Monday, August 22, 2016

پ پ ـ ايم ڪيو ايم ڳٺجوڙ ۽ آئين جي لتاڙ


page 1 (8)

مُرده باد نه، هاڻي زنده باد!!


پارٽيون بدلائڻ ان وقت تمام وڏو عيب هو جڏهن پارٽيون پاڻ به عيبدار نه هيون. پنهنجي پيرن تي پورو رهي هو پُوريون ئي هيون، ڪڏهن کُٽيون نه هيون. سياسي جماعتن جڏهن اُصولي سياست ڇڏي ته هو به ڇڏڻ جهڙيون ٿي پيون، اهو ٿي نٿو سگهي ته ناداني ٿئي ۽ نتيجا نه ڏسجن!
ڪو وقت هو، پارٽي پنهنجي لائين تان نه هٽندي هئي ته سندس اڳواڻ ۽ سرواڻ به ان مان نڪري پنهنجي سڃاڻَ خراب نه ڪندا هئا، اڳي ۽ پوءِ هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي پوزيشن ڇڏي، جنهن پنهنجي جاءِ ڇڏي تنهن پنهنجي پَتِ وڃائي، اها نَتِ وري اهڙي شيءِ آ، جو هڪ ڀيرو وئي ته وئي، وري ناهي ڄمندي!
پارٽين پاڻ جڏهن وفد موڪلي وقت جي آمريتن سان ويهي ڳالهيون ڪيون ته ڳالهيون ڪندي ڪندي وفد ٻيءَ ڌُر جا ٿي ويا، اُن ڌر جو مؤقف اهڙو وڻين جو پارٽيءَ نه قبوليو ته پاڻ پئڪيج قبوليائون ۽ پارٽي ڇڏي ”پيٽرياٽ“ ٿي ويا. اڳي پوءِ پارٽيون به جڏهن ڪنهن پئڪيج تي ٺهي وڃن ٿيون ۽ ”ٺاهه“ ڪن ٿيون ته انفرادي سطح تي اُٻهارَ ڪري ڪي اڳواڻ اهو ئي ڪم ڪن ٿا ته پارٽيون اخلاقي طور انهن کي روڪي نه ٿيون سگهن، اها عادت اُهي ئي وجهن ٿيون.
پارٽين جي ڪمزورين کان واقف ٿي ڪي ماڻهو پارٽين جون ڪمزوريون ٿي ويندا آهن، انهن تي ڊسيپلين ناهي هلندو، پارٽين ۾ انهن جي هلندي آهي. هنن کي جڏهن مرڪزي قائد جي توجهه گهٽ ملي ٿي ته هو جُتيون کڻي اُٿن ٿا ۽ ٻيءَ پارٽيءَ ۾ هليا وڃن ٿا. هنن جهڙا ڪي هُتي به ويٺا آهن، اهي سندن ڪم ٺاهين ٿا. هڪ اڌ ناهن، اهڙا ڪيترا آهن، جن جي وفاداري ”تيماداري“ سان مشروط هجي ٿي. هو جنهن به جماعت ۾ آهن، مهمان آهن، اهميت، اختيار ۽ عهدن جي مقدار ۾ ڪمي، ڪنهن وقت به انهن کي اتان ٽپڙ کڻائي ٿي. پارٽيون سندن لاءِ پليس فارم آهن، اتان گذرندڙ ٽرين تي ڪنهن وقت به لت رکي سگهن ٿا، ڪو ٻيو پليٽ فارم سندن منزل ٿي سگهي ٿو. سياست ۾ اڄ اهڙا سفر ٿين ٿا، ڪڏهن هڪ، ڪڏهن ٻه ۽ ڪڏهن ته لڏو ئي لڏ کڻي نڪري وڃي ٿو.
هو پوئتي جن کي ڇڏي وڃن ٿا، اهي هنن کي روڪي ناهن سگهندا. هو به هنن جهڙا هوندا آهن، کين به پَڪ ناهي هوندي ته ڪڏهن ٿي اسان واري ٽرين اچي. ڪوئي ڪاوڙ ۾ نڪري وڃي يا ڪنهن آڇ تي هليو وڃي، اهو ان جو نه پهريون قدم هوندو آهي نه آخري، اها اچ وَڃ آهي، پوءِ کڻي ڪيتري به وقفي سان ٿئي. توهان ڏسو چند کانسواءِ جيڪو به جنهن پارٽيءَ ۾ آهي، اڳ اتي نه هو، اڳ ان پارٽيءَ ۾ هو جنهن سان هينئر سندس جماعت جهيڙي ۾ هوندي، جهيڙا به ڪهڙا آهن، لفظن جي جنگ، جُملن جا تير، مهڻن جي گولاباري! پاڪ- ڀارت ڪشيدگيءَ جيان ڪڏهن ڳالهيون ڪڏهن گوليون. هو جيڪو اهڙو سياسي صاحب ٿئي ٿو، تنهن جو هر جماعت يا ته ماضي آهي يا حال يا وري مستقبل!! اڄ هيڏي آهي، سڀاڻي هوڏي هوندو، پرينهن وري واپس ايندي ڏسندؤ، اهي ماڻهو ”سياسي مٽيريل“ آهن، جماعتن ۾ انهن جي مَٽا سَٽا ٿيندي رهندي آهي. هنن جي چُرپر هڪ اسڪور آهي، ڪڏهن ڪنهن جو ته ڪڏهن ڪنهن جو اسڪور وڌائيندا آهن.
مُک اڳواڻن جا هي مُلاقاتي، ڀر ۾ ويهڻ جا بُکيا، ڪڏهن ڏسندؤ ته ڪنهن جي ”پريس ڪانفرنس جو اعلان“ هوندا، ڪڏهن ان جي مخالف اڳواڻ جي ڪڇ ۾ ويهي ”وفاداريءَ“ جو اعلان ڪندا نظر ايندا.
انهن اڳواڻن جون وفاداريون بدلائڻ وارين پريس ڪانفرنسن جون جهلڪيون جوڙي هلايون وڃن ته ساڳي مُنڍي ڪڏهن هڪ قائد جي پاسي ۾ ته ڪڏهن ٻئي قائد جي پاسي ۾! اها وفاداري هڪ پريس ڪانفرنس کان ٻيءَ تائين جي وچ واري وقفي جي هوندي آهي، پوءِ اهو سالن جو هجي يا ڏينهن جو!! ڀر ۾ ويهارڻ وارن کي به پَڪ هوندي آهي ته سڀاڻي کين شمن جو اهو گانو ٻُڌڻو پوندو،
مون کي سچ چوندا ها، يار منهنجا
تون مون سان وفا نه ڪندين!
وفاداري اڳي وَڙ هوندو هو، هاڻي وکر آهي، وڪجي ٿو ۽ واپارجي ٿو، جهڙو وٺڻ وارو تهڙو ڏيڻ وارو! ائين ڪونهي ته هڪ غلط ٿو ڪري ٻئي سان غلط ٿئي ٿي، جيڪو ڪجهه آهي اهو وقتي آهي. ڪم ڪڍڻ واري کي به ڪم ڪڍي ڊکڻ کي وسارڻو آهي ۽ ڊکڻ به ڪم واري جي ڪمِ ڪنهن حساب سان ٿو اچي. اهي گڏجي عوام سان بيوفائي ڪن ٿا. هنن کي پنهنجي سياست سان، پنهنجي حڪمرانيءَ سان، پنهنجي مخالف ڌر واري ڪردار سان عوام کي ئي اعتبار ڏيارڻو هوندو آهي ته تنهنجي لاءِ ٿا ڪريون، پنهنجي ڪا پرواهه ناهي. اُصول ۽ قانون کان هٽي جيڪڏهن حڪومت ڪو قدم کڻندي به ته چوندي عوام لاءِ ڪيوسين، ماڻهن کي ڇڏي ڪوئي اگر ذاتي مفاد لاءِ ڪم ڪندو ته سياستدان به ان کي عوام جي ڀلائيءَ ۾ ڳڻيندو. هي اهڙو مُلڪ آهي، جتي سڀ ڪجهه ئي عوامي ڀلائيءَ ۾ ڪيو ويندو آهي. هتي مارشلائون به عوام جي ڀلائيءَ ۾ لڳنديون آهن. سياسي وفاداريون به خلق جي خوشيءَ لاءِ بدليون آهن، عوام ڪيڏو خوش نصيب آهي جو هن سياست ته سؤ سيڪڙو عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ٿئي ٿي، پارٽين ۾ رهي به اهو ڪم ٿا ڪن، پارٽين مان نڪري به اهو ٿا ڪن، پارٽين جا نالا بدلائي بدلائي نظريا مٽائي مٽائي، واعدا ڦيرائي ڦيرائي خدمت عوام جي ٿا ڪن، عوام سندن ٿورا لاهي به ڪيترا لاهي!
پر جڏهن هو ڪنهن ڳالهه تان اَٽڪن ٿا ته هنن جي چارج شيٽ ته ڪو ٻُڌي، وڏا وڏا انڪشاف ڪري هڪٻئي تي هڻندا، گڏ کائڻ وارا اهڙيون ٿا ڪچيون ڪن، اهڙو ٿا هڪٻئي کي ڏٺو ڪن جو ٻُڌڻ وارن جو ويسوري ۾ وات پٽجي وڃي ٿو. ماڻهو حيرت ۾، ته اهو سچ آهي جيڪو گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چوندا آهن يا سچ اهو آهي جيڪو انفرادي پريس ڪانفرنس ۾ بيان ڪن ٿا. هڪٻئي جا راز ڄاڻيندڙ ۽ انهن جا فائيل رکندڙ آهن، راضي ته راضي، ڦري کانپوءِ ڪنهن جا به ناهن. هي هنن جو وِت آ، هي هنن جو وڙ آ، هي هنن جو ظرف آهي، جيڪو ٺاهه ۾ هڪڙو هوندو آهي، ڪاوڙ ۾ ڪجهه ٻيءَ طرح ظاهر ٿيندو آهي. هي جيڪو هڪٻئي تي هڻندا آهن، اهو هنن کي ڇڏي ڏيڻ لاءِ عوام ڪاڻِ ڪافي هوندو آهي، پر سياست لاءِ صفا ٿورو عوام گهربو آهي، صرف ايترو جيترو اليڪشن ۾ ٽرن آئوٽ هوندو آهي، ايتري عوام کي بيوقوف بنائڻ ۾ هنن جي سياست ڪامياب آهي. اهڙيءَ طرح هنن جي سياست ٿي پئي، هنن جو واپار، پارٽين جو ڪاروبار هلي ٿو. هڪ پارٽيءَ ۾ رهي به هلي ٿو، ٻيءَ ۾ وڃي به هلي ٿو!!
ڪي اهڙا آهن جيڪي هرحال ۽ چال ۾ هنن سان گڏ آهن، انهن کي فقط اطلاع کپي ته ڀوتار ڪهڙي پارٽيءَ ۾ پهتو. جهنڊا کڻندا نعرا هڻندا، هوڏي هجي به جيئي، جتي ڪٿي جيئي!! پارٽي هنن لاءِ هڪ گاڏي آهي، صاحب جنهن تي چڙهي! جيئن ان ڳالهه جي وڏي اهميت نه هوندي آهي ته ڪوئي ٽرين ۾ ٿو سفر ڪري، جهاز ۾ ٿو گهمي، يا ڪنهن ڪوچ يا ويگن ۾ ويٺو آهي، جتي به آهي صاحب، صاحب آهي، سواري هن جي هيٺان آهي. سياست جو صاحب جنهن تي به آ، پر هي هن جي چوڏيل تي چڙهيل آهن، ڦيراٽيون پيا کائين، ڦرڙاٽيون پيا ڀرين!
سياستدان ئي نه، سياسي پارٽيون به اهڙيون ٿي ويون آهن، نين پارٽين جي ڳالهه نٿا ڪريون، پراڻين جي به اها پوزيشن آهي، جن سياست ۾ ڪئين نسل نڀايا ۽ آدرشي انسان اُپايا، جن جماعتن کي جنم ڏنا ها، جن آدرش جوڙيا ها ۽ قربانيون ڏنيون هيون، جن جي شهادتن انهن پارٽين کي شان ڏنو، ڪن ماڻهن اها مُوڙي ئي چٽ ڪري ڇڏي، پارٽي ئي پَٽُ ڪري ڇڏي ۽ هڪڙي قسم جو هٿ ڪري ڇڏي، جن جماعتن جي سڃاڻپ ساهه ۽ ويساهه هو، انهن کي اڄ اين جي اوز جيان بڻايو ويو آهي، اهي عوام لاءِ ته ڪمند پيڙهڻ جون مشينون ٿي ويون، پر ڪن ماڻهن لاءِ اي ٽي ايم مشينون بڻجي ويون. سياست جو جيڪو نج هو، اهو ٻج کٽي ويو، هاڻي ٻنيءَ ۾ پوک هائبرڊ ٻج جي ٿئي ٿي. جهڙي پوک تهڙي پيداوار، اهڙا ماڻهو انهن پارٽين ۾ اچن ۽ وڃن ٿا، عوام لاءِ جن جي نه اچڻ جي خوشي نه وڃڻ جو غم!!
پارٽين کي ڇڏڻ ۽ پارٽين ۾ اچڻ وارن تي ته تنقيد هرڪو ڪري ٿو پر انهن ”ويئر هائوسز“ جي حالت ڪو نٿو ڏسي جتي اهڙو سامان رکجي ۽ کڄي ٿو. پارٽيون ائين ڇو ٿيون، هر جماعت ۾ هو جيڪي مرڪزي قائد آهن، اهي اهڙي مَٽا سَٽا وارو ڪاروبار ڇو ٿا ڪن؟ ڪو هوڏانهن اچي هنن سان پريس ڪانفرنس ٿو ڪري، ڪو هنن کي ڇڏيون ٻئي پاسي ٻين سان گڏجي اهڙي ئي ڪانفرنس ڪري رهيو هوندو آهي، ڇڏڻ واري جا الزام به ساڳيا، اچڻ واري جون تعريفون به ساڳيون. هڪڙي قسم جي اسڪرپٽ، هيڏانهن وڃڻ وارو هوڏي وڃي پڙهي اوڏانهن اچڻ وارو هيڏي اچي پڙهي، چار لفظ ته ”مون محسوس ڪيو ته عوام جي خدمت هن پارٽيءَ ۾ ڪري سگهجي ٿي، هوڏي ڪجهه نه ٿي ڪري سگهيس“. ان کان علاوه ڪجهه الزام جيڪي مختلف هجن ٿا، ارادو ٺهي ته الزام پاڻهي ٺهي ايندا آهن.
سياست جي سرير ۾ اڄ ستر جي ڏهاڪي وارو ساهه ئي ڪونهي، ان مان 80 جي ڏهاڪي جهڙو احساس به ختم ٿي ويو آهي، نوي وارو ڏهاڪي جي منڍ ۾ جو سپنا ٽٽا ته سياست مان اُصولن موڪلاڻي ڪئي. نظريي جي يپداوار ٻي هئي، مفادن جي لاڳت مطلبن جي اُپت، دوکي جو وهنوار، پوري جو پورو ڪاروبار ٿي وئي آهي، سياست اها الائي ڪهڙي دؤر ۾ عبادت هئي، جن جي هئي اهي سڀ الله کي پَرتا ٻُڌون، جيڪو قوت جو سرچشمو هو اهو هاڻي سياست جو مٽيريل آهي. ڪارڪن ڪلهه به جهنڊا کڻندو هو ۽ بينر هڻندو هو، اڄ به اهو ئي آهي پر ڪلهه ڪارڪن سان اڳواڻ گڏ هوندا هئا، اڄ هو ستين آسمان تي ٿا رهن ۽ ڪارڪن زمين تي آهن.
پر انهن ڪارڪنن سان وڏي ويساهه گهاتي ٿي ٿئي. هو جنهن جا آهن، جنهن سان آهن، انهن جا گيت ڳائي ڳائي هڪ سُر مس ٿا سيٽ ڪن ته اوچتو کين اهو ٿو چيو وڃي ته ڪي قصيدا نوان به ڳايو، جن کي مُرده باد چوندا رهيا آهيو، اهي هاڻي زنده باد آهن، نعرا مَٽايو، جهنڊا بدلايو، شاباش همت ڏيکاريو.
اهي ڦِرڻا گهرڻا صاحب پنهنجي ڪارڪنن جو قبلو ئي مٽائي ٿا ڇڏين. ڪارڪنن جي جذبن کي وڏو جهَٽڪو ٿو اچي. اوچتو خبر ٿي پوين ته اسان جي صاحب پنهنجا صاحب مٽائي ڇڏيا آهن، جن جي مخالفت ڪئي سين تن جي هاڻي تعريف ڪرڻي آهي. اسان جي حمايت واپارجي وئي، مارڪيٽ ۾ هاڻ مخالفت نه حمايت هلندي، هاڻي اسان واري زنده باد هڪ جي ٻي ٿي وئي!
هن مُلڪ جي سياست مٿين ليول تي ته مفاهمت جو مزاج رکي ٿي، پر هيٺ ڪارڪنن ۾ وڏو جذبات جو جهانُ آهي. هو جيڪي ڪارڪن ٿين ٿا، انهن هڪ ڀيرو جنهن لاءِ مُرده باد چيو ته چيو ڪڏهن زنده باد نه چوندا آهن، ڇو ته انهيءَ ”مرُده باد“ جي هو ايتري ته قيمت ادا ڪري چڪا هوندا آهن جو سندن زخم تازا رهندا آهن، ڪڏهن ڇُٽندا ناهن، اسان جي سياست ۾ مخالفت کي اذيت ڏيڻ ۽ نقصان پهچائڻ جو رواج آهي، جن هڪڙي حمايت ۽ ٻي مخالفت ۾ مارون کاڌيون آهن تن جي حمايت ۽ مخالفت تبديل نٿي ٿئي. پارٽيون مٽائڻ سان ڇا ٿو ٿئي جو ڪارڪنن جي ڪم جي نوعيت تبديل ٿي وڃي ٿي، ڪنهن معاوضي تي ڪم ڪندڙ مزدور تي ته ڪو فرق نه پوندو، هي ڪم يا هُو، پر جيڪو ڪارڪن ٿئي ٿو، تنهن جو پنهنجي پارٽي ۽ قائد سان رشتو ئي جذباتي ٿئي ٿو، ان لاءِ اها ڪيڏي صدمي جي ڳالهه آهي جو اوچتو کيس ٻڌايو وڃي ته ٻيا نعرا هڻو، مُرده باد نه، هاڻي زنده باد!!
(روزاني عبرت)  

ماضيء جو آئينو ؛ ٽيڪسيلا جو آباد ٿيڻ


شفيق الرحمان شاڪر

راولپنڊي ۽ اسلام آباد کان اتر اولهه طرف 35 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي پشاور ويندڙ جي ٽي روڊ تي موجود ٽيڪسيلا اڄ به آباد آهي پر حقيقتون ٻڌائين ٿيون ته هي اهو ٽيڪسيلا ناهي جنهن هزارين سال پهرين هن ڌرتيء تي هڪ عظيم الشان شهر جي حيثيت ۾ جنم ورتو.هاڻي ان شهر جو ته نالو نشان به نه رهيو آهي البته ويهين صديء ۾ ٿيندڙ کوٽائين جي نتيجي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 20 ڪلوميٽرن جي دائري ۾ اهڙين ڪيترين ئي آبادڪارين جا کنڊرمليا جتي ڪڏهن جيئرا جاڳندا انسان رهندا هئا ۽ زندگي پنهن جي سموري سونهن سان جرڪندي هئي.پٿرن جي انهن ڍيرن مان اهو به معلوم ٿيو ته ماضيء جي ڏينهن ۾ انهن شهرن نه رڳو لاهن ۽ چاڙهن جو هڪ ڊگھو سفر طيء ڪيو پر هتي دنيا جي عظيم ترين تهذيبن به اک کولي ۽ ترقيء جون منزلون طيء ڪيون.اهو سفر ڪڏهن شروع ٿيو ۽ ڪٿي ختم ٿيو،ان معاملي ۾ تاريخدان اختلافن جو شڪار آهن.ڪن ان کي هزارين ته ڪن لکين سال پراڻو شهر قرار ڏنو آهي.
دلچسپ ڳالهه اها ته پوري واديء ۾ ڪي درجن شهرن،ڳوٺن ۽ آبادين جا کنڊر پکڙيا پيا آهن جن ۾ ڀير،سرڪپ،سرسک،جوليان،موهڙا مرادو،هٿيال،پپلان، گڙهي،سرائي کولا، ڪلوان، جنڊيال، ڌرم راجيڪا وغيره شامل آهن.اندازو آهي ته ان سموري واديء کي ٽيڪسيلا جي نالي سان سڏيو ويندو هو ۽ اهي علائقا انهي واديء جا حصا هئا.جيڪر ٽيڪسيلا جي قديم نالن جو جائزو ورتو وڃي ته ان کي هڪ وادي ئي قرار ڏنو ويو آهي جتي ڪڏهن نانگن جي حڪومت هئي.ان ڪري ان کي “ نانگن جي وادي” جي نالي سان به سڏيو ويندو هو. ٽيڪسيلا جي آباد ٿيڻ جي حوالي سان انسائڪلوپيڊيا آف برٽينيڪا جي مضمون نگارن جو خيال آهي ته ان کي هندن جي ديوتا وشنو جي اوتار رام جي ننڍي ڀاء ڀرت پنهن جي پٽ ٽيڪسا لاء آباد ڪيو هو ۽ اهو ئي ان جو پهريون حڪمران ٿيو.پر جيئن ته تاريخ ڀرت يا ان جي پٽ جي زماني جي باري ۾ خاموش آهي ۽ انهن جو ذڪر صرف ديومالائي قصن ۽ ڪهاڻين ۾ ئي ملي ٿو،ان ڪري ٽيڪسيلا جي آباد ٿيڻ جو صحيح زمانو به ٻڌائي نٿو سگھجي.
تاريخ جي ممتاز محقق پروفيسر ڊاڪٽر حسن واني، سرجان مارشل جي ڪتاب “گائيڊ ٽو ٽيڪسيلا” جي جواب ۾ “گائيڊ ٽو هسٽاريڪل ٽيڪسيلا” نالي ڪتاب لکيو آهي جنهن مطابق ٽيڪسيلا جي شروعاتي حڪمرانن جو تعلق ٽاڪشڪ قبيلن سان هو جن جي موجوده شڪل ٽاڪا قبيلو آهي. ٽاڪشڪ قبيلي جي هن جابلو گاديء واري هنڌ جو نالو مارگلا هو.ٽيڪسيلا جو اهو شهر مارگلا جبلن جي اولهه طرف هڪ مقامي دريا تمر نالا جي ڪناري آباد هو.برائونز ايج يعني اٽڪل اڍائي لک قبل مسيح جا ٽيڪساس جا کنڊر ٽيڪسيلا ميوزيم جي اتر اوڀر ۾ اڌ ميل جي مفاصلي تي تمر نالا جي ڪناري هٿيال نالي ٽڪريء جي هنج ۾ موجود آهن.انهن جا چٽيل ٿانو،پالش ٿيل پٿر جا هٿيار،هڏين جا اوزار ۽ ٻيون شيون نيشنل هاء وي ويجھو،ميوزيم جي ڏکڻ اولهه ۾ ڪجھه ميلن تي ڪالا دريا جي ڪناري سرائي کولا مان مليون آهن.
آريا قومون اٽڪل ڏيڍ لک سال قبل مسيح ٽيڪسيلا پهتيون ۽ انهن ان کي گنڌارا جو نالو ڏنو جنهن جي معنيٰ خوشبوء جي ڌرتي آهي.انهن هندستان جي ديومالائي جنگ مها ڀارت لڳڻ تائين هتي حڪومت ڪئي.مها ڀارت جي مرڪزي ڪردارن ،پانڊن جي راڻي،گانڌريء جو تعلق انهيء ئي گنڌارا سان هو.
ستين صدي قبل مسيح ۾ جوليان واري هنڌ ٽيڪسيلا يونيورسٽي قائم ڪئي ويئي جيڪا دنيا جي قديم ترين تعليمي ادارن مان هڪ هئي. “ پاڪستاني هندو پتريڪا” ويب سائيٽ موجب ٽيڪسيلا جو پراڻو نالو “ٽيڪشا سيلا” هڪ وحشي قبيلي جي شهزادي جي نالي تي رکيو ويوبعد ۾ اهو شهر گنڌارا نالي بادشاهت جو حصو بنيو.ٻڌمت جي دور ۾ هن شهر کي گنڌارا  بادشاهت جي گاديء جو هنڌ ۽ علم ادب جو عطيم مرڪز ٻڌايو ويو آهي.
ٽيڪسيلا ۾ مسلمانن جي اچڻ جو سن ته معلوم ناهي پر ٽيڪسيلا جي سڃاڻپ ۽ کوٽائيء کان اڳ اها جڳهه مغل ڪاروان سراء اندر هڪ ٻئي شهر شاه ڍيريء جي نالي سان مشهور هئي جڏهن ته ڪجھه مسلمان اولياء ڪرام جي نالي سان به هتي ڪيئي ڳوٺ موجود هئا.شاه ڍيري نالي ڳوٺ جبل جي مٿان آباد هو جتي ترڪ حڪمرانن هڪ قلعو به تعمير ڪيو هو ڀڙ جبل تي هڪ وليء جي مزار به هئي جنهن جو نالو “ڀير زيارت” هو.اهڙيء طرح موهڙومرادو ۾ “پنج پير” جي نالي سان هڪ زيارت موجود هئي پر مسلمانن جي اصل وڏيون زيارتگاهون مارگلا هلز جي ٻئي طرف هيون جن ۾ شاه اللھ ڏتا غار،گولڙا شريف،سيدپور ۽ امام بري شامل آهن.
گھڻن مورخن ٽيڪسيلا جي شهرن جو انگ ٽي ٻڌايو آهي،انهن مطابق “ڀڙ” نالي ٽڪري باقي ٻين ٻن شهرن کان گھڻو قديم آهي،کوٽائيء مان معلوم ٿيو آهي ته شهر جو اڀرندو حصو رهائش لاء مخصوص هو جڏهن ته الهندي حصي ۾ اڪثر عبادت گاهون هيون.

(روزاني عوامي آواز)   

ڇا پيپلز پارٽيء ۾ تحريڪ هلائڻ جو دم خم آهي؟


(روزاني سنڌ ايڪسپريس)   

نون ليگ سگھاري ۽ مخالف ڌر ڪمزور ٿي رهي آهي.


(روزاني سنڌ ايڪسپريس)   

سنڌ جي سياست ۽ تعليم لاء جاکوڙ


(روزاني سنڌ ايڪسپريس)   

سنگيت جو لطف 1000 روپين جي ٽڪيٽ ۾!


(روزاني سنڌ ايڪسپريس)