Friday, June 3, 2016

اڙي موت ميار ايڏو ساڙ سڳنڌ سان









واحد پارس هيسباڻي
هن دنيا جي گولي تي روزانو ڪيترائي ماڻهو ڄمن ٿا ۽ ڪيترائي مري وڃن ٿا، ڪائنات جو هي چرخو صدين کان ان ئي انداز ۾ هلندڙ آهي. چون ٿا ته ڪنهن جي مري وڃڻ سان وقت نه ٿو رڪجي، پر مان ائين چوندو آهيان ته ڪي ڪي شخصيتون اهڙيون هونديون آهن، جن جي وڇوڙي جي خبر وڄ جيان ڪرندي محسوس ٿيندي آهي ۽ ائين لڳندو آهي ڄڻ وقت بيهي ويو هجي، ڪائنات جا رنگ ڌيما ڌيما ٿي ويا هجن، پنهنجي آس پاس ۾ هڪ وڏي کوٽ، هڪ وڏو خال محسوس ٿيڻ لڳندو آهي، دل جي ڪيفيت بلڪل ئي عجيب ٿي ويندي آهي.
بلڪل اهڙي ئي ڪيفيت منهنجي به ٿي، جنهن وقت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عابده طاهراڻي جي وفات جي خبر ٻڌم، بلڪه اها ڪيفيت هر ان ماڻهو جي ٿي هوندي جنهن ڪنهن نه حوالي سان سنڌ يونيورسٽي سان تعلق آهي يا رهيو آهي يا وري اهو ڊاڪٽر طاهراڻي جي شخصيت ۽ قابليت کان واقف آهي. مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙا تمام گهٽ ماڻهو ڏٺا آهن، جن سان ملڻ کانپوءِ توهان کي ائين محسوس ٿئي ته توهان ڪنهن پنهنجي ماڻهو سان مليا آهيو، ڊاڪٽر طاهراڻي جي ملڻ جو انداز بلڪل ئي ائين هو جيئن ماءُ پنهنجي اولاد سان ملندي آهي، هن جي چهري ۾ ماءُ جي شفقت جو نور سمايل هو، ”ٺيڪ آهيو ٻچا...“ منهنجي ڪنن ۾ سندس اهو ٻاجهارو جملو هينئر به ٻُري رهيو آهي ۽ اکيون وسي رهيون آهن، ڀٽائي چيو آهي ته:
ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنجهه،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
هي بيت ڊاڪٽر طاهراڻي تي بلڪل ئي ٺهڪي اچي ٿو هو به انهن ماڻهن مان هئي جن مان بهار جي خوشبوءِ ايندي آهي، اڄ جيتوڻيڪ هوءَ اسان جي وچ ۾ نه رهي آهي پر هن پنهنجي محنت ذريعي، پنهنجي سچائي ذريعي، پنهنجي شفقت ذريعي جيڪا ڪردار جي خوشبوءِ ڇڏي آهي، ان کي ڪو به موت ماري نه ٿو سگهي. سنڌ يونيورسٽي کيس صدين تائين ياد ڪندي.  هڪڙا اهي ماڻهو هوندا آهن جيڪي رڳو پنهنجي ذات لاءِ جيئندا آهن انهن جي ڪل ڪائنات بس پنهنجي ذات ئي هوندي آهي ۽ ان جي دائري تائين محدود هوندا آهن ۽ ٻيا اهي ماڻهو هوندا آهن،جيڪي ٻين لاءِ جيئندا آهن، انهن جي جياپي جو مقصد ٻين لاءِ ڪجهه ڪرڻ هوندو آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجي لاءِ جيئندا آهن، اهي بس ايستائين ئي جِي سگهندا آهن، جيستائين انهن جي سرير ۾ ساهه هوندو آهي ۽ جيڪي ٻين جي لاءِ جيئندا آهن اهي سرير مان ساهه نڪري وڃڻ کانپوءِ به جيئندا آهن ۽ هميشه لاءِ جيئندا آهن، انهن جو پورهيو، انهن جي نيڪ نيتي انهن جي سچائي انهن جي ايمانداري نسل در نسل ياد رکي ويندي آهي ۽ انهن جو جتي به ذڪر ٿيندو آهي ذڪر ڪندڙن توڙي ٻڌندڙن جون اکيون احترام وچان جهڪي وينديون آهن، ڊاڪٽر عابده طاهراڻي به انهن شخصيتن مان هڪ هئي جيڪي ٻين لاءِ جيئنديون آهن، سندس هڪ استاد وارو سمورو ڪيريئر هجي يا هاڻوڪي ويجهڙ واري تاريخ جو سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر وارو دور هجي، هن پاڻ مڃائي ۽ پاڻ ملهائي ڏيکاريو. هن کي جيڪي به ذميواريون مليون هن انهن کي سچائي، ايمانداري ۽ بهادري سان ملهائي به ڏيکاريو، هوءَ بهترين استاد، بهترين انتظامي سربراهه ته هئي پر ان سان گڏوگڏ هوءَ بهترين انسان به هئي، جيڪي خاصيتون هڪ ئي وقت هر ڪنهن ۾ نه ٿيون ٿي سگهن. ڪنهن کي عزت ڪيئن ڏجي ان جو کيس ڀرپور ڏانءُ هو، مون کي اها خبر ته ناهي ته مئڊم لاءِ دشمني ڪنهن ڪنهن پنهنجي دل ۾ پالي پر اها خبر ضرور اٿم ته هن جي دل ۾ دشمنيءَ وارو تصور به ڪو نه هو، هن سان جيڪو به مليو اهو پنهنجائپ جي گلن جا جهول ڀري واپس وريو، جيتوڻيڪ کيس سنڌ يونيورسٽي جي سربراهي جو موقعو تمام گهٽ مليو ۽ زندگي ساڻس وفا نه ڪئي پر هي جيترو وقت به ان عهدي تي رهي، هن پاڻ ملهائي ڏيکاريو، يونيورسٽي جو تعليمي معيار هجي، ملازمن جي جائز مفادن وارا معاملا هجن هر معاملي ۾ هن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. سنڌ يونيورسٽي هڪ ايماندار انتظامي سربراهه طور کيس سدائين ياد ڪندي رهندي.
هن ڪينسر جهڙي خطرناڪ بيماري سان جهڙي بهادري سان جهيڙيو ۽ ڪڏهن به ان کي پنهنجي حوصلي مٿان حاوي ٿيڻ نه ڏنو، اها سچ پچ وڏي ڳالهه آهي، جيڪو ڪجهه هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. مون ڪالهه به هڪڙي دوست سان ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو پئي ته مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙا بهادر ماڻهو تمام گهٽ ڏٺا آهن، جيڪي اهڙي خطرناڪ بيماريءَ جي اثرن کان واقف هجڻ جي باوجود ان انداز ۾ پرسڪون هجن ۽ اهڙي تڪليف جي باوجود ڪنهن کي به محسوس ٿيڻ نه ڏيندا هجن ۽ پنهنجي ڌرتي جي مستقبل جي معمارن  لاءِ اڃا وڌيڪ  ڪجهه ڪرڻ چاهيندا هجن، انهن جي اندر ۾ پنهنجي فرض سان ايتري ڪمٽمينٽ هجي، مون جڏهن به ڊاڪٽر طاهراڻي کي ڏٺو مرڪندي ڏٺو ۽ جڏهن به ڳالهائيندي ٻڌو حوصلي ۽ همت سان ڀرپور لفظن سان ٻڌو.
رکتي هين جو اورون ڪي ليئي پيار ڪا جذبه
وه لوگ ڪڀي ٽوٽ ڪي بکرا نهين ڪرتي..
 لڳ ڀڳ ٻه اڍائي مهينا اڳ سنڌ الاجي ۾ ٿيل انٽرنيشنل چلڊرنس فلم فيسٽيول ۾ مئڊم طاهراڻي جا زندگي سان ڀرپور اهي ٽهڪ اڃا تائين منهنجي ڪنن ۾ ٻُري رهيا آهن، جيڪي هوءَ هڪ مزاحيه فلم ڏسڻ دوران ڏئي رهي هئي ۽ تقريب ۾ سندس اهو جملو ته ”دل تو بچه هي ...“ ڪيڏو نه معصوم ۽ زندگي سان ڀرپور هو...  اهو ته ڪنهن جي وهم گمان ۾ به نه هو ته ٻارن جهڙي معصوم ۽ ماءُ جهڙي شفيق دل رکندڙ اسان جي مهربان وائيس چانسلر ائين اوچتو ئي اوچتو وڇڙي ويندي. علاج کانپوءِ جهڙي نموني سندس صحت ۾ بهتري اچي وئي هئي ۽ هن جهڙي انداز ۾ روز معمول جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو هو، ان کي ڏسي اسين سڀ خوش هئاسون ۽ مطمئن ٿي ويا هئاسون ته هاڻي مئڊم بلڪل ٺيڪ ٿي وئي آهي پر اوچتو سندس وڇوڙي جي خبر سچ ته اسان سڀني جي مٿان وڄ بڻجي ڪري آهي.
اڙي موت ميار ايڏو ساڙ سڳنڌ سان...
ڊاڪٽر عابده طاهراڻي جون سنڌ يونيورسٽي لاءِ ڪيل خدمتون تاريخ جو هڪ روشن باب آهن، هزارن جي تعداد ۾ شاگرد هوندا جن جي ذهنن جي هن آبياري ڪئي، جن کي علم جي روشني سان نوازيو. اهي شاگرد جتي جتي به هوندا، ڊاڪٽر طاهراڻي طرفان مليل علم جي لاٽ کي اڳتي وڌائيندا رهندا ۽ ڊاڪٽر طاهراڻي جو هڪ پڙهيل لکيل ۽ باشعور سماج وارو خواب ساڀيان ماڻيندو رهندو. اصل ۾ هي ماڻهو جيڪي پنهنجي ذات کي نظرانداز ڪري ٻين لاءِ جيئندا آهن، ٻين جي ڀلي جو سوچيندا آهن، ٻين جي ڪاميابي ۾ خوش ٿيندا آهن، اهي ڀلي دنيا ۾ نه به رهن، پر انهن جي سوچ زنده رهندي آهي، انهن جو پيغام زنده رهندو آهي، انهن جي ٻاريل لاٽ سدائين ٻرندي رهندي آهي.
مرڻا اڳي جي مئا سي مري ٿين نه مات،
هوندا سي حيات جيڻا اڳي جي جيا.
سنڌ يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر عابده طاهراڻي جو هڪ استاد وارو دور هجي يا انتظامي سربراهه وارو دور هجي، اهي ٻئي دور مثالي دور آهن، جن کي هميشه ياد رکيو ويندو. سچ پچ رڳو سنڌ يونيورسٽي ئي پر پوري سنڌ هڪ ساڃاهه وند شخصيت جي وڇوڙي تي سوڳوار آهي.
ڪون ڪهتا هي ڪي موت آئيگي تو مر جائونگا
مين تو دريا هون سمندر مين اتر جائونگا.....
(روزاني عبرت جي ٿورن سان)

SINDH SUJAG BLOG  شفيق شاڪر سنڌ سجاڳ بلاگ


Thursday, June 2, 2016

شاعريء جي زبان ؛ مــگـــر تـــون مـــــان نـه هـــــونـــــــداسيـــــــــــــــن،



ڪچهريون روز پيون ٿينديون، مگر تون مان نه هونداسين،
نيون پيون محفلون   مچنديون،  مگر  تون مان نه هونداسين.
مــوافــق بــاغ سـان بــادِ صبــا پــئـي هر گهڙي ٿيندي،
گــلــن ۾ رنــگتون اينديون، مـگر تــون مان نه هونداسين.
چــمــن ۾ چهــچٽا هونــدا، ڪـلين ۾ تازگـيون هونديون،
بـهــارون اينديون ۽ وينديون، مـگر تون مان نه هونداسين.
اهــي راتـيون رسـيليون ۽ رهـاڻيـون، تنهنجو ۽ منهنجو،
پـيـون هـر گام تي پڇنديون، مــگر تـون مان نه هونداسين.
اسان جي پيار جي خوشبـو سـان ويـندا واســجي ”راهي“،
سڀـئي واهڻ سڀـئي وسنديون، مـگر تون مان نه هونداسين


ادبي پڪوڙا؛ ”هيء ٽي وي ڪيتري جي آهي؟“

هڪ سک لنڊن  پهتو.گھر سيٽ ڪرڻ لاء سڀ کان پهرين ٽي وي خريد ڪرڻ جو سوچيائين۽ هڪ وڏي اسٽور اندر هليو ويو.پهرين ته هن جو وات حيرت وچان کليل رهجي ويوڇو ته اتي سوئيء کان وٺي جهاز تائين هر شيء ملي سگھي ٿي.پوء هو ڪائونٽر تي ويو ۽ سيلزمين کان پڇڻ لڳو؛
اها  ٽي وي  ڪيتري جي آهي؟
” اسان سکن کي ٽي وي نه وڪڻندا آهيون“. سيلزمين کيس کتو جواب ڏيندي چيو . سردار جيء کي زور جو جھٽڪو لڳو۽ هن واهگروء جو قسم کاڌو ته؛ ” آئون ه ٽي وي انهيء ئي دوڪان تان وٺندس.“
ٻئي ڏينهن ”سردار جي“ ويس بدلائي وري ساڳئي دوڪان تي ويو.ڪارو چشمو ۽ نهايت ئي ٻئي قسم جو لباس ۽ سيلزمين کي چوڻ لڳو؛ ”اها ٽي وي ڪيتري جي آهي؟“
” اسان سکن کي ٽي وي نه وڪڻندا آهيون“. سيلزمين کيس ساڳيو جواب ڏيندي چيو..سردار جي هاڻي هيڪاري ضد ۽ غصي ۾ اچي ويو پر حيران هو ته؛ ” هن مون کي ڪيئن سڃاتو؟“
ٽئين ڏينهن ته سردار جي پنهن جي ڏاڙهي ڪٽائي،ڪلين شيو بڻجي، پنهن جي پڳڙي به لاهي،پنهن جو پورو حليو ئي بدلائي آيو ۽ چوڻ لڳو؛ ” هيء ٽي وي ڪيتري جي آهي؟“
” اسان سکن کي ٽي وي نه وڪڻندا آهيون“. سيلزمين کيس وري به ساڳيو جواب ڏيندي چيو.سردار جي هاڻي ته ٽانڊو ٿي ويو.
ه چوٿين ڏينهن هوعورت جو  روپ ڪري ،هڪ برقعوبه پائي آيو ۽ هن سيلز مين کان  ساڳيوسوال ڪيو ته؛ ”هي ٽي وي ڪيتري جي آهي؟“
 ” اسان سکن کي ٽي وي نه وڪڻندا آهيون“. سيلزمين کيس وري به ساڳيو جواب ڏنو.
هاڻي سردار جي همت هاري ويٺو ۽ تمام عاجزيء سان سيلز مين کان پڇيائين؛
”ڀائو! هڪڙي ڳالهه ته ٻڌاء،آئون هيترا روپ بدلائي آيس پر تو هر ڀيري مون کي سڃاڻي ورتو.آخر ڪيئن؟“
سيلزمين اطمينان سان جواب ڏنو؛ ”ان ڪري جو تون چئن ڏينهن کان جنهن شيء کي ٽي وي سڏي رهيو آهين اها دراصل ٽي وي نه پر واشنگ مشين آهي!“

سنڌڙي تنهن جي سونهن (12)

هي جي فقير منش ماڻهو!

    شفيق الرحمان شاڪر

 بيمار وقت جاحڪمران به ٿين ٿا ۽ ٻيا ماڻهو پڻ پر هو جڏهن سخت بيماريء سبب پنهن جي ملڪ جي ئي هڪ اسپتال ۾ داخل ٿيو ته ملڪ ۾، خاص طور تي سوشل ميڊيا تي ڄڻ ته قيامت اچي ويئي هئي.هر طرف کان تشويش ۽ ڳڻتيء جو اظهار،گهر گھر مان دعائن ۽ نيڪ تمنائن جا تحفا،ايئن ٿي محسوس ٿيو ته هر پاڪستانيء جي گھر جو ڪو ماڻهو بيمار ٿي پيو هجي.اها ڪهاڻي ڪنهن اهڙي شخص جي ناهي جيڪو دنيا جوڪو وڏو مالدار،ڪارخانيدار،سياستدان يا ليڊر هجي يا سندس پويان شان شوڪت،رعب ۽ دٻدٻي،هشمت ۽ دهشت جا ڪي قافلا ڊوڙندا هجن،جيڏانهن ويندو هجي اتي سندس انتظار ۽ شان ۾ ڪي روڊ رستا بند ڪندا ويندا هجن.هي ته هڪ سادو سودو ۽ سچو پاڪستاني آهي،هڪ سوٽي قميص ۽ عام پاجامو پاتل،مٿي تي هڪ عجيب انداز جي سادي ٽوپي پهريل، ڊزائينر سوٽ،نه اڳيان پويان گاڏيون،نه ڊفينس ۽ نه باٿ آئيلينڊ ۾ ڪو محل،نه پرسنل اسٽاف،نه غيرملڪي دورا،نه ڊنر نه پارٽيون،نه پريس ڪانفرنس نه ايوارڊ نه روارڊ،منهن تي وڏي ڏاڙهي مبارڪ ۽ سندس چهري تي ڪامل اطمينان ۽ سڪون هوندي به ڏکويل انسانيت جي درد ۽ ڪرب جا نشان! اهو ماڻهو جيڪو ڪجھ نه هوندي به ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري ٿو.هي ماڻهو مذهب.اين جي اوز۽ خدمت خلق جا مڪاريء سان نالا استعمال ڪري پنهن جا ذاتي فائدا،عزت،شهرت ۽ ليڊري هٿ ڪرڻ جي منافقاڻي ڌنڌي کان صاف آهي.هي تعصب جي هر گندگيء کان به پاڻ کي پاڪ رکندو ٿو اچي.هي ته فقط هڪ فقير منش سادو اللھ جو بندو آهي جيڪو جيڪر روئي ٿو،کلي ٿو،جلي ٿو،سڙي ٿو ،پچي ٿو ۽ پڄري ٿو ته صرف ٻين بيوس ۽ ڏکي انسان جي لاء.خدا جو شڪر آهي ته سندس طبيعت ڪجهه سڌري ويئي آهي ۽ خدا ڪري سلامت رهي! گھڻا ضرور سمجھي ويا هوندا ته ڪنهن جو ذڪر ٿي رهيو آهي؟ جي ها،عبدالستار ايڌيء جو،آخر اها روايت ئي ڇو آهي جو اسان مرڻ کان پوء ماڻهن کي درويشن،فقيرن ،قطبن ۽ ولين جو درجو ڏيون ٿا، جيستائين اهي زنده آهن تيستائين تعريف ۽ همت افزائيء جا ٻه لفظ اسان وٽ انهن لاء ڇو ناهن هوندا؟
شهيد حڪيم سعيد جو مثال ڏسو.نه ڪوڙو ٺٺ ٺانگر،نه مصنوعي شان ۽ شوڪت، هڪ دفعي آمريڪا ويو ته سندس جوتو پيرن کي تڪليف ڏيئي رهيو هو.اسٽور تي ويو ۽ نئون خريد ڪرڻ چاهيائين پر جڏهن کيس قيمت سو ڊالر ٻڌائي ويئي ته چوڻ لڳو ته اهي سو ڊالر ”همدرد “جي اڪائونٽ ۾ چندو ڇونه ڏيئي ڇڏيان!جوتي ۾ ٿوري ڪپهه رکي ڇڏيائين ته جيئن کيس تڪليف نه ڏئي.ڏينهن ۾ صرف هڪ دفعو ماني،هر سومر تي روزو رکڻ. گھري ها ته ڪراچيء کان پئرس ۽ دوبئيء کان لنڊن تائين محلن.هوٽلن۽ڪارخانن جون قطارون لڳي وڃن ها پر اهي ماڻهو ڪنهن ٻي مٽيء جي خمير مان ٺهيل هوندا آهن. اهي اصولن جي لاشن جا بلند مينار ٺاهي عظيم ناهن بڻبا .ٺاهيائين ته ڇا ؟ همدرد جو ادارو،همدرد يونيورسٽي ۽ مدينت الحڪمت ٺاهيائين.جوڙيائين ته ڏکويل انسانيت لاء ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مڪتب ۽ شفاخانا جوڙيائين.پوء جڏهن کيس شهيد ڪيو ويو ته ڪهڙي اک هئي جيڪا آلي نه ٿي هجي.ڪهڙا چپ هئا جن تي سنگدل قاتلن جي خلاف بددعا لاء لفظ نه نڪتا هجن.                                                                                                     انهن شخصيتن جي ڀيٽ ۾ جنرل پرويز مشرف کي ڏسو.مسلمان دنيا جي سڀ کان وڏي فوج جو سربراه رهيو،اٽڪل پوري هڪ ڏهاڪي تائين ملڪ جي اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ بڻيو رهيو.اهڙو حڪمران جنهن کي سياستدان ڏه ڀيرا چونڊائڻ جا قسم کائيندا هئا.ڪجھ صاحب ته سندس نالي اڳيان ”سيد“ لڳائڻ سواء سندس نالو وٺڻ جي گستاخي به نه ڪندا هئا، ٿي سگھي ٿو ته اهي نالو وٺڻ کان پهرين وضو به ڪندا هجن.پر هو جڏهن ڪجھ عرصو پهرين پرديس ويو ته ڪيترا هن لاء پريشان ٿيا،ڪيترين اکين هن لاء رنو ۽ ڪيترين زبانن تي هن لاء دعائون بلند ٿيون؟ 22 ڪروڙ ماڻهن جي دلين کي جيڪر چيري ڏٺو وڃي ته جيڪا محبت عبدالستار ايڌي ۽ حڪيم سعيد جهڙن فقيرن جي حصي ۾ آئي ان لاء ته اهڙا حڪمران عمر تائين سڪندا ئي رهندا!                                                         هوڏانهن شان شوڪت،رعب ، دٻدٻو۽ هشمت ته ڏسو جو هتان هڪ محل مان نڪتو ته اڳيان ٻيو محل منتظر هو،هتان گاڏين جي لشڪر ۾ روانو ٿيو ته اتي اڳيئي گاڏين جو ٻيو لشڪر موجود هو،تصوير ۾ ڪو غلام سگريٽ دکائي سندس چپن ۾ ڦاسائي رهيو آهي. اڪثر  ”ڪناليء“ جا سوٽ پائيندو آهي جن جي قيمت ئي هڪ لک روپين کان شروع ٿئي ٿي.هڪ ڀيري ميڊيا ۾ خبر آئي هئي ته پشاور مان ٻارهن تيرهن جوڙا خاص پشاوري چپلن جا ڪراچيء جي محل ۾ گھرايائين.اسلام آباد ۾ فارم هائوس اهڙو جو ڊيود ۽ اوباما خواب ۾ به نه سوچي سگھن.سمورا حڪومتي ادارا ۽ سمورا سرڪاري شعبا سندس حفاظت لاء چيلهه ٻڌي بيٺل.پر سوين حسرتون انهن جي ڦٽل ڀاڳ تي جو اهي سڀ شيون ملي ڪري به انهن کي هڪڙي شيء نٿيون ڏياري سگھن سا آهي ” عزت“ ! پرويز مشرف ۽ ان جهڙا ٻيا بدنصيب حڪمران جيڪر عوام سامهون بلنديء جي ڪنهن مائونٽ ايوريسٽ چوٽيء تي پهچي وڃن ياستن سمنڊن جون گھرايون ماپي وٺن ته به اهي عبدالستار ايڌي،حڪيم سعيد ۽ ٻين ڪيترن ئي اهڙن گمنام فقيرمنش درويشن جي حصي ۾ آيل عزت،محبت،وقار۽ احترام جي موتين مان ماسو به حاصل ڪري نه سگھندا .اهو وقت جو فيصلو آهي ۽ اهو ئي تاريخ جو فيصلو آهي.

SINDH SUJAG BLOG  شفيق شاڪر سنڌ سجاڳ بلاگ


هدايت جورستو ؛ کين ڇڏي ڏي ته (دُنيا ۾) کائن پيئن ۽ مزا وٺن


 (اي پيغمبر) کين ڇڏي ڏي ته (دُنيا ۾) کائن پيئن ۽ مزا وٺن ۽ کين ڪو 
آسرو  ڀلائي رکي پوء ترت ئي  ڄاڻي وٺندا.   
۽ اسان اڳي ڪنھن به ڳوٺ کي ويران ڪيوسون (سندن بڇڙاين 
        ڪري) ته اُن لاءِ اڳواٽ مهلت مقرر ڪيل هئي.
چھوڑو انہیں ۔ کھائیں پئیں، مزے کریں، اور بھلاوے میں ڈالے رکھے اِن کو جھوٹی اُمید ۔ عنقریب انہیں معلوم ہو جائے گا۔ ہم نے اِس سے پہلے جس بستی کو بھی ہلاک کیا ہے اس کے لیے ایک خاص مہلتِ عمل لکھی جا چکی تھی۔(سورہ حجر آیت 3-4  )

SINDH SUJAG BLOG  شفيق شاڪر سنڌ سجاڳ بلاگ

.

وال پيپر ؛ گڏيء جو قتل.