آهن جن کي هٿ سان هتي آڻي رهائي هن شهر جو دعويدار بڻايو ويو آهي. سنڌ جي هن راڄڌانيءَ ۾  افغاني، بيهاري، بنگالي، برمي، گجراتي مطلب ته وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ کي جيئن وڻي تيئن ڪرڻ جي اجازت آهي ڪنهن فوٽ پاٿ تي قبضو ڪري، ڪنهن چوراهي يا پارڪ جي جاءِ تي ريڙهو هڻي يا ڪو دڪان ٺاهي ويهي رهي ان کان سڀ پڇاڻا معاف، جڏهن ته ڌرتيءَ جو ڪو ڌڻي جيڪڏهن اهڙي ڪا هُج ڪندو به ته اهو ڪاٺ ۾ هوندو. اهو عمل پنهنجي ئي ديس ۾ ڌرتيءَ ڌڻين تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي اها سازش آهي جيڪا ننڍي کنڊ جي ورهاڱي شرط ئي شروع ٿي وئي هئي.
ڪراچيءَ اندر مختلف صنعتي علائقن ۾ ڌرتي ڌڻين لاءِ روزگار جا در ڪي اڄ بند ناهن ٿيا. هتي مڪامي ماڻهن سان اڇوتن ۽ ريڊ انڊين وارو سلوڪ ڪا نئين ڳالهه ناهي. سنڌ ۾ اڄ جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آهي، جنهن جو ڳڙهه به سنڌ آهي ته تڪ به سنڌ ۽ ان هميشه سنڌ جي زور تي وفاق ۾ سياست ڪئي آهي ۽ سنڌ کي استعمال ڪري ئي وفاق اندر اقتدار ۾ مختلف حصن ۾ حصو به ورتو آهي ته ان جو باقي سياسي ڌرين کان وڌيڪ فرض ٿئي ٿو ته اها هن معاملي جو نوٽيس وٺي. خاص ڪري سنڌ جي وڏي وزير جو پورهئي بابت نئون صلاحڪار سعيد غني جيڪو هڪ متحرڪ نوجوان آهي تنهن کي هن معاملي بابت اڳتي اچي تفصيل سان جاچ ڪرڻ کپي.
ڪنهن به ڌرتيءَ تي جيڪڏهن ڪو ڪارخانو قائم ٿئي ٿو ته اهو صوبائي حڪومت جي اجازت کان سواءِ ۽ ان جي قاعدن ۽ قانون تي عمل کان سواءِ قائم ٿي نٿو سگهي. ۽ اهو ته عالمي اصول آهي ته جتي به ڪا صنعت ۽ ڪارخانو لڳي ٿو ته اتي روزگار جو سڀ کان پهريون حق مقامي ماڻهن جو يعني ڌرتي ڌڻين جو هوندو آهي. ڪراچي سامونڊي بندر گاهه آهي ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هن شهر ۾ روزگار جا تمام گهڻا وسيلا هئڻ سبب نه رڳو وڏي تعداد ۾ غير قانوني پرڏيهي هن شهر ۾ روزگار سانگي اچن ٿا يا آندا وڃن ٿا پر ملڪ جي ٻين صوبن مان به ماڻهو وڏي تعداد ۾ ڪراچيءَ اچن ٿا. روزگار هر ڪنهن جو حق آهي پر صورتحال ان وقت خراب ٿئي ٿي جڏهن ان ڏس ۾ متڀيد ۽ تعصب کان ڪم ورتو وڃي ٿو. يعني ڌرتي ڌڻين کي پٺتي رکي، نظر انداز ڪري، نوڪريءَ کان ۽ مزدوريءَ کان ٺپ جواب ڏئي ان جي جاءِ تي ڌارين کي يا ٻين صوبن کان آيلن کي ڀرتي ڪيو وڃي ٿو.
سو اميد ڪجي ٿي ته سنڌ سرڪار هن معاملي جو نوٽيس وٺندي، نه رڳو نوٽيس وٺندي جن ڪارخانيدارن قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا در بند ڪرڻ جي جرئت ڪئي آهي تنهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ مقامي ماڻهن کي ترجيح جي بنياد تي روزگار ڏيارڻ لاءِ قدم کنيا ويندا.
(روزاني عوامي آواز)   

Sunday, August 21, 2016

وال پــــيــــپـــــــر ؛ شام جي ڀيانڪ صورتحال ۽ موت جي مُنهن مان نڪتل معصوم عمران


وچ اوڀر ۾ بي چيني ۽ تشدد جو شڪار ماڻهن جو تعداد ڪروڙن ۾ ٿي چڪو آهي، جن ۾ لکين پناهگيرن پنهنجون زندگيون داءُ تي لڳائي ڇڏيون آهن، اهي زنده ته آهن پر هُو اها ڳالهه سوچڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ته آخر سندن زندگي ڪهڙي رُخ طرف وڃي رهي آهي، سندس منزل سامونڊي لهرون آهن يا پوءِ اڳتي مشڪلاتن جو شڪار، ڪڏهن وري ترڪي جي سامونڊي ڪنارن تي منهن ڀر ليٽيل معصوم ٻار، جڏهن هن جو روح به دنيا مان پرواز ٿي ويو هجي ته ڪڏهن ڪوههِ سنجر تي معذوري جي حالت ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان پيل عزيز نالي معصوم ٻار جون اکيون سج کي تڪيندي سڙي ويون هجن، ڇوته وزني هجڻ ڪري سندس ماءُ پنهنجي ٻار کي کڻي ڀڄي نه پئي سگهي ۽ اهو ٻار معذوري سبب پاسو به تبديل نه پيو ڪري سگهي ۽ نيٺ اسپتال ۾ هن تڙپي تڙپي دم ڏنو. ڪالهه سڄي دنيا جي اخبارن جي پهرين صفحن تي عمران جون تصويرون بلڪل اهڙي طرح ڇپيل هيون، جيئن ايلان ڪُردي جون تصويرون ڪجهه مهينا اڳ سڄي دنيا جو ضمير جاڳائڻ جون ڪوششون ڪري رهيون هيون، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي ماڻهن ايمبولينس جي ڪرسي تي ويٺل عمران جون تصويرون عالمي اڳواڻن جي ڳالهين جي وچ ۾ لڳائي ڇڏيون، ڇوته اها حقيقت آهي ته انهن سڀني ڳالهين ۽ سڀني پليٽ فارمز تي عمران موجود آهي، پر کيس ڏسڻ جي سگهه شايد ڪنهن وٽ به ناهي.
ٽن سالن جي ايلان ڪردي ۽ چئن سالن جي عمران جي تصويرن شام جي ڀيانڪ گهرو ويڙهه کي عالمي منظرنامي تي اجاگر ڪري ڇڏيو آهي، پر اهڙا ڪيترائي ٻار آهن، جيڪي ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز نه بڻجي سگهيا، پر هو زندگي جا خواب کڻي ڦٽڻ کان اڳ ئي مرجهائجي ويا. ڪالهه به هڪ 8 مهينن جي ٻارڙي جي فوت ٿين جي خبر وڏين سرخين ۾ هلي، ان جي باوجود جو پناهگيرن جي معاملي کي منهن ڏيڻ جي سلسلي ۾ عالمي برادري پنهنجا محدود وسيلا استعمال ڪري رهي آهي. يورپي ملڪ انتظامي مسئلن ۽ اختلافي معاملن کي سلجهائڻ جي ڪوشش ۾ آهن، پر ٻئي طرف گهرو ويڙهه، ڇڪتاڻ ۽ تڪرارن جو شڪار ملڪن ۽ خطن سان تعلق رکندڙ ماڻهو پنهنجي زندگين کي خطرن ۾ وجهندي امن ڳولڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. امن ۽ سڪون ڳولڻ جي تلاش ۾ هڪ ٻي شامي ٻارڙي ليبيا جي سامونڊي حدن ۾ ان وقت ٻڏي فوت ٿي وئي، جڏهن سندس گهر وارا ان ٻارڙي سان گڏ هڪ روشن مستقبل لاءِ هڪ ٽٽل ڦٽل ٻيڙي جو سهارو وٺڻ تي مجبور ٿي ويا، پر اها ٻيڙي کين يورپ پهچائڻ کان اڳ ئي سمنڊ جي لهرن سان جنگ وڙهندي ٻڏي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ مجموعي طور تي 6 پناهگير ٻڏي فوت ٿي ويا، ان حادثي ۾ پنجن سالن جي هڪ ٻارڙي به پنهنجي زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺي، رڳو هڪ نينگر کي بچايو ويو.
ريڊ ڪراس ۽ مائيگرنٽ آف شور ايڊ اسٽيشن MOAS جي سامونڊي ريسڪيو مشن ”فونيڪس“ ٻڌايو ته ان حادثي ۾ فوت ٿيل پنجن ماڻهن جي لاشن کي ڳوليو ويو آهي، پر آخري اطلاعن تائين هڪ معصوم ٻار لاپتا ڄاڻايو ويو هو، جنهن بابت خدشو ظاهر ڪيو ويو ته هن کي سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي، هڪ ٻئي حادثي ۾ 21 پناهگيرن کي بچايو ويو، جڏهن ته 27 شامي پناهگير ان ٻيڙي ۾ سوار هئا. مالٽا ۾ قائم ٿيل امدادي اداري MOASجي شريڪ باني ريگينا ڪاٽر ابورن شامي پناهگيرن جون جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته لڏپلاڻ واري بحران جي نتيجي ۾ هزارين ٻار مري رهيا آهن، جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ته ساڳئي وقت ماڻهو سمنڊ ۾ ٻڏي فوت ٿي رهيا آهن، خاص ڪري معصوم ٻارڙي جو ائين ٻڏي فوت ٿيڻ انتهائي صدمي جو ڪارڻ آهي. ريگينا ڪاٽر ابورن جو چوڻ هو ته عالمي برادري کي گڏجي ان بحران تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻا پوندا، اتر آفريقا ۽ ترڪي مان يورپ پهچڻ جي ڪوشش ڪندڙ پناهگيرن ۾ ٻارن جو هڪ وڏو تعداد شامل آهي. گڏيل قومن جي انگن اکرن موجب هلندڙ سال سامونڊي رستن ذريعي يورپ پهچندڙ پناهگيرن ۾ 27 سيڪڙو ٻار ئي هئا.
ٽن سالن جي شامي ايلان ڪردي جي لاش جي تصوير عالمي برادري ۾ هڪ ڀونچال پيدا ڪري ڇڏيو هو، پر هاڻي چئن سالن جي شامي ٻار عمران جي تصوير به پناهگيرن جي بحران جي نئين علامت بڻجي چڪي آهي، سندس جاري ڪيل تصويرن ۽ فوٽيج ۾ حلب جو رهائشي اهو ٻار زخمي حالت ۾ جيتوڻيڪ پنهنجي خيالن ۾ گُم ۽ خاموش آهي، پر سندس تاثرن ڪجهه چوڻ کانسواءِ ئي جنگ جي بي رحم ڪارروائين ۽ تشدد جي رازن کي دنيا جي آڏو کولي رکيو آهي.
ٻئي پاسي رومانيه به شام سان لاڳاپيل پنهنجي سرحدي علائقن ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪري ڇڏيا آهن ته جيئن غيرقانوني طور ايندڙ پناهگيرن جي سلسلي کي روڪڻ ۾ مدد ملي سگهي، ان کان اڳ هنگري سميت ٻيا ڪيترائي ملڪ اهڙا ئي قدم کڻي چڪا آهن. رومانيه جيتوڻيڪ پناهگيرن جي معاملي تي پنهنجي ٺوس منصوبابندي بيان ناهي ڪئي، تنهن هوندي به سرحد تي ڪتن جو تعداد وڌايو ويو آهي، جڏهن ته نگراني لاءِ خصوصي هيليڪاپٽرن ذريعي به مدد حاصل ڪئي پئي وڃي. يارنهن مهينا اڳ رومانيه جي پاڙيسري ملڪ هنگري شام ۽ ڪروشيا سان لاڳاپيل پنهنجي سرحدي گذرگاهن کي بند ڪري ڇڏيو هو. هاڻي امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته شام کان رومانيه داخل ٿيندڙ پناهگير يوڪرائن رستي سلوواڪيه يا پولينڊ وڃڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا. واضح رهي ته گذريل سال گهٽ ۾ گھٽ 10 لک پناهگير بلقان رستي يورپي ملڪن ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا، پر بلقان جي رستن کي هلندڙ سال مارچ ۾ ان وقت باقاعده طور بند ڪيو ويو هو، جڏهن ترڪي ۽ يورپي يونين جي ڊيل طئي ٿي هئي، جنهن تحت انقره حڪومت کي پابند ڪيو ويو هو ته هو غيرقانوني طور تي ايجيئن سمنڊ رستي يورپي يونين ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ پناهگيرن کي روڪيندو ۽ يونان پهچندڙ پناهگيرن کي قبول ڪندو. هوڏانهن اتر فرانس ۾ واقع ڪيلي جي پناهگيرن جي ڪئمپ ۾ ملڪ ڇڏيندڙن جو تعداد 70 هزار تائين پهچي ويو آهي، جتي هو انتهائي بدترين زندگي گذاري رهيا آهن، ان جي ڪري انهيءَ ڪئمپ تي جهنگ جو نالو پئجي ويو آهي.جڏهن ته هلندڙ سال دوران يونان يا اٽلي پهچڻ جي ڪوشش ۾ ٽي هزار کان وڌيڪ پناهگير ۽ ملڪ ڇڏيندڙ سمنڊ ۾ ٻڏي فوت ٿي چڪا آهن، گذريل سال جي مقابلي ۾ اهو تعداد 50 سيڪڙو وڌيڪ ٿئي ٿو.

(روزاني عبرت)  

Saturday, August 20, 2016

وال پــــيــــپـــــــر ؛13 لک ڇِرا هڻي آزاديءَ جي ڪشمير هلچل دٻائڻ جا ڀارتي جتن


گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مُون ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ بي گناهه ماڻهن جي مارڻ جي نندا ڪندي اتي وڌيڪ تشدد روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. اها خاطري هُن وزيراعظم ميان محمد نواز شريف پاران ڏانهنس موڪليل ان خط جي جواب ۾ چئي آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي وزيراعظم والاريل ڪشمير جي معاملي کي گڏيل قومن جي ٺهرائن آهر حل ڪرڻ ۽ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران بي انتها ظلمن کي روڪڻ لاءِ سندس ڪردار جي ادائگيءَ جي اپيل ڪئي
بان ڪي مُون ٻنهي ملڪن تي زور ڀريو آهي ته ڪشمير مامري جي امن ڀرئي حل ۽ خطي ۾ امن واسطي ٻئي ملڪ پاڻ ۾ ڳالهيون ڪن.  بان ڪي مون پنهنجي جوابي خط ۾ وزيراعظم ميان نواز شريف جي انهن قدمن جي ساراهه ڪئي جيڪي خطي ۾ امن واسطي هو کڻي رهيو آهي. هن اها پڻ خواهش ڏيکاري ته گڏيل قومن جي ايندڙ اجلاس ۾ ساڻس ملاقات ڀيري انهن سمورن معاملن تي پڻ ڳالهايو ويندو.
ڪشمير واديءَ ۾ 8 جولاءِ تي حريت پسند ڪمانڊر مظفر واني جي قتل خلاف احتجاج ۽ ٿيندڙ مظاهرن کي ڪچلڻ لاءِ ڀارتي فوج بي لغام تشدد ڪري رهي آهي، جنهن کي ڪابه جهل ۽ روڪ نظر نه ٿي اچي. گذريل 42 ڏينهن کان ڄمون ڪشمير ۾ ڪرفيو نافذ آهي، 70 کان مٿي ڪشميري قتل ۽ هزارين ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن، انهن ۾ مظاهرا ڪندڙ سوين احتجاجي پڻ گرفتار ڪيا ويا آهن.
ڀارتي سرڪار ڄمون ڪشمير ۾ جيڪي ڪجهه ڪري رهي آهي ان کي پنهنجي ملڪ جو اندروني معاملو سڏي رهي آهي. ايستائين جو ماڻهن کي مارڻ لاءِ تشدد کي ڪتب آڻڻ به هنن لاءِ ”اندروني مامرو“ آهي.
ڀارت جي نامياري اخبار ”هندو“ ڪالهه اها رپورٽ جاري ڪئي آهي، جيڪا ڀارت جي ”پاڇي پوليس“ (رزروِ پوليس) جي آءِ جي  پاران ڄمُون ڪشمير هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي آهي. ان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل 32 ڏينهن ۾ 8  جولاءِ کان 11 آگسٽ جي 32 ڏينهن ۾ 3500 ڪارتوس ڪتب اندا جنهن ۾ 13 لک ڇِرا هيا. ان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مظاهرو ڪندڙ 400 ڄڻن جي اکين ۾ اهي ڇِرا هنيا ويا ۽ انهن وٽ قانون هٿ ۾ کڻندڙن سان اهو ئي طريقو هيو. هن رپورٽ ۾ چيو آهي ته 2010ع ۾ به مظاهرو ڪندڙن خلاف ”پمپ ايڪشن گن“ وسيلي اهي ئي ڪارتوس ڪتب آڻي ٺاپر ڪئي وئي هئي. جي اهو هٿير هٽايو ويندو ته ماڻهو به گهڻا مرندا ۽ سڪون واري فضا به قائم ٿي نه سگهندي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واديءَ ۾ امن واسطي 14 قسمن جا هٿيار ڪتب آندا پيا وڃن، جنهن ۾ ڳاڙها مرچ مليل دستي بم، مرچائي بال، بجليءَ جا شيل شامل آهن. جڏهن ته مظاهرو ڪندڙن کي اڳتي وڌڻ ۽ ٽڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ 8650 ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا گولا ڪتب آندا ويا. جڏهن ته فولادي گولين بدران 2671 پلاسٽڪ گوليون پڻ استعمال ڪيون ويون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪوشش ڪري اهي سمورا هٿيار مظاهرو ڪندڙن جي چيلهه کان هيٺ نشانو وٺي هلايا ويا.
اها رپورٽ جيڪا ڀارتي پوليس اداري پاران عدالت ۾ پيش ڪرڻ سبب ان جي درست يا غلط هجڻ وارو سوال پاڻمرادو ختم ٿي ويو آهي ۽ ان سان گڏ ڀارتي سرڪار جي عوام دشمن روئي جا سڀ شاهڪار سامهون اچي ويا آهن.
سڄي دنيا جي عوام کي ڄمون ڪشمير جي عوام سان ٿيندڙ انسان سوز ظلمن خلاف آواز بلند ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي ڀارت تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي ته جيئن اهي سمورا ظلم بند ٿي سگهن. ڀارت جي سرڪار کي ان غيرانساني روئي، ڪتب آندل جنوني طريقن ۽ پنهنجا حق گهرندڙن خلاف خطرناڪ ايڪشن کي نه رڳو بند ڪرڻ گهرجي پر ڄمون واديءَ ۾ انسانن کي پنهنجي گهرن توڙي شهرن ۾ آزاد فضا ۾ رهڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي.
(روزاني عوامي آواز)   

Friday, August 19, 2016

وال پــــيــــپـــــــر ؛ 7 ڪروڙ ماڻهن جي ڊيٽا نه هُجڻ وارو الميو!


شماريات کاتي جي چيف آصف باجوا سينيٽ جي قائمه ڪميٽيءَ آڏو اِهو انڪشاف ڪيو آهي ته مُلڪ جي 19 ڪروڙ 60 لک آباديءَ مان 7 ڪروڙ ماڻهن جو پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس ۽ نادرا وٽ ڪو به رڪارڊ ناهي. سندس چوڻ آهي ته اُهي 7 ڪروڙ ماڻهو ڇا ٿا ڪن، ڪٿي رهندا آهن ۽ اُنهن جي گذران جو ذريعو ڇا آهي؟ اِن حوالي سان اسان کي ڪا خبر ناهي. باجوا جو چوڻ هو ته مُلڪ ۾ آباديءَ جي تعين لاءِ آدمشماري ضروري آهي ۽ ماڻهن متعلق معلومات آدمشماري ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿي. جڏهن ته مُلڪ ۾ ڌاري آباديءَ جي تعداد جي تعين لاءِ به اِهو عمل لازمي آهي. آصف باجوا جو چوڻ هو ته آدمشماري لاءِ پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي تياري مڪمل آهي، پر دهشتگردي خلاف جاري جنگ سبب فوج جي عدم دستيابيءَ ڪري هيستائين آدمشماري ڪرائڻ ممڪن نه ٿي سگهيو آهي. هُن جو چوڻ هو ته آدمشماري ڪرائڻ جي لاءِ هڪ لک 66 هزار عملي جي ضرورت آهي، جڏهن ته اِهو ڪم فوج کان سواءِ ممڪن ناهي، نه ئي فوج کان سواءِ آدمشماري ڪرائڻ جو ڪو متبادل پلان موجود آهي.
ٻُڌايو پيو وڃي ته سينيٽ جي قائمه ڪميٽيءَ جي ميمبرن اهڙي صورتحال تي تشويش جو اظهار ڪندي حڪومت کي تجويز ڏني آهي ته اُها آدمشماريءَ لاءِ ڪو متبادل پلان تيار ڪري. موجوده حڪومت جيتوڻيڪ هلندڙ سال جي مارچ ۾ مُلڪ اندر آدمشماري ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو، پر سيڪيورٽي خدشن ۽ فوجي اهلڪارن جي دستياب نه هجڻ سبب گڏيل صلاح سان آدمشماريءَ جي مرحلي کي پوئتي ڪيو ويو ۽ هاڻ اِها اُميد ڏيکاري پئي وڃي ته هن سال جي نومبر يا ايندڙ سال مارچ ۾ آدمشماري ڪرائي ويندي. مخالف ڌر جون پارٽيون، حڪومت جي اِن موقف کي رد ڪندي اِهو الزام هڻي رهيون آهن ته حڪومت ڄاڻي ٻُجهي انهيءَ معاملي کي اينگهائي رهي آهي.
ڪنهن به مُلڪ جي ڀلائي بهتري، امن ۽ اتحاد لاءِ جيڪي عمل تسلسل سان ٿيڻ گهرجن، اُنهن ۾ آدمشماري مُهڙين فهرست ۾ اچي ٿي، جو اُن سان مُلڪ ۾رهندڙن جو تعداد، صوبن ۾ آباديءَ جو رجحان، ملڪ جي اندرين علائقن توڙي مُلڪ کان ٻاهر ٿيندڙ لڏپلاڻ جو پتو پوي ٿو. آدمشماري ان لاءِ به لازمي هوندي آهي جو انهيءَ ذريعي قومي مالياتي ايوارڊ جي ورهاست، حلقن جون تڪبنديون، صوبائي ۽ قومي اسيمبليءَ جي سيٽن ۾ آباديءَ جي حساب سان واڌارو ڪرڻ، صوبن جي نوڪرين توڙي ٻين اهم اسمن جو تعين پڻ آدمشماري جي انگن اکرن اچڻ کان پوءِ ڪيو ويندو آهي، پر بدقسمتيءَ سان گذريل ارڙهن سالن کان حڪمرانن اِهو انتهائي اهم فرض پورو ناهي ڪيو. هونئن ته ارڙهن سالن کان ٽياس تي ٽنگيل آدمشماريءَ واري مامري کان هر دؤر جي حڪومت ڪترائيندي رهي، پر موجوده حڪومت پڻ ساڳي روش اختيار ڪئي آهي ۽ اُها ايندڙ وقت ۾ انهيءَ مرحلي کي ممڪن بڻائيندي يا نه، تنهن بابت ته ڪجهه نٿو چئي سگهجي، پر جيڪو انڪشاف شماريات کاتي جي چيف ڪيو آهي سو انتهائي ڇرڪائيندڙ آهي. هڪ اهڙو مُلڪ، جيڪو جنگي حالتن مان گذري رهيو هجي، جنهن کي اندران توڻي ٻاهران ڪيترائي خطرا هُجن، اُن مُلڪ جي ادارن وٽ 7 ڪروڙ ماڻهن جو ڪو به رڪارڊ موجود نه هُجي ته ان کي تاريخي الميو ئي ڪوٺي سگهجي ٿو. ڳڻپ کاتي جي چيف مطابق اُنهن ماڻهن جي ڪا خبر ناهي ته اُهي ڪٿي ۽ ڪيئن ٿا رهن، اُنهن جي ڪرت يا ڪمائي جو ذريعو ڪهڙو آهي؟ اُهي صاف سُٿري ذهنيت جا مالڪ آهن يا اُنهن جي مَن ۾ ڪا مانڌاڻ متل آهي؟ اُهي آهن به يا اُنهن جو ڪو وجود ئي ناهي؟ اِهي سڀ اهڙا سوال آهن، جن بابت جڏهن سوچجي ٿو ته ڪيترائي خوف خطرا سوچ تي حاوي ٿي وڃن ٿا، پر سرڪار کي مٿي ۾ نه جونءَ نه لِيک! اُن کي بس بهانا گهرجن ٿا. هونئن به سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”نه“ کي نوَ ڪوٽ هوندا آهن. سو موجوده حڪومت به انهيءَ اهم معاملي اڳيان نوَ ڪوٽ اڏي ڇڏيا آهن. اِئين ڇو آهي، اُن جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، سڀ کان اهم ڪارڻ پنجاب جو رضامند نه هجڻ آهي، جو گذريل ڪيتري ئي وقت کان پنجاب جي ڀيٽ ۾ ٻين صوبن اندر تيزيءَ سان آبادي وڌي آهي.2011ع ۾ پڻ ڇهين آدمشماريءَ جو پهريون مرحلو، گھر شماري کي مڪمل ڪيو ويو هو، جنهن تي 3 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا هئا، پر ان جا انگ اکر ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ٻئي مرحلي، آدمشماري کي ملتوي ڪري، گھر شماري جي ظاهر ٿيل انگن اکرن کي رد ڪيو ويو ھو، ڇاڪاڻ ته ان گھر شماري جي ظاھر ٿيل انگن اکرن ۾ پنجاب صوبي جو حصو 5 کان 6 سيڪڙو گھٽجي ويو ھو. ان 2011ع جي گھر شماريءَ وارن انگن اکرن مطابق سڀ کان وڌيڪ ماڻهن جو انگ بلوچستان ۾ وڌيو هو، ٻئي نمبر تي سنڌ، ٽئين نمبر تي خيبرپختونخوا ۽ چوٿين نمبر تي پنجاب جي آدمشماري ۾ اضافو ٿيو هو. اهو ئي سبب هو جو وڌيڪ وسيلن جو خرچ ڪندڙ ۽ وفاق کان گھڻي ۾ گھڻو فائدو حاصل ڪندڙ پنجاب، 5 سال اڳ آدمشماريءَ جي پهرين مرحلي کي نه مڃيو ۽ ماڻهن جي ڳڻپ واري مرحلي کي شروع ڪرڻ نه ڏنو، پر هاڻ جڏهن 7 ڪروڙ ماڻهن جي ڊيٽا نه هُجڻ وارو انڪشاف ٿيو آهي ۽ سينيٽ جي قائمه ڪميٽيءَ پڻ حڪومت کي متبادل جي تجويز ڏني آهي، تڏهن ڏسڻو اِهو آهي ته حڪومت اُن تي عمل ڪري ٿي يا روايتي ڪاهليءَ کان ڪم وٺي ٿي. جيڪڏهن هن ڀيري به ڪاهليءَ کان ڪم ورتو ويو ته پوءِ ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين اِهو مرحلو پوئتي ٿي ويندو. تنهن ڪري سرڪار کي سينيٽ ڪميٽيءَ جي تجويزن تي ضرور غور ڪرڻ گهرجي.
 (روزاني عبرت)