Tuesday, January 28, 2020

سمورين نااهلين جي ڪاوڙ ميڊيا تي ڇو؟



شفيق الرحمان شاڪر
خبرون خير، وفاقي حڪومت چوي ٿي ته ملڪ ۾ اٽي جو ڪو حقيقي بحران آهي ئي ڪونه باقي هڪ هٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو آهي .باتدبير وزيرن ۽ دانشمند مشيرن جو چوڻ آهي ته اهو بحران پيدا ڪرڻ ۾ ميڊيا جو وڏو هٿ آهي.خدا جو شڪر آهي جو وڏي جاکوڙ بعد حڪومت سڳوريء کي ڪو سازشي هٿ ته نيٺ نظر اچي ويو.مطلب اهو ٿيو ته هن ملڪ ۾ سموري فساد جي پاڙ رڳو ميڊيا آهي.ظاهر ڳالهه آهي ته جيڪر ميڊيا سترهن روپيا وڪرو ٿيندڙ ٽماٽن جو اگهه وڌائي ساڍا ٽي سو روپيا ڪلو ٻڌائي ٿي ته اها سازش نه چئبي ته ٻيو ڇا چئبي.اهڙيء طرح مٽر جيڪي مائي فردوس جي چوڻ مطابق پنج روپيا ڪلو وڪامجي رهيا آهن انهن جو اگھه به ميڊيا وڌائي پيش ڪري رهي آهي. ساڳيء ريت هن وقت به پوري ملڪ ۾ اٽي جي اگھن ۾ ڪا واڌ ناهي آئي ۽ نه ئي مارڪيٽ مان اٽو غائب ٿيو آهي بلڪه حڪومت جي چوڻ مطابق سرڪاري گودام ڪڻڪ سان سٿيا پيا آهن پر اتان ڪو ڪڻڪ کڻڻ وارو ئي ناهي.پوء خبر ناهي ميڊيا ڇالاء حڪومت کي هروڀرو بدنام ڪري رهي آهي.ڪٿي هڪ چريو،ڪٿي ٻه چريا پر لڳي ٿو ته هتي چرين جا راڄ لٿا پيا آهن.هڪ ته ماڻهو اٽي جي لاء ذليل ۽ خوار ٿي رهيا آهن ته ٻئي طرف حڪومت جا هوش وڃايل وزير ۽ مشيرآهن جيڪي عجيب قسم جا جدا جدا سرندا وڄائيندا ٿا وڃن.پنڊيء واري پهلوان پنهنجي حڪمت ۽ دانش ڀريل تجزيي ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته سخت سيء ۾ ماڻهو ماني گھڻي ٿا کائين،جڏهن ته ڪي پي ڪي حڪومت جي کاڌ خوراڪ واري عقلمند وزير ماڻهن کي مشورو ڏنو آهي ته ڪينسر کان بچڻ جو اڪيلو رستو اهو آهي ته ماڻهو عمدو اٽو استعمال ڪرڻ کان پرهيز ڪن.هڪ ٻيو ڪو ڪاڪو خسرو بختيار آهي اهو فرمائي ٿو ته ملڪ ۾ اٽي جي کوٽ نالي ڪا شيء ئي ناهي جڏهن ته پنجاب حڪومت جو هڪ جذباتي وزير چئي رهيو آهي ته ملڪ ۾ اٽي جي کوٽ جي ذميدار سنڌ حڪومت آهي.عمران حڪومت جو ڀرجھلو جهانگير ترين فرمائي رهيو هو ته عمران خان مافيائن جي وچ ۾ ڦاسي پيو آهي.جڏهن ته سنڌ حڪومت هڪ الڳ راڳ ڳائي رهي آهي.هاڻي سمجھه ۾ نٿو اچي ته سمورن ماڻهن جو هوش هليو ويو آهي جو اهي اجايو اٽي جي کوٽ ۽ اگھن جي واڌ تي رڙيون ڪري رهيا آهن يا حڪومتي وزيرن مشيرن جي ڊول ۾ ڪو ڊفيڪٽ پيدا ٿيو آهي جو اهي هڪ طرف چون ٿا ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ڪا کوٽ آهي ئي ڪانه پر ٻاهران ڪڻڪ گھرائڻ جا اعلان به ٿي رهيا آهن.جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪڻڪ جھجھي مقدار ۾ موجود آهي ته پوء ٻاهرين ملڪن مان ڳرن اگھن تي ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو ڪهڙو مظلب؟جيڪر بحران حقيقي نه پر هٿرادو آهي ته پوء حڪومت ڇا ڪري رهي آهي؟اهو هٿرادو بحران ضرور ڪنهن نه ڪنهن پيدا ڪيو هوندو ته پوء انهن خلاف ڪاروائي نورو واڍو ڪندو يا خيرو ڪاسائي؟عجيب قسم جي حڪومت ۽ عجيب قسم جا ماڻهو آهن.يعني هي ماڻهو ڪنهن به معاملي تي نه ته سنجيده ٿيڻ لاء تيار آهن ۽ نه ئي پنهنجي ڪا غلطي يا نااهلي تسليم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.الٽو ماڻهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ لڳن ٿا. هر سوال جي جواب ۾ ”گذريل حڪومتن جي نااهلي “،هر بحران جي جواز ۾ ”ميڊيا،سازش ۽ مافيائون“،هنن مان چڱو ڦاٿا آهيون.هي ماڻهو تاريخ کان به ايترو ته اوپرا آهن جو کين خبر ئي ناهي ته فرانس واري انقلاب جي پويان اٽي جي اڻاٺ ئي ڪم ڪري رهي هئي ۽ حڪمران هئا جيڪي ماڻهن جي ڦٽن تي مرهم رکڻ بدران سندن مذاق اڏائيندي کين مانيء بدران ڪيڪ کائڻ جون صلاحون ڏيئي رهيا هئا انهيء حقيقت کان بي خبر ته ”بک بڇڙو ٽول ٿي داناء ديوانا ڪري“ يا وري ”سدا آهي ساهه کي ڳڀي جي ڳولا ....ڍوء بنان ڍولا ڪانهي ساڃاهه سونهن جي.“ عوام جي خالي پيٽن اندر دکندڙ بکن جي دوزخ کان بي نياز بڻيل فرانس جي انهن حڪمرانن جي بي حسي جڏهن سڀ حدون لتاڙيون ته دنيا اهو منظر ڏٺو ته فرانس جي چوڪن ۽ چوراهن تي انقلابي نوجوان هر ايندڙ ويندڙ جا هٿ چڪاس ڪرڻ لڳا ۽ جيڪو به هٿ ڪجهه نرم محسوس ٿيندو هو ته انهيء کي قوم جو قاتل سمجھندي قتل ڪري ڇڏيندا هئا. لڳي ٿو ته اسان جي حڪمران اشرافيا جي بي حسي به پنهنجون سڀ حدون لتاڙڻ جي شوق ۾ آهي.هڪ چوري ٻيو وري سينا زوري يعني گئس ۽ بجليء جا اگھه وڃي آسمان تي رسيا،جواب اهو ته ميڊيا سازش ڪري رهي آهي.تيل جون قيمتون عروج تي پهتيون پڪ سان ميڊيا جي سازش ئي هوندي.دوائن جي اگهن ۾ ٻه سو سيڪڙو واڌ اچي ويئي اها به ميڊيا جي سازش هوندي.هاڻي اٽو 57 روپين کان ستر روپيا ڪلو وڪامي رهيو آهي پر حڪومت جو اهو ئي تڪرار ته ڪو به بحران ناهي،بس ميڊيا شرارت ڪري رهي آهي.نڪ جي ڏاڍائيء جي به انتها ٿي ويئي. ماڻهو بکن ۽ بيروزگاريء کان تنگ ٿي پنهنجن ٻچن سميت آپگھات ڪري رهيا آهن پر هنن جي ”رياست مدينه“ واري ٿيوريء کي ڪو لوڏو ئي ناهي.هن وقت به اهو حڪمران ٽولو ماڻهن جي مشڪلن کي گھٽائڻ لاء ڪو رستو ڳولهڻ بدران بدبودار بليم گيم ۾ لڳو پيو آهي.هڪ ٻئي جا پٽڪا لاهي رهيا آهن.جيڪر ڪڻڪ گودامن ۾ موجود آهي ته پوء ٻاهر ڇو نٿي اچي،جيڪر ڪڻڪ جي کوٽ آهي ئي ڪانه ته پوء اٽي جا اگھه آسمان سان ڇو لڳل آهن؟ انهن سوالن جي جواب ۾ کين نانگ سونگھي وڃي ٿو۽ جواب ۾ الٽ پٽانگ ڳالهيون ڪندي نظر اچن ٿا.خود تحريڪ انصاف جي گرفت حڪومتي مامرن تي ايتري ڪمزور آهي جو وزير اعظم جي حڪمن تي عمل ئي نٿو ٿئي.ڪيترائي ڀيرا واپاري تنظيمن جا نمائندا ميڊيا تي اچي چوندا رهيا آهن ته وزير اعظم جيڪا ڳالهه انهن سان ڪري ٿو اها پوري نٿي ٿئي جنهن ڪري ان معاملي ۾ آرمي چيف کي وچ ۾ اچڻو پيو.سورهن مهينا گذرڻ باوجود تحريڪ انصاف ڪو اهڙو ڪم نه ڪري سگھي آهي جنهن کي ڏيکاري  عوام کي بهتر ڏينهن جي اميد ڏياري سگھجي.حڪمران ۽ حڪومت لطيفو بڻجي چڪا آهن.نا اهلي،نالائقي ۽ غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪڏهن سرڪاري عملدارن جي بدلين ۾ نظر اچي ٿو ته ڪڏهن اٽي جي بحران جي صورت ۾.انهن کان نه ته بجليء جي چوري ٿي ڪنٽرول ٿئي ۽ نه ئي کنڊ جا اگھه.نه ته هن حڪومت جا اتحادي سندس ڪارڪردگيء مان خوش آهن ۽ نه ئي پنهن جا پارٽي ميمبر.ڇا اها سڀ به ميڊيا جي سازش آهي؟
حيرت اها جو اٽي جي اڻاٺ ۽ ناقابل برداشت اگھن ۾ اضافي جهڙي بنيادي عوامي مسئلي تي اسان جون عدالتون به خاموش آهن.انهيء جو مطلب اهو ٿيو ته عوام جي لاء اهو پيغام آهي ته هي ملڪ اوهان جو نه بلڪه ڪجهه مافيائن جو آهي جن جي هٿ ۾ ئي اوهان جي زندگي ۽ موت آهي.اهي مافيائون جڏهن گھرن اوهان جي ٻن وقتن جي مانيء جو گرهه کسي اوهان کي سسڪي سسڪي مرڻ تي مجبور ڪري ڇڏين.ويچاري ميڊيا جيڪا عوامي آزارن خلاف ڪو ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي ٿي۽ انهن بي انصافين خلاف ڪو آواز بلند ڪري ٿي سا انهن کي ڏٺي نٿي وڻي. جڏهن اوهان اپوزيشن ۾ هجو ۽ ميڊيا اوهان کي پوريء طرح پروجيڪٽ ڪري ته ميڊيا واهواه! پر جڏهن اوهان جي غلطين جي نشاندهي ڪندي سچائيون بيان ڪري ته پوء اف ميڊيا! هائي ميڊيا،سازشي ۽ لفافه پرست ميڊيا! ٻين جي هٿن ۾ کيڏندڙ ميڊيا! آئيني ۾ جيڪر پنهنجي ئي شڪل نه وڻي ته آئيني سان وڙهڻ بدران پنهنجي  شڪل درست ڪرڻ طرف ڌيان ڏيڻ گھرجي!
(روزاني عوامي آواز 25 جنوري 2020ع)

Friday, January 24, 2020

ڇا ملڪي معيشت سڌري رهي آهي؟



شفيق الرحمان شاڪر
جيڪڏهن ڪو هوائي جهاز ڪئين ڀيرا اڏامڻ بعد واپس تباهه ٿيندو رهي ته پوء منطقي حل اهو ئي ٿيندو ته جهاز جي بنيادي جوڙجڪ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.پاڪستاني معيشت ان جهازجيان گذريل سٺ سالن دوران تيرهن ڀيرا ڪريش ٿي چڪي آهي ۽ هر ڀيري بيل آئوٽ پيڪيج لاء آئي ايم ايف جو دروازو کڙڪائڻو پوي ٿو.
ايئن سدائين نه هو.1980ع دوران پر ڪيپيٽيا آمدنيء جي حساب سان پاڪستان هندستان،چين ۽ بنگلاديش کان 15،،38۽ 46 سيڪڙو وڌيڪ ستابو هو. پر هن وقت پاڪستان انهن سمورن ملڪن کان وڌيڪ غريب آهي.ان جي تازي جي ڊي پي واڌ رڳو 3.3 سيڪڙو آهي جيڪا وڏي مشڪل سان سندس وڌندڙ آباديء جي شرح جو مقابلو ڪري سگھي ٿي. ملڪ جي وفاقي حڪومت ته بلڪل ڏيوالپڻي جو شڪار آهي.2018ع  ۾ قرضن جي وياج ۽رٽائرڊ ملازمن کي پينشن جي مد ۾ ٿيندڙ ادائگين جو انگ وفاقي حڪومت جي نج محصولن جي وصوليء کان مٿي رهيو.پوري حڪومتي مشينري فوج سميت قرضن واري رقم تي هلي رهي آهي.
پاڪستاني معيشت جي تباهيء جا اثر ملڪ جي ويهه ڪروڙ ماڻهن جي زندگين ۾ ڏسي سگھجن ٿا.حڪومت ڄاڻي ٿي ته معيشت جي ان بدحالي ۽ تباهيء جا سبب ڪهڙا آهن،اهو به ته ملڪ معيشت جي ميدان ۾ ڪيترو پوئتي رهجي ويو آهي ۽ ان سامهون اهو چلينج وڌيڪ سخت ٿيندو ٿو وڃي ته ڪيئن ڪجي جوايندڙ وقت ۾ ملڪ جو ايندڙ نسل ڪا سڪون ۽ وقار واري زندگي گذاري سگھي. عوام اندر اهڙي ئي تبديليء جي شديد خواهش هئي جنهن جي ڪري 2018ع ۾انهن پوين آزمايل سياسي جماعتن بدران هڪ نئين جماعت کي ووٽ ڏنا.وزير اعظم عمران خان ماڻهن سان تبديلي ۽ نئين پاڪستان جا وعدا به ڪيا پر انهيء خواب جو حقيقت بنجڻ سوچ کان وڌيڪ مشڪل بڻجي رهيو آهي. ان تبديلي آڻڻ ۾ بنيادي للڪار اها آهي جو ته اهي ڌريون يا گروهه جيڪي انهيء غير فعال بڻيل معيشت مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪري رهيا آهن ۽ ڪنهن هاڪاري تبديليء جي صورت ۾ انهن کي پنهنجن مفادن وڃائڻ جو انديشو آهي اهي تبيليء جي ان رستي ۾نه رڳو وڏي رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن بلڪه حڪومت به انهن اڳيان گوڏا کوڙيندي ٿي وڃي.
حڪومتي ليڊرشپ کي انهن ٻن معاشي راڪاسن خلاف ضرور همت ۽ جرئت جو مظاهرو ڪرڻ گھربو هو جن مان هڪڙو راڪاس اها سرمائيدار اشرافيا آهي جن جي آڱرين جي چرپر تي ئي مارڪيٽ جون سڀ قوتون سندن مدد لاء ڊوڙن ٿيون.پئسو ڪمائڻ جا انهيء اشرافيا وٽ ٽي طريقا آهن.پهريون غير قانوني ڪاروبار،ٻيو ٽيڪسن جي چوري ۽ ٽيون اقتداري ايوانن تائين پهچ جنهن ذريعي هو هر قسم جي استشنا حاصل ڪري وٺن ٿا.اهي پاڻ ڪا محنت ڪرڻ بدران ٻين جي پورهيي جو ثمر اقتداري پهچ ذريعي کسي وٺن ٿا ۽ مارڪيٽ جي هر ساهميء کي پنهن جي حق ۾ ڪري وٺن ٿا.ٻيو راڪاس انتها پسنديء جو راڪاس آهي.ماضيء ۾ ڏهاڪن تائين سول توڙي فوجي حڪومتون ڪنهن نه ڪنهن نموني اهڙن گروهن هٿان عرغمال بڻجنديون رهيون آهن بلڪه پنهنجن سياسي مقصدن لاء اهڙن گروهن تي هر حڪومت پنهنجي ڇانو به ڪنهن نه ڪنهن نموني قائم رکندي رهي آهي.نتيجو اهو نڪتو جو پورو سماج گڏيل طور تي عدم برداشت وارن روين جو شڪار ٿي چڪو آهي ۽ ظاهر آهي ته ان جا اثر سماج لاء نهايت ئي خطرناڪ رهيا آهن.
اها ڪا لڪيل ڳالهه ته ناهي ته هزارين ماڻهو انهيء انتها پسند سوچ هٿان قتل ۽ لکين ماڻهو بي گھر ٿي چڪا آهن يا وري انهن مان ڪيترائي ملڪ ڇڏڻ تي به مجبور ٿيا آهن.ان ۾ حيرت نه هئڻ گھرجي ته ڪجهه ماڻهو دهشتگردي ۽ تشدد واري ماحول ۾ ئي پنهن جو ڪاروبار چمڪائين ٿا.بد قسمتي اها آهي جو ڪيترائي اهل ، لائق ۽ ذهين ماڻهو جيڪي ملڪي معيشت جي بحاليء ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگھيا ٿي  ۽ جن جي ملڪ کي سخت گھرج هئي انهن ملڪ ڇڏڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجھي آهي.انتها پسندي ۽ غير پيداواري ڀتا خور اشرافيا جي گڏيل اثرن سبب پاڪستان جو سيڙپ ڪاري ريٽ دنيا جي گھٽ ۾ گھٽ ريٽ ۾ ڳڻيو پيو وڃي.پاڪستان ۾ پوري قومي موڙيء مان رڳو پندرهن سيڪڙو سيڙپ ڪاريء ۾ لڳي ٿو جڏهن ته جڏهن ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ اهو ريٽ گھٽ ۾ گھٽ 30 سيڪڙو آهي.ظاهر آهي ته جڏهن سيڙپ ڪاري ئي نٿي وڌي ته پيداوار ڪيئن وڌندي ۽ نوڪريون ڪيئن پيدا ٿينديون؟ مختلف حڪومتن جي سمورين دعوائن باوجود حقيقت اها آهي ته 2005ع کان پاڪستان جي ايڪسپورٽ ۾ اضافو ناهي ٿيو.اسان گراهڪن جي هڪ اهڙي قوم بڻجي چڪا آهيون جنهن وٽ پيداوار جي صلاحيت نهايت ئي محدود آهي.جڏهن شيون ٺهنديون ئي نه ته ايڪسپورٽ ڪٿان ٿيندي؟2018ع ۾ پاڪستان جيتريون شيون ملڪ کان ٻاهر موڪليون ان کان اٽڪل ٽيڻيون امپورٽ ڪيون.انهن لاڙن کي ابتڙ بنائڻ لاء انهيءسرمائيدار اشرافيا سان وڙهڻو پوندو ۽ انهيء لاء نهايت ئي وڏي جرئت ۽ بيحساب لڳاء جي ضرورت آهي.ٿورو ان غير پيداواري ۽ معيشت تي بار بڻيل سرمائيدار اشرافيا تي سوچيو ته اهي لنهن حقيقي ڪاروبار ۾ سيڙپ ڪرڻ بدران شهري علائقن ۾ زمينون خريد ڪرڻ تي پئسو چو ٿا لڳائين؟اها هڪ اهڙي غير پيداواري ۽ معيشت جي لحاظ کان فضول سرگرمي آهي جنهن مان ملڪي آمدنيء ۾ ڪوبه اضافو نٿو ٿئي ۽ نه ئي انهيء سان ملڪ جي گھٽ درجي جي سيڙپ ڪاري شرح ۾ ڪا سڌي سنئين واڌ ٿي اچي.زمينن جون قيمتون وڌنديون ئي رهن ٿيون انهن جي محنت سبب نه پر آباديء جي شهرن طرف وڌڻ سبب.اهڙي سرگرميء کي ٻنجو ڏيڻ ۽ ان جي هوصلا شڪنيء خاطر نهايت ضروري آهي ته ٽيڪس جي وصوليء لاء اهڙين زمينن جو مناسب ملهه مقرر ڪجي.انهيء سان شاهوڪار زمين جي ڪاروبار ۾ پئسو لڳائن بدران حقيقي ڪاروبار ۾ سيڙپ ڪرڻ طرف ايندا.ان کان پوء اهي زمينون بهتر پيداواري مقصدن ۾ ڪم اچي سگھنديون.وڌيڪ اهو ته انهن زمينن جي وڪري تي حاصل ڪين ٽيڪس جي رقم شهرن جي انفرا اسٽرڪچر بهتر بنائڻ تي خرچ ڪري سگھجي ٿي.پر اهو معاملو ايترو آسان ناهي ان ڪري جو شهرن ۾ موجود زمينن تي انهيء ڏوڪڙ مافيا جو قبضو آهي.جيڪر حڪومت انهيء رعايت يافتا طبقي جي غير قانوني معاشي سرگرمين تي پڪڙ ڪرڻ جي همت نٿي رکي ته پوء عوام جي گڏيل مفادن جي تحفظ جي بدران ڪجهه خاص ماڻهن جي مفادن جو تحفظ ڪندڙ چئبي.معيشت جي ٻين ميدانن ۾ به ساڳيا چيلينج سامهون آهن.مٿال طور ڪمند جيڪو تمام گھڻو پاڻي کڻندڙ فصلن ۾ ڳڻيو وڇي ٿو،ملڪ جي اڍائي ملين ايڪڙ زمين تي پوکيو وڃي ٿو.جنهن ملڪ ۾ پاڻيء جي سخت کوٽ هجي اتي ايڏي وڏي سطح تي اهڙا فصل پوکڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.سو زراعت جي ميدان ۾ به هڪ نئين مڪينزم جي ضرورت آهي.حڪومت سرمائيدارن ۽ واپارين کي سبسڊي ته ڏيئي رهي آهي پر ان طرف ڪو ڏيان ناهي ته اهڙي سبسڊي جي نتيجي ۾ ملڪي ايڪسپورٽ ۾ ڪيترو اضافو آيو آهي؟ڇا حڪومت ايتري همت آهي جو اها ڪجهه ذاتي مفادن لاء حاصل ڪيل اهڙيون رعايتون ختم ڪري ڪارڪردگيء جي بنياد تي نئون مڪينزم جوڙي سگھي؟آٽو سيڪٽر هڪ ٻيو مثال آهي جنهن ڏهاڪن تائين ملڪي معيشت جي بحاليء ۾ ڪابه مدد ناهي ڪئي پر حڪومت لاڳيتو ان کي بچائيندي ٿي اچي جڏهن ته پاور سيڪٽر تي ڪجهه نجي پيداواري مافيائن جو قبضو آهي جيڪي پنهنجن پلانٽن ذريعي  بنان ڪنهن پوري پاور پيدا ڪرڻ جي حڪومتي ضمانتن هيٺ ڳرن اگھن تي ڊالرن ۾ پئسو وصول ڪري رهيا آهن.پر هن ملڪ جو الميو اهو آهي جو ڪا به حڪومت ڏاڍن سان مهاڏو اٽڪائڻ جو حوصلو نٿي رکي ۽ انهيء معاملي ۾ عمران ّان به هڪ اهڙو ” پڃري ۾ بند ٿيل شينهن“ ثابت ٿيو آهي جيڪو گجي ته گھڻو پيو پر پنهنجي مرضيء سان ان پڃري کان ٻاهر قدم رکي نٿو سگھي!

(روزاني عوامي آواز 22 جنوري 2020ع )

Wednesday, January 22, 2020

قافلي جي دل مان احساس زيان ئي هليو ويو!



شفيق الرحمان شاڪر
ملڪ جي هاڻوڪي سياسي صورتحال هڪ اهڙي ڳجھارت بڻيل آهي  جنهن تي مختلف تجزيي نگار پاڻ حيرت جو شڪار آهن ته آخر ٿي ڇارهيو آهي؟  هڪ طرف پي ٽي آئي حڪومت پنهنجن سمورين نااهلين ۽ ناڪامين سبب تيزيء سان عوامي مقبوليت وڃائي رهي آهي  ته ٻئي طرف اپوزيشن جماعتون به عوام جي نظر ۾ ايترو ته وائکيون ٿيون آهن جو ماڻهن جي ذهن ۾ اهو سوال اڀري رهيو آهي ته ڇا هن ملڪ ۾ جمهوريت ڪڏهن به ڪجهه ڊليور ڪري نٿي سگھي؟ انهيء سوال پيدا ٿيڻ جا واضح سبب ۽ جواز به آهن جو سچ پچ جمهوري نظام جي دعويدار هر حڪومت اڄ تائين عوام کي ايترو ته مايوس ڪيو آهي جو هاڻي ماڻهو مايوسيء وچان عجيب غريب ڳالهيون ڪري رهيا آهن.سوال اهو ته عوامي ووٽ جي نالي تي جڙندڙ اهي حڪومتون آخر ناڪام ڇو ٿيون ٿين؟ اهو هڪ ڊگھو بحث آهي پر جيڪر ان بحث جو تت ڪڍجي ته ان سموري مامري کي ٻن نڪتن ۾ بيان ڪري سگھجي ٿو.پهريون ته هڪ زبردست منصوبه بنديء سان عوام جي چونڊيل نمائندن کي ناڪام ڪرڻ،انهن کي پنهنجي مرضيء سان ڪم ڪرڻ نه ڏيڻ ۽ کين بدنام ڪري عوام آڏو پيش ڪرڻ جڏهن ته ٻيو نڪتو اهو ته عوام جا ووٽ وٺي عوام جي نمائندگي جا دعويدار گھڻي ڀاڱي سياسي اڳواڻ پنهنجو پاڻ به ايترو ڪرپٽ ۽ بدديانت ٿين ٿا جو اهي قومي مفادن بدران پنهنجن ذاتي ۽ گروهي مفادن خاطر غلط ڪم ڪرڻ لڳن ٿا ۽ سندن انهن ئي غلط ڪمن کي بنياد بنائي کين بليڪ ميل ڪيو وڃي ٿو ۽ وٽانئن پنهنجي مرضيء موجب ڪم ورتو وڃي ٿو.انهن ۾ ايتري اخلاقي جرئت ئي نٿي ٿئي جو اهي  ڪنهن به جائز قومي مقصد خاطر ڪا مزاحمت اختيار ڪري سگھن. عوامي مفادن جي اهي ڳالهه برابر ڪن ٿا پر رڳو ماڻهن کان ووٽ حاصل ڪرڻ لاء باقي جڏهن اهي اقتداري ايوانن تائين پهچن ٿا ته ”اها ئي ڪهاڙي،اها ئي وڍڻ جي وار“ ۽ عوام جي لاء ”اهي ئي انڌيون،اهي ئي جنڊ“ . سو اهي پوري ريت ڄاڻن ٿا ته سندن پاڙون عوام ۾ ناهن،اها ٻي ڳالهه آهي جو عوام وري به ووٽ انهن کي ئي ڏئي ٿو جو عوام وٽ ٻيو ڪو آپشن آهي ئي ڪونه. پر انهيء جو مطلب اهو ناهي ته عوام مٿانئن جان قربان ڪرڻ لاء به ڪو تيار رهي ٿو بلڪه عوام به کين ووٽ ڏيڻ بعد منجھائن اهڙو لاتعلق بڻجي وڃي ٿو جيئن اهي پاڻ عوام کان لاتعلق بڻجي وڃن ٿا.اهو ئي سبب آهي جو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ملڪ ۾ ڪابه وڏي سياسي مزاحمتي تحريڪ روڊن رستن تي ڏسڻ لاء ناهي ملي.هاڻي سياستدانن به اقتداري سياست واري راند جا سڀ گر سکي ورتا آهن ۽ کين  شارٽ ڪٽ وارو رستو ئي مناسب معلوم ٿئي ٿو جنهن موجب ان ڳالهه جي ڪا اهميت ناهي رهي ته عوام گڏ آهي يا نه بس جن کي گڏ هئڻ گھرجي جيڪر اهي گڏ آهن ته ٻيڙا پار آهن.ان ڪري بهتر اهو ئي ٿا سمجھن ته انهن بزرگن جي هر حال ۾ سرپرستي حاصل ڪئي وڃي پوء ڀلي عوام جو رت ست نپوڙڻو ئي ڇو نه پوي جهڙيء طرح هاڻوڪي حڪومت نپوڙي رهي آهي.بدقسمتيء سان هاڻي سمورين سياسي جماعتن وٽ عوامي ايجنڊا نالي ڪا شيء نه رهي آهي.هڪڙي بزرگن جي ايجنڊا آهي ته ٻي انهن اقتداري رانديگرن جي ايجنڊا.انهيء ڪري عوام هر معاملي کان پرڀرو ٿي بيٺل آهي جو هن جي ايجنڊا جڏهن ڪنهن وٽ به ڪانهي ته پوء هو اجايو ڪنهن جو ساٿ ڇو ڏين البت عوام ان سڄي راند جو تماشو ضرور ڏسي رهيو آهي ۽ تاڙيون به وڄائي رهيو آهي.ڪو ٻڌجي ته به تاڙيون ۽ جيڪر ڪو ڇٽي تڏهن به تاڙيون،جيڪر ڪنهن کي سزا ٻڌائي وڃي ته به تاڙيون ۽ جيڪر ڪنهن جي سزا معاف ٿئي تڏهن به تاڙيون.بس تاڙيون ئي تاڙيون.هونئن انهيء اشرافيا کي عظيم غلط فهمي اها لڳل آهي ته ماڻهو بيوقوف آهن ۽ ڪجهه سمجھن ئي نٿا پر انهن کي اها خبر ناهي ته ماڻهو گھڻو سياڻا ٿي ويا آهن ۽ اهي پاڻ پنهنجن سياسي اڳواڻن کي بيوقوف بنائي رهيا آهن.هئڻ ته ايئن گھربو هو ته اهڙن عظيم قومي اڳواڻن جي جيل وڃڻ ۽ ڪن کي سزائون ملڻ تي عوام جو سمنڊ روڊن رستن تي ٻاهر نڪري اچي ها پر ڇا ٿيو؟ زندگي معمول جيان هلندي رهي ان ڪري جو عوام سمجھي ويو آهي ته انهن سمورن همراهن سان ”پٿر پرائو ۽ سور پنهن جا“ وارو معاملو آهي.سو اهي ڀلي روئن، پٽين ۽ ماتم ڪن پر عوام سندن سڏ تي ايترو چري جترو جبل.اهي  عظيم عوامي تحريڪون وغيره هلائڻ کان ويا هاڻي رڳو هڪٻئي کي گدڙ ڀڀڪيون ڏيندا ۽ ”هڻ ته خبر پوي“ وارو فقرو ورجائيندا. انهن مان نه ڪو نيلسن منڊيلا آهي،نه ڪو محمد علي جناح ۽ نه ئي ڪو ذوالفقار علي ڀٽو جو اهي اصولن ۽ نظرين خاطر سڀ سختيون سهي وڃن.اهي ته نهايت ئي سستي سودي تي راضي ٿي وڃن ٿا ۽ ساڳي پگھار تي ڪم ڪرڻ لاء تيار ٿي وڃن ٿا.عوام سندن نالن تي ٺپا ضرور هڻي ٿو پر سندن ٺپو عوام جي دلين تي نٿو لڳي.سو انهن سان اهو ئي سلوڪ هئڻ گھرجي جيڪو ٿي رهيو آهي.جڏهن پئسو ڪمائڻ ئي سياست رهجي وڃي ته پوء سياستدانن کي خريد ڪرڻ ڪهڙو ڏکيو ڪم آهي؟ هاڻي اچون ٿا هڪ ٻئي عظيم انقلابي اڳواڻ طرف جنهن  گذريل ٻاويهن سالن کان تبديليء جا نوان نوان نوان نعرا هڻي ماڻهن جي مغز ۾ سور ڪري وڌو هو سو هاڻي سوچي رهيو آهي ته تبديلي ويئي ڪيڏانهن؟ڪهڙو شينهن آيو جيڪو انقلاب جي ٻڪريء کي ڳڙڪائي ويو؟ جيڪي به دعوائون ڪيائين عمل ان جي ابتڙ ڪيائين.جيڪي به وعدا وچن ڪيائين انهن سڀني تان اهڙي ته ڦڙتي سان ڦريو جو  عوام ڏوراپا ڏيندي ئي رهجي ويو ته ”غضب ڪيا تيري وعدي پي اعتبار ڪيا ،،، تمام رات قيامت ڪا انتظار ڪيا.“ پر سامهون هڪ پراسرار خاموشي ۽ جيڪر ڪو جواب آيو ته فقط اهو ته ” عظيم اڳواڻ ئي يوٽرن وٺندا آهن.“هن فرمايو ”حڪومت هلي وڃي پر ڪنهن کي اين آر او نه ڏيندس.“ هن اين آر او ته واقعي ڪنهن کي نه ڏنو بلڪه سمورن اين آر اوز جي ماء ڏيئي ڇڏي ته ڇا ياد ڪندا! وڃو وڃي آنا ۽ ٻچا به وٺو.سائين جن جو فرمان هو ته ” لٽيل عوامي دولت جي پائي پائي واپس وصول ڪري عوام جي جھولين ۾ وجھبي“، اها دولت ڇا واپس عوام کي ملڻي هئي هتي ته عوام کي مهانگائي ۽ ڳرن ٽيڪسن جي گھاڻي ۾ پيڙهي اهڙو ته بي حال ڪيو ويو جو عوام اهو ئي پڇندو رهجي ويو ته ” مجهي تو هوش نهين تم ڪو خبر هو شايد .... لوگ ڪهتي هين ڪي تم ني همين برباد ڪيا.“خان صاحب اعلان ڪيو هو ته احتساب جو جن پوريء طرح بوتل مان ٻاهر ڪڍبو ته جيئن ڪرپٽ مافيا جون ڳچيون مروڙي ۽ ڏند جھوري ڇڏي پر اهو جن اهڙو آزاد ٿيو جو مورڳو نيب جي نڙيء تي لت ڏيئي بيهي رهيو.صاحب اها به خوشخبري ٻڌائي هئي ته ملڪ ۾ غريب ماڻهن لاء خوشحاليء جون هوائون ورنديون،نوڪرين جا گل ٽڙندا ۽ روزگار جا دريا وهڻ لڳندا پر ڳالهه اتي وڃي دنگ ٿي ته ” سڪون ته انسان کي صرف قبر ۾ ملي سگھي ٿو.“ خان صاحب جنهن کي مفاهمت جي لفظ کان ئي چڙ هئي ۽ جنهن کي هو مڪ مڪا چوندو رهيو،وقت جي ستم ظريفي ته ڏسو جو هو لاڳيتو بنان جنهن مزاحمت جي مڪ مڪا ڪندو ٿو وڃي ۽ اڃا خبر ناهي هن کي اقتدار جي رستي ۾ ڪيترا يوٽرن وٺڻا پوندا،ڪيترن مڪ مڪا جي زهريلن وڻن جو ميوو کائڻو پوندو۽ پڪ سان اهڙن هٿن سان به هٿ ملائڻو پوندو جيڪي سندس سوچ مطابق بدبودار هٿ آهن.نقصان جو ٿيڻ ڪو ايڏو وڏو الميو ناهي هوندو پر نقصان جو احساس ئي مٽجي وڃڻ پڪ سان هڪ وڏو الميو آهي.اقبال مطابق؛ ”وائي ناڪامي متاع ڪاروان جاتا رها... ڪاروان ڪي دل سي احساس زيان جاتا رها.“ يعني افسوس اهو ناهي جو قافلي جو سامان لٽجي ويو پر افسوس اهو جو قافلي وارن جي دل مان زيان جو احساس ئي مٽجي ويو.
(روزاني هلال پاڪستان 20 جنوري 2020ع)

Tuesday, January 21, 2020

سهڻي صلاح ؛ جيڪو کاڌو ....



جيڪو کاڌو اسان کائي نٿا سگھون انهيء جو حقدار پڪ سان ڪوٻيوجيو آهي!

Monday, January 20, 2020

ٽرمپ بين الاقوامي قانونن جا بکيا اڍيڙي رهيو آهي.



شفيق الرحمان شاڪر
ڊونلڊ ٽرمپ پهريون آمريڪي صدر ناهي جنهن تي غير قانوني طور تي فوجي طاقت استعمال ڪرڻ جو الزام لڳو آهي پر لڳي ايئن ٿو ته واهيٽ هائوس صدر ٽرمپ کي ماڻهو قتل ڪرڻ ۽ جنگيون شروع ڪرڻ لاء کليل لائسنس ڏيئي رهيو آهي.هن هفتي آمريڪي سيڪريٽري دفاع مارڪ ايسپر هڪ ميڊيا انٽرويو ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ايراني حمايت يافته مليشيا پاران عراقي سرزمين کي آمريڪا خلاف جارحاڻن مقصدن لاء استعمال ڪرڻ جي جواب ۾ آمريڪي آئين جي آرٽيڪل ٻه هيٺ آمريڪا کي ايراني سرزمين تي حملي ڪرڻ جو حق حاصل آهي.ڪجهه عرصو اڳ عراق ۾ آمريڪي اڏن تي راڪيٽ حملن ۾ واڌ آئي هئي جنهن بعد ايراني جنرل سليماني ۽ عراقي مليشيا جو ڪمانڊر ابو مهدي هڪ آمريڪي ڊرون حملي ۾ قتل ٿي ويا هئا.ايسپر جي دليل مطابق هاڻي آمريڪا کي ايران تي حملي جو ”حق “حاصل هوندو ۽ ٽرمپ جي استدلال مطابق کيس اهڙي حملي لاء ڪانگريس کان اجازت وٺڻ ضروري ناهي.ڪينيڊا ۾ رهندڙ جنگي ڏوهن جي هڪ وڪيل ڪرسٽوفر بليڪ ان تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته ايسپر جي اها دعويٰ غلط آهي ڇوته آرٽيڪل نمبر ٻه صدر کي هٿيار بند فوج جو سپريم ڪمانڊر ته بڻائي ٿو پر اهو صدر کي ڪانگريس جي منظوريء سواء ڪنهن به ٻاهرين قوم يا ملڪ تي حملو ڪرڻ يا انهن ملڪن ۾ غير ملڪين کي قتل ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي ۽ نه ئي ان آرٽيڪل جي بنياد تي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ ٻين بين الاقوامي معاهدن توڙي خود آمريڪا جي اندروني قانونن جي خلاف ورزي ڪري ٿي سگھجي.بليڪ وڌيڪ چيو ته ان کان سواء خود دفاع جي باري ۾ آمريڪي دعوائون به غلط آهن ڇوجو بين الاقوامي قانون ڪنهن ملڪ کي ڪنهن ٻئي ملڪ تي حملي جو اختيار نٿو ڏئي.ٽرمپ جي ته حالت اها آهي جو هوانهن سوالن جا جواب ڏيڻ لاء تيار ناهي جن ۾ ايراني جنرل سليماني تي ڪيل ڊرون حملي جي باري ۾ کيس سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.ان قتل جي صدارتي حڪم جي جواز جي باري ۾ وڌندڙ شڪن شبهن جي جواب ۾ ٽرمپ رڳو اهو چوندو رهيو آهي ته جيڪر سليماني آمريڪا جي لاءڪنهن وڏي خطري جو سبب نه به هجي تڏهن به هو ٽين جنوريء تي آمريڪي فوج هٿان مرڻ جو حقدار هو.ٽرمپ ۽ سندس ساٿين جي اها دعويٰ ته عراق ۾ آمريڪي اهلڪارن لاء هڪ ”سنگين خطرو“جنهن جو مکيه ڪردار جنرل سليماني هو ۽ صدر ٽرمپ کي ان خطري جي پيش نظر ترت حڪم جاري ڪرڻو پيو انهيء دعويٰ کي به ماڻهو سچ مڃڻ لاء تيار ناهن.ٻئي طرف پينٽاگون چيف مارڪ ايسپر ميڊيا انٽرويودوران حقيقت ۾ صدر ٽرمپ جي بيان کي اهو چئي رد ڪيو آهي ته کين ڪي به اهڙيون انٽيليجنس شاهديون ناهن مليون ته وچ اوڀر ۾ چئن آمريڪي سفارتخانن خلاف حملو ٿيڻ وارو آهي.مارڪر جي ان ڳالهه آمريڪي صدر جي ”عظيم خطري“ واري ٿيوري جي ستيا ناس ڪري وڌي آهي پر ٽرمپ جي اها ئي رٽ لڳل آهي ته سليماني هڪ ”جائز نشانو“ هو.هي ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي جيڪو هڪ خطرناڪ قانوني حد ۾ داخل ٿي رهيو آهي جنهن مطابق هو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڪنهن به ماڻهوء کي بنان ڪنهن ثبوت جي قتل ڪرڻ جو لائسنس گھري رهيو آهي.مطلب ته هو دنيا ۾ جھنگ جو قانون لاڳو ڪرڻ گھري ٿو.
بين الاقوامي ايسوسيئيشن آف ڊيموڪريٽڪ سليمانيء جي قتل واري واقعي کي عدالت کان مٿانهون قتل ۽ عراق ايران خلاف جارحيت قرار ڏيندي سخت مذمت ڪئي آهي . ايسوسيشن واضح ڪيو ته سليماني خلاف ڪو ثبوت ناهي آندو ويو ۽ کيس رڳو آمريڪي صدر جي چوڻ تي قتل ڪيو ويو.وڪيلن جي ان گروپ جي چوڻ موجب اهو قتل بين الاقوامي توڙي آمريڪي قانون جي خلاف ورزي آهي.آمريڪي قانون گڏيل قومن جي چارٽر جو پابند آهي جيڪو ڪنهن ٻي رياست خلاف سلامتي ڪائونسل جي منظوريء سواء ڪنهن به قسم جي فوجي قوت جي استعمال جي اجازت نٿو ڏئي.ان قسم جي هڪ طرفي تشدد جي اجازت رڳو تڏهن ڏيئي سگھجي ٿي جو ڪو واضح ثبوت موجود هجي ته ڪا رياست پنهنجي بچاء ۾ اهو ڪم ڪري رهي آهي پر سليمانيء جي معاملي ۾ اهڙي ڪا ڳالهه نه هئي.قدس فورس جي ڪمانڊرخلاف هزارين امريڪي فوجين ۽ لکين شهرين جي خون جا الزام هڻڻ گھڻو ڪري آمريڪي روايتي پروپيگنڊا جو حصو آهن.سليماني ايراني مليشيا ۽ ٻين ويڙهاڪ گروهن جي مدد سان ڪنهن کي شڪست ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي؟ انهن دهشتگرد تنظيمن کي جيڪي عراق ۽ شام ۾ حڪومتن جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا جڏهن ته اهڙن دهشتگردن جي باري ۾ خود آمريڪي رويو شڪي آهي.عراق ۾ ايران جي حمايت يافته مليشيا آمريڪي فوجن سان مزاحمت ڪئي آهي پر اهو نه وسارڻ گھرجي ته اهي آمريڪي فوجون 2003ع ۾ غيرقانوني طور تي عراق ۾ داخل ٿيون هيون ۽ اڃا تائين غير قانوني طور تي اتي موجود آهن.جڏهن ٽرمپ ۽ سندس ساٿي آمريڪي فوجن جي مارجڻ جي مذمت ڪن ٿا ته هو اهو وساري ٿا ويهن ته انهن جو پنهنجو ملڪ پاڻ عراق ۾ جنگي ڏوهن جو مرتڪب ٿيو آهي.آمريڪي ڪانگريس جو ٻين ملڪن خلاف ٽرمپ پاران انڌي طاقت جي استعمال متعلق اختيار حاصل ڪرڻ واري معاملي تي ڳڻتيء جو اظهار پڪ سان جائز آهي تنهن هوندي به اڳوڻو صدر بارڪ اوباما پڻ ٻاهرين ملڪن ۾ دهشتگردن خلاف ڊرون حملا ڪرائڻ جو ذميدار هو.اٽڪل هر امريڪي صدر ٻين رياستن خلاف جنگي جهاز ۽ ميزائيل استعمال ڪيا آهن ۽ اهي به گڏيل قومن جي چارٽر ۽ بين الاقوامي قانونن جي خلاف ورزي ڪندا رهيا آهن.ياد رهي ته صدر بل ڪلنٽن مونيڪا ليونسڪي سان جنسي اسڪينڊل جي عروج تي سوڊان تي ڪروز ميزائيل ڪيرايا هئا.1970ع جي ڏهاڪي دوران سينيٽ چرچ ڪميٽي انتظامي اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ سي آئي اي پاران غير ملڪي اڳواڻن جي قتل جي صدارتي اختيارن تي سخت ڪنٽرول حاصل ڪيو.وائيٽ هائوس ذريعي غير قانوني فوجي طاقت جو استعمال ڪا نئين ڳالهه ناهي پر جيڪي ڪجهه ٽرمپ ذريعي مختلف ٿي رهيو آهي سو اهو ته سندس انتظاميه سندس غير قانوني حڪمن تي ڪنٽرول نه ڪري رهي آهي جنهن سان صدر جي خواهش مطابق قاتلاڻن حملن ۽ جنگي ڪاروائين ۾ آساني پيدا ٿي رهي آهي.اهڙي طرح ٽرمپ جي اثر هيٺ آمريڪي قيادت تيزيء سان قاتلاڻي پاليسي ۽ غارت گري کي جواز مهيا ڪرڻ لاء عقلي اصول تيار ڪري رهي آهي.ان سان دنيا اندر امريڪي لاقانونيت ڏينهون ڏينهن بي لغام ٿيندي ٿي وڃي.انهيء نئين منطق سان وچ اوڀر ۾ هن ڀيري قصو ايران سان جنگ کان گھڻو اڳتي ويندو.هن هفتي آمريڪي سيڪريٽري خارجه مائيڪ پومپيو واضح طور تي انهن قتلن کي سمورن مخالفن خلاف ”اسٽريجڪ مزاحمت“جو نالو ڏنو ۽ ان معاملي کي چين ۽ روس سان مقابلي واري پاليسيءسان ڳنڍي ڇڏيو. سندس تقرير جو موضوع ئي اهوهو ته ” مزاحمت جي بحالي ۽ ايراني مثال!“پومپيو پنهنجي ڳالهه بولهه جو تت اهو بيان ڪيو ته ” اسان وري آمريڪي مزاحمت کي بحال ڪري ورتو آهي.“ سڀ کان وڌيڪ پريشان ڪندڙ آمريڪي قيادت جو عجيب استدلال آهي.پومپيو مطابق جيڪر ٽرمپ انتظاميا نام نهاد ”مزاحمت جي بحالي“ لاء مخالفن خلاف قتل ۽ غارتگري ڪرڻ لاء ڪا طاقت استعمال ڪرڻ گھري ٿي ته اها ڪري سگھي ٿي.
گڏيل قومن جوچارٽر ٻي عظيم جنگ جي ورجاء کي روڪڻ لاء ترتيب ڏنو ويو هو.ٽرمپ پاران ان چارٽر سان گڏوگڏ ٻين سمورن بين الاقوامي قانونن ايستائين جو خود آمريڪي قانون جا بکيا اڍيڙي دنيا ۾ قتل ۽ غارتگري ڪرڻ لاء بي شمار اختيار حاصل ڪرڻ جي خواهش وري پٿر جي ڪنهن دور ۾ واپس وڃڻ جي خواهش آهي.وحشتن ۽ دهشتن جي ان بيابان ۾ واپس موٽڻ تي ٽرمپ کي ڀليڪار چوڻ گھرجي!

(روزاني هلال پاڪستان  18 جنوري 2019ع)

Sunday, January 19, 2020

مفادن جي ٽياس تي ٽنگيل اصولن جا لاش !



شفيق الرحمان شاڪر
“ووٽ کي عزت ڏيو” جو اعلان بغاوت غير مشروط مفاهمت ۾ بدلجي ويو ۽ “سول سپرميسي” جا سرندا وڄائڻ وارن جا اصول وري ڪنهن مفادن جي ديويء مٿان صدقي ٿي ويا.سول سپريميسي جي خواب ڏيکاريندڙن عين تعبير جي ڪنڌيء تي خطرناڪ يوٽرن ورتو جنهن سان نه رڳو سندن نعرن پويان هلندڙ عوام جي دل ٽٽي پيئي بلڪه خان صاحب جي يوٽرن وٺڻ جا سمورا ريڪارڊ به ٽٽي ويا. جمهوريت جي بالادستيء جا پاروٿا خواب ڏيکاريندڙ عادي منڪر آهن،اهي اڳ به ڪئين ڀيرا جمهوريت جي بالادستيء جا عهد ڪري صراط مستقيم کان ٿڙيا ۽ ڪئين ڀيرا توبه تائب ٿي پاڻ سنڀاليائون،ٿڙڻ ۽ سنڀالڻ جو اهو ڊرامو ماضيء ۾ عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ ۾ ڪامياب ٿيندو رهيو آهي پر ڇا اڄ جي عوام جي سياسي شعور ۽ بيانيي جي جنگ وڙهندڙ نوجوان ووٽرز جي اکين ۾ ڏينهن ڏٺي ايئن ڌوڙ وجھي اهي سياسي جماعتون پنهنجي سياست بچائي وٺنديون؟ پاڪستان ۾ سول سپرميسيء جو نعرو ڪڏهن به آئوٽ آف فيشن نٿو ٿئي.اهو نعرو اصولي آهي جنهن ۾ ڪي ٻه رايا ٿي نٿا سگھن پر اهو سٽ سدائين منجھهيل رهيو يا منجھايو ويو ته ڇا سياسي جماعتون سول سپرميسيء جو نعرو اصول جي بنياد تي لڳائين ٿيون يا عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ لاء انهيء کي ضرورت مطابق استعمال ڪن ٿيون؟ بهرحال اهو نعرو ڪڏهن ڏاڍيان ته ڪڏهن ڍڪيل ڇپيل لفظن ۾ سدائين سياسي بيانيي جو حصو رهيو آهي.سول سپرميسي جي منزل طرف گذريل هڪ ڏهاڪي کان جيڪا اڳڀرائي ٿي هئي اڳوڻي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا ملڪ جي سياسي قيادت کي ان اڳڀرائيء کي حقيقت ۾ بدلائڻ جو موقعو ڏنو پر سياسي جماعتن گڏجي اهو موقعو وڃائي ڇڏيو.ان سموري سوديبازيء ۾ صرف جي يو آئي پنهنجي سياسي ساک بچائڻ ۾ ڪامياب ويئي.تحريڪ انصاف جي ڳالهه ڪجي ته بجاء ان جي جو هاڻوڪي چيف آف آرمي اسٽاف لاء خاص گنجائش پيدا ڪرڻ بعد پاڪستان تحريڪ انصاف رسا ڪشيء جو اهو باب هميشه لاء بند ڪرڻ جو سوچي ها،ان پورو زور لڳائي اهو معاملو سدائين لاء تڪراري بحث جو عنوان بنائي ڇڏيو.هاڻي هر آرمي چيف جي نوڪريء واري مدي مڪمل ٿيڻ تي اهو تڪرار هر وار مٿو کڻندو.ان معاملي ۾ پي ٽي آئي جي سياسي ڪردار تي ڪو سوال اڀو ڪرڻ غير ضروري آهي.عمران خان يو ٽرن وارو نظريو متعارف ڪرائي پنهنجن سياسي فيصلن کي اصولن جي هر قيد کان اڳ ۾ ئي آزاد ڪري ڇڏيو هو.گذريل هڪ ڏهاڪو سول مليٽري لاڳاپن جي حوالي سان نهايت ئي اهم رهيو.اشارن ڪناين ۾ فوج جي سياسي مامرن ۾ ٽنگ اڙائڻ جو قصو ميڊيا تي زور شور سان بحث هيٺ اچڻ لڳو.سوشل ميڊيا جي اچڻ سان ان بحث ۾ عام ماڻهن جا آواز ۽ رايا به شامل ٿي ويا.عوامي راء عامه جڙڻ سان سياسي جماعتن کي به پنهنجن گناهن ڌوئڻ جو موقعو مليو.تاريخي طور تي سياسي جماعتن پنهنجن ناڪامين جو گند هميشه فوج جي حڪومت ۾ مداخلت ۽ اقتدار تي قبضو ڪرڻ کي ئي ڄاڻايو آهي. پنهنجي ڪاميابيء لاء انهن سياسي جماعتن سول سپرميسي جي خواب ۾ وري رنگ ڀرڻ شروع ڪيا.لفظن جي حد تائين اهو خواب ڏاڍو وڻندڙ هو پر جڏهن به پنهنجي چيل شين تي عمل ڪرڻ جو وقت آيو ته روايتي مفاد ۽ اقتدار جي سياست سدائين ان بيانيي تي بازي کڻي ويئي.نواز ليگ جو قصو سڀ کان عجيب آهي.توڙي جو اها پراڻي جماعت آهي پر اها جماعت نئين نئين“ نظرياتي” بڻي آهي.سول سپرميسي جي نئين سر وضاحت جو نعرو لڳائي ئي نواز شريف نظرياتي سياست جي ميدان ۾ پير پاتو.مريم نواز جي سياست جو مرڪز ۽ محور به اهو ئي نعرو هو.اهو مونجھارو رڳو دوکو آهي ته ميان نواز شريف ۽ ميان شهباز شريف جا بيانيا جدا جدا آهن.وڏي ۽ ننڍي ميان واري رام ڪهاڻي به فراڊ آهي.مريم نواز جيڪر ان سڄي قصي ۾ پنهنجي ڪا الڳ سياسي راء رکي ٿي ته هن کي ميان صاحب جي بيماريء جو بهانو بنائي ان راء کي ڪنهن ايندڙ وقت لاء سانڍي نه رکڻ گھربو هو ڇو ته بعد ۾ هوء ووٽ کي عزت ڏيو وارو نعرو لڳائڻ جي قابل ئي نه رهندي.اهو ئي حال بلاول ڀٽو زرداري جو آهي.پنهنجي عملي سياست جي ڪيريئر جي شروع ۾ ئي اهڙي اهم معاملي ۾ موقف بدلائڻ جو داغ سندس سياسي مستقبل لاء سٺو سوڻ ناهي.اصولن جي سياست جي حوالي سان بد قسمتيء سان روشن مثال اسان جي سياسي تاريخ جو حصو ناهن.ان جي باوجود انهن جماعتن تي عوام جو ويساهه ڪرڻ هڪ عجيب معاملو رهيو.اهل نظر اهو سٽ سلجھائڻ جي ڪوشش ۾ رهيا ته هي عوام معصوم آهي،درويش آهي،سادو آهي، بيوقوف آهي يا شايد سڀ ڪجهه آهي.اهو عوام جن جي مسئلن جي حل لاء اهي ڪلف لڳل سياستدان پنهنجي ڪنڌ ۾ سريو هڻي پارليامينٽ ۾ اچن ٿا ان عوام جي مسئلن تي قانون سازيء لاء ڪڏهن به ان عظيم ايڪتا جو نظارو قوم کي ڏسڻ لاء ناهي مليو جيڪو کين فوجي عدالتن ۽ آرمي ايڪٽ تي قانون سازيء دوران نظر آيو.ٻارن جي تحفظ جو بل هجي،زينب الرٽ بل هجي،تعليمي سڌارن جي ايجنڊا هجي يا وري بي روزگاري ۽ معاشي بد حاليء جو حل ڳولهڻ جو معاملو، انهن سياستدانن کي ڪڏهن به هڪ زبان ٿي ڳالهائڻ جي توفيق نصيب نه ٿي پر جتي مفادن جي بچاء جو سوال آيو،جتي پارٽيء جي اڳواڻي گھربل رهي،جتي وزارت عظميٰ جي ڪرسيء جي ڪشش ڪم ڏيکاريو،جتي پنهنجي خلاف قائم ڪيسز کان بچڻ جي گھرج پيش آئي اتي بنان ڪنهن هٻڪ ۽ پشيمانيء جي سڀ معاملا ايئن طيء ٿي ويا ڄڻ ته ڪو تڪرار هوئي نه. جتي پنهنجن مفادن تي لت آئي اتي سڀ جا سڀ جوش خطابت ۾ ٽٻيون هڻڻ لڳا ۽ شوق بغاوت کي ڄڻ نانگ سونگھي ويو.مسئلو اسٽيبلشمينٽ جي طاقتور هئڻ جو ناهي،مسئلو عوامي مسئلن تي سياست ڪرڻ وارن جي لڪيل ڪمزورين جو آهي.آخر اها ڪهڙي مجبوري آهي،ڪهڙي لڪيل ڪمزوري آهي جيڪا سدائين انهن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ٿي.سياسي جماعتن کي پنهنجن لڪيل ڪمزورين کي هاڻي عوام سامهون آڻڻو پوندو.نون ليگ سٺي ۽ خراب ٻار واري سياست هاڻي وڌيڪ کيڏي نه سگھندي.وڏو ۽ ننڍو ميان ٻن بيانين سان هڪڙي جماعت هلائي نه سگھندا.اهو عوام جيڪو سوشل ميڊيا تي پرجوش تقريرون ڏسي پنهنجي راء جوڙي رهيو آهي اهو ان نظريه ضرورت هيٺ قومي مفاد لاء قرباني جي ڄار ۾ ڦاسڻ وارو ناهي. ماضيء ۾ جڏهن مفادن جي سياست ٿيندي هئي ته سوشل ميڊيا ۽ ٽي وي چينلز جو نه هئڻ رحمت هو.تمام ٿورا ماڻهو ڄاڻندا هئا ته ڪڏهن ڪهڙو “مرد حر“ ريتيء جي ديوار ثابت ٿيو ۽ ڪهڙن مفادن تي ڪهڙا اصول ڦاهي کائي ويا.اصل سچائي بند ڪمرن مان ڏهاڪن بعد ٻاهر نڪرندي هئي ۽ پوء ٿورڙي هل هنگامي بعد دٻجي ويندي هئي پر هاڻي اها سهولت موجود ناهي جوڪابه جماعت ذاتي مفادن لاء عوامي جذبن جي وڪري کي لڪائي سگھي. بند دروازن جي پويان يا اونداهين ڪنڊن ۾ جتي به اها سوديبازي ٿئي ٿي اهو نه رڳو سڀ ڪجهه عوام کي نظر اچي ٿو پر انهن وٽ پنهنجي اڻ تڻ ۽ بي چينيء جي اظهار جا به ڪيترائي ذريعا موجود آهن.نون ليگ جي نئين نئين نظرياتي سياست تي ويساهه آڻيندڙ سوشل ميڊيا تي پنهنجي مايوسيء جو اظهار ڪري رهيا آهن.انهن جماعتن وڏي واڪي بلند دعوائون ڪري سول سپرميسي جي نعري کي عوامي سوچن جو حصو بنايو پر جڏهن پنهنجي نظرياتي سياست تي بيهڻ جو وقت آيو ته اهي اهڙو ٿڙيا جو هاڻي شايد هڪ ڊگھي عرصي تائين پنهنجو پاڻ سنڀالي نه سگھن.اصولن تي ڊگھا ڀاشڻ ڏيندڙ بلاول ڀٽو زرداري ان سڄي قصي ۾ جيڪي ترجيحون ۽ توجيهون پيش ڪيون انهن به ساڻس محبت رکندڙن کي گھڻو مايوس ڪيو.ان شڪست کي ٻئي جماعتون حالتن جي نزاڪت چون يا ملڪي مفادن لاء ڏنل قربانيء جو نالو ڏين پر انهن جماعتن پاران سوشل ميڊيا تي جنگ وڙهندڙن جو ويساهه گھڻو لڏي ويو آهي.سوشل ميڊيا تي سول سپرميسي جي بيانيي جي جنگ وڙهندڙ نوجوانن ان خواب جي تعبير کي ملڪ جي پراڻين سياسي پارٽين خاص طور تي پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ سان ڳنڍيو ۽ هاڻي سندن چهرن تي مايوسين جا ڪڪر پسي سگھجن ٿا.آئين ۽ جمهوريت جي بالادستيء جا سهڻا سپنا ڏسندڙ ڏک،ڪرب ۽ حيرت وچان انهن اڳواڻن کي تڪي رهيا آهن ۽ پارليامينٽ جي فلور تي ”ڪجهه شرم ٿيندو آهي ،ڪا حيا ٿيندي آهي“ جا اعلان بلند ڪندڙ گھڻو خاموش نظر اچن ٿا. انهيء خاموشيء پويان دل جو اطمينان آهي يا ضمير جي پشيماني؟ انهيء سوال جواب انهن سواء ٻيو ڪير ڏيئي سگھي ٿو!                                                    ،                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                        

(روزاني عوامي آواز 16 جنوري 2020ع)

Friday, January 17, 2020

”وسيع تر قومي مفاد“ ۾ عظيم تر مفاهمت !!!



شفيق الرحمان شاڪر
هن ملڪ جي عوام کي ضرور پنهنجن سمورن سياسي اڳواڻن تي فخر ڪرڻ گھرجي جو اهي عظيم تر قومي مفاد ۽ وسيع تر ملڪي ترقيء لاء رات وچ ۾ هڪ صفحي تي گڏ ٿي پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا ۽ پنهنجون سموريون مشغوليون ۽ مصروفيتون ترڪ ڪري،پنهنجا سمورا سياسي اختلاف وساري ۽ پنهنجون سموريون رنجشون دفن ڪري آرمي چيف جي مقرري جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي ” ايڪ هي صف مين کڙي هوگئي محمود و اياز” جو منظر پيش ڪيو آهي.پر سمجهه ۾ اهو نه آيو ته اوچتو ئي اوچتو ڪهڙي جادوء جي لٺ هلي جنهن انهن سمورن اڳواڻن جون دليون هڪٻئي خلاف موجود ڪيني ۽ ڪدورت کان ڌوئي پاڪ ڪري ڇڏيون ۽ اهو ڪهڙو قدرتي ڪرشمو ٿيو جو انهن جا ماضيء جا سمورا موقف مٽائي سندن پنهنجا ئي بڻايل اصولن جا بلند مينار مسمار ڪري وڌا. گذيل وقت ۾ انهن جا جاري ٿيل لاڳيتا بيان ڏسو،سندن ڌمڪيون ۽ دهمان ڏسو،هڪ ٻئي تي لڳايل الزام ۽ تقريرون ۽ تنقيدون ڏسو.ڪجهه ئي وقت پهرين هاڻوڪا حڪمران ” سليڪٽيڊ ” ۽ ”جعلي“ هئا،ڪي خفيه هٿ هئا جيڪي هنن حڪمرانن کي بااصول سياستدانن خلاف استعمال ڪري رهيا هئا ان ڪري هاڻوڪن حڪمرانن کي هر صورت ۾ هر قيمت تي استيعفا ڏياري گھر موڪلڻو هو ۽ جيڪي انهن حڪمرانن جي حفاظت ڪري رهيا هئا انهن سان به اعلان جنگ ٿيل هو پوء هي اوچتو ڇا ٿي ويو جو انهن ئي حڪمرانن جي وڇايل دسترخوان تي سڀ جا سڀ خوشيء وچان ٺينگ ٽپا ڏيندا،هنبوڇيون هڻندا،ڇلانگون ماريندا ۽ هڪ ٻئي کي لتاڙيندي ۽ هڪ ٻئي کان اڳتي نڪرڻ جي جدوجهد ۾ نيٺ مڙي مٺ ٿي ويا يعني ” پهنچي وهان پي مٽي جهان ڪا خمير ٿا”.ڏاڍو سٺو اسان جي انهن دور انديش ۽ محب وطن سياستدانن جي عظيم ڏاهپ ۽ دانشمنديء سبب ملڪ ۽ قوم هڪ وڏي بحران ۽ قومي خطري کان بچي ويا.اهو معاملو جيڪر حل نه ٿئي ها ته خبر ناهي ڇا جو ڇا ٿي وڃي ها.ماڻهو بکن وگھي تڙپي تڙپي مري وڃن ها،زمين ڦاٽي پوي ها ۽ آسمان ڪري پوي ها.عوام وڏي عذاب ۽ آفتن جو شڪار ٿي وڃي ها.پڪ سان هاڻي سڀ ڪجهه صحيح ٿي ويندو،هر مسئلو حل ٿي ويندو.هر مصيبت ٽري ويندي ۽ سڀ آسانيون ٿي وينديون.جمهوريت پنهنجو جوڀن ماڻيندي ۽ آئين ۾ چار چنڊ لڳي ويندا.جيڪي ملڪ دشمن جمهوريت خلاف سازشون ڪري رهيا هئا اهي هاڻي رت روئندا ۽ ملڪ ۾ خوشحاليء جو راڄ هوندو. ان ڪري جو اسان جا اڳواڻ هاڻي مفاهمت جي ٻيڙي تي سوار ٿي چڪا آهن.اها مفاهمت جيڪا ”عظيم تر قومي مفاد“ ۾ آهي.اعتبار نٿو اچي ته هيء اها ئي ”سليڪٽيڊ“ حڪومت جي ترجمان مائي آهي جيڪا ڪجهه ڏينهن اڳ حڪومت مخالف سياستدانن خلاف بيانن جي بمباري ڪري رهي هئي پر هاڻي اها سڀني جي ساراهن جا ڍڪ ڀريندي نٿي ڍاپي.فواد چوڌري جيڪو ڪالهه تائين پنهنجي پارٽي اڳواڻن سواء ٻين سڀني کي چور ۽ ڌاڙيل سڏيندو هو اهو هاڻي اپوزيشن کي ”ذميدار ۽ دانشمند” هئڻ جي اعزازن سان نوازي رهيو آهي.” زمين گل کلاتي هي ڪيا ڪيا...بدلتا هي رنگ آسمان ڪيسي ڪيسي“جو منظر اکين سان ڏسڻ جهڙو ۽ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو آهي.هي ڇا ٿيو جو سمورا سخت لهجا مٺا مصريء جهڙا بڻجي ويا؟اصولن جا اختلاف پنهنجا سڀ سنڌا وڃائي ويٺا.سليڪشن توڙي اليڪشن وارا ڀاڪرين ڀڪوڙجي ويا.ڏوهاري سڏيا ويندڙ ۽ ڏوهاري سڏيندڙ  سڀ هڪ ٿي ويا.هتي هاڻي مجنون اڪيلو ناهي،مجنن جي قطار لڳي ويئي آهي جيڪي ڪنهن جي قرب ۾ دل ۽ جان قربان ڪرڻ لاء آتا آهن، جنون جي هر حد لنگھڻ لاء تيار آهن،محبت ۾ هر مچ مٿان مڙڻ لاء بيقرار آهن.وسيع تر قومي مفاد جي شمع تي فدا ٿيندڙن ۾ اهي به شامل آهن جيڪي ووٽ کي عزت ڏيو جا ترانا ڳائيندا رهيا ۽ اهي به جيڪي عوامي بالادستيء جا نعرا بلند ڪندا رهيا.هزارين حڪايتون  ۽ سوين شڪايتون، ڪڏهن آهون ته ڪڏهن ڏوراپا پر ڇا ڪجي انهن هزارين حسرتن جو جيڪي دل ۾ گھٽجي ڪري رهيل ۽ سوين خواهشون جيڪي روح کي رهنڊي رهيون آهن،ڪيئي خوبصورت خواب جيڪي ترت تعبير جي انتظار ۾ آهن.پڪ سان سڀ جون سڀ اميدون جنهن ميخاني سان ڳنڍيل آهن انهيء سان پنهنجو ناتو ٽوڙڻ ڪا عقلمندي ته نه چئبي! اصولن جي ڳٺڙي پنهنجي جڳهه تي پر ”آبيل مجهي مار“ وارو بينر ڳچيء ۾ ٽنگڻ ڪو سولو ڪم ته ناهي.جڏهن عوام جي دلين ۾ جڳهه جڙيل نه هجي ته پوء عوامي بالادستيء جا نعرا هڻڻ فضول آهن.نعرا هڻجن به سهي پر رڳو پنهنجو مناسب حصو پتي حاصل ڪرڻ لاء. اها ئي سياست آهي جنهنجي مئل جسم ۾ مفاهمت جو روح ڦوڪيو ويندو آهي ۽ ماڻهن کي مسميرائيز ڪري وقت تي ووٽ کسيا ويندا آهن.جڏهن اصول پنهنجا هجن ته جيڪرڪو پنهنجن اصولن جي نڙيء تي لت ڏئي ٿو ته ٻين کي اعتراض ڪرڻ جو ڪهڙو حق آهي. ڪو ماڻهو ڪيترو به بهادر،اٽل ۽ ارڏو ڇو نه هجي پر ڪو هنڌ اهو به آهي جتي اهو چوڻو پوندو آهي ته ” دل ڪيا چيز هي هم جان ڀي نڇاور ڪردين“.
پر ڪيڏي نه وڏي ستم ظريفي ٿيندي جيڪر اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ ۽ ايترا پاپڙ ويلڻ باوجود به اها  سڀ ڪرت اجائي وڃي، اصل معاملو حل نه ٿي سگھي ۽ وري ڪٿي نه ڪٿي ٽنگجي پوي جنهن جا گھڻا امڪان نظر اچي رهيا آهن ۽ ان ڳالهه کان انڪار ڪري نٿو سگھجي ته چاهيندي يا نه چاهيندي به سپريم ڪورٽ کي ڪنهن نه ڪنهن طرح مطئمن ته ضرور ڪرڻو پوندو.
(روزاني عوامي آواز)