Tuesday, January 14, 2020

جنرل قاسم سليماني ڪنهن لاء خطرو هو؟



شفيق الرحمان شاڪر
آمريڪا پاران ايران جي انقلابي فوج جي ڪمانڊر جنرل قاسم جي قتل بعد نه رڳو ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پهرين کان موجود ڇڪتاڻ وڌي ويئي آهي پر ان سان گڏ پوري دنيا ۽ خاص طور تي وچ اوڀر جو امن داء تي لڳي ويو آهي.ٿورو سوچيو..جيڪر ايران جو صدر حسن روحاني ڪنهن به ڌر کي نئين سال جي خوشيء ۾ آمريڪي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي چيئرمين جنرل مارڪ ملي تي ڪنهن ڊرون حملي جو حڪم ڏئي ها جڏهن هو ڪينيڊا جي هوائي اڏي کان ٻاهر اچي رهيو هجي ها ۽ جيڪر مارڪ ملي ان حملي ۾ مري وڃي ها ته دنيا ۾ ان جو ڪهڙو رد عمل نڪري ها! ڇا ان وقت ڪوبه ماڻهو اهو مڃڻ لاء تيار ٿئي ها ته اهو ڊرون حملو پنهنجي بچاء لاء هو؟پر بدقسمتيء سان جنرل قاسم سليمانيء جي قتل پويان آمريڪا اهو موقف اختيار ڪري رهيو آهي ۽ پڪ سان سندس سڀ اتحادي به ساڻس سر ۾ سر ملائيندي نظر ايندا.اها آمريڪا جي مرضي آهي ته جنهن کي گھري تنهن کي هن زمين تي فساد جو ابو قرار ڏئي جڏهن ته سچ اهو آهي ته زمين جي هن گولي تي جيڪر ڪو ملڪ پوري دنيا جي انسانيت لاء خطرو بنيل آهي ته اهو خود آمريڪا آهي.سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته چانديء جهڙن وارن وارو سليماني پوري دنيا ۾ تباهي ۽ فساد پکيڙيندڙ آئي ايس آئي ايس ۽ ساڻس لاڳاپيل القائده ڌڙن کي وچ اوڀر ۾ شڪست ڏيڻ ۽ کين گھڻو ڪمزور ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.هن وچ اوڀر ۾ دنيا جي ڪجهه طاقتور ملڪن پاران رچايل طاقت جي راند جنهن ۾ عرب ملڪن ۾ پروڪسي جنگين ذريعي حڪمرانن کي هٽائي پنهنجي مرضيء جا حڪمران آڻڻ هو انهن جنگين ۾ ايران جي مدد هيٺ سوين جنگي گروپ قائم ڪيا بلڪه مزيدار ڳالهه اها ته جنرل سليماني ڪيترن ئي معاملن ۾ آمريڪا جي مدد پڻ ڪئي جيئن عراق ۾ صدام حڪومت ۽ افغانستان ۾ طالبان حڪومت ختم ڪرڻ وغيره.پر سليمانيء جي قتل جي پويان اصل سبب اسرائيل جي عدم تحفظ وارو احساس ئي آهي جو هو ان خطي ۾ جن به گروپن سان گڏجي وڙهي رهيو هو اهي هر صورت ۾ اسرائيل جي سخت خلاف آهن.انهيء ڪري آمريڪا طرفان اهو چوڻ ته سليماني آمريڪي سلامتيء لاء خطرو هو بلڪل سمجھه ۾ نه اچڻ جهڙي ڳالهه آهي.                                  ” يروشلم پو سٽ“  مطابق قدس جي سپريم ڪمانڊر سليماني جو2006ع جي حزب الله جي اسرائيل سان جنگ ڻ اهم ڪردار هو.هو ايران پاران فلسطينن جي هر محاذ تي مدد جاري رکڻ جو زبردست حامي هو.انهي لحاظ کان گنيا جي ڪنهن به تعصب ڀريل يهوديء لاء سليمانيء کي رستي تان هٽائڻ واري خبر نهايت ئي خوشيء واري خبر آهي پر هڪ ٻيو وڏو سچ جيڪو آمريڪا توڙي برطانيا جي عوام کان لڪايو پيو وڃي سو اهو ته اوهان هڪ اهڙي ماڻهوء کي دهشتفرد قرار ڏيئي سندس خلاف ڪاروائي ڪيئن ٿا ڪري سگھو جيڪوسالن تائين داعش ۽ القائده جهڙين عالمي دهشتگرد تنظيمن خلاف وڙهندو ۽ کين شڪست ڏيندو رهيو هو.جيڪر انهن ملڪن مطابق اهي دهشتگرديء خلاف جنگ وڙهي رهيا آهن ته پوء دهشتگردن خلاف وڙهندڙ جنرل سليمانيء جهڙن ماڻهن سان اهڙو سلوڪ ڇو ٿي رهيو آهي؟پر ڊونلڊ ٽرمپ اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي ۽ انهيء تي فخر به ڪري رهيو آهي.2011ع ۾ ٽرمپ ٽويٽ ذريعي اڳڪٿي ڪندي چيو هو ته صدر اوباما چونڊون کٽڻ لاء ايران سان جنگ شروع ڪندو پر اوباما ايئن نه ڪيوبلڪ اوباما ته اسرائيل کي ان وقت سليمانيء کي قتل ڪرڻ کان روڪيو جڏهن هو اسرائيل جي پهچ ۾ هو.انهيء ۾ ڪهڙو شڪ آهي ته هن وقت تائين جيڪي به آمريڪي صدر آيا آهن انهن مان ٽرمپ اسرائيل جي حمايت ۾ سڀني کان اڳتي نڪري ويو آهي. انهيء جو مطلب ٿيو ته 2020ع ۾ وڏين جنگين جا خطرا وڌي ويا آهن ۽ جيڪي ماڻهو وچ اوڀر ۾ هڪ پر امن ماحول جي اميد رکي رهيا هئا انهن اميدن کي گھڻو ڌڪ رسيو آهي.ايران سان ممڪنه جنگ جو انومان اڳيئي چوٽ تي آهن پر هاڻوڪي واقعي سان ثابت ٿئي ٿو ته الين ۽ حادثن جي سروعات ٿي چڪي آهي. ايران کي نيوڪليئر ڊيل مان ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ  ۽ مٿانئس تريخ جون بدترين معاشي ۽ واپاري پابنديون لاڳو ڪرڻ ۽ تازو سندس فوجي جنرل کي قتل ڪرڻ واري ٽرمپ پاليسيء ايران کي مجبور ڪري رهي ته هو به ڪو انتهائي قدم کڻي.هاڻي سنيا کي اهو پيو ٻڌايو وڃي ته سليماني عراق ۾ موجود آمريڪي فوج کي ڌمڪيون ڏنيون هيون پر سوال اهو آهي ته امريڪي فوجون عراق ۾ ڇا ڪري رهيون آهن؟ڇا دنيا کي اهو وسري ويو آهي ته 2003ع ۾ عراق ۾ موجود خطرناڪ ڪيميائي هٿيارن جو بهانو بنائي آمريڪا عراق تي ناجائز قبضو ڪيوهو،انهيء حملي جو آخر ڪهڙو جواز هو جو پڇاڙيء تائين عراق مان اهڙا ڪي به هٿيار هٿ نه اچي سگھيا هئا؟دنيا کي خبر آهي ته آمريڪا جو عراق تي قبضو غير قانوني ۽ صرف دنيا کي دوکو ڏيڻ هو.هن وقت آمريڪا جيڪا طاقت جي راند کيڏي رهيو آهي انهيء ۾ جيڪي به ملڪ يا ڌريون سندس رستي ۾ اچن ٿيون انهن کي هو دنيا ۾ جيئڻ جو حق ڏيڻ لاء تيار ناهي پر آخر اها داداگيري ڪيستائين هلندي؟ جيڪڏهن آمريڪا کي اها خوش فهمي آهي ته هو ايران کي به ٻيوعراق بنائي ڇڏيندو ته اها سندس خام خيالي آهي.ايران ۽ عراق جي حالتن ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي.ايراني قوم هن وقت تائين آمريڪي زيادتين خلاف جنهن صبر ، همت ۽ ٻڌيء جو مظاهرو ڪيو آهي اهو ثابت ڪري ٿو ته ڪنهن به قوم کي رڳو فوجي برتريء جي بنياد تي شڪست ڏيئي نٿي سگھجي!
(روزاني هلال پاڪستان 2 جنوري 2020غ)

بارود تي بيٺل ڪشمير ۽ ”انڊيا اسپرنگ“ ...!



شفيق الرحمان شاڪر
حقيقت ۾ ڪشمير نريندر موديء جو پهريون نشانو هو.اهو ان گندي ذهنيت جو اظهار هو جنهن ذهنيت کي اتي رڪجڻو نه هو.اڪيلي مسلم اڪثريتي رياست تي هٿ صاف ڪرڻ بعد هاڻي ڀارت جي گڏيل ڪردار ۽ سڃاڻپ کي بدلائڻ موديء جو اصل ٽارگيٽ هو.5 آگسٽ تي نريندر مودي جي پوري ذهنيت پڌري ٿيڻ ۾ جيڪا کوٽ رهجي ويئي هئي  انهيء کي شهريت جي تڪراري قانون پورو ڪري ڇڏيو.اين آر سي ۽ سي اي اي قانونن ذريعي پاڪستان،بنگلاديش  ۽ افغانستان مان ويندڙ پنجن مذهبن جي ماڻهن لاء شهريت ۽ ٻاهر کان ايندڙ مسلمانن لاء شهريت جا دروازا بند ڪرڻ سان ڀارت جي مسلمانن ۾ خطري جي گھنٽي وڄي ويئي ۽ کين اندازو ٿي ويو ته وقت ۽ حالتن انهن کي ”جيڪر هاڻي نه ته پوء ڪڏهن به نه“ جي فيصلي ڪندڙ موڙ تي آڻي بيهاريو آهي.تعصب ڀريل مودي ذهنيت مسلمانن کي اڪيلو ۽ مايوس ڪرڻ وارين ڪوششن ۾ هن وقت سخت تيزي آندي هئي. مسلمانن کي ذهني اذيت ۾ ڦاسائڻ لاء طارق فتح کي ميڊيا جو فيوريٽ بنائي پيش ڪيو ويو.اهو شخص پنهنجي بڪواس سان ڀارتي مسلمانن جي ذهنن تي هٿوڙا وسائيندو رهيو ۽ مذهبي جنون ۾ مبتلا مودي مسلمانن تي انهيء نفسياتي تشدد جو مزو وٺندو رهيو.چونڊن کان اڳ ڪنهن هڪڙي مسلمان کي به ٽڪيٽ جي لائق نه سمجھڻ انهيء ئي ذهنيت طرف اڳڀرائي هئي.طاقت جي نشي ۾ ڌت بي جي پي چونڊون کٽڻ بعد ته هيڪاري هوا جي گھوڙي تي سوار ٿي ويئي.پر شهريت وارو  ڪاروقانون موديء لاء ڪنهن بارودي سرنگ تي پير رکڻ ثابت ٿيو.مسلمانن توڙي ٻين انسان دوست گروپن جي سرن تي ويڙهيل خوف واري چادر ۾ پهريون سوراخ ڪرڻ وارا ڪي ڀارتي عالم ۽ دانشور نه پر جامعه مليه دهلي ۽ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه جا شاگرد هئا جنهن بعد ٻن ڏهاڪن کان دلين ۾ لڪيل جذبن جي ٻاڦ پريشر ڪڪر جيان ڦاٽي ٻاهر اچي ويئي.هاڻي ڀارت پرتشدد مظاهرن جي وڪڙ ۾ اچي چڪو آهي.دهلي،حيدرآباد،ميرٺ،ممبئي،ڪانپور،فيروز آباد،رام پور،مظفر نگر مطلب ته هر هنڌ تي مظاهرن جي لهر اٿلي پيئي آهي.انهيء تحريڪ مودي جي ذهنيت کي ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ اگھاڙو ڪري ڇڏيو آهي.آسام ۾ حراستي ڪيمپ جو انڪشاف ٿيو جڏهن ته مودي حڪومت اهڙن مرڪزن جي ترديد ڪندي رهي پر جڏهن اخبارن اهڙن مرڪزن جو تصويرون جاري ڪيون ته پارليامينٽ ۾ ڪانگريس اڳواڻ ششي ٿروڙ جي هڪ سوال جي جواب ۾ داخلا جي مملڪتي وزير ڪشن ريڊي تسليم ڪيو ته آسام جي حراستي مرڪزن ۾ 1133 ماڻهو قيد آهن.تحريڪ جي شروعاتي مرحلي ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿي چڪا آهن.رڳو يوپي ۾ هن وقت تائين سترهن ماڻهو مئا آهن.هندو مذهب سوا ٻئي هر مذهب جي سڃاڻپ مٽائڻ واري موديء جي ان خواهش جي رد عمل ۾ شروع ٿيل اها تحريڪ هاڻي مودي مخالف لهر ۾ بدلجي رهي آهي.ان تحريڪ ۾ نه رڳو ٻين مذهبن جا ماڻهو پر هندو به شامل آهن.اهڙيء طرح هن وقت ڀارت کي ”عرب اسپرنگ“ جيان ”انڊيا اسپرنگ“ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. انهيء صورتحال مان نڪرڻ لاء مودي حالتن کي ڪو نئون موڙ به ڏيئي سگھي ٿو.اهو موڙ پاڪستان يا آزاد ڪشمير خلاف ڪنهن ننڍي وڏي جنگ جي صورت ۾ به سامهون اچي سگھي ٿو.ڀارت ۾ وڌندڙ مظاهرن سان گڏ پاڪستان لاء خطرا به وڌي رهيا آهن.والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو هٽائڻ جي صورت ۾ رٿوڇاڻ ٿيڻ جو انديشو آهي.پنجين آگسٽ کان هن وقت تائين پاڪستان دنيا کي هن خطي جي سنگين صورتحال طرف ڌيان ڇڪائيندو رهيو آهي پر لڳي ٿو پوري دنيا ان سموري معاملي تي خاموش تماشائي بڻيل آهي.نريندر مودي پنهن جن بيوقوفين ذريعي ڀارت لاء دنيا جي واپاري ۽ سياحتي ڇڪ گھٽائي ڇڏي آهي.ڀارت جا اهي مسلمان جيڪي ٻاهتر سالن تائين ڪشميرين سان ٿيندڙ ظلم تي خاموش رهيا اهي هاڻي پاڻ موديء جي تعصب ڀرين پاليسين جو شڪار بڻجي رهيا آهن.هاڻي ڀارت جي سول سوسائٽي پڻ ميدان ۾ نڪري پيئي آهي ۽ يونيورسٽين مان هڪ نئين قيادت اڀري رهي آهي جيڪا مصلحت ۽ خوف جون ديوارون ڊاهي مزاحمت جي رستي تي آهي.ان صورتحال ۾ پاڪستان پاران رڳو خطري جون گھنٽيون وڄائڻ ئي ڪافي ناهي.هن وقت جيڪر ڀارت ۾ موديء کي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ته اهي موديء جون پنهنجون حرڪتون آهن انهيء ۾ اسان جو ڪو ڪمال ناهي.ٻئي طرف نيلم وادي جي جورا سيڪٽر ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فوجي چڪريون به ٿيون آهن جن ۾ ٻه شهري شهيد جڏهن ته ٽي فوجي زخمي ٿيا آهن.پاڪ فوج جي جوابي ڪاروائيء ۾ هڪ ڀارتي فوجي چوڪي تباهه ٿي آهي.ڪشمير کي ورهائيندڙ ڪنٽرول لائين هن وقت باهه جي ليڪ جو منظر پيش ڪري رهي آهي.اهڙي بارودي لڪير جنهن مان ٽڪراء جون چڻنگون نڪري ٻنهي پاسن جي آبادين کي برباد ڪرڻ جو سبب بڻجي سگھن ٿيون،هڪ محدود جنگ ته عرصي کان جاري آهي پر ٻنهي طرفن کان ڪنهن خوفناڪ جنگ جا امڪان به هاڻي محسوس ڪيا پياوڃن.پنجين آگسٽ کان والاريل ڪشمير ڪرفيو ۽ گھيري جي حالت ۾ آهي.ڀارت جو واديء اندر غير انساني ۽ غير آئيني فوجي آپريشن جاري آهي.ڀارت جون نظرون رڳو والاريل ڪشمير نه پر آزاد ڪشمير تي به ڄميل آهن.ڪجهه سال پهرين ڪنهن کي گمان به نه هو ته مودي والاريل ڪشمير جي الڳ آئيني سڃاڻپ ختم ڪري اگھاڙي بربريت جو مظاهرو ڪندو پر نيٺ ايئن ٿي چڪو ۽ دنيا انهيء تي ڪجهه به نه چيو.هاڻي هن جو اڳيون نشانو آزاد ڪشمير آهي ۽ هوان سلسلي ۾ ”فالٽ لائينز“ ڳولهي رهيو آهي.ڪنٽرول لائين تي پڪن بنڪرز جي اڏاوت ٿي چڪي ۽ اتي ڳرو هٿيار به پهچايو ويو آهي. ڪڏهن ڪڏهن انهن هٿيارن جي نمائش لاءگولا باري ذريعي ويجھين آبادين کي نشانو به بنايو پيو وڃي.ڪنٽرول لائين تي ڪاروائين سان پاڪستاني فوج کي اهو مونجھارو آهي جو انهن جي جوابي ڪاروائيء جي صورت ۾ مسلمان آباديون ئي نشاني هيٺ اچن ٿيون جيڪي اڳيئي ڀارتي ظلم جو شڪار بڻيل آهن.انهيء ڪري پاڪ فوج کي گھڻو احتياط ڪرڻو پوي ٿو.هاڻي حالتون جيڪو رخ اختيار ڪري رهيون آهن سڀ احتياط ۽ اصول پٺيء پويان ويندي معلوم ٿي رهيا آهن ڇو ته ڀارت جا ارادا پوريء طرح اگھاڙا ٿي چڪا آهن.هاڻي ڳالهه ٻولهه جي هر نڪتي کان اڳتي نڪري مودي ٽڪراء ۽ جھيڙي جي رستي تي چڙهي چڪو آهي جيڪو بيشڪ تباهي ۽ برباديء جو رستو آهي جنهن جي چونڊ نريندر مودي پنهنجي مرضيء سان پاڻ ڪئي آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ ڀارت اندر سخت وڳوڙ پيدا ٿيڻ جو انديشو آهي ۽ جيڪا تحريڪ ظاهر ۾ شهريت بل جي منظوريء خلاف شروع ٿي آهي انهيء ۾ بين الاقوامي رانديگر به ٽپي پوندا.هڪ غير مستحڪم ڀارت ڪيترن ئي عالمي رانديگرن جي مفاد ۾ آهي!
(روزاني هلال پاڪستان 4 جنوري 2020ع)
 يٺل ڪشمير 

جنرل سليماني؛هڪ مزاحمتي ڪردار....!



شفيق الرحمان شاڪر
1990ع ۾ ”انقلاب جو سڏ” جي عنوان سان جنرل قاسم سليماني چيو ” آئون قاسم سليماني آهيان جيڪو صوبي ڪرمان جو ڪور ڪمانڊر آهيان.منهنجو جنم 1958ع ۾ ڪرمان جي هڪ ڳوٺاڻي علائقي ۾ ٿيو.انقلاب کان اڳ آئون ڪرمان واٽر اٿارٽيء ۾ ملازم هئس.اسلامي انقلاب بعد آئون پهرين مئي 1980ع تي انقلابي گارڊز ۾ شامل ٿيس.جنگ پکڙجڻ ۽ عراقي حڪومت پاران هوائي اڏن تي حملن بعد ايئر فورس گارڊز هوائي اڏن تي رهي.ٻن ٽن مهين کان پوء اسان سوسينڪارڊ جي اڳين ٺڪاڻن ڏانهن نڪري پياسين.ڪرمان ذريعي موڪليل پهرين فوج ۾ جنهن جو انگ اٽڪل 300 هو هڪ ٽولي جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ محاذ ۾ شامل ٿيندي مون کي پڪ هئي ته دشمن ڪجهه به ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو پر اسان پنهنجي پهرئين حملي ۾ ئي کيس سوسنڪورڊ  روڊ کان الحمديه ويندڙ روڊ کان پٺتي هٽڻ تي مجبور ڪري چڪا هئاسين.اسان کي نقصان به ٿيو پر ان جي نتيجي ۾ منهن جي ذهن مان دشمن جو جڙيل غلط تاثر ختم ٿي ويو.“
هن کي شام جي البلوڪال ۾ ڏسو.جنگ عروج تي آهي ۽ هو رڳو ڪجهه ميٽرن جي پنڌ تي آهي. شهر جي اڳئين مورچي تي شهيدن جالاش ڪري رهيا هئا جڏهن حزب الله جو هڪ ويڙهاڪ جهاز دشمن کي گھوري ٿو ۽ ”حاجي“ تي جيڪو پنهنجي ذاتي بچاء کان لاتعلق هو.البوڪمال آخري  معمولي لڙائي هئي جيڪا هن پنهنجي معمول جي منصوبي سان وڙهي اڳواڻي حاصل ڪئي هئي. داعش خلاف جنگ جي شروعات بعد قاسم سليماني هاڻي ”شيڊو ليڊر“ نه رهيو هو ڇو جو آمريڪي اخبارن ان کي دمشق ۾ عماد مغنيه جي قتل ۾ بچي وڃڻ جي ترت بعد 2009ع ۾ کيس اهو نالو ڏنو هو.تهران ۾ سرحدن کان ٻاهر ايراني اثر رسوخ قائم ڪرڻ ۾ هڪ اهم موڙ جو واڌارو ٿيو.مختلف محاذن تي ويڙهاڪن،آپريٽنگ ۽ ميٽنگ رومز ۾ هر طرف قاسم جون تصويرون پکڙجڻ شروع ٿي وييون. هن آخري جمعي تي پنهنجي آخري اسٽاپ سان پنهنجو ٻيو ڳانڍاپو شروع ڪيو.امريڪي قبضي خلاف عراقي مزاحمت ۾ سندس اتحادي ڪٺا ٿي رهيا هئا ۽ هن پنهن جي فيصلا ڪن قدمن کي ٻن طرفن ۾ ورهائي ڇڏيو.آئي ايس آئي ايس جي وڌندڙ طاقت تي قابو پائڻ ۽ دشمن خلاف وڙهندڙ ڌڙن لاء تنظيمي ۽ تربيتي پروگرام ترتيب ڏيڻ ۾. اها هڪ ئي وقت عراق جي بچاء ۽ ايران جي سرحدي سلامتيء جي جنگ هئي پر اها ڪا پهرين جنگ نه هئي جيڪا هن ٻنهي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاء وڙهي هئي.عراقي مزاحمتي تحريڪ جي تنظيم بعد اهو خطرو وڌي ويو هو ته بغداد تي حملي جي بهاني ايران کي نشانو بڻائي سگھجي ٿو.قاسم سليماني ان وقت انقلابي گارڊز ”قدس فورس“ جي ڪمانڊر جي نالي سان شهرت پاتي ۽ هو لاڳيتو اڳتي وڌندو ويو.ايران جي پرڏيهي پاليسيء ۾ هڪ حڪمت عملي جيڪا اڄ واپس اچي ويئي آهي ان جو جوڙيندڙ آيت الله خمينيء کي سمجھيو وڃي ٿو يعني هڪڙي هٿ سان دشمن کي مارجي ته ٻئي هٿ سان ڳالهه ٻولهه به ڪبي رهجي.جواد ظريف جي مرڪ ۽ قاسم سليمانيء جي نزاڪت وچ ۾ ان خطي ۾ ايران جي ٻٽي موجودگيء جي روشنيء ۾ انهيء رستي کي پڪ سان گھڻي مضبوطي ملي.جنرل سليمانيء سان گڏ ڪم ڪندڙ عراقي مزاحمت دوران ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ٻڌائين ٿا.هو هڪ اهڙو جرنيل هو جنهن ڪيترائي ڀيرا امريڪي عملدارن  ۽ سفارتڪارن کي مايوسين جو نشانو بڻايو هو جن هن کي ڌڪي سيڪيورٽي ۽فوج کان بعد سياست ۾ به اڳتي ڪري ڇڏيو هو.اها هڪ اهڙي خوبي هئي جنهن کي سندس ڄاڻ سڃاڻ وارا هڪ اهڙي شخص سان منسوب ڪن ٿا جيڪو ”فارسي جي محافظ“ جو نقل ڪندو هو.ڊونلڊ ٽرمپ چوندو رهيو ته سليماني هڪ ڊگھي عرصي کان هزارين آمريڪين جي قتل ۾ ملوث آهي پر جنرل سليماني ڪڏهن به ان جي ترديد ڪرڻ مناسب نه سمجھي ۽ نه ئي هن تي آمريڪا جي فوجي طاقت جو ڪڏهن ڪو خوف ڇانئيو.هڪ موقعي تي هن آمريڪي فوجين جو مذاق اڏايو هو ته انهن کي ڪنهن ”بالغ لنگوٽ“ جي سامان جي گھرج آهي. اولهه ۾ پنهنجي دشمنن لاء هو پهرئين نمبر تي هو پر اسلامي جمهوريه ايران ۾ هو ڪجهه ٻيو هو.بهر حال هو هڪ افسانوي هيرو آهي جيڪو قديم فارسي سلطنتن جي علامتي هيروز سان ملندڙ جلندڙ آهي.هو پنهنجو پاڻ کي يروشلم جي راهه تي رياست جو هڪ سپاهي سمجھندو هو.ايراني انقلاب واري ادب موجب سندس هٿياربند ساٿي هڪ طرف ملڪ جي مفاد ن جي تحفظ لاء سرحدن کان ٻاهر اهو بينر کڻندي ڏسن ٿا ۽  کيس ڪنهن بين القوامي انقلاب جي چڻنگ دکائيندڙ  طور مڃين ٿا.ايران جي روحاني رهبر علي خامنئي کيس “زندهه شهيد“ جي لقب سان نوازيو ۽ ايرانين سندس غريب گھراڻي ۾ موجود سندس اولاد جون تصويرون ڇڪيون جيڪو هاڻي پڪ سان عظيم انقلابي شهيدن جي لسٽ ۾ شامل ٿي چڪو آهي.جڏهن هو اسرائيل،آمريڪا ۽ سندن اتحادين جي پاليسين لاء فائديمند ثابت ٿئي ٿو ته کيس جنگي هيرو ۽ جڏهن انهن پاليسين لاء خطرو بڻجي ٿو ته پوء کيس “گندن مشنن وارو ماڻهو“، “بيحس ۽ خوفناڪ“ جي لفظن سان نوازيو وڃي ٿو.هڪ سفارتي ذهانت،غير معمولي تدبر ۽ پنهن جي ساٿين جي دلين جي اندر رهندڙ شخص جنهن جي ذات تڪراري ضرور رهندي. يروشلم فورس جي اڳواڻ جي طور تي اوهان لاء ضروري آهي ته اوهان ايران جي حدن کان ٻاهر هر ڪاروائيء جا ذميدار آهيو ۽ هڪ اهڙو خطو جتي دشمنن جو ميڙو متل هجي جن ۾ هڪ طرف آمريڪا ۽ برطانيا جون فوجون،سندن عرب اتحادي،ٻئي پاسي اسرائيل،ڪرد علحدگي پسند ۽ تڪفيري تنظيمون انهن سڀني کي هڪ ئي وقت منهن ڏيڻو آهي اتي عراق،شام،لبنان ۽ يمن ۾ مزاحمتي گروپن ۾ سردار سليماني هڪجهڙو مقبول ۽ مشهور رهيو. قاسم سليمانيء جي قتل تي سڄي دنيا ۾ صدمو محسوس ڪيو ويو.آمريڪي ”نيو يارڪ ٽائيمز“ سليمانيء جي ڪيريئر کي ٻن دورن ۾ ورهايو آهي.سن 2010ع جي آخر ۽ 2011ع جي شروع ۾ ڪجهه عرب ملڪن ۾ شروع ٿيندڙ وڏي پيماني تي مزاحمتي تحريڪن بعد ۽ ٻيو دور.سليماني دنيا جي مختلف حصن ۾ مختلف ويڙهاڪ تنظيمن جو اڳواڻ هو جيڪي بنيادي طور تي شام،لبنان ۽ عراق ۾ سرگرم آهن.پهريون دور اهو هو جڏهن آمريڪا 2003ع ۾ عراق تي حملو ڪيو جڏهن ايراني مليشيا ۽ ان جي عراقي اتحادين آمريڪي فوجن خلاف لڪيل جنگ وڙهي،انهن جي ٺڪاڻن تي ميزائيل اڇلايا ۽ قافلن تي حملا ڪيا.آمريڪي اخبار لکيو آهي ته سليماني ان ڳالهه کي يقيني بنايو ته صدام جي  حڪومت ختم ٿيڻ بعد عراق ڪمزور ٿي ويندو ۽ ايران لاء خطرو پيدا نه ڪندو.ڪيترائي ڀيرا آمريڪي عملدار جنرل سليمانيء سان عراق ۾ ڇڪتاڻ گھٽائڻ لاء ڳالهه ٻولهه ڪندا رهيا آهن.فيبروري 2008ع ۾ جڏهن اسرائيلي ۽ آمريڪي ڳجھن ادارن عماد مغنيه کي نشانو بنايو هو ته انهن کي معلوم ٿيو هو ته مغنيه جنهن ٻئي شخص سان رابطي ۾ هو سو جنرل سليماني هو.اسرائيلين سينئر سرڪاري عهديدارن کي فون ڪيو پر ان وقت جي وزير اعظم يهود اولمرٽ  سليمانيء جي قتل جي اجازت نه ڏني. نومبر 2019ع ۾ انٽرسيپٽ ۽ نيويارڪ ٽائيمز عراق ۾ ايراني ڪردار کي ظاهر ڪندڙ  ڳجھي ”ايراني ڪيبلز“ شايع ڪئي جنهن ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها هئي ته سن 2014ع  ۾ سليمانيء جي دوري وقت عراقي وزير ٽرانسپورٽ بيان جابر هن کي شام ۾ اسد حڪومت جي مدد لاء چيو هو.واشنگٽن پوسٽ مطابق سليماني طاقت جو جيڪو ماڊل پيش ڪيو ان جي نمائندگي حزب الله ڪري رهي آهي جيڪا وچ اوڀر ۾ ايراني پراڪسي جنگ وڙهڻ ۾ پهريون نمبر آهي.سليمانيء جي قتل بعد اخبار امريڪي بروڪنگس انسٽيچوشن جي هڪ محقق فتح الله احمدي نزاد جي حوالي سان ٻڌايو ته ايران وٽ هاڻي آپشن ختم ٿي ويو آهي ۽ لبنان ۾ حزب الله ذريعي ايران اسرائيل کان بدلو وٺي سگھي ٿو.”وال اسٽريٽ جنرل“ مطابق هن وقت تائين عراق ۽ لبنان هڪ ئي وقت تهران توڙي واشنگٽن سان متوازن لاڳاپا رکندا پئي آيا پر سليمانيء جي قتل اها مساوات بدلائي ڇڏي آهي.  ميگزين مطابق آمريڪا عراق ۽ لبنان کي مالي مدد ته فراهم ڪري رهيو آهي پر حزب الله جو نه رڳو لبنان جي پرڏيهي پاليسيء تي قبضو آهي بلڪه حزب الله جا ڪيترائي ماڻهو ايراني سيڪيورٽي ادارن جي مدد سان عراق ۾ به اهم عهدا سنڀالي رهيا آهن.ميگزين جو خيال آهي ته سليماني جي قتل بعد وچ اوڀر ۾ طاقت جو توازن بدلجي ويو آهي.

(روزاني عوامي آواز 13 جنوري 2020ع)

Sunday, January 5, 2020

عمران خان جو بدلجندڙ موقف ...!



شفيق الرحمان شاڪر
خدا خدا ڪري خانصاحب جي پراڻن ٻن بيانين جن مان پهريون اهو ته ” ماضيء جي حڪمرانن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو” ۽ ٻيو اهو ته ”ڪنهن کي به نه ڇڏيندس،سڀني کي جيل ۾ وجھندس“ وارن بيانين مان جان ڇٽي.هاڻي خان صاحب هڪ نئون بيانيو ايجاد ڪري ورتو آهي سو اهو ته هر طرف مافيائون ئي مافيائون آهن جيڪي کيس پنهنجو ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين توڙي جو خان صاحب انهن مافيائن مان ڪنهن جو به نالو کڻڻ لاء تيار ناهي البت ميڊيا جي حوالي سان هن اهو ارشاد فرمايو ته ميڊيا ۾ به وڏيون وڏيون مافيائون ڪم ڪري رهيون آهن.هن وقت تائين عمران خان جو بدقسمتيء سان اهو الميو رهيو آهي جو هو ملڪ کي درپيش سنگين مسئلن ۽ عوامي معاملن طرف سنجيدگيء سان ڪو ڌيان ڏيڻ ۽ انهن جي حل طرف ڪا واضح حڪمت عملي اختيار ڪرڻ بدران عوام کي مختلف ٽرڪن جي بتين پويان لڳائيندو رهيو آهي.هاڻي هن کي هڪ ٻي نئين ٽرڪ جي بتي هٿ اچي ويئي آهي سا آهي مافيائن جي حڪومت ۽ مافيائن جي سازش.يعني اڄ اوچتو خان صاحب تي اهو راز کلو آهي ته هن ملڪ ۾ مافيائن جي حڪومت آهي حالانڪه اها ته هڪ پراڻي ۽  طي ٿيل سچائي آهي ته هن ملڪ ۾ مافيائن جي حڪومت سدائين قائم ۽ دائم رهندي ٿي اچي ۽ انهيء ۾ اها ڪهڙي نئين ڳالهه آهي جنهنجو انڪشاف پنهنجي حڪومت جي ڏيڍ سال گذرڻ بعد خان صاحب عوام اڳيان ڪري رهيو آهي.مزي جي ڳالهه اها ته انهن مافيائن کي پڪڙي اندر ڪرڻو ناهي ها البت انهن سان وڙهڻو ضرور آهي .هاڻي ايندڙ ڏينهن ۾ قوم انهيء نئين ڪهاڻي ٻڌڻ لاء پنهن جن ڪنن کي تيل هڻي جيڪي خان صاحب جو پويون رينگٽ ٻڌندي ٻڌندي پچي پيا هئا.مطلب اهو ته هاڻي جڏهن به عمران خان ۽ سندس وزيرن ۽ مشيرن کان ڪنهن به عوامي مسئلي جي باري ۾ سوال ڪيو ويندو ته اهو جواب ايندو ته مافيائون کين ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين.يعني بجلي۽ گئس ڏينهون ڏينهن ڇو مهانگي ٿي رهي آهي ته جواب اهو ايندو ته مافيائون ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين.مهانگائي عوام جو ڪفن ڇو کائي ويئي آهي جواب اهو ته مافيا،پوليس ۽ ٻين ادارن ۾ سڌارا ڇو نٿا اچن؟ جواب اهو ته مافيائون ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين.نيب جي اختيارن کي صدارتي آرڊيننس ذريعي ڇو محدود ڪيو پيو وڃي ۽ ڪاروباري طبقن ۽ آفيسر شاهيء ۾ موجود مافيائن کي هر احتسابي عمل کان آزاد ڇو ڪيو ويو آهي؟ جواب اهو ته مافيائون ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين.حڪومتي صفن ۾ موجود ملزمن جو احتساب ڇو نه ٿي رهيو آهي؟ جواب مافيائون ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين.پنجاهه لک گھرن ۽ هڪ ڪروڙ نوڪرين جو معاملو ڇا ٿيو؟ جواب اهو ته مافيائون ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين.هاڻي خان صاحب کان ڪو اهو پڇڻ جي به جسارت ڪري ته پوري اڌ پاڪستان تي مسلط ڪيل لاڏلي پوزدار کي ڪهڙيء مافيا مقرر ڪيو آهي؟ چونڊيل وزيرن مشيرن بدران ٻاهران امپورٽ ڪيل سڄي معاشي ٽيم کي ڪهڙي مافيا مسلط ڪيو آهي؟اها ڪهڙي مافيا آهي جيڪا صوبن کي وفاق طرفان سندن آئيني حق مهيا ڪرڻ کان منع ڪري رهي آهي؟اها ڪهڙي مافيا آهي جنهن ناصر درانيء کي پوليس سڌارن کان روڪي کيس واپس گھر موڪلي ڇڏيو؟ ايف آئي جي هڪ نهايت ئي ايماندار آفيسر بشير ميمڻ کي ڪهڙي مافيا زوريء موڪل تي موڪلي کيس وقت کان اڳ رٽائرمينٽ تي مجبور ڪيو؟اها ڪهڙي مافيا آهي جنهن عمران خان کي ڪوئلالامپور وڃڻ کان روڪيو؟اها ڪهڙي مافيا آهي جنهن آرمي چيف جي مقرريء ۾ واڌ لاء جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي حوالي سان ادارن جو تماشو بنايو؟اها ڪهڙي مافيا آهي جنهن رانا ثناء الله کي بنان ثبوتن جي گرفتار ڪيو ۽ بعد ۾ ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو؟ اها ڪهڙي مافيا هئي جنهن نواز شريف جو نالو اي سي ايل تان ڪڍي کيس سرڪاري پروٽوڪول سان ٻاهر موڪليو؟ڪهڙي مافيا آهي جنهن ڊالر جو اگھه آسمان تي پهچائي ڇڏيو؟ اها ڪهڙي مافيا آهي جنهن هاڻوڪي حڪومت کي ڏيڍ سال اندر گذريل حڪومت جي پورن پنجن سالن واري قرض کان به مٿي قرض وٺڻ تي مجبور ڪيو؟اها ڪهڙي مافيا آهي جيڪا حڪومت کي پارياليامينٽ ۾ قانونسازي ڪرڻ بدران وٽانئن ڌڙا ڌڙ صدارتي آرڊيننس جاري ڪرائي رهي آهي؟ اها ڪهڙي مافيا آهي جيڪا حڪومت کي ماڊل ٽائون واقعي،ساهيوال سانحي ۽ پي آئي سي الميي جي جوابدارن خلاف ڪاروائيء کان روڪي رهي آهي؟اها ڪهڙي مافيا آهي جنهن حڪومت کي هڪ ڊڪٽيٽر جي بچاء ۾ عدالت وڃڻ تي مجبور ڪيو؟اها ڪهڙي مافيا آهي جيڪا اٽي ۽ ٽماٽن جو اگھه گھٽائڻ ئي نٿي ڏئي؟ اها ڪهڙي مافيا آهي جيڪا ڏينهون ڏينهن دوائن جا اگھه پنهنجي مرضيء سان وڌائيندي ٿي وڃي ۽ حڪومت کي انهيء تي ڪو ضابطو آڻڻ نٿي ڏئي؟آخر اها ڪهڙي اڻ ڄاتل مافيا آهي جيڪا خان صاحب کان روزانو عجيب غريب بيان ڏياري پوء کيس يوٽرن وٺڻ تي مجبور ڪري ٿي؟مطلب اهو ٿيو ته ويچارو وزير اعظم ته هن قوم ۽ ملڪ لاء گھڻو ڪجهه ڪرڻ گھري ٿو پر ظالم مافيائون آهن جيڪي هن کي ڪوبه ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين.انهيء سادگيء تي صدقو ٿيڻ لاء دل گھري ٿي. سچ اهو آهي ته جڏهن ڪنهن ڪم ڪرڻ جي نيت ئي نه هجي ته پوء چوندا آهن ته ” نيت کوٽي عذر گھڻا” سو خان صاحب،گھڻو ٿيو،هاڻي هن قوم تي ڪجهه رحم کائو. ماڻهن کي اجايو نت نين ٽرڪن جي بتين پويان لڳائڻ ۽ اٺ پکي جيان واريء ۾ منهن هڻڻ  بدران سخت حقيقتن کي قبول ڪندي پنهن جون نااهليون ۽ ناڪاميون تسليم ڪريو ته اوهان پوري ڏيڍ سال ۾ سواء قصن ۽ ڪهاڻين جي ٻيو ڪجهه به ڊليور نه ڪري سگھيا آهيو.حالتون سڌرڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خراب ٿي رهيون آهن.حڪومتن ۽ رياستن جا معاملا ايئن ناهن هلندا جيئن اوهان هلائڻ گھرو ٿا.اهڙي غير سنجيدگي ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ته شايد هلي وڃي پر حڪومتي معاملن ۾ ”تر جي گٿي سو چوٽون کائي“ وارو اصول هلندو آهي.هاڻي سوال اهو آهي ته اوهان جي چوڻ موجب اوهان مافيائن جي جنهن ڄار ۾ ڦاٿل آهيو انهيء مان نڪرڻ لاء اوهان کي ڪهڙي مدد جي ضرورت آهي؟اوهان کي ڪٿان ڪا ڪمڪ رواني ڪجي جو اها ڪو سيف آپريشن ڪري اوهان کي ريسڪيو ڪري سگھي.جڏهن نيب ترميمي آرڊيننس تي رات وچ ۾ صدارتي صحيح بعد اوهان پنهنجن دوستن کي مبارڪون ڏيندي خوشخبري ٻڌايو ٿا ته ” وڃو،هاڻي اوهان آزاد آهيو.“ ته بهتر اهو ئي آهي ته نيب جهڙا فضول ادارا ئي بند ڪري ڇڏيو جن تي هن غريب قوم جو پئسو اجايو ضايع ٿي رهيو آهي.
”آپ هي اپني ادائون پي ذرا غور ڪرين ــ هم عرض ڪرين گي تو شڪايت هوگي.“

( روزاني عوامي آواز)

نيب.حڪمران ۽ احتساب !



شفيق الرحمان شاڪر
پاڪستان ۾ نه ته احتساب جو نعرو ڪو نئون آهي ۽ نه ئي احتساب جي تاريخ ڪا شاندار رهي آهي.هتي ڪيترين ئي چونڊيل حڪومتن کي ڪرپشن جي الزامن هيٺ گھر ڀيڙو ڪيو ويو ۽ پويان جيڪو به نئون حڪمران آيو اهو پاڻ سان گڏ احتساب جي گڏي کڻي آيو.پر انهيء کي هن ملڪ جي بد قسمتي چئجي يا نيتن جي کوٽ جو سمورين دعوائن باوجود ڪرپشن جو ناسور جيئن پوء تيئن سماج ۾ پکڙبو رهيو.ستم ظريفي اها جو احتساب جا دعويدار ادارا پاڻ به آخر نيٺ ڪرپشن جو شڪار ٿيندا رهيا.انهيء سموري ناڪاميء جو بنيادي سبب اهو جو هتي نه ته ڪير ڪنهنجو حقيقي احتساب ڪرڻ چاهي ٿو ۽ نه ئي ڪو هتي احتساب واري عمل مان گذرڻ لاء تيار ٿئي ٿو.نواز ليگ جي احتساب الرحمان بيورو کان مشرف جي نيب تائين انهن ادارن کي رڳو سياسي مقصدن لاء ئي استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي.جيڪي مخالف ٽپو ڏيئي حڪومت جي ٻيڙي ۾ سوار ٿيندا آهن انهن جي ان عمل پويان اها ئي خاطري هوندي آهي ته اهي هاڻي هر پاپ کان پوتر ٿي ويا ۽ جيڪي وقت جي حڪمرانن سامهون هٿيار ڦٽا نه ڪندا آهن اهي ئي انهن احتسابي ادارن جي گھاڻي ۾ پيڙهبا رهيا آهن.اهي احتسابي ادارا حڪمرانن جي غلط مشق سبب ايترو ته تڪراري ۽ شڪي بڻجي وڃن ٿا جو اهي جيڪر ڪنهن کي جائز طور تي به پڪڙين ٿا تڏهن به ماڻهن جي ذهن ۾ سوين سوال پيدا ٿيڻ لڳن ٿا.اها اسان جي ان وڻندڙ تاريخ ۽ ڪڙي سچائي آهي ته اڄ ڏينهن تائين هن ملڪ ۾ ڪڏهن به ڪنهن ڏاڍي جو احتساب نه ٿي سگھيو آهي ۽ نه ئي ٿي سگھي ٿو جو هر حڪمران کي سستي ايڊيشن وارا اهڙا سياستدان گھربل ٿين ٿا جيڪي سولائيء سان پنهنجون سياسي وفاداريون تبديل ڪري سندن ساٿ ڏيئي سگھن.اهي اهڙا ئي ماڻهو ٿي سگھن ٿا جن جي ڏوهاري سرگرمين تي کين بليڪ ميل ڪري پاڻ سان شامل ڪري سگھجي ٿو.ممڪن آهي ته جنرل پرويز مشرف نيڪ نيتيء سان نيب ڏوهارين جو احتساب ڪرڻ لاء جوڙي هجي پر سوال اهو ته خود پرويز مشرف پاڻ به هڪ وڏو ڏوهه ڪري قانون ۽ آئين ٽوڙيندي اقتدار تي قبضو ڪيو هو ته پوء هو ٻين جو احتساب ڪيئن ٿي ڪري سگھيو؟بعد ۾ سڀني ڏٺو ته پرويز مشرف ڪهڙي نه غلط طريقي سان نيب کي پنهنجي مخالف سياسي جماعتن خلاف استعمال ڪيو ۽ انهيء نيب جي ڪرشمي ۽ جادوء سان مسلم ليگ قاف رات وچ ۾ نواز ليگ جي پيٽ مان ڄمي پيئي ۽ ساڳئي نموني پيپلز پارٽي پيٽرياٽ ڦٽي پيئي.اسان جي حڪمرانن پنهنجون اهي غليظ حرڪتون ڪندي ڪجهه دير لاء به ڪڏهن اهو نه سوچيو ته قومي ادارن جي سڄي ساک داء تي لڳائي اهي ملڪ ۽ قوم جي ڪهڙي خدمت ڪري رهيا آهن.نتيجو اهو ئي نڪتو جيڪو نواز شريف واري احتساب بيورو ذريعي نڪتو هو يعني نيب جي سڃاڻپ به سياسي مخالفن کي سبق سيکارڻ واري هڪ اوزار واري بڻجي ويئي. 2018 ع ۾ نيب وري سجاڳ ٿي جو 2019ع ۾ نيون عام چونڊون ٿيڻ واريون هيون جنهن ڪري ڪجهه سياسي ڌرين کي هر قيمت تي انهن چونڊن کان ٻاهر رکڻو هو.قدرتي طور تي پاناما ليڪس ان ڪم کي وڌيڪ آسان ڪري ڇڏيو .ان سموري عرصي دوران ڏسڻ ۾ ايندو ته ماڻهو ٻڌجن پيا ۽ ڇٽن پيا.ريفرنس جڙيا،جاچون جوچون ٿيون پر وصول ڪنهن کان ٽڪو به نه ٿيو ۽ سزا به رڳو ميان نواز شريف کي اچي سگھي تنهن تي به عمل ٿئي ٿا يا نه اهو معاملو اڃا عدالتن ۾ ڊوڙي رهيو آهي. انهيء جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ملڪ ۾ ڪرپشن ٿي ئي ڪانهي ۽ اهي جن جي خلاف رفرنس جڙيا يا جاچون ٿيون اهي سڀ جا سڀ بي ڏوهي هئا.جيڪر ملڪي معيشت تباهيء ڪناري پهتل آهي ته ان جو اهو حال ته عام ماڻهن ناهي ڪيو.پڪ سان ڦرلٽ ٿي آهي ۽ زبردست ڦرلٽ ٿي آهي پر ڇا انهن سمورين ڪاروائين جو مقصد ڦرلٽ روڪڻ ۽ جوابدارن کي جوڳي سزا ڏيڻ هو يا ڪجهه ٻيا مقصد حاصل ڪرڻا هئا؟ هيستائين جي صورتحال ته اهو ئي نتيجو ڏيئي رهي آهي ته مقصد ڪجهه ٻيا هئا ۽ احتساب جي نالي تي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وڌي ويئي ۽ ماڻهن سان عظيم دوکو ڪيو ويو.عمران خان جنهنجي جماعت کي 2013ع جي چونڊن ۾ سندن اميدن مطابق ڪاميابي نه ملي سگھي هئي انهن جي لاء نين چونڊن کان پهرين بهترين ماحول بڻجي چڪو هو جو هڪ منصوبي هيٺ ملڪ جي وڏين سياسي جماعتن جي قيادت کي ايترو ته ڪرپٽ ۽ بدديانت بنائي پيش ڪرڻو هو جو عمران خان جي لڳايل احتساب جي نعري کي مڪمل عوامي پذيرائي حاصل ٿي سگھي.ان ڪري خان صاحب موقعي جو فائدو حاصل ڪندي احتساب جو نعرو بلند ڪري ڇڏيو. جيڪي ماڻهو اڃا به چون ٿا ته عمران خان واقعي احتساب ڪرڻ لاء حڪومت حاصل ڪئي هئي ته اهي غلطيء تي آهن.عمران خان احتساب ڪرڻ نه پر احتساب جي نعري تي حڪومت حاصل ڪرڻ گھري ٿي جيڪا هن حاصل ڪري ورتي.رهيو حقيقي احتساب ته اهو نه ته ڪلهه خان صاحب جي ايجنڊا تي هو ۽ نه ئي اڄ آهي.دليل اهو ته جيڪر خان صاحب واقعي احتساب ڪرڻ لاء حڪومت ۾ اچڻ گھري ها ته پوء پاڻ سان گڏ انهن ماڻهن جي ٽيم نه کڻي ها جيڪي ماضيء جي ڪيترن ئي حوالن سان عوام وٽ پاڻ سواليه نشان بنيل هئا.جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو احتساب واري معاملي تي عمران خان جي انڌي حمايت ڪندڙن کي به اها ڳالهه سمجھه ۾ ايندي ويندي ته ”جو سنا سب فسانه ٿا،جو ديکا سب تماشا ٿا.“ سو اڳيان اڳيان ڏسندا وڃو ته ڪهڙا تماشا ٿيڻ وارا آهن.جيستائين نيب جي اداري جو سوال آهي ته ان جي هاڻوڪي چيئرمين جي اچڻ کان پوء ساڃهه وند ڌرين کي گھڻي خاطري ٿي هئي ته اهو ادارو بنان ڪنهن سياسي ۽ حڪومتي دٻاء جي پنهنجو ڪم ڪندو پر بد قسمتيء سان ايئن نه ٿي سگھيو توڙي جو نيب چيئرمين وقت بوقت ميڊيا تي اچي اهي اعلان ڪندو رهيو ته نيب ڪنهن جي به دٻاء ۾ ناهي پر حقيقتون انهيء ڳالهه جي تصديق نٿيون ڪن.برابر نيب ٻڌ ڇوڙ ڪندي رهي پر ڪنهن جي؟ مختلف ريفرنس جڙندا رهيا پر ڪنهن تي؟ڇا نيب کي حڪومتي صفن ۾ ويٺل هيترن سارن وزيرن ۽ مشيرن مان ڪو به گھربل نه مليو؟اهي سڀ جا سڀ کير سان ڌوتل هئا؟ بلڪه اهي ڪيس جيڪي حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن خلاف نيب وٽ جاچ هيٺ هئا انهن مان ڪنهن هڪ تي به ڪا ڪاروائي ٿي هجي ته ٻڌايو؟انهيء کان سواء ڇا هاڻوڪي نيب چيئرمين جي اچڻ سان نيب جي اندر جيڪا ڪرپٽ مافيا موجود آهي اها ختم ٿي ويئي؟ نيب جي ان ڪارڪردگيء تي رڳو اسان اهو تبصرو نه پيا ڪيون بلڪه اسان جون معزز عدالتون ان حوالي سان مختلف وقتن تي جيڪي ريمارڪس ڏينديون رهيون آهن انهن کي نظرانداز ڪيئن ٿو ڪري سگھجي؟هاڻي جيڪر خان صاحب ترميمن يا قانونسازيء ذريعي نيب جي اختيارن تي ڪو ڪٽ لڳائڻ گھري ٿو ته انهيء ۾ حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي جو نيب چيئرمين ڪجهه عرصو اڳ اهو بيان ڏنو هو ته ”هوائن جو رخ بدلجي رهيو آهي.“ سو هوائن جي ان رخ بدلجڻ کان پهرين خان صاحب نيب اختيارن جو رخ ئي بدلائي ڇڏيو ته ان تي اجائي واويلا ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ هاڻي نيب پاران سرڪاري عملدارن کي ڇٽي ته ڪاروباري چڱن مڙسن کي به استشنا ملي ويئي آهي.عدالتي ۽ عسڪري ادارا ته اڳيئي نيب جي دائري کان ٻاهر هئا ، باقي رهيا سياستدان سو انهن جي اڪثريت ته بزنيس مين طبقي سان تعلق رکي ٿي تنهن ڪري انهن کي به آجو ئي سمجھو،جي اڃا به ڪو شڪ شبهو رهجي ويو ته نيب ترميمي آرڊيننس نيٺ موٽي ان پارليامينٽ ۾ ئي اچڻو آهي جتي وتائي فقير جيان بزنيس مين بڻيل اهي ئي سياستدان سندس اڳو جھليو ويٺا آهن سو انهيء نڪتي تي سياسي بيانن کي سنجيده وٺڻ بداران مطئمن رهو ته ويچارن سياستدانن کي به پارسائيء جي پرمٽ يا پاس ملي ويندي.گھڻو جيء جلائڻ ۽ سريڙ ساڙڻ جي گھرج ناهي.نڙي ڦاڙي نعرا هنيو، احتساب زنده باد،انصاف ۽ تحريڪ انصاف زنده باد!
(روزاني عوامي آواز)

Friday, January 3, 2020

سال 2019ع ؛ ملڪي خبرن جي آئيني ۾.



شفيق الرحمان شاڪر
*ــ جنوريء ۾ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ضلع لاڙڪاڻي جي شهر رتوديرو ۾ پکڙيل ايڇ آئي وي ايڊز کي ٻئي درجي جي ايمرجنسي قرار ڏنو.پاڪستان ۾ ڦهلجندڙ ايڊز مان اها ان ڪري نرالي قرار ڏني ويئي جو ان ۾ ڦاٿل اڪثريت ٻارن جي آهي.آڪٽوبر ۾ ڪيل سروي موجب اٽڪل 1100 ماڻهو جن ۾ 900 ٻار شامل آهن انهن ۾ اهو وائرس لڌو ويو.اها رپورٽ رڳو 27000 ماڻهن جي اسڪرينگ ذريعي حاصل ڪئي ويئي جڏهن ته ماڻهن جي اڪثريت اڃا تائين اسڪرينگ نه ڪرائي آهي.صحت کاتي جي آفيسرن ان مرض جي واڌ بابت جيڪي سبب ٻڌايا انهن مان هڪڙو وڏو سبب استعمال ٿيل سرنجن جو ٻيهر استعمال آهي.
* ـــ 2019ع جي گرمين ۾ پاڪستان ۾سوين ماڻهو ڊينگيء سبب مري ويا جڏهن ته هزارين متاثر ٿيا.وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون بنان ڪنهن مناسب ڪاروائيء جي خاموش تماشو ڏسنديون رهيون.
* ـــ 6  جنوري تي پشين جي علائقي جان ادا ۾ ٿيل هڪ بم ڌماڪي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 9 ماڻهو زخمي ٿيا.اهو بم بلوچستان ليويز جي گاڏيء کي نشانو بنائڻ لاء هڪ موٽر سائيڪل ۾ فٽ ڪيو ويو هو. هڪ ٻئي واقعي ۾ پنجگور ۾ ايف سي جي گاڏيء کي نشانوبنايو ويو جنهن ۾ ٻه ماڻهو زخمي ٿيا.
* ـــ  9 جنوريء تي ضلع رحيم يار خان ۾ ڪراچي اسلام آباد گئس پائيپ لائين کي دهشتگرديء جو نشانو بنايو ويو پر خوشقسمتيء سان ڪپو جاني نقصان نه ٿيو.
* ـــ 29  جنوري تي لورالائيء ۾ دهشتگرد ڪاروائيء ۾ 9 ماڻهو جن ۾ 8 پوليس وارا شامل هئا مري ويا جڏهن ته ٻاويهه ڄڻا زخمي ٿيا.اهو حملو هٿياربندن ۽ آپگھاتي حملي آورن ڊي آئي جي آفيس کي نشانو بنائڻ لاء ڪيو.تحريڪ طالبان پاڪستان ان حملي جي ذميداري قبولي ورتي.
* ـــ فيبروري ۾لائين آف ڪنٽرول تي پاڪ انڊيا فوجي محاذ آرائيء ۾ گھڻو اضافو ٿيو.اها ڇڪتاڻ ان آپگھاتي ڪار بم واقعي کان پوء وڌي جنهن ۾ انڊيا چاليهه فوجي مارجي ويا هئا.دهشتگرد گروپ جيش محمد انهيء حملي جي ذميداري قبولي هئيئهندستان مبينه طور تي ان حملي جي ذميداري پاڪستان تي عائد ڪئي هئي جڏهن ته پاڪستان ترديد ڪندي ان کي هندستان جو اندروني معاملو قرار ڏنو. ان واقعي جي ٻارهن ڏينهن بعد ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي خلاف هوائي حملا ڪيا.هندستان پاران 26 فيبروريء تي بالاڪوٽ تي هوائي حملو ڪيو ويو جنهن جي جواب ۾ پاڪستان 27 فيبروريء تي هندستان جي والاريل ڪشمير ۾ ايئر اسٽرائيڪ ذريعي انڊيا جي هڪ جهاز ايم آئي جي 21 بيسن کي ڪيرائي ان جي پائلٽ اڀي نندن کي گرفتار ڪري ورتو جنهن کي پهرين مارچ تي واپس هندستان حوالي ڪيو ويو.
* ـــ 19 جنوري تي پنجاب ڪائونٽر ٽيريرزن ڊپارٽمينٽ ( سي ٽي ڊي) طرفان ساهيوال ۾ هڪ سوزوڪي ڪار ۾ سوار خاندان کي نشانو بنايو ويو.ڪار ۾ سوار دوڪاندار محمد خليل،سندس زال نبيلا،سندن 13 سالا ڌيء اريبا ۽ سندن ڊرائيور ذيشان موقعي تي ئي مري ويا جڏهن ته خليل جي جي پٽ عمير کي زخم رسيا جڏهن ته سندس ڀيڻ حديبه معجزاڻي طور تي بچي ويئي.پوليس پهرين ته اها دعويٰ ڪئي ته ڪار ۾ ٻارن کي اغوا ڪندڙ هئا پر ّليل جي بيان ۽ بعد ۾ وائرل ٿيل وڊيو بعد پوليس جا بيان ڦرندا رهيا.بهر حال اهو نهايت ئي المناڪ سانحو هو جيڪو پيش آيو.
* ـــ 11 جنوري تي صادق آباد وٽ  هڪ ريلوي حادثو ٿيو جتي ڪوئيٽا ويندڙ اڪبر ايڪسپريس ريلوي اسٽيشن تي بيٺل هڪ مال گاڏيء سان ٽڪرائجي ويئي جنهن جي نتيجي ۾ ريلوي انجڻيون مڪلمل طور تي تباهه ٿي وييون.انهيء حادثي ۾ گھٽ ۾ گھٽ چوويهه ماڻهو موت جو شڪار بڻيا.
* ـــ 30 جولائي تي پاڪستان آرمي جو جهاز بحريه ٽائون راولپنڊيء ويجھو ڪري تباهه ٿي ويو.انهيء ۾ سوار عملي جا پنج ۽ 13 سويلين ماڻهو به موت جو شڪار ٿيا جڏهن اهو جهاز هڪ آباديء مٿان ڪريو.
* ـــ 2019ع ۾ ڪشمير واري زلزلي پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آندو.24 سيپٽيمبر تي آيل ان زلزلي شدت ريڪٽل اسڪيل تي 5.6 ريڪارڊ ڪئي ويئي.ميرپور آزاد ڪشمير ۾ گھڻو نقصان ٿيو جتي اٽڪل چاليهه ماڻهو مري ويا.
* ــــ 31 آڪٽوبر تي پاڪستان ريلوي جي تيزگام پيسينجر ٽرين جيڪا ڪراچيء کان راولپنڊي وڃي رهي هئي ته مبينه طور تي بوکين ۾ موجود گئس جي چلهن مان باهه پکڙجي ويئي جنهن جي نتيجي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 75 ماڻهو مري ويا ۽ سوين زخمي ٿيا.
*ـــ  31 آڪٽوبر تي حڪومت خلاف شروع ڪيل مولانا فضل الرحمان جو آزادي مارچ اسلام آباد پهتوجنهن ۾ اپوزيشن جي سمورين جماعتن طرفان وزير اعظم عمران خان جي استعيفا ۽ نين چونڊن جو مطالبو ڪيو ويو.اهو مارچ جيڪو بعد ۾ ڌرڻي ۾ تبديل ٿي ويو سو آخر 13 نومبر تي بنان ڪنهن ظاهري نتيجي جي ختم ٿيو.
*ــ 28 نومبر تي اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف نيٺ لنڊن روانو ٿي ويو.انهيء کان اڳ کيس لاهور هائي ڪورٽ طرفان ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو.ميان نواز شريف جنهن کي ميڊيڪل بورڊ اميونز ڊس آرڊر جو شڪار قرار ڏنو سو سندس ڀاء شهباز شريف ۽ پنهن جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان سميت هڪ قطري ايئر ايرمبولنس ذريعي لنڊن روانو ٿيو.
* ـــــ ٽي مريض جان جي بازي هارائي ويٺا جڏهن ڊسمبر ۾ وڪيلن ڊاڪٽرن سان تڪرار کي جواز بنائي لاهور جي پنجاب انسيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجيء تي حملو ڪري ڏنو. ڊاڪٽرن ۽ ٻئي ميڊيڪل اسٽاف مختلف جڳهن تي لڪي پنهنجي جان بچائي.وڪيلن اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ مريضن جي علاج ۾ رخنو وڌو.
*ــ سپريم ڪورٽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي مدي ۾ واڌ متعلق فيصلي ۾ ڇهن مهينن جي مشروط واڌ جي اجازت ڏيئي ڇڏي ۽ حڪومت پاران عدالت کي يقين ڏياريو ويو ته ڇهن مهينن اندر ان سلسلي ۾ گھربل قانونسازي ڪئي ويندي.ان کان اڳ سپريم ڪورٽ جنرل باجوا جي مدي ۾ ڪيل ٽن سالن جي حڪومتي واڌ واري فيصلي کي رد ڪري چڪي هئي.
* ـــ سالن جي دير بعد آخر ڪار هڪ خاص عدالت اڳوڻي صدر ۽ ڊڪٽيتر رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس ۽ آئين ٽوڙڻ واري ڪيس ۾ سندس خلاف ڦاهيء جي سزا جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. فيصلي کان اڳ حڪومت اسلام آباد هائي ڪورٽ ۾ اهو فيصلو روڪرائڻ جي لاء درخواست داخل ڪئي هئي جنهن تي اسلام آباد هائي ڪورٽ خاص عدالت کي اهو فيصلو ٻڌائڻ کان روڪيو هو پر خاص عدالت اهو جواز ٻڌائي فيصلو ٻڌايو ته خاص عدالت ڪنهن هائي ڪورٽ جي اختيار هيٺ نٿي اچي.


(روزاني هلال پاڪستان 31 ڊسمبر 2019ع)

سال 2020ع پاڪستان لاء ڪيئن هوندو؟



شفيق الرحمان شاڪر
مشهور ماهر فلڪيات ۽ علم الاعداد روزينا جلال گذريل سال جيان سال 2020ع جي باري ۾ به اهم اڳڪٿيون ڪيون آهن،سندس چوڻ مطابق گذريل سال جاري ڪيل سندس اڳڪٿين مان اٽڪل نوي سيڪڙو صحيح ثابت ٿي چڪيون آهن جن ۾ اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي گرفتاري ۽ اڳوڻي فوجي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف جو سياسي باب بند ٿيڻ بابت ڪيل اڳڪٿيون به شامل هيون.روزينا جلال سال 2020ع جي باري ۾ اڳڪٿي ڪندي چوي ٿي ته زائچي موجب سال 2020ع پاڪستان جي تعميري بنيادين تي نئين اڏاوت جو سال هوندو.هن سال ۾ جتي چنڊ گرهڻ ۽ سج گرهڻ سبب ڪجهه معاملن ۾ پاڪستان لاء ڏکيائيون پيدا ٿينديون  اتي الحمد للله پاڪستان،ايران ۽ افغانستان جي لاڳاپن ۾ بهتري ايندي.ان دوران هندستاني خفيا ايجنسي جيڪا جتي به ڪا دهشتگرد ڪاروائي ڪندي اها دنيا آڏو بي نقاب ٿي ويندي ۽ بين الاقوامي طور تي هندستان لاء تماشي جو سبب بڻبي.روزينا موجب انشاء الله هي سال پاڪستان جي ترقيء جو سال هوندو ۽ ٻين ملڪن سان وڏا وڏا معاهدا ٿيندا.ملڪ جي قرضن ۾ گھٽتائي ايندي.ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جو اگھه مستحڪم ٿيندو.هن سال کي عورتن جو سال چئجي ته غلط نه ٿيندو.عورتن لاء خوشخبري آهي ته اهي ڪو به ڪم ڪرڻ گھرن پوء اهي گھريلو عورتون هجن يا اهي شوبز جي دنيا سان واڳيل هجن هي سال سندن عروج جو سال ثابت ٿيندو ڇاڪاڻ ته 2020ع جو سال چئن عددن جو جڙيل آهي جيڪو هڪ ٻڌي عدد آهي. عورتون چاهي پارلر جي ڪاروبار سان ڳنڍيل هجن يا ڪنهن ٻئي شعبي سان اهي هر شعبي ۾ ترقي ڪندي نظر اچي رهيون آهن.ان کان سواء پاڪستان جا پوري دنيا جي ملڪن سان معاهدا ٿيندا جنهن سان بيروزگار پاڪستانين کي روزگار جا بهترين موقعا مهيا ٿيندا.سي پيڪ جيڪو گذريل سال سست رفتاريء جو شڪار رهيو ان ۾ هن سال گھڻي تيزي ايندي.روزينا موجب 10 جنوريء تي چنڊ گرهڻ ٿي رهيو آهي جنهن سبب حڪومتي عهدن ۾ گھڻي اٿل پٿل نظر اچي رهي آهي،نه رڳو انهن جي عهدن ۾ تبديلي ايندي پت ڪيئي نوان چهرا به سامهون اچي سگھن ٿا.انهيء دوران لائين آف ڪنٽرول تي ڇڪتاڻ وڌي سگھي ٿي ۽ صورتحال ڳڻتي جوڳي بڻجي سگھي ٿي.پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ محدود نوعيت جي جنگ به لڳي سگھي ٿي.ملڪ ۾ انارڪيء جا وڌندڙ آثار نظر اچي رهيا آهن.جنوري ۽ جون جي وچ ڌاري ڏوهن جي شرح ۾ واڌارو نظر اچي ٿو ۽ انهيء دوران اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائيء جو لاڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. حڪومت خلاف مذهبي ۽ سياسي جماعتن طرفان مظاهرن،جلسن ۽ جلوسن جو سلسلو به شروع ٿي سگھي ٿوجنهن تي وفاقي حڪومت پاران سخت رد عمل به سامهون اچي سگھي ٿو. اندروني ۽ ٻاهرئين محاذ تي حڪومت ۽ فوج هڪ ئي پيج تي نظر ايندي.جنوري ۽ جون جي وچ ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۾ اختلاف نظر اچي رهيا آهن.چنجين ۽ ڇهين جون جي وچ واري رات ۾ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ سج گرهڻ ٿيندو جيڪو لاڳيتو پنج ڪلاڪ جاري رهندو پر ان جي نحوست پهرين جون کان ئي شروع ٿي ويندي.انهيء دوران حڪومت پاران ميڊيا تي پابنديون وڌيڪ سخت ٿي سگھن ٿيون ۽ ميڊيا جي حوالي سان سخت قسم جا قانون جڙي سگھن ٿا ۽ ميڊيا جي آزادي کسجي سگھي ٿي.خبرن ۽ تجزين جي سلسلي کي روڪي سگھجي ٿو.وفاقي سطح تي شهرين لاء بهترين سفري سهولتون مهيا تي سگھن ٿيون پر ڪراين ۾ واڌ ٿيندي نظر اچي رهي آهي.ٽيڪس جي قانونن ۾ اضافو ٿي سگھي ٿو،زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن لاء بهترين سهولتون فراهم ٿي سگھن ٿيون،زرعي اپت ۾ واڌارو ٿيندو،هاري خوشحال ٿيندا،زريد توڙي وڪري ۾ فائدو ٿيندو. ڪاروباري طبقي کي معيشت ۾ نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو.پاڪستان جنگي هٿيارن جي خريداريء جو ٺاهه ڪري سگھي ٿو.21 جون جي سج گرهڻ ۽ 5 جولائي جي چنڊ گرهڻ دوران پاڪستاني فوج جي چر پر ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نظر اچي رهي آهي.ان دوران ڀارت جي مختلف رياستن ۾ بغاوت جو سلسلو شروع ٿي سگھي ٿو ۽ والاريل ڪشمير جيان ٻين رياستن ۾ به ڪريفيو لاڳو ٿي سگھي ٿو.انهيء دوران ڀارت دنيا جي انسروني معاملن تان ڌيان هٽائڻ لاء سرحدن تي چڪتاڻ پيدا ڪري سگھي ٿو.آگسٽ ۽ سيپٽيمبر جي وچ ۾ والاريل ڪشمير ۾ سختيون وڌيڪ وڌي سگھن ٿيون ۽ ڀارت وڌيڪ انساني حقن کي لتاڙيندي نظر اچي ٿو.انهيء دوران انتها پسند تنظيم آر ايس ايس بين الاقوامي سطح تي پابنديء هيٺ اچي سگھي ٿي.ڀارت پاران القائده جهڙي دهشتگرد تنظيم کي فنڊ مهيا ڪرڻ جا ثبوت منظر عام تي اچي سگھن ٿا.آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ ڀارتي ميڊيا پنهنجن غلط افواهن ۽ پاڪستان خلاف ناڪاري پروپيگنڊا ڪرڻ تي دنيا سامهو کل جوڳو بڻجي سگھي ٿو.پاڪستان کي بين الاقوامي فورم تي ڀرپور حمايت حاصل ٿيندي،ٻئي پاسي پاڪستان کي اندروني طور تي مختلف قسم جي سازشن کي منهن ڏيڻو پوندو پر پاڪستان ڪشمير مسئلي کي بين الاقوامي سطح تي اٿارڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھي ٿو.ماهر فلڪيات موجب 30 نومبر ۽ 31 ڊسمبر تي سج کي گرهڻ لڳندو جيڪو عوام توڙي حڪومت لاء ڪنهن امتحان کان گھٽ نه هوندو.بد قسمتيء سان مشتري ۽ زحل جو ان دوران ٽڪراء به ٿي رهيو آهي ان ڪري اها نهايت ئي نحس ساعت هوندي ان دوران صدقي،خيرات ۽ نماز جي پابنديء سان انهيء نحوست کي پري ڪري سگھجي ٿو.روزينا جلال جو چوڻ آهي ته هوء 2020ع جي باري ۾ پنهنجن انهن سمورين اڳڪٿين جي سو سيڪڙو پوري ٿيڻ جون دعوائون ته نٿي ڪري سگھي ڇاڪاڻ ته اسان سڀني جو ايمان آهي ته سڀ جو سڀ علم غيب ته فقط الله تعاليٰ ئي ڄاڻي ٿو.هوء رڳو کيس حاصل عددن جي علم ذريعي پنهنجو تجزيو پيش ڪري سگھي ٿي جيڪو گھڻو ڪري صحيح ۽ ڪڏهن ڪڏهن غلط به ثابت ٿي سگھي ٿو.سندس چوڻ موجب صدقو ۽ خيرات ڪيترين ئي مصيبتن ۽ آفتن کي ٽاري ڇڏي ٿو انهيء ڪري نحس ڏينهن ۾ صدقو ڏيڻ گھرجي ۽ هر وقت الله تعاليٰ کان مصيبتن ۽ آزمائشن کان پناهه گھرڻ گھرجي.شال الله پاڪ پاڪستان کي دشمنن جي هر شر کان محفوظ رکي ۽ سال 2020ع کي پاڪستان توڙي پوري دنيا جي انسانن لاء حقيقي خوشحاليء جو سال بنائي!
( روزاني هلال پاڪستان 1 جنوري 2020ع)