Monday, August 22, 2016

وال پــــيــــپـــــــر :ڪراچيءَ جي ڪارخانن ۾ ڌرتيءَ ڌڻين لاءِ بند ٿيل روزگار جا دَرَ


ميڊيا اطلاع آهن ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ اندر مختلف صنعتي علائقن خاص ڪري سائيٽ، اورنگي ٽائون، بلديا لانڍي واري علائقي، ڪورنگي، نئين ڪراچي، سهراب ڳوٺ ۽ ٻين علائقن جي صنعتن ۾ هڪ منظم سازش ۽ رٿابنديءَ تحت ڌرتيءَ ڌڻين يعني سنڌي ماڻهن لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪري ٺيڪيدار نظام لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ اهي ٺيڪيدار وري اهي ماڻهو آهن جن جو ڌرتيءَ سان ڪو تعلق ناهي، تنهن ڪري انهن جي ترجيح ڌرتي ڌڻي نه پر ڌاريا آهن، اهي ڌاريا جن هن شهر جي امن کي ٽياس تي ٽنگي رکيو آهي.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ ڪراچي سنڌ جو اهڙو ته پرامن ۽ غريب پرور شهر هئي جتي بنا ڪنهن فتني فساط، لساني ۽ فرقيوار تحسب توڙي قبضي جي سوچ ۽ ذهنيت جي سڀ ماڻهو امن سان رهندا هئا، ڪير ڇا ٿو ڪري ان سان ڪنهن جو ڪو مطلب نه هوندو هو، هر ڪو پنهنجي دنيا ۾ مگن، نه فساد نه جهيڙو، نه دهشت گردي نه ٽارگيٽ ڪلنگ، نه ڀتو، نه زوريءَ فطرو وٺڻ جو رواج، نه ئي جانورن جون کلون نه ڏيڻ تي گوليءَ سان هڪ لحظي ۾ انساني زندگي ختم ڪرڻ جي ريت مطلب ته اها ڪراچي اڄ جي ڪراچيءَ کان الائي جي ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ خوبصورت، پرامن، چڱي ۽ سهڻي هئي.
ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني آهي ۽ سنڌ جي وارثن سان بلڪل ايئن ئي ٿيو آهي جيئن اسرائيل سوداگر فلسطين ۾ آيا ٽانڊو کڻڻ هئا پر ويا بورچي بڻجي ۽ فلسطيني آهن جو اڄ تائين دربدر ڌڪن ۽ ٿاٻن ۾، لاش کڻڻ ۾، حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ ۾ ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ٻن ويلن جي ڳڀي ۽ ڇت جي ڳولا ۾ مصروف آهن.
سنڌ سان به ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ بلڪل ايئن ئي ٿيو آهي. هڪ سازش تحت ورهاڱي کانپوءِ هندستان جي مختلف رياستن مان جيڪي ورهاڱي جا متاثر مسلمان ڀائر هيا تن کي اڄوڪي پاڪستان ۾ سمورن علائقن اندر برادريءَ جي بنياد تي ورهائي رهائڻ بدران سڀني کي سنڌ ڏانهن آڱر سان اڳتي جو رستو ڏيکاريندي ڀاشن ڏنا ويا ته ”پاڪستان آگي هي“ سو ايئن ئي انهن سڀني مسلمان ڀائرن جو ٿاڪ ۽ آماجگاهه سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ کي بڻايو ويو ۽ ڪراچي جتي صدين کان سنڌي اڪثريت ۾ هيا اوچتو ئي اوچتو آباديءَ جو توازن بگڙي ويو. ڌرتي ڌڻين جي آبادين کي غير قانوني ڪوٺي کين لڏايو ويو سندن آبادين کي بنيادي سهولتن کان محروم رکي نون آيلن کي سندن زمينون، وسيلا، روزگار، سهولتون مطلب ته سڀ ڪجهه ڏنو ويو، بلڪل ايئن ئي جيئن فلسطين جي ڌرتيءَ تي اسرائيلي طاقتور ۽ فلسطيني ٻن ويلن جي ڳڀي لاءِ پريشان آهن. ڪراچيءَ اندر ڌرتي ڌڻين سان به ته ايئن ئي ٿيو آهي.
ڪراچي ورهين کان وٺي بدامنيءَ جو ڳڙهه رهندي آئي آهي ۽ اهڙو ڦٽيل شهر پئي رهي آهي جنهن جا ڦٽ رت ڳاڙيندا رهيا آهن ۽ اهي ڦٽ پنهنجن نه پر انهن ڏنا آهن جن کي هٿ سان هتي آڻي رهائي هن شهر جو دعويدار بڻايو ويو آهي. سنڌ جي هن راڄڌانيءَ ۾  افغاني، بيهاري، بنگالي، برمي، گجراتي مطلب ته وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ کي جيئن وڻي تيئن ڪرڻ جي اجازت آهي ڪنهن فوٽ پاٿ تي قبضو ڪري، ڪنهن چوراهي يا پارڪ جي جاءِ تي ريڙهو هڻي يا ڪو دڪان ٺاهي ويهي رهي ان کان سڀ پڇاڻا معاف، جڏهن ته ڌرتيءَ جو ڪو ڌڻي جيڪڏهن اهڙي ڪا هُج ڪندو به ته اهو ڪاٺ ۾ هوندو. اهو عمل پنهنجي ئي ديس ۾ ڌرتيءَ ڌڻين تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي اها سازش آهي جيڪا ننڍي کنڊ جي ورهاڱي شرط ئي شروع ٿي وئي هئي.
ڪراچيءَ اندر مختلف صنعتي علائقن ۾ ڌرتي ڌڻين لاءِ روزگار جا در ڪي اڄ بند ناهن ٿيا. هتي مڪامي ماڻهن سان اڇوتن ۽ ريڊ انڊين وارو سلوڪ ڪا نئين ڳالهه ناهي. سنڌ ۾ اڄ جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آهي، جنهن جو ڳڙهه به سنڌ آهي ته تڪ به سنڌ ۽ ان هميشه سنڌ جي زور تي وفاق ۾ سياست ڪئي آهي ۽ سنڌ کي استعمال ڪري ئي وفاق اندر اقتدار ۾ مختلف حصن ۾ حصو به ورتو آهي ته ان جو باقي سياسي ڌرين کان وڌيڪ فرض ٿئي ٿو ته اها هن معاملي جو نوٽيس وٺي. خاص ڪري سنڌ جي وڏي وزير جو پورهئي بابت نئون صلاحڪار سعيد غني جيڪو هڪ متحرڪ نوجوان آهي تنهن کي هن معاملي بابت اڳتي اچي تفصيل سان جاچ ڪرڻ کپي.
ڪنهن به ڌرتيءَ تي جيڪڏهن ڪو ڪارخانو قائم ٿئي ٿو ته اهو صوبائي حڪومت جي اجازت کان سواءِ ۽ ان جي قاعدن ۽ قانون تي عمل کان سواءِ قائم ٿي نٿو سگهي. ۽ اهو ته عالمي اصول آهي ته جتي به ڪا صنعت ۽ ڪارخانو لڳي ٿو ته اتي روزگار جو سڀ کان پهريون حق مقامي ماڻهن جو يعني ڌرتي ڌڻين جو هوندو آهي. ڪراچي سامونڊي بندر گاهه آهي ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هن شهر ۾ روزگار جا تمام گهڻا وسيلا هئڻ سبب نه رڳو وڏي تعداد ۾ غير قانوني پرڏيهي هن شهر ۾ روزگار سانگي اچن ٿا يا آندا وڃن ٿا پر ملڪ جي ٻين صوبن مان به ماڻهو وڏي تعداد ۾ ڪراچيءَ اچن ٿا. روزگار هر ڪنهن جو حق آهي پر صورتحال ان وقت خراب ٿئي ٿي جڏهن ان ڏس ۾ متڀيد ۽ تعصب کان ڪم ورتو وڃي ٿو. يعني ڌرتي ڌڻين کي پٺتي رکي، نظر انداز ڪري، نوڪريءَ کان ۽ مزدوريءَ کان ٺپ جواب ڏئي ان جي جاءِ تي ڌارين کي يا ٻين صوبن کان آيلن کي ڀرتي ڪيو وڃي ٿو.
سو اميد ڪجي ٿي ته سنڌ سرڪار هن معاملي جو نوٽيس وٺندي، نه رڳو نوٽيس وٺندي جن ڪارخانيدارن قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا در بند ڪرڻ جي جرئت ڪئي آهي تنهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ مقامي ماڻهن کي ترجيح جي بنياد تي روزگار ڏيارڻ لاءِ قدم کنيا ويندا.
(روزاني عوامي آواز)   

ڪشمير، رت ۽ زهر


هندستان جي نام نهاد آزاديءَ جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي دهليءَ جي لال قلعي ۾ نريندر موديءَ جي تقرير ڪشميري عوام جي ڦٽڻ تي وڌيڪ لوڻ ٻرڪيو آهي، جيڪو گذريل ستر سالن کان ڀارتي رياست جي جبر ۽ تسلط کي ڀوڳي رهيو آهي پنهنجي 90 منٽن جي اڄ تائين جي سڀ کان ڊگهي تقرير ۾ مودي حوالن ۾ ڪجهه وڌيڪ ئي اڳتي نڪري ويو. پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ”بلوچستان، گلگت ۽ پاڪستاني والاريل ڪشمير جي ماڻهن گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ منهنجو ٿورو مڃيو آهي ۽ مان انهن جو ٿورائتو آهيان!؟ ڪنهن به عقل واري ماڻهوءَ لاءِ ان ڳالهه تي يقين ڪرڻ مشڪل هوندو ته بلوچستان، ڪشمير ۽ گلگت جا ماڻهو پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ موديءَ جهڙي شخص جو ٿورو مڃين.
بلوچستان، گلگت، ڪشمير ۽ پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ ماڻهو اُن نظام جي معاملي، سياسي ۽ رياستي جبر ۽ استحصال کي منهن ڏئي رهيا آهن، جنهن جو جارحاڻو ۽ جابر نمائندو هندستان ۾ مودي آهي ۽ جيڪو پاڻ اتان جي غريب عوام جون زندگيون زهر بڻائي رهيو آهي. جتي به سرمائيداري موجود آهي اتي غربت، جبر ۽ انساني حقن جو استحصال گهٽ وڌائيءَ سان هڪ جهڙو ئي آهي. موديءَ جو اهو بيان نه رڳو ڪشمير پر انهن ٻين محڪوم قوميتن جي جدوجهد لاءِ به هڪ زهريلو وارُ آهي، جنهن سان ريڊ ڪلف لائين جي ٻنهي پاسي انهن تي غداري ۽ ايجنٽ هئڻ جا الزام لڳندا.
والاريل ڪشمير ۾ مودي حڪومت ۽ ڀارتي رياست جي سامراجي تسلط خلاف هڪ بغاوت جاري آهي، جنهن وقت مودي تقرير ڪري رهيو هو ته ان وقت ڪشمير ۾ نوجوانن تي گولين جي بوڇاڙ جاري هئي، جيڪي پيڙهين کان وٺي ان قبضي خلاف هر هر بغاوت ڪري چڪا آهن. نام نهاد آزاديءَ جي ڏينهن رياستي جبر دوران ڪشمير ۾ وڌيڪ چئن نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو. اڱاري ڏينهن مرڪزي ڪشمير جي ضلعي بدگام جي علائقي نگام ۾ وڌيڪ ٽن ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو، تازن مظاهرن دوران قتل ٿيلن جو تعداد 70 کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته درزنين شديد زخمي يا وري پيلٽ گن جي استعمال سبب نور کان محروم ٿي چڪا آهن. ڄمون ۽ ڪشمير جي وزير اعليٰ محبوبا مفتيءَ آزاديءَ واري ڏينهن جڏهن هندستان جو جهنڊو کولي جهولائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جهنڊو زمين تي ڪري پيو، سندس تقرير دوران ٻن سپاهين کي هندستاني جهنڊو هٿ ۾ کڻي بيهڻو پيو.
نام نهاد سيڪيولر هندستان ۾ اقتدار ۾ ويٺل هندو بنياد پرست، محڪوم ڪشميري ماڻهن جي تحريڪ جي ٻيهر اڀار ۽ مسلسل سبب گهڻو تپي باهه ٿيل ۽ پريشان آهن. بي جي پي جي حمايتي راجياسڀا جي هڪ ميمبر تي ايتري تائين چئي ڇڏيو ته سيڪيورٽي فورسز کي وڌيڪ جبر ڪرڻ گهرجي، ڇو جو اهو ڪشميري عوام جي پنهنجي فائدي ۾ آهي. رياستي جبر جيترو وڌندو آهي، ان سان رياستي ادارا ويتر ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيندا آهن، کوڙ علائقن ۾ انتظامي معاملا وکري چڪا آهن ۽ قابض فوج جا حوصلا خطا ٿي چڪا آهن. ڏاکڻن علائقن ۾ حالتون وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳيون آهن. پوليس ٿاڻن مان ڀڄي رهي آهي ۽ ڪيئي اهلڪار پنهنجون ورديون ڦِٽي ڪري گهر ويهي رهيا آهن، انهن مان ڪجهه پوليس اهلڪار ته هندستان مخالف مظاهرن ۾ به ڏٺا ويا آهن.
اجوئي گوش ان حوالي سان لکيو آهي ته ”ڏکڻ جي ڪيئي علائقن مان انتظاميا غائب ٿي چڪي آهي، محبوبا مفتيءَ جي حڪومت عملي طور پنهنجي ذميوارين کان آجي ٿي چڪي آهي ۽ مرڪزي فورسز ڪٿي به نظر نه ٿا اچن، ايئن ٿو لڳي ته رياست ڏکڻ ڪشمير جي وڏي حصي کي آزادي ڏئي ڇڏي آهي، اندر وارن علائقن ۾ جتي فوجي ۽ نيم فوجي جٿن جي مقرري وڌيڪ آهي، اتي ڪنهن حد تائين مرڪزي عملداري نظر اچي پئي، پر هتي به مقامي پوليس ۽ سول انتطاميا جي غير موجودگي واضح نظر اچي پئي. ڄمون ۽ ڪشمير پوليس عملي طور ماٿريءَ مان غائب ٿي چُڪي آهي، وزير، پي ڊي پي ۽ بي جي پي سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبر ماٿريءَ ۾ آزاديءَ سان چُرپر ڪري نه ٿا سگهن. بي جي پي جا گهڻا ميمبر هن ماٿريءَ ۾ پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. جڏهن ته پي ڊي پي جا اسيمبلي ميمبر سرينگر ۾ پنهنجي سرڪاري گهرن ۾ سخت پهرن ۾ رهي رهيا آهن. وزيراعليٰ سميت پي ڊي پي جا اڪثر اسيمبلي ميمبر پنهنجي تڪن ۾ وڃڻ کان ڊنل آهن.
ڪجهه اطلاعن موجب محبوبا مفتيءَ سرينگر تائين عوامي سطح تي پنهنجي چرپر کي محدود ڪري ڇڏيو آهي. 2016ع واري سرڪشي ڪيئي حوالن سان 1990ع واري بعاوت کان مختلف آهي. پهرين صفن تي موجود ڪشميرين جو نئون نسل وڌيڪ جرئت مند ۽ باغي آهي. انهن اندر هڪ نئين جرئت، اُڻ تڻ ۽ اتحاد ڪشمير ۾ نوجوانن جو نئون نسل قومي آزاديءَ کي سماجي ۽ معاشي آزاديءَ سان ڳنڍي ٿو. انهن نوجوانن جون اهي خواهشون ننڍي کنڊ جي پاروٿين سرمائيداري رياستن ۾ ڪٿي به پوريون ٿي نه ٿيون سگهن. تنهن ڪري ڪشميري عوام جي هيءَ شاندار جدوجهد ۽ قربانيون سڄي خطي جي محڪوم ماڻهن، خاص ڪري نوجوانن تي وڏا اثر ڇڏي رهي آهي. هڪ خاص مرحلي تي پهچي ڪشمير جي موجوده تحريڪ طبقاتي جدوجهد تي مشتمل وڏي بغاوت ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي. جنهن ۾ ابتدائي طور نوجوان نسل اڳين قطار ۾ هوندو.
سامراجي ڦرلٽ ۽ سرمائيداري جبر کي جاري رکڻ لاءِ برطانوي راڄ هندستان جي ورهاڱي ۽ ڪشمير جي تڪرار ذريعي هن قديم تهذيب کي جيڪي گهاوَ رسايا هئا اهي ئي زخم اثرائتي انداز ۾ سامراجي جبر ۽ مقامي استحصالي اقتدار خلاف وسيع بغاوت جي صورت ۾ ڀڙڪي سگهن ٿا. ظاهري طور مضبوط نظر ايندڙ مودي حڪومت ڪشمير جي معاملي ۾ وڦلي ۽ ڏڪي رهي آهي. بلوچستان، گلگت ۽ ڪشمير بابت بيهوده ۽ منافقاڻي نعريبازيءَ سان مودي کي ڪجهه به نه ملندو. انهن خطن جو عوام طبقاتي ۽ قومي جبر ۽ استحصال مان ڇوٽڪاري لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. حقيقت ۾ قومي آزاديءَ جي هر تحريڪ سڄي خطي جي پورهيت عوام جي طبقاتي اتحاد ۽ حمايت جي گهرجائو آهي، ڪنهن به تحريڪ جي حمايت ۾ موديءَ جهڙي درنده صفت جي لفاظي ان کي بدنام ۽ مجروح ڪري سگهي ٿي.
پاڪستان ۽ هندستان جي ڏيڍ ارب عوام کي هن سرمائيداري نظام تحت ڪا آسودگي ۽ بهتري ميسر اچي نه ٿي سگهي. محرومي، بيروزگاري، جبر ۽ استحصال جي خاتمي لاءِ ڏکڻ ايشيا جي پورهيتن کي هن نظام ان جي نگهبان حڪمرانن خلاف هڪ گڏيل طبقاتي جنگ وڙهڻي پوندي.
(روزاني عوامي آواز)   

Sunday, August 21, 2016

انــڌا اونــڌا ويڄ ؛ “فرق”


اسان مان گھڻا....
 گھر ۾ زهر کان وڌيڪ تلخ جڏهن ته
گھر کان ٻاهر ماکيء کان وڌيڪ مٺا هوندا آهن!

مدنيء ﷺ جا موتي ؛ نبيﷺ جن جي قبر تي پاڻي ڇڙڪاءُ ڪيو ويو


وعن جابر قال : رش قبر النبي صلى الله عليه وسلم وكان الذي رش الماء على قبره بلال بن رباح بقربة بدأ من قبل رأسه حتى انتهى إلى رجليه . رواه البيهقي . في دلائل النبوة
   جابر رضه کان روايت آهي ته نبيﷺ جن جي قبر تي پاڻي ڇڙڪاءُ ڪيو ويو ۽ پاڻ سڳورنﷺ جي قبر تي ڇرڪاءُ ڪندڙ   بلال بن رباحرضه هو جيڪو مشڪ سان سندن سر مبارڪ کان پيرن تائين پاڻي ڇڙڪاءُ ڪندو هو (بيهقي، دلائل النبوت) 

هدايت جورستو ؛ جيڪڏھن نه مڃيندؤ (ته اوھان جو نقصان آھي)


یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ قَدۡ جَآءَکُمُ الرَّسُوۡلُ بِالۡحَقِّ مِنۡ رَّبِّکُمۡ فَاٰمِنُوۡا خَیۡرًا لَّکُمۡ ؕ وَ اِنۡ تَکۡفُرُوۡا فَاِنَّ لِلّٰہِ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ ؕ وَ کَانَ اللّٰہُ عَلِیۡمًا حَکِیۡمًا
اي ماڻھو اوھان جي پالڻھار وٽان پيغمبر (مُحَمَّد صَلَّي اللهُ عَلَيۡہِ وَسَلَّم) اوھان وٽ سچ وٺي آيو آھي تنھنڪري (مٿس) ايمان آڻيو جو اوھان لاءِ چڱو آھي ۽ جيڪڏھن نه مڃيندؤ (ته اوھان جو نقصان آھي) ڇوته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
(سورت النساء آيت 170)

ٻارڙن جي محفل : ڪتو ۽ ڪڪڙ



نصيحت ڀريون ڳالهيون؛ توحيد جي تعريف ۾




چؤ ته الله هيڪڙو، وائي ٻي م سک،
لکيون  پيو  لک،  سچو  اکر  من  ۾.


شرح؛- هن بيت جي شرح شافي ٻن پهلن تي مشتمل آهي. هڪ ظاهري شرعي پهلو ۽ ٻيو باطني پهلو شرعي پهلو. 
 هي بيت ڀٽ ڌڻي جو سورة اخلاص جي پهرين آيت جو هوبهو ترجمو آهي- سورت اخلاص مڪي آهي نه مدني انهي سورت سونهاري ۾ چار آيتون آهن هر هڪ آيت سرتاج سنڌ جي هن بيت مذڪور ۽ هيٺين نمبر وار بيتن جو پورو پورو شرح آهي. نمبر اول بيت جو شرح هي پهرين آيت اخلاص جي (قل هوالله احد) آهي يعني چئو ته اهو الله هڪڙو آهي) شان نزول ان سورت سونهاري جو ٻن روايتن سان مروي آهي. 1- قريشن جي هڪ گروه محبوب مدني کي چيو ته تون اسان کي انهي الله جي وصف واکاڻ ٻڌاءِ جنهن جي عبادت ڏي اسان کي سڏي رهيو آهين پوءِ اها سورت سونهاري نازل ٿي. 
2- تفسير معلم ۾ آهي ته يهودن جي هڪ ٽولي چيو ته اي ابو القاسم پنهنجي پروردگار جي اسان کي صفت ساراه ٻڌايو ته اسان توتي ايمان آڻيون ڇو ته اسان تورات ۾ ان الله جي صفت لکيل ڏٺي اهي پوءِ اها سورت نازل ٿي. حديث ۾ آهي ته اخلاص سورت کي هڪ ڀيرو پڙهڻ سان ثواب ڏهن سيپارن جو حاصل ٿيندو آهي ۽ ٽن ڀيرن پڙهڻ سان ساري قرآن ڪريم جي ختم ڪرڻ جو ثواب ۽ اجر پڙهندڙ کي درگاه پاڪ جي مان پلئو پوندو آهي. 
شيخ ابو علي رودباري جو چوڻ آهي ته شرڪت دائر آهي عدد ۽ تلقب ۽ علت ۽ معلول ۽ شڪل ۽ ضد ۾ پوءِ الله تعالى هو الله احد فرمائي عدد ۽ ڪثرت جي نفي ڪرڻ فرمائي ۽ الله الصمد فرمائي تقلب ۽ تنقص کان پاڻ کي پاڪ ڪيائين ۽ لم يلد ولم يولد فرمائي علت ۽ معلول کي نفي ڪرڻ فرمايائين ۽ ولم يکن له ڪفواً احد فرمائي اضداد ۽ اشڪال جي نفي ڪرڻ فرمائيان. 
2- باطني پهلو سان انهي سورت سونهاري کي اخلاص جي امتيازي لقب سان نروار ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اها سورت سونهاري عاشقن عارفن واسطي خاص درس معرفت حق جو آهي تنهن ڪري سدائين سالڪ سورت اخلاق کي نماز تهجد واري ۾ فاتح پڙهڻ کان پوءِ بطور تڪرار پڙهندا رهندا آهن. تنهن ڪري جناب سرتاج سنڌ به هر هڪ آيت اخلاص جي ۾ بطور معنى ۽ تشريح جي چار بيت نمبروار چوڻ فرمايا آهن جن جو بيان ترتيب سان تفصيل وار ٿيندو رهندو.
پهرين نمبر بيت ۾ ڀٽ ڌڻي فرمائي رهيو آهي ته اي انسان تون اُنس ۽ الفت سان سچو انسان بڻي هڪ الله جو درس دل جي دهلن ۽ زبان کي چوراءِ نه فقط چوراءِ پر انهي اسم ذات کي پنهنجي قلب واري پٽي تي لکي لکي اهڙي ته مشق ڪر جو تنهنجو اندر اجرو ٿي آئينده ديد ار نما جو لائق ٿئي غير الله کي ڪڏهن به دل ۾ رهڻ جو دنگو نه ڏي ۽ نه زبان سان غير جي ٻولي ٻول هن بيت جي تائيد تقويت ۾ اخلاص جي پهرين آيت مذڪوره شرح جو ڪم ڏئي چڪي آهي انهي آيت جي ٽن اسمن مان صوفين جي اصطلاح موجب ٽن مقامن ڏي اشارو آهي. 
هو جو اشارو مقام اول ڏي آهي جو مقام مشتاقن مقربن جو آهي ۽ اسم الله جو اشارو ٻي مقام ڏي آهي جو مقام اصحاب اليمين جو آهي جو مقام اولىٰ کان ڪجهه گهٽ آهي ۽ اسم احد جو اشارو مقام ثالث ڏي آهي جو مقام اصحاب الشمال جو آهي، هي مقام سڀني مقامن کان گهٽ ۽ خسيس آهي. لطيف لاثاني لاڏلو لامڪاني ٻي مقام کان مافوق ٿي مقام اولى جو مصداق ۽ مستحق نظر اچي ٿو ڇو ته سندس ابيات ترجمئه آيات مان سندس قرب ۽ ڪماليت واري تصوير اهل بصيرت وارن اڳيان نروار ٿي رهي آهي موجب قول ديوان مخفي جي.
 هر که ديدن ميل دارد درسخن بيند مرا درسخن مخفي چنالم بوئي چون در برگ گل هن ساري تحقيق انيق مان ظاهر آهي ته لطيفي لات جي نظريه اقدس موجب سچو انسان اهو آهي جنهن جي دل واري پٽي تي الله جو اسم ذاتي اڪريل ۽ لکيل آهي جنهن اسم ذات جي انس الفت کان انسان گهڙي به غافل نه رهي وگر نه انسان جي عالي درجه کان هٽي حيواني درجه جو حقدار رهندو جيئن جو ڀٽائي رحه جي نظريه جي تائيد مزيد فقير خاڪ جي زيرين مخمس مان پڻ ظاهر آهي جو مخمس هوبهو هيٺ درج ڪجي ٿو.


آس    الف        اُنس  سان  انسان ٿي حيوان نه ٿي
قرب وڙ سڪ سرس سان  انسان ٿي حيوان نه ٿي
جوش  جذبي    جنس  سان انسان ٿي حيوان نه ٿي
پي  پيالو  پرت    جو  پير    مغان      عبداللطيف
باغ  سڪ  سنڌي  سخن  جو باغبان    عبداللطيف

ميٺ سک ميٺاج سک ماکي جي مک جي ماٽ سک
کير  کنڊ   ٿي پاڻ  ۾    پائڻ          ڳراٽي ڳاٽ سک
ميٺ  مان  ماکي  بڻي  اڃ  عشق  جي   اوساٽ سک
پرت  سک  جو   پرت     وارن   پاسبان عبداللطيف
باغ  سڪ  سنڌي  سخن     جو    باغبان عبداللطيف

فڪر   ڦرحي   تي   لکي ڪو انگ عبرت خيز ٿي
رمز  وحدت  جي  رڱڻ  سان روح جي رنگريز ٿي
انگ  اڪرائي     اندر  ۾  پاڻ  وڃ    انگريز     ٿي
راه  وحدت  رم ز جو  روح    و    روان عبداللطيف
باغ  سڪ  سنڌي   سخن  جو     باغبان  عبداللطيف

دل   به   هڪ   دلدار   هڪ دل ڏي فقط دلدار کي
يار  سان  ياري  رکي   دل ڏي نه ڪنهن اغيار کي
ديد  دل  سان  ماڻ  پو    منٺار   جي        ديدار کي
نحن   اقرب  نيهن   جو     نالو      نشان عبداللطيف
باغ     سڪ     سنڌي    سخن جو باغبان عبداللطيف

هوت  هڪ  هرهنڌ  حاضر وات وائي ٻي نه سک
ٿي  نه ٽيڏو  وجهه   ٻيائي کي نه   انڌي وانگي ٻک
جسم  جي ۾   جان    هڪڙي  روح رهبر ساڻ رک
درد   دل   جو   درد   افزا     داستان      عبداللطيف
باغ     سڪ    سنڌي     سخن جو باغبان عبداللطيف

عبرتي   اک   ساڻ   اچ   تون  انجمن   اوطاق   ۾
ڳول   پنهنجو    يار  وڻ  ٽڻ  ۽  زمين   افلاڪ ۾
فرش   عرشي     انفسي  ايوان         ۾     آفاق ۾
آفتاب    عشق         جو   آ     آسمان عبداللطيف
باغ   سڪ   سنڌي سخ ن جو باغبان عبداللطيف

عشق  وارن  جي  اڳيان     اشياءَ    عالم     آيتون
رمز   وارن   لاءِ  دنيا   ۾    رموزي       راحتون
سوز سڪ وارن جون عبرت جي اندر سڀ ساعتون
ذوق   ذاتي  جي  ڪري   زينت    زمان عبداللطيف
باغ  سڪ   سنڌي   سخن   جو   باغبان  عبداللطيف

وره   جي   وائي   سدائي  ورهه  واڻن    کي وڻي
ورهه   وارن   کي    وسيلو    ڄاڻ    ٿي پيرن پڻي
بره جي   شهباز    سان    ب رميچي ڇا اڏندي چڻي
ورهه  واري   وات جي   ظاهر    زبان عبداللطيف
باغ   سڪ   سنڌي   سخن     جو باغبان عبداللطيف

سور   سک  ڇا  پور ۾   پلپل   پنهل   جو   پور رک
سور سارا    سڀ   سٽي   سيني   سڄڻ جو سور رک
دلربا   ديدار   دي   ديدا ر  ٻيا       سڀ      دور رک
سالڪن    جي    سوز     سڪ جو ساريان عبداللطيف
باغ   سڪ   سنڌي    سخن جو       باغبان عبداللطيف

سنڌ    ٿي     سر سبز    ساري     سنڌ جي سردار سان
باغ        ۾     آئي    بهاري       باغبان       بيدار سان
وئي    ٽڙي   ٽانگر جي     ٽاري     ڀٽ ڌڻي ڀوتار سان
بلبلن    جي    ڏڻ جو     سونهون   ۽    شبان عبداللطيف
باغ    سڪ    سنڌي     سخن       جو باغبان عبداللطيف

سنڌ    جي     سرتاج تي    اڄ    سنڌ      کي    پڻ ناز آ
جا     بجا      ورسي      ملهائڻ     جو       عيان آواز آ
سنڌ   ڇا     ٻي   هنڌ    جٿ   ڪٿ     ڀٽ   ڌڻي ممتاز آ
پاڪ         پاڪستان   ۾   آ              آستان عبداللطيف
باغ       سڪ     سنڌي        سخن جو باغبان عبداللطيف

موج     دريا    جي    سپن   جو    گهوٽ   گوهر آ لطيف
سنڌ جي   صوفين      سندو       سرتاج      سرور آ لطيف
بخت    ۽         اقبال     جو        اقبال         برتر آ لطيف
لاڏلو    لاهوت    جو      ۽        لامڪان        عبداللطيف
باغ        سڪ     سنڌي     سخن جو     باغبان عبداللطيف

رمز       روحاني        سان       ڀريل    آ رسالو شاه جو
مي    محبت   سان       پيالو       پير         مقالو شاه جو
نيهن         وارن        ڏي         نياپو     آ   نرالو شاه جو
ڪاپڙين      جي      ڪاروان     جو  ڪاربان عبداللطيف
باغ    سڪ         سنڌي       سخن    جو باغبان عبداللطيف

خاڪ      ڀٽ     ڇا      سنڌ    ساري    باغ ٿي سرتاج سان
رات   گوندر       جي   گذر     ٿي     روز شادي ڪاج سان
ويو      لطيفي   ٿي     لقا         محبوب   جو     معراج سان
غرق      رحمت     هو   به-      هردم    بيگمان عبداللطيف 
باغ    سڪ    سنڌي       سخن     جو     باغبان عبداللطيف