Saturday, September 29, 2018

زندگيء ۾ مضبوط سهاري وارو نظريو!




شفيق الرحمان شاڪر
پرسڪون زندگي گذارڻ لاء انسان کي  سدائين ڪنهن مضبوط سهاري جي ضرورت هوندي آهي.اها ڳالهه هونئن ته سمجھڻ ۾ ايتري ڏکي ڪانهي پر ان جي مختلف پاسن کي سمجھڻ لاء ان تي تفصيلي بحث جي ضرورت آهي.ڪنهن شخص کي رهڻ لاء هڪ مضبوط گھر يا عمارت جي ضرورت هوندي آهي جيڪا ان کي هر قسم جي موسمي تبديلين ۽ حالتن ۾ پناهه ڏيئي سگھي ۽ سندس حفاظت به ڪري.هڪ مضبوط عمارت جي شروعات ان جي مضبوط بنياد سان ٿئي ٿي.اهو ٿي نٿو سگھي ته ڪنهن عمارت جو بنياد ته ڪمزور هجي پر اها عمارت مضبوط هجي.بنياد کان پوء ان جي ديوارن طرف اچو ته ديوار جي هر سر به مضبوط هئڻ گھرجي نه ته اها ديوار ڇت جو بار سهي نه سگھندي. وري هر ديوار ٻي ديوار جو سهارو بڻجي ٿي.بلڪل اهڙي نموني هڪ مضبوط سهارو ٻئي حصي جي مضبوطيء جو ضامن بڻجي ٿو.ڪنهن وڻ کي ڏسو! جيستائين ٿڙ طاقتور نه هوندو اهو ڪو مضبوط ۽ پختو وڻ بڻجي نه سگھندو.مضبوط ٿڙ کي سهارو ڏيڻ لاء وري مضبوط پاڙن جي گھرج پوي ٿي.مضبوط ٿڙ مان ٽاريون ڦٽن ٿيون جن تي گل.پن ۽ ميوا ٿين ٿا.توڙي جو اهي پاڻ نهايت نازڪ ۽ ڪمزور ٿين ٿا پر هڪ مضبوط ٿڙ سان ڳنڍيل هئڻ ناتي بلندي ۽ اوچائيء مان لطف اندوز ٿين ٿا. جيڪر سندن اهو مضبوط سهارو يعني ٿڙ ڪپيو وڃي ته اهي بلنديء سان گڏوگڏ پنهنجي زندگي به وڃائي مٽيء ۾ ملي وڃن ٿا يا وقت جون هوائون انهن کي پنهنجي مرضيء سان هيڏانهن هوڏانهن اڏائينديون رهن ٿيون.هاڻي انساني وجود کي ڪجهه دير لاء سوچ هيٺ آڻيون ٿا.ان وجود مان جيڪر هڏين جو ڍانچو ڪڍي ڇڏجي ته سندس طاقت مٽيء جي ڪنهن ڳنڍي سواء ڪجهه نٿي رهي.ماس جي طاقت جو دارومدار هڏن جي طاقت تي آهي.جيترو هڏ مضبوط هوندا ماس ۽ جسم به اوتروئي مضبوطي ۽ طاقت محسوس ڪندو.ماس کان هڏيء جو تعلق ٽوڙيو وڃي ته ماس جي طاقت ٻڙي بڻجي وڃي ٿي.اسان جا ڏند اسان کي کاڌو کائڻ،سخت شين کي چٻاڙڻ ۽ ٽوڙڻ ۾ اسان جي مدد ڪن ٿا،جڏهن اهي پنهنجي طبعي عمر پوري ڪري موڪلائي وڃن ٿا ته اسان جو وات رڳو کچڻي کائڻ واري مشين بڻجي ڪري رهجيو وڃي.ان جو مطلب اهو ٿيو ته انسان جنهن سماج ۾ رهي ٿو اتي هن کي به هروقت ڪنهن مضبوط سهاري جي هروقت ضرورت رهي ٿي.انهيء مضبوط سهاري جي تلاش ۽ نفسيات هيٺ انسان پنهنجي خاندان جي پئدائش ۽ اوسر،ذات ۽ قبيلي جي واڌاري،علاقائي ، نسلي،مذهبي ۽ سياسي  تعصب سان دلچسپي رکندو آيو آهي.انهيء ئي مضبوط سهاري جي سوچ هيٺ رياستن ،ملڪن ۽ اقوام متحده جو قيام عمل ۾ آيو.اهو ئي نظريو طاقت حاصل ڪرڻ،معاشي ۽ دفاعي بلاڪ جڙڻ ۽ بين الاقوامي تنظيمن ۽ ادارن جي جوڙ جڪ پويان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اها ئي سوچ انسان کي روحانيت طرف ڇڪي وڃي ٿي.مضبوط سهاري جي ڳولا ۽ جستجو ۾ انسان پوري زندگي ڊوڙندو رهي ٿو.ان جو بنيادي سبب اهو جو انسان پنهنجي فطرت ۽ بيهڪ ۾ گھڻو ڪمزور آهي.هن جي مجبوري آهي ته هن سان روز نت نوان حادثا پيش ايندا ٿا رهن يا پيش اچي سگھن ٿا.وري کيس بيمارين کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو.انسان جي سڀ کان وڏي ڪمزوري سندس مري وڃڻ آهي.موت هروقت سندس پيڇو ڪندو رهي ٿو جيڪو کيس اوچتو بنان ڪنهن اڳواٽ اطلاع جي قابو ڪري وٺي ٿو.انهن فطري ڪمزورين سبب هن کي هر وقت ڪنهن مضبوط سهاري جي ضرورت رهي ٿي.ان کان سواء انسان جي سماجي زندگيء جون گھڻيون بنيادي شيون ڪنهن سهاري کان سواء سرانجام ڏيئي نٿيون سگھجن.هاڻوڪي اولهه جي دنيا کي ڪنهن حد تائين ڇڏي ڪري سدائين انساني سماجن ۾ خاندان جي واڌ ويجهه هڪ اهم ۽ لازم فيڪٽر رهيو آهي.هونئن ته ڪنهن حد تائين جانورن جي زندگيء ۾ به خاندان جو تصور پاتو وڃي ٿو ۽ اهو به جھنگلي زندگيء ۾ پيش ايندڙ خطرن سبب وجود ۾ ايندي محسوس ٿئي ٿو.جيڪي جانور شڪار ڪندا آهن اهي اڪثر ننڍن ٽولن ۾ جڏهن ته شڪار ٿيندڙ جانور وڏن ٽولن ۾ هوندا آهن.سماجي طور تي انسان کي سدائين خاندان جي ضرورت رهي آهي.خاندان جي رشتن کي مذهب ۾ به هڪ مقدس حيثيت حاصل رهندي ٿي اچي.هونئن به انسان کي فطري طور تي پنهنجي ماء پيء سان محبت ٿئي ٿي ساڳيء طرح ماء پيء کي وري اولاد سان انيڪ پيار هوندو آهي.ننڍپڻ ۾ ماء پيء ٻارن لاء مضبوط سهاري وارو ڪم ڪن ٿا جو ان وقت ٻارن کي زندگيء جي وک وک تي سهاري جي ضرورت رهي ٿي پر جڏهن اهي جوانيء ۾ قدم رکن ٿا ته سهاري جي اها ضرورت به گھٽبي ويندي آهي.پر جڏهن هو پوڙها ٿين ٿا کين واپس سهاري جي ضرورت پوي ٿي.
قبيلي،ذات ۽ برادريء جو تصور به انسان جي مضبوط سهاري جي ڳولا جو آئينادار آهي.ڪٽنب يا خاندان هڪ محدود سهارو آهي پر سماجي زندگيء ۾ انسان کي وڏن وڏن ٽولن سان مقابلي جي نوبت اچي ٿي جتي ڪٽنب کان وڌي ڪري برادري يا قبيلي جي مدد جي ضرورت پوي ٿي.انسانن جون ذاتيون ۽ قبيلا اوڀر جي دنيا ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم رهيا آهن.قبيلي ۽ برادريء کان پوء علاقائي،لساني يا نسلي تعصب کي به هڪ مضبوط سهاري طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.جيئن ڪراچيء ۾ هندستان کان لڏي آيل ماڻهن وٽ پنهنجي ڪا زمين نه هئي ان ڪري انهن جي اڪثريت سدائين ان خوف جو شڪار رهي ۽ انهيء خوف کي ڪن خاص سياسي مقصدن لاء اڀاريو به ويو ته اردو ڳالهائيندڙ آباديء کان ڪنهن به وقت زمين کسجي سگھي ٿي تنهن ڪري ان خوف خلاف هڪ مضبوط سهاري طور زبان ۽ نسل واري سوچ اختيار ڪئي ۽ پنهنجي بقا ۽ سلامتيء لاء مهاجر ڪارڊ استعمال ڪيو. مذهبي تعصب به انسانن لاء هڪ وڏو مضبوط سهارو رهندو ٿو اچي. انسان جو مذهب سان لڳاء ٻين سمورين مادي شين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو.مذهب جو اهو سهارو هر مذهب کي مڃيندڙن کي ميسر رهي ٿو۽ اهو سڀ کان وڌيڪ سهارو هوندو آهي.زميني ۽ آسماني قدرتي مصيبتن ۽ آفتن مهل اڪثر انسان مذهب طرف ئي رجوع ڪندو آهي .ڪنهن عيسائي شخص کي اها ڳالهه سهارو ٿي ڏئي ته هن جا هم مذهب دنيا ۾ ڪٿي ڪٿي موجود آهن؟ ساڳيو ئي معاملو ٻين مذهب ني مڃيندڙن جو به آهي.انهيء کان پوء سياسي تعصب ۾ به ماڻهو پنهنجي لاء مضبوط سهارو تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿاجڏهن دنيا ۾ جمهوري نظام نه هئا ته ماڻهو مختلف سياسي جماعتن ۾ ورهايل نه هئا پر هاڻي اٽڪل هر ملڪ ۾ ماڻهو جمهوريت جي بنياد تي سياسي طور تي به مختلف گروهن ۾ ورهايل آهن ۽ اهي انهن سياسي گروهن يا پارٽين ۾ پنهنجي لاء ڪو مضبوط سهارو ڳولهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.اهي پنهنجن سياسي ليڊرن جي چوڻ تي وڏي کان وڏي قرباني ڏيڻ لاء به تيار ٿي وڃن ٿا. ڪنهن ملڪ يا رياست جو وجود به ڪنهن انسان لاء ذهني ۽ دلي سهارو هوندو آهي.ڪنهن شخص لاء اهو سهارو ته هن جو به دنيا ۾ ڪو پنهنجو ملڪ آهي.خاص طور تي اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي ملڪ کان ڪنهن ٻئي ملڪ جو سفر اختيار ڪندا آهن.ڌارين جي ڌرتيء تي رهندي انهن لاء پنهن جي ملڪ جي محبت ۽ ياد وڏو سهارو بڻبي آهي. طاقت جو حصول به سهارو طلب ڪرڻ واري نفسيات هيٺ اچي ٿو.انسان طاقت ان ڪري حاصل ڪرڻ گھري ٿو ته جيئن هو ٻين کان محفوظ ۽ سلامت رهي سگھي يا ٻين کي پنهنجو تابع رکي سگھي  .اڄ ڪلهه ماڻهن سان گڏ هر ملڪ به اڻ محدود طاقت حاصل ڪرڻ جو خواب ڏسي ٿو.ان جو ئي نتيجو آهي جو پوري دنيا جنگي هٿيار وڌ ۾ وڌ حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ رڌل نظر اچي ٿي.اقوام متحده ۽ ٻين اهڙين بين الاقوامي تنظيمن جي قيام جي پويان به اها ئي مضبوط سهاري واري سوچ ڪم ڪندي نظر اچي ٿي ته جيئن دنيا جي انساني آباديء کي ڪنهن وڏي جنگ جدال کان روڪي سگھجي.اقوام متحده جي تنظيم جي ڪارڪردگي توڙي جو ڪا مثالي نه رهي آهي پر ان جي سمورين ناڪامين ۽ ڪمزورين باوجود حقيقت اها آهي ته دنيا جي رهيل کهيل امن کي بچائڻ لاء في الحال اها ئي قومن لاء آخري سهارو بڻيل آهي.
معاشي ۽ دفاعي بلاڪن جو وجود به انهيء ئي مضبوط سهاري واري سوچ جي هڪ ڪڙي آهي.جيئن مسلمان ملڪن او آئي سي جي نالي سان هڪ تنظيم جوڙي رکي آهي،اهڙيء طرح يورپي ملڪن يورپي يونين جي نالي سان تنظيم سازي ڪئي آهي،سارڪ، نيٽو،ٽاپي ۽ سي پيڪ وغيره به انهيء ئي نفسيات تحت عمل ۾ آيا آهن ته جيئن ماڻهن کي سهارو ملي سگھي ته انهن جو آئيندو محفوظ آهي.بين الاقوقوامي اتحاد ۽ اتفاق جي گھرج سدائين رهندي آهي ۽ عالمي امن به انسانيت جو وڏو سهارو آهي.انهيء مقصد جي لاء ئي عالمي ڏينهن ملهايا وڃن ٿا،عالمي رانديون منعقد ڪرايون وڃن ٿيون ۽ مذاڪرا،سيمينار ۽ مباحثا منعقد ڪيا ويندا آهن ته جيئن دنيا جا ماڻهو هڪٻئي جي ويجھو  اچن ۽ عالمي  ڀائيچاري ۽امن جو ماحول پيدا ٿي سگھي.آخر ۾ روحانيت ۾ مضبوط سهارو ڳولهڻ واري معاملي طرف اچون ته پوء انسان کي پنهن جي ٻاهر جي دنيا کان واپس اندر جي دنيا طرف موٽڻو پوي ٿو.جيئن ته انسان جو گھڻو وقت اڪيلائيء ۾ گذري ٿو جتي هنن کي پنهنجي زندگيء جي سوين مسئلن ۽ معاملن کي روزانو اڪيلي منهن ڏيڻو پوي ٿو ان ڪري هن کي هر وقت ڪنهن اهڙي مضبوط سهاري جي اشد ضرورت محسوس ٿئي ٿي جيڪو اڪيلائيء ۾ به هن جو ساٿ ڏئي.اها هڪ اهڙي لڪيل طاقت آهي جيڪا مادي شين مان حاصل ٿي نٿي سگھي.اها روح جي طاقت آهي جنهن کي روحانيت چيو وڃي ٿو.ان روحاني سهاري جي ضرورت اولهه جي ڀيٽ ۾ اوڀر جي ماڻهن کي وڌيڪ محسوس ٿئي ٿي.ان جي ضرورت محسوس ته اولهه جي قومن کي به ٿيندي هوندي پر روحانيت نالي شيء تي انهن جي اڪثريت يقين نٿي رکي.اهو ئي سبب آهي جو سمورين مادي سهوليتن ۽ آسائشن جي حصول باوجود انهن قومن ۾ بي سڪوني وڏي پيماني تي موجود رهي ٿي جنهن کي ڪڏهن اهي سيڪس جي ڇڙواڳي ته ڪڏهن نشي آور شين جي ذريعي گھٽائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون.پر جيڪو سڪون روحانيت ۾ سمايل آهي اهو دنيا جي ڪنهن به ٻي مادي شيء ۾ شامل ناهي.روحاني سهارن سوا انسان رڳو جسماني سهارن جي زور تي بيهي نٿو سگھي.
(روزاني  هلال پاڪستان 27 سيپٽيمبر 2018ع)






Thursday, September 27, 2018

ٿئي ٿو تماشو هتي روز نئون!





شفيق الرحمان شاڪر
ملڪ ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان احتساب جي نالي تي جيڪو تماشو هلندو رهيو آهي پوري قوم حيرت وچان وات پٽي ڪاوڙ ۾ پنهنجون آڱريون چٻاڙيندي نظر اچي ٿي.ايئن به ناهي ته ان قسم جو تماشو پياري ملڪ پاڪستان ۾ ڪو پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي،جيڪو به آئيني يا غير آئيني حڪمران آيو تنهن اها ئي تسبيح پڙهي ته گذريل حڪومت ملڪ جي خزاني جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو،ملڪ قرضن ۾ ڦاسي ويو آهي،ڪرپشن ۽ بدديانتيء جي ڪري غريب عوام جا هيترا اربين ۽ کربين ڊالر هضم ٿي ويا،ملڪي حڪمرانن پنهنجن حڪومتن دوران غير ملڪن ۾ ڏوڪڙ گڏ ڪري عوام سان صريح ظلم ڪيو وغيره وغيره.ڳالهه سچي آهي پر ان دهل وڄائڻ جو مقصد ڇا؟جڏهن ڪنهن به طاقتور سان ڪو حساب ڪتاب ڪرڻو ئي ناهي يا اهو ڪنهن جي به وس ۾ ئي ناهي يا وري ڪنهنجي اهڙي نيت ۽ ارادو ئي ڪونهي ته پوء عوام جو پئسو ۽ وقت برباد ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟عوام جي ڦٽن تي ويتر لوڻ ٻرڪڻ جو ڪهڙو مقصد؟پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين انهن نام نهاد “احتسابين” مان ڪنهن هڪڙي جو ته نالو کڻو جنهن عوام جي ڦريل پئسي مان هڪ روپيو به ڪنهن کان واپس ورتو هجي؟ها! سامهون ٻڌڻ لاء اهڙيون انيڪ خوشخبريون ضرور ملنديون ته هيترا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن،هيترن قومي چورن خلاف جاچ شروع يا مڪمل ڪئي ويئي آهي؟ هيترا رفرنس داخل ڪيا ويا آهن،هيتريون شاهديون ۽ گواهيون گڏ ڪيون وييون آهن،هيتريون ڪميشنون ۽ جي آئي ٽيون جوڙيون ويون آهن.ٻاهرين ملڪن سان اهڙا ڏوهاري پڪڙڻ ۾ مدد لاء هيترا ٺاهه ڪيا ويا آهن.هيتريون قانوني ڪاروائيون مڪمل ڪيون وييون آهن پر اسڪور بورڊ تي وصوليء واري خاني ۾ اها ئي زيرو زيرو لڳي پيئي آهي.اسان جو مثال شايد ان اٺ جهڙو آهي جيڪو ڪنهن نار جي گول دائري  ۾ صبح کان شام تائين اکيون ٻوٽي سفر ڪندو ٿو وڃي ۽ سندس خيال مطابق هن ڪوهين پنڌ جي منزل طيء ڪري ورتي آهي پر جڏهن اکين تان پٽي کلي ٿي ته اهو پنهنجو پاڻ کي ساڳي هنڌ بيٺل ڏسي ٿو.احتساب جي اهڙن فضول ۽ بي نتيجا ناٽڪن جي ڪري ئي طاقتور ڏوهارين جو هر ڀيري نه رڳو حوصلو وڌي ٿو پر کين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي سياسي انتقام جو نشانو بنائڻ واريون سندن من گھڙت ڪهآڻيون وزن کائين ٿيون ۽ عوام کي ڦرڻ،لٽڻ ۽ کين فقير بنائڻ باوجود هر ڀيري عوام ساڻن همدردي ڪرڻ لڳي ٿو.اڄ جيڪر ماڻهو ۽ دنيا اسان جي رياستي ۽ حڪومتي ادارن جو مذاق اڏائڻ جي جسارت ڪري رهيا آهن ته ان جا ذميدار خود اهي ادارا آهن جيڪي ڪنهن طاقتور جو حقيقي احتساب ڪرڻ کان اڄ به مجبور ،بيوس يا لاچار آهن.انهن ادارن کي عوام کي غصي وچان اکيون ڏيکارڻ بدران پنهنجي ڪارڪردگيء جو جائزو وٺڻ گھرجي. ڪنهن جائز تنقيد جي ڏوهه ۾ ڪنهن کي توهين عدالت جي ڏوهه جو مرتڪب بنائي سزا ته ڏيئي سگھجي ٿي پر ڇا ان عمل سان انصاف جو پورو نظام درست ٿي ويندو؟جڏهن هر عام ماڻهوء کي به پتو آهي ته هيٺين عدالتن ۾ ڪهڙيء طرح مظلومن کي تپايو،ساڙيو ۽ ايذايو وڃي ٿو.ڪهڙيء طرح ماڻهو پوري زندگي انصاف جي اوسيئڙي ۾ عدالتن جا چڪر هڻندي قبرن حوالي ٿي وڃن ٿا پر انهيء عدالتي نظام خلاف ڪجهه به ناهي ڪڇڻو جو ان سان عدالتن جي توهين ٿي پوندي.اها خبر اسان جي اعليٰ عدالتن جي معزز جج صاحبان کي ڪيئن ناهي؟جيڪر خبر آهي ته ان نظام کي ٺيڪ ڪرڻ لاء اڄ تائين ڇا ڪيو ويو آهي؟ان ۾ شڪ ناهي ته نئين قانونسازي عدالتن جي نه پر حڪومتن ۽ پارليامينٽ جي ذميداري آهي پر جيڪي قانون هن وقت موجود آهن انهن تحت ٿيندڙ ڪاروائين ۾ به ڪافي ڪمزوريون،سستيون ۽ خاميون ڏسڻ لاء ملن ٿيون.آخر انهن کي درست ڪرڻ ڪنهنجي ذميداري آهي؟ڪرپشن ۽ بدديانتيء جي باري ۾ اڄ تائين جيڪو به ان حقيقت کي قبول ڪري ٿو سو ان جي اڌوري حقيقت کي قبولي ٿو.اهو ڪوبه مڃڻ لاء تيار ناهي ته اسان جو پورو سماج هن وقت ڪرپٽ بڻجي ويو آهي.ان صورت ۾ رڳو سياستدانن خلاف ئي ڏنڊو کڻڻ سان ڪرپشن ڪيئن ٿي ختم ڪري سگھجي؟جن ادارن کي ٻين جو احتساب ڪرڻو آهي انهن جو ڪردار مٿانهون ۽ هر داغ کان پاڪ ۽ صاف هئڻ گهرجي؟انهن کي سڀ کان پهرين پنهنجو ڪڙو احتساب ڪرڻ گھرجي.ڳالهه ٿئي ٿي ته اسان جي قانوني نظام ۽ انصاف جي طريقه ڪار ۾ اهڙيون خاميون موجود آهن جو ڏوهاري سولائيء سان عدالتن مان ڇٽي وڃن ٿا پر اهو ماتم ته سالن کان ٻڌندا ٿا اچون،اهو نظام آخر درست ڇو نٿو ٿي سگھي؟ان ڪري جو اهڙو پڪو ارادو ئي موجود ناهي.هتي هرڪو ٻئي کي ڦاسائي پاڻ کي پاڪ ۽ پوتر ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي.ان ۾ ڪهڙي شڪ جي ڳالهه آهي ته اسان جي موجوده عدالتي نظام جي برڪتن سان ڪيترائي بي ڏوهي ڦاسي کايو وڃن ۽ سوين ماڻهن جا ڏٺا وائٺا قاتل بري ٿيو وڃن.جيڪر اسان ۾ ان نظام کي سڌارڻ ۽ بهتر بنائڻ جي همت ئي ناهي ته پوء حتساب جو اهو راڳ بند هئڻ گھرجي . “جيڪو ڏاڍو سو گابو ” وارو قانون آئيني  طور تي تسليم ڪري ان کي قانون جو حصو بنائي ڇڏڻ گھرجي.تازو ميان نواز شريف جي سزا معطل ڪرڻ واري فيصلي تي گھڻو ڪجهه خيال آزمائي ڪئي پيئي وڃي.سڀ جا سڀ ان معاملي جو پورو وبال نيب تي وجھي رهيا آهن ته انهن ڪيس مضبوط نه جوڙيو،  پراسيڪيوشن  صحيح نه ٿي، عدالت ۾ ججن جي سوالن جا اطمينان بخش جواب نه ڏنا ويا. انهن مان ڪوبه نيب سان گڏ عدالت عاليا جي فيصلي کي تنقيد جو نشانو نه بنائي رهيو آهي جو ان حد ۾ پر سڙڻ جو انديشو آهي. ان ڪري اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي ڀلي اهڙي تنقيد کليل نموني سامهون نه ايندي هجي پر سوشل ميڊيا تي هن فيصلي جي حوالي سان عدالتن جي باري ۾ جيڪي سوال اٿاريا پيا وڃن تن کي نظرانداز ڪري نٿو سگھجي.نيب جون نا اهليون پنهنجي جاء تي پر ڪنهن کي خبر ناهي ته لنڊن ۾ موجود جيئرا جاڳندا ايون فيلڊ فليٽ  ڪنهن جا آهن؟فليٽ جي مالڪن ئي اڄ تائين انهن جي مالڪ هئڻ کان انڪار ناهي ڪيو ته پوء اهو سوال به اٿاريو پيو وڃي ته جڏهن مالڪ ان ملڪيت جا اقراري آهن ته پوء نيب جي وڪيل کان اهو سوال ڪرڻ  ته اوهان وٽ ڪهڙو ثبوت آهي ته اهي فليٽ شريف فيمليء جي ملڪيت آهن ؟ هڪ عجيب سوال لڳي ٿو.ٻيو سوال اهو به اٿاريو پيو وڃي ته نيب جي موجوده قانونن جڏهن ڪنهن به سرڪاري يا حڪومتي عهديدار جي اهڙي ملڪيت معلوم ٿئي  جيڪا هو پنهنجي موجود آمدنيء مان خريد ڪري يا ٺاهي سگھڻ جي قابل نه هجي ته پوء انهيء ملڪيت جو جائز ذريعو ثابت ڪرڻ استغاثه نه پر ملزم جي ذميداري آهي پوء عدالت ۾ بار بار اهڙو ثبوت ملزم کان گھرڻ بدران استغاثه کان  ڇوگھريو ويو؟ سوال اهو به آهي ته اهڙيون نرميون عام ملزمن ۽ مجرمن سان روا ڇو نٿيون رکيون وڃن جيڪي سالن کان ڪوڙن ۽ سچن الزامن هيٺ جيلن ۾ سڙي رهيا آهن.انهن کي ته سندن ماء،پيء يا ڪنهن پياري جي جنازي ۾ پيرول تي ايترو آسانيء سان آزادي نصيب نٿي ٿئي جيتري آسانيء سان طاقتورن کي سموريون سهوليتون ۽ رعايتون جيل اندر به مهيا ۽ ميسر رهن ٿيون.حڪومت جو هر وقت اهو ماتم آهي ته ملڪي خزاني ۾ پئسو ڪوني،ڪيڏانهن ويو پئسو؟ چون ٿا چوري ٿي ويو،لٽجي ۽ کسجي ويو.ٻاهرين ملڪن جون بينڪون ڀريون پييون آهن.پوء اهو پئسو واپس ڇو نٿا وٺو؟ ماڻهن کي روز اهو داستان ڇو ٿا ٻڌايو؟انهن جاچن ۽ ڪيسن تي عوام جا وڌيڪ اربين روپيا ڇو ٿا ٻوڙيو؟جڏهن ڪرڻو ئي ڪجهه ناهي،ڪنهن جي خلاف ڪو ڪيس به فضيلت سان ٺاهڻو ناهي، هڪڙي هڪڙي ڪيس جي پويان جيڪر صدين جو عرصو ۽ مهلت گھرجي ته پوء  بهتر آهي ته ان افساني کي اتي ئي بند ڪرڻ گھرجي  ۽ مصيبت جي ماريل غريب عوام تي ٽيڪسن جو بار هميشه جيان وڌيڪ وڌائبو هلجي جو حڪومت هلائڻ لاء پئسو کپي ۽ طاقتور چورن کان پئسو واپس وٺڻ نه ڪنهن جي وس جي ڳالهه آهي ۽ نه ئي اهڙو ڪنهن جو ارادو آهي!
(روزاني جيجل 26 سيپٽيمبر 2018ع)

Wednesday, September 26, 2018

چهنڊڙيون ؛ سي سي آئي


                                                                                                          ياسر قاضي 
بي دخل ڌاريا ڪجن؟ ڪوئي ڪڇيو؟
ڊيم تي چئني  جي   ڇا   هو   راء     ۾؟
ڇو نٿا ماڻهن سان   کولي ڳالهه ڪيو؟
سنڌ   ڇا    آ    ماڻيو “سي سي آء” ۾؟

Tuesday, September 25, 2018

جمهوريت جو فائدو عوام کي ڪڏهن ملندو؟




شفيق الرحمان شاڪر
جمهوريت جو تت جيڪر هڪ جملي ۾ بيان ڪيو وڃي ته “عوام جي لاء،عوام جي ذريعي،عوام جي حڪومت جمهوريت آهي.”جمهوريت ان نظام جو نالو آهي جنهن ۾ عوام پنهنجن حڪمرانن ۽ نمائندن کي پنهنجي اختيار ۾ رکي سگھن.جمهوريت ۾ عوامي عهدا رکندڙ صدر،وزير اعظم،وزير اعليٰ،ايم اين اي،ايم پي اي ۽ سمورا سرڪاري عملدارعوام سامهون جوابده ٿين ٿا ۽ انهن جي مفادن بدران ملڪ جو آئين ۽ قانون طاقتور ٿئي ٿو.جمهوريت جي خلاف آخري مرڪز سوويت يونين جي خاتمي بعد دنيا ۾ حڪمرانيء جو ڪوبه قابل ذڪر ماڊل نه رهيو آهي جيڪو جمهوريت جو مقابلو ڪري سگھي.ان ڪري في الحال دنيا ۾ جمهوريت ئي هڪ بهتر نظام حڪومت تصور ڪيو وڃي ٿو.پر ڏٺو وڃي ته ايشيا ۽ آفريڪا کنڊ جي اڪثر ملڪن ۾ جمهوريت جا فائدا عام ماڻهن تائين نه پهچي سگھيا آهن.هتي نئين ڄاول جمهوريت خلاف هڪ طرف نت نيون سازشون هر ايندڙ ڏينهن تي جنم وٺنديون رهن ٿيون ته ٻئي طرف جتي به جمهوريت موجود آهي اتي ان جي بنيادي پيماني يعني عوام جي بهتري ۽ بهبوديء واري حوالي سان گھڻي مايوسي نظر اچي ٿي.جمهوري ملڪن ۾ عوام جي بنيادي حقن کي کسڻ وارن ماڻهن ۽ روين جي ڪمي ڪانهي.ماڻهن کي آزاديء سان پنهنجي راء جي اظهار جو موقعو به نٿو ڏنو وڃي.هڪ وڏي اڪثريت مٿان هميشه هڪ ننڍڙي پر طاقتور اقليت طرفان پنهنجا فيصلا ۽ پاليسيون مڙهيون وڃن ٿيون.جمهوريت جو لفظ هڪ نعري جي طور تي عوام کي بيوقوف بنائڻ ۽ انهن کي سبز خواب ڏيکارڻ لاء ئي استعمال ٿيندو رهيو آهي. اهڙي جمهوريت ۾ طاقتور ۽ سرمائيدار طبقا سياست ۽ حڪومت تي قابض ٿي وڃن ٿا ۽ اهڙيون پاليسيون جوڙين ٿا جن جو فائدو رڳو اشرافيا کي ئي پهچي ٿو.ملڪ جا وسيلا امير طبقن جي وچ ۾ گردش ڪندا رهن ٿا ۽ غريب ڏينهون ڏينهن غريب ٿيندا ٿا وڃن.جيڪر پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ ان جي فائدن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته پاڪستان جي قيام کان وٺي هيستائين ايڪهتر سالن جي عرصي ۾ جمهوريت مضبوط نه ٿي سگھي آهي.جمهوريت کي هر وقت خطرا سامهون رهندا ٿا اچن. غيرجمهوري قوتن ڪيترائي ڀيرا جمهوريت تي رات وچ ۾ حملو ڪري ملڪي ۽ رياستي ادارن جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو.ڪيترائي ڀيرا عوام طرفان جوڙيل آئين کي ويڙهي ڦٽو ڪيو ويو جنهن ڪري اڄ به ملڪ ۾ جمهوريت جي مستقبل جي حوالي سان بي يقيني واري ڪيفيت ڇانئيل نظر اچي ٿي. ٻئي طرف نام نهاد جمهوري دورن ۾ به رڳو سياسي جماعتن ۽ چونڊن کي ئي جمهوريت جو نالو ڏنو ويو جڏهن ته جمهوريت اهڙو نظام آهي جنهن ۾ گڊ گورنس هڪ بنيادي گھرج آهي.جنهن جمهوريت ۾ سٺي حڪمراني نه هجي تنهن کي جمهوريت چئي نٿو سگھجي.اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين مطابق ته ملڪ جي سمورن ماڻهن کي سماجي ۽ معاشي طور تي هڪجهڙا حق حاصل آهن پر جمهوري نظام باوجود رڳو امير ئي اقتدار ۽ اختيار تي قابض رهندا ٿا اچن ۽ اميرن جي انهن حڪومتن ۾ عام خلق سان قانون ۽ انصاف جي معاملي ۾ جيڪو سلوڪ ٿيندو رهيو آهي ان جو مثال دنيا جي ڪنهن به جمهوريت ۾ نٿو ملي.گذريل ايڪهتر سالن ۾ پاڪستان اندر جنهن جمهوري ماڊل تي عمل ٿي رهيو آهي ان جو تعلق نه ته اقبال واري نظام جمهوريت سان آهي ۽ نه ئي قائد اعظم جي پاڪستان سان.جنهن ملڪ ۾ امير ۽ غريب ۾ فرق رکيو وڃي،جتي سمورن شهرين کي هڪجهڙا  بنيادي حق حاصل نه هجن،جتي ڪروڙين ماڻهن کي پنهنجون خداداد صلاحيتون ظاهر ڪرڻ ۽ انهن مان فائدو کڻڻ جو موقعو ئي ميسر نه ٿيندو هجي،جتي قانون جا ٻه مٿا ۽ به معيار هجن.  اتي اميرن جي  ان جمهوريت جا ثمرات رڳو اميرن وچ ۾ ئي گھمندي نظر آيا آهن.اهڙي جمهوريت ۾ عوام جو ڪردار رڳو پنجن سالن ۾ ووٽ جي پرچيء تي ٺپو لڳائڻ ئي رهجي ويو آهي،باقي ٻين حڪومتي ۽ رياستي معاملن ۾ نه ته انهن جي ڪا حقيقي شرڪت آهي ۽ نه ئي اهڙن معاملن ۾ سندن راء کي ڪا اهميت ۽ حيثيت ڏني وڃي ٿي.ملڪ تي اهڙا عوامي حڪمران مسلط ٿين ٿا جن جا ڪاروبار،رهائش ۽ بينڪ بيلنس ٻاهرين ملڪن ۾ آهن.اهي پاڪستان رڳو اقتدار جو مزو ماڻڻ ۽ ڏوڪڙ ڪمائڻ اچن ٿا.انهن جي سموري دلچسپي عوامي مسئلن بدران پنهنجن ڪاروبارن سان لڳل هوندي آهي.جنهن جمهوريت ۾ عام ماڻهن جي زندگيء جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪرندو هجي، ظالماڻن ٽيڪسن سبب مهانگائي جي مصيبت عوام جا هوش خطا ڪندي هجي،انهيء کي جمهوريت جو نالو ڏيڻ دوکي کان سواء ٻيو ڪجهه به ناهي.ڪنهن به ملڪ ۾ جمهوريت تڏهن مضبوط ٿي سگھي ٿي جڏهن سياسي جماعتن اندر به جمهوري ڪلچر موجود هجي.جتي پارٽين اندر به اختلاف راء جي آزادي هجي.ڪا به حڪومت عوام کي تعليم،صحت.انصاف ۽ سماجي ڀلائيء جي شعبي ۾ مناسب سهوليتون مهيا ڪرڻ سواء هڪ جمهوري حڪومت هئڻ جي دعويٰ ڪري نٿي سگھي.وڌندڙ مهانگائيء کي قابوء ۾ رکڻ به جمهوري حڪومتن جي بنيادي ذميداري آهي.سرڪاري ادارن ۾ ناقص ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن خلاف بنان فرق جي ڪاروائي ڪرڻ به جمهوريت جي گھرج آهي جو جيستائين ادارن جي ڪارڪردگي نٿي سڌري عوام کي رليف نٿو ملي سگھي.هن پوري نظام کي بدلائڻ سوا رڳو ڪجهه نمائشي قدمن ذريعي تبديليء جون دعوائون به رڳو عوام کي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ئي هوندي ۽ ان سان عوام جي سورن ۾ ڪابه گھٽتائي نه ٿي سگھندي. جمهوري سسٽم جي بهتريء لاء ضروري آهي ته ملڪ مان ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازڻ واري پاليسيء جو خاتمو اچي. ملڪ جو لٽيل پئسو کسي واپس قومي خزاني ۾ جمع ڪرايو وڃي. مناسب ماڻهوء کي مناسب جڳهه تي مقرر ڪيو وڃي ۽ ادارن مان سياسي مداخلت کي بند ڪيو وڃي.ترقياتي اسڪيمون جوڙڻ وقت ڪميشنن بدران عوامي مفاد کي اوليت ڏني وڃي.جمهوري ادارن کي وڌيڪ مضبوط ۽ بااختيار بنايو وڃي ۽ احتساب جو اڻ ڌريو ۽ شفاف نظام مرتب ڪيو وڃي جنهن ذريعي ڪنهن کان سياسي انتقام وٺڻ بدران انصاف واري طريقي سان ترت ۽ تڪڙو احتساب ٿي سگھي.
(روزاني جيجل 23 سيپٽيمبر 2018ع)

Saturday, September 22, 2018

پوء سوال ته ٿيندو...!





شفيق الرحمان شاڪر
اڄ کان اٽڪل 22 سال پهرين عمران خان هڪ سياسي پارٽي قائم ڪري ملڪ ۾ نئون سياسي ڪلچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو.توڙي جو ان وقت سندس ان سياسي سڏ کي ڪا خاص موٽ نه ملي هئي پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ عوام جيڪو ٻن مکيه سياسي جماعتن جي واري وٽيء واري راند ۽ ناقص حڪومتي ڪارڪردگين کان بيزار ٿيندا ويا تيئن تيئن تحريڪ انصاف پنهنجي جاء جوڙيندي ويئي.تحريڪ انصاف کي ملڪ جي هڪ پاپولر جماعت بنائڻ ۾ عمران خان جي محنت ۽ مستقل مزاجي پنهنجي جاء تي پر حقيقت ۾ گذريل حڪومتن جي انتهائي ناقص ڪارڪردگي ۽ انهن سياسي جماعتن جي قائدين جو ميگا ڪرپشن جي الزامن هيٺ اچڻ وارن معاملن تحريڪ انصاف جو ڪم خود بخود آسان ڪري وڌو.جڏهن عمران خان جا حامي سندس “ڊگھي جدوجهد” جي ڳالهه ڪن ٿا ته انهيء ۾ اهي ڪجهه وڌاء کان به ڪم وٺن ٿا.وقت جي لحاظ کان جدوجهد ڊگھي ضرور هئي پر اها جدوجهد پنهنجي فطري مرحلن مان بلڪل نه گذري هئي.نه رستي ۾ ڪي جيل،سزائون.ڪوڙا ۽ ڦٽڪا هئا ۽ نه ئي ڪارڪنن ڪي ايڏيون وڏيون اذيتون ۽ تڪليفون برداشت ڪيون جيڪي ان قسم جي جدوجهد جي رستي ۾ پيش اينديون آهن.اهڙيء طرح جيڪي ماڻهو تحريڪ انصاف کي هڪ نظرياتي يا انقلابي جماعت چون ٿا اهي به غلطي ڪن ٿا.جيئن ته هڪ ڪامياب ڪرڪيٽر جي حيثيت سان عوام خاص طور تي نوجوان طبقي جي ڪپتان سان جذباتي وابستگي جڙي پيئي ۽ ذاتي طور تي هن جي خلاف ڪو وڏو مالي اسڪينڊل به نه هو ۽ انهيء سان گڏوگڏ ڪينسر اسپتال ۽ نمل يونيورسٽيء جو قيام به هن جي حق ۾ مددگار ثابت ٿيو.پر انهن سمورين ڳالهين باوجود عمران خان کي ليڊر ملڪ جي هلندڙ سياست مان ماڻهن جي وڏي پيماني تي مايوسين بنايو.اسان جي ملڪ ۾ عام طور تي ماڻهو جارحاڻو ۽ جذباتي انداز رکندڙ اڳواڻن کي پسند ڪندا آهن پوء ڀلي انهيء انداز سان ڪو ليڊر اهڙيون دعوائون ۽ وعدا به ڪندو هجي جن جو حقيقت جي دنيا سان ڪو واسطو ئي نه هجي سو عمران خان به پاڪستاني قوم جي ان ڪمزوريء مان ڀرپور فائدو حاصل ڪندي  اهڙا ته عاليشان اعلان ۽ وعدا ۽ نت نوان نعرا ڏنا جو هر طرف تبديلي تبديلي جو راڳ وڄڻ لڳو.ماضيء جي سمورن حڪمرانن کي چور ۽ ڌاڙيل جي لقب سان نوازيندڙ،ملڪي لٽيل پئسو واپس وٺي عوامي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جا اعلان ڪندڙ،بک، بدحالي،بيمارين ۽ مهانگائيء کان عام ماڻهوء کي نجات ڏيارڻ جون دعوائون ڪندڙ،وي آئي پي ڪلچر ختم ڪري سادگي ۽ ڪفايت شعاري اختيار ڪرڻ جا نعرا هڻڻدڙ عمران خان خوشقسمتيء يا بدقسمتيء سان اپوزيشن ليڊر واريون حدون پار ڪري هاڻي ملڪ جو وزير اعظم بڻجي چڪو آهي.اقتدار ۽ اختيار نه هئڻ وارو عذر به ختم ٿي چڪو آهي.هاڻي واڳون سندس وس آهن.هاڻي تبديليء جي دعوائن نه پر انهن دعوائن جي تڪميل جو وقت آهي.هاڻي ماڻهو سندس ڊگھيون تقريرون،نت نيون وضاحتون،عذر ۽ بهانا،مجبوريون ۽ معذرتون ٻڌڻ لاء هرگز تيار نه ٿيندا. هاڻي ته هن کان هڪڙو ئي سوال ٿيڻو آهي ته تبديلي ڪٿي آهي؟انهن نظرين ۽ سوچن جو ڇا ٿيو، انهن خوبصورت خوابن ۽ سهڻن سپنن جو ڇا ٿيو؟اهو انقلاب ڪيڏانهن ويو جيڪو ماضيء جي سمورين غلاظتن کي وهائي وڃڻو هو؟ انهيء آتش فشان جو ڇا ٿيو جيڪو عوام جو رت چسيندڙن ءُ سندن ست نوچيندڙن تي عذاب بڻجي ڦاٽڻو هو؟انهن وعدن جو ڇا ٿيو جن سان سورن ۾ ورتل سانگيئڙن جي نيڻن ۾ اميدن جي نئين جوت جرڪي هئي؟انهن آسن جو ڇا ٿيو جيڪي نراس جي ڪنهن ڪاري ڪڪر هيٺان ڍڪجي وييون؟جيڪر حڪومت ۾ ايندي ئي مهانگائيء جو پهريون  بم پهرين کان ستم رسيده ۽ چهڪن کان چور چور غريب لوڪن تي ئي ڪيرائڻو هو  ۽ جيڪر گئس ۽ بجليء جي بلن جو ٻارڻ انهن ئي غريبن کي بنائڻو هو ته پوء اهو سوال ته ضرور ٿيندو ته تبديلي ڪٿي آهي؟جيڪر ڀاڻ جون قيمتون وڌائي غريب ڪڙمين جو حشر نشر ڪرڻو ئي هو ته پوء اهو سوال ته ٿيندو ته ملڪ ۾ ڪنهن جي حڪومت آهي؟جيڪر ڪپتان کي به ماضيء جي حڪمرانن جيان عوام سان اهو مذاق ئي جاري رکڻو هو ته پوء سوال ته ٿيندو ته ڪنهنجي حڪومت آهي؟جڏهن هڪ طرف سادگي ۽ ڪفايت شعاريء جو پرچار ٿيندو هجي ته ٻئي طرف پنهنجن ويجھن توڙي اتحادين کي هر حال ۾ راضي رکڻ لاء وزارتن ۽ مشيرين جي بازار سجائي وڃي ته سوال ته ٿيندو ته ڪنهنجي حڪومت آهي؟هڪ طرف عوام تي نت نوان ٽيڪس لڳائي سندن ساهه سوڙهو ڪيو وڃي ته ٻئي طرف اربين ڊالر لٽي ۽ کسي ٻاهرين ملڪن ۾ گڏ ڪندڙ اشرافيا کان واپس روپيو به وصول ڪرڻ جو ڪو بندوبست نه ٿي رهيو هجي ته سوال ته ٿيندو ته ڪنهن جي حڪومت آهي؟جي احتساب جا اهي ئي ٻه ماپا رهن،قانون جا اهي ئي ٻه معيار رهن،ماڻهن لاء اهي ئي ٻه پاڪستان رهن،جيڪر عوام سان اهي ئي دوکا ۽ دولاب،ڍونگ ،تماشا ۽ تعديون ٿينديون.جن قومي ادارا تباهه ڪيا اهي ساڳين ڪرسين تي رونق افروز رهندا ۽ جن ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيو اهي ملڪي معيشت مضبوط ڪرڻ لاء حڪومت جا وري مشير بڻبا،جن قانون کي پنهنجن پيرن هيٺان لتاڙيو جيڪر اهي ئي نوان قانون جوڙيندا،جيڪر اهو ئي ناني ويڙهو ۽ ناني وڌڻ واري ڏوهٽا کائڻ وارا جي ريت جاري رهندي ته پوء سوال ته ٿيندو ته ڪنهنجي حڪومت آهي؟جيڪر ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪڻ وارا ۽ عوام کي ٽڪي ٽڪي جو محتاج بنائڻ وارا آزاديء سان ولايتن ۾ عياشيون ڪندا ۽ پهريان  کان چپيل لاچار ۽ بيوس غريب وڌيڪ چپبا رهندا ته پوء سوال ته ٿيندو ته تبديلي ڪٿي آهي؟جڏهن تبديليء جي فصل لاء ان لاء پهرين زمين ئي صحيح تيار نه ڪبي،ان مان پهرين کان موجود گند گاهه ئي صفا نه ڪبو،نج ۽ ڀلو ٻج ئي نه چونڊبو،انهن مرضن جو علاج ئي نه سوچبو جيڪي مرض ان فصل کي لڳي سگھن ٿا ته پوء سوال ته ٿيندو ته هيء ڪهڙي تبديلي آهي؟ جڏهن محروم ماڻهن ۽ ڪمزور قوميتن جي ڳالهه ئي نه ٻڌبي،جڏهن ننڍن صوبن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ جاري رهندو،جڏهن ڏاڍ ۽ طاقت جي بنياد تي ماڻهن تي پنهنجا فيصلا مڙهيا ويندا،سندن هر آواز ڌمڪين ذريعي دٻايو ويندو،صوبن جي عوام جي مرضيء خلاف تڪراري رٿائون جوڙيون وينديون، جڏهن ٽن صوبن جي عوام طرفان رد ٿيل ڪالا باغ ڊيم رٿا جو وري وري پڙاڏو ٻڌڻ ۾ ايندو، جڏهن جمهوري دور ۾ به اختلاف راء تي آئين جي آرٽيڪل 6 جي لاڳو ڪرڻ جون ڌمڪيون ملنديون،جڏهن سنڌ جي ڏڪار سٽيل علائقن جي ماڻهن لاء همدرديء جا ٻه لفظ ڳالهائڻ بدران سنڌ جي سرزمين تي بهاري،بنگالي ۽ برمي آباد ڪرڻ جا منصوبا جڙندا ته پوء سوال ته ٿيندو ته ڪنهن جي حڪومت آهي؟وزير اعظم هائوس ۾ نه رهبو سٺي ڳالهه آهي،گورنر هائوسز کي  سيرگاهون بڻائبو  سٺي خبر آهي،سرڪاري گڏجاڻين ۾ رڳو چانهه بسڪوٽ هلندا اهو به ٺيڪ،وزير هفتي ۾ هڪ ڀيرو تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽيريٽ ۾ حاضري ڀريندا اهو به صحيح،وي آئي پي گاڏيون استعمال نه ٿينديون سٺي شيء آهي پر انهيء سان عام ماڻهن جي زندگين ۾ ڪهڙي تبديلي ايندي؟تعليم،صحت ۽ روزگار جو ڇا ٿيندو؟ زندگيء جي بنيادي سهوليتن جو ڇا ٿيندو،پيٽ بکين ۽ انگ اگھاڙن جو ڇا ٿيندو؟سولي ۽ سستي انصاف جو ڇا ٿيندو؟ حڪومتي ادارن ۽ نوڪر شاهيء جي سڌارن جو ڇا ٿيندو؟قانون تي هڪجهڙي عملداريء جو ڇا ٿيندو؟حڪومتي ۽ رياستي معاملن ۾ عوام جي حقيقي شرڪت ۽ شموليت واري سوال جو ڇا ٿيندو؟ احساس محروميء جو شڪار صوبن ۽ قوميتن جي زخمن تي مرهم رکڻ جو ڇا ٿيندو؟بنيادي انساني حقن ۽ اظهار راء جي آزاديء جو ڇا ٿيندو؟عوام کي ڦري لٽي فقير بنائيندڙن انهن بادشاهن جي  احتساب جو ڇا ٿيندو جيڪي اڄ به ملڪ جا بادشاهه آهن.جيڪر انهن ۽ اهڙن ٻين سوين بنيادي سوالن جا جواب نٿا ملن ته پوء سوال ته ٿيندو ته هيء ڪنهن جي حڪومت آهي ۽ هيء ڪهڙي تبديلي آهي؟
(روزاني عوامي آواز 19 سيپٽيمبر 2018ع)

ڪيڏارو ۽ ڪربلا جو ڪرب.


شفيق الرحمان شاڪر
ڪربلا جنهن سان ڪرب يعني اذيت،درد،مصيبت ۽ بلا يعني آزمائش جو عجيب ۽ عظيم داستان سلهاڙيل آهي.جتي سچ ۽ ڪوڙ جو اهو تاريخي معرڪو پيش آيو جنهن ۾ هڪ طرف هٿين  خالي حسيني قافلو ته ٻئي طرف هٿيارن ۽ طاقت سان ليس يزيدي لشڪر پر پوء به حسينيت سر ڏيئي سرخرو ٿي ۽ يزيديت پنهنجي سموري ساز سامان هئڻ باوجود قيامت تائين منهن مٿو پٽيندي رهجي ويئي.شهادت جي اها سختي جيڪا امامن کي درپيش آئي سا هرڪنهنجي سمجھه ۽ شعور جي ڳالهه ناهي.رڳو رند ئي اهو راز پروڙي سگھن ٿا.
سَخِتي شَھادَتَ جِي، مِڙوئِي مَلا رُ؛
ذَرو ناهِ يَزِيدکي، اِي عِشَقَ جَوآثارُ؛
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصُلُ اِمامَنِ سين.

سَخِتِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ؛
رِندَ پَرُوڙِينِ رازُ، قَضِيي ڪَربَلا جو.
عليءرضه جا شير جنهن شان سان مديني مان هن دردناڪ سفر تي روانا ٿيا سو شان سدائين سلامت رهندو.
چَنڊَ وِھاڻِئَ چَڙِهيا، مَلَّھ مَدِينِئان مِيرَ؛
اُنِ سين طَبَلَ، بازَ، تَبَرُون، ڪُندَ، ڪَٽارا، ڪِيرَ؛
عَلئَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.
ها ڪربلا، هي ئي اهو ميدان آهي جتي امامن سان ظلم ۽ ستم جي انتها ٿيڻي هئي،پر سچ اهو آهي ته هي ئي اهو ميدان آهي جتي خاندان نبوت جي شجاعت،سخاوت،صبر،تحمل،دليري ۽ سرويچيء جا دلڪش منظر آسمان کي ڏسڻا هئا.
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون؛
جهيڙو يَزِيدَ سامُهون، جُنبِي جوڙِيائُون؛
مُنهُن نه موڙِيائُون، پَسِي تاءُ تَرارِ جو.

ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگُ جُوان؛
ڌَرتِي ڌُٻِي، لَرزِي، ٿَرٿِليا آسمانَ؛
ڪَرَهِ ھُئِي ڪَان، ھو نَظارو نِينھَن جو.
هيء ڪهڙي ماجرا آهي جو جڳ جي ڪارڻي سرڪار ڪائنات صه جي اکڙين جا تارا،فاطمه رضه جي نيڻن جا ٺار ۽ عليء رضه جي جگر جا ٽڪرا ان عجيب بيوسي ۽ بيحسيء وارين حالتن جو نشانو بڻيا.سهڻو لطيف انهيء راز سان هنن لفظن ۾ پردو هٽائي ٿو ته
دوسِتَ ڪُهائي دادُلا، مُحِبَ مارائي؛
خاصَن خَلِيلَنِ کي، سَخِتـيُون سَھائي؛
اَللهُ اَلصَّمَدُ بي نيازُ، سا ڪَري، جا چاھي؛
اِنَھِين مَنجِھ آھي، ڪا اُونھي ڳالھِ اِسرارَ جي.
اهي اونها اسرار دنيا جا طالب نه سمجھي سگھندا.انهن جو مثال ته ان ڳجھه جيان آهي جيڪا هر وقت ڍونڍ جي تلاش ۽ طلب ۾ در در جا ڌڪا کائيندي رهي ٿي، ڳجهه کي ڪهڙي خبر ته عقابي اڏام ڇا ٿيندي آهي؟شهبازن جو شان ڇا ٿيندو آهي؟جھونجھهارڪو جهان ڇا ٿيندو آهي؟سرفروشيء جو سرور ڇا ٿيندو آهي؟اهي جيڪي عشق جي اوچي منزل ماڻي ويٺا اهي محبوب جي محبت ۾ مرڻ لاء هر وقت کڙيون اڀيون ڪري اڳتي اچڻ لاء آتا رهن ٿا.
آيا، اُجارِين؛ تَنڪـ، تَرارِيُون تِـئُرا؛
سانگِــيُون سـائُن ھَٿَ ۾، ڪُلَھِنئُون نه لاھِينِ؛
اُڀا ئِي آھِينِ، مُھائِي مَرَڻَ تي.
رڪ جي راند ۾ مانجھين جو مرڪ ئي اهو آهي ته اهي موت سان اکيون اکين ۾ وجھي مرڪندي پنهنجو سر صدقي ڪري ڇڏين ٿا.
ھڻَڻَ، ھَڪـِلَڻُ، ٻيلِي سارَڻُ؛ مانجِھيان اِيُ مَرَ ڪـُ؛
وِجَھنِ تان نه فَرَقُ، رُڪَ وَھندِيءَ راندِ ۾.

گھوٽن ۽ گھوڙن جو پنهنجو جهان آهي.اهي ڪڏهن قيدن ۾ واڙيل ته ڪڏهن رڻ جي راهن تي نظر اچن ٿا.اهي دنيا جي پويان پنهنجو ايمان نٿا وڪڻن.ڪنهن طالم سامهون پنهنجي سسي نٿا نمائين،ڪنهن جابر سامهون حق جو ڪلمو چوڻ کان نٿا ڪنبن.خسيس دنيائي شين کي ته اهي پنهنجي جتيء جي نوڪ تي رکي ٺوڪر هڻن ٿا.

گھوڙَنِ ۽ گھوٽَنِ، جِئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا؛
ڪَڏَھِن مَنجِھ ڪـوٽَنِ، ڪَڏَھِن واھي رِڻَ جا.

الست جي جنهن جهان ۾ اها ريت هلي ٿي ته
'ڀَڳو' آئوُن نه چَوان؛ 'مارِيو'، ته وِسَھان؛
ڪانڌَ مُنھَن ۾ ڌَڪَڙا، سيڪِيندي سُونھان؛
ته پڻ لَڄَ مَران، جي ھُوَنِسِ پُٺِ ۾.
پر يزيديت جا وارثو! هڪڙي ڳالهه ياد رکو ته حسينيت سان ڦٽائي اوهان لاء ٻنهي جهانن ۾ امن ناهي،بچاء جي ڪا صورت ناهي،اوهين وڏي نقصان جو سودو ڪري ويٺا.

جھيڙو لاهِ، يَزِيدَ! عَلِيءَ جي اولادَ سـيـن؛
سا نه پَسَـنـدين عِـيـدَ، جا ھُوندِي مِيرَ حُـسـيـنَ سـيـن..

پر اها ڪهڙي بهادري آهي جو معصومن کي پاڻيء ڍڪ نٿو ڏنو وڃي،اها ڪهڙي پهلواني آهي جو هٿين خالي ٻارڙن ۽ ضائفائن تي تراڙون سڌيون ڪيون ٿيون وڃن.ها اها ئي ڪربلا آهي،اتي ايئن ئي ٿيندو آهي.
ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نه پِيارِينِ؛
اُتي عَليءَ شاهَ کي، شَهزادا سارِينِ؛
نِڪِريو، نِهارِينِ؛ چَڙهُ، مِيرَ مُحمَّدَ عَرَبِي!
پر سورهين کي سوڀون تڏهن ئي نصيب ٿين ٿيون جڏهن اهي دل جا سڀ وهم وساري ايمان جي طاقت جو ديپ جلائين ٿا،انهن کي موت سامهون ڍالون ڍارڻ جي ڪا ڳڻتي نٿي رهي جو موت ته محبوب جي مشاهدي جو نالو آهي.
سُورِهَ! مَرِين سوڀَ کي، ته دِلِ جا وَھمَ وِسارِ؛
ھَـڻُ ڀـالا، وِڙِهُ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ؛
مَٿان تيغَ تَرارِ، مارِ ته مَتارو ٿِـئين.
پوء آسمان اهو عجيب منظر به ڏسي ٿو جو

ڏاڙھِي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ ته ڏاڙھُونءَ گُلَ جِئَن؛
چوڏِھِينءَ ماهَ چَنڊَ جِئَن، پِڙَ ۾ پا ڳَڙِياس؛
ميڙي ۾ مُحَمَّدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ؛
تَنھِن سُورِهَ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرِزا ٿِئي.
۽
ڪَڪِرا ڪَربَلا جا، مادرِ ٿي ميڙِياسِ؛
ڦَٽَنِ تان رَتَ ڦُڙا، عَلِيءَ ٿي اُگِھياسِ؛
مِڙَئِي معافُ ڪَياسِ، خالقَ بَدِلي خُونَ جي.
انهيء سموري قضيي ۽ قصي جو اسرار ڪو سمجھي سگھي يا نه پر حقيقت اها آهي ته

جَنَّتَ سَندِيَنِ جُوءِ، فائِقَ ھَليا فِردَوسَ ڏي؛
فانِي ٿِيا 'ف
ى
اَللهَ' ۾، ھُوءِ سين ٿِيا ھُوءِ؛
رَبَّ! ڏيکارِئين رُوءِ، اُنِين جي اِحَسانَ سين!
باقي غم حسين ته ايمان جو حصو آهي،محبت جي تقاضا آهي،الفت جو اصول آهي،اهو غم ڪائناتي آهي،ڪائنات جو ذرو ذرو غم حسين سان آشنا آهي
حسَنَ، مِيرَ حُسينَ کي، رُنو ٽِنِ ٽولَنِ؛
گَھرِ ماڙُھين، جَھنگِ مِرُوئين، اُڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ؛
پَکِيُنِ پاڻُ پَڇاڙِيو، ته لَڏِيو ھوتَ وَ‏ڃَنِ؛
اَلا! شَهزادَنِ، سوڀُون ڏِئين، سَچا ڌَڻِي!



Thursday, September 20, 2018

معذوري مجبوري بڻجي نٿي سگھي!




شفيق الرحمان شاڪر
معذوري جا مختلف قسم ۽ ڪيفيتون ٿين ٿيون.ڪجهه ظاهري ته ڪي لڪيل ۽ اڻ واضح.معذوري پئدائشي به ٿي سگھي ٿي ته حادثاتي پڻ.ڪي معذوريون وقت سان گڏوگڏ ڪنهن ذهني يا جسماني عارضي سبب وجود ۾ اچن ٿيون.اهڙن سمورن ماڻهن لاء خاص ماڻهو يا اسپيشل پرسنس جو لفظ استعمال ڪيو وڃي ٿو.سماج ۾ والدين ۽ سماجي ادارا اهڙن ماڻهن جي مناسب تعليم ۽ تربيت جو خيال رکن ٿا ته جيئن اهي بنان ڪنهن احساس ڪمتريء جي پنهنجن پيرن تي بيهي سگھن ۽ بين نارمل ماڻهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سماج جا بهترين فرد بڻجي سگھن ۽ عملي زندگيء ۾ ڪنهن جا محتاج نه ٿين.قدرت طرفان انهن کي ڪنهن جسماني ڪمزوري يا معذوريء جي بدلي ٻي ڪا غير معمولي صلاحيت عطا ٿيل هوندي آهي ان ڪري اهي سماج ۾ زندگيء جي شاهراهه تي وڏي حوصلي ۽ همت سان اڳتي وڌڻ جي ڀرپور توانائي ۽ طاقت رکن ٿا.انهيء بنياد تي چئي سگھجي ٿو ته جسم ته ڪنهن سبب معذور ٿي سگھي ٿو پر ڪنهن ماڻهوء ۾ موجود صلاحيتون ڪڏهن به معذور نٿيون ٿين.بدقسمتيء سان اسان جي ملڪ ۾ اهڙن ماڻهن کي خاص ماڻهو ته چيو وڃي ٿو پر انهن  سان ملڻ جلڻ ۽ سندن ويجھو وڃڻ جي روايت گھٽ آهي.ان طرح سان هو اسان جي پيار ۽ شفقت کان محروم رهجيو وڃن.توڙي جو اهي به اسان وانگر ئي انسان آهن پر گھڻا انهن کي حقارت ۽ گھٽ نظر سان ڏسڻ جا عادي آهن.پر ملڪ ۾ اهڙن ماڻهن جي به کوٽ ناهي جيڪي اهڙن خاص ماڻهن سان انيڪ محبت وارو رويو اختيار ڪندي کين اهو محسوس ٿيڻ نٿا ڏين ته اهي ڪنهن به طرح ٻين کان گھٽ آهن ۽ حقيقت به اها آهي ته انهن خاص ماڻهن دنيا ۾ اهڙا ته ڪارناما سرانجام ڏنا آهن جو عقل دنگ رهجيو وڃي.اسان جي نابينا ڪرڪيٽ جي رانديگرن جي ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ڪاميابي ان جو واضح مثال آهي.وقت ثابت ڪيو آهي ته ڪنهن به قسم جي معذوري نه ته ڪنهن شخص کي ڪامياب زندگي گذارڻ کان روڪي سگھي ٿي ۽ نه ان کي سندس جسماني ۽ ذهني صلاحيتن کي مڃائڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي سگھي ٿي.ڪجهه اهڙو ئي ڪارنامو فارس مغل ڪري ڏيکاريو آهي.هڪ عام رواجي ۽ عمدي زندگي گذاريندڙ فارس کي مسلز ڊس آرڊر سبب هلڻ ڦرڻ کان معذوري ٿي ويئي ته هو وهيل چيئر سان چنبڙي ڪري رهجي ويو.پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ ان قسم جو سانحو ڪنهن سان ٿي وڃي ته انسان گھڻو مايوس ٿي وڃي ٿو پر فارس مغل ايئن ٿيڻ نه ڏنو.هن معذوريء دوران گذاريل گھر واري زندگيء ۾ قلم پڪڙي ورتو.انهيء دوران هن نيون تخليقون ۽ تصنيفون وجود ۾ آنديون.ٻه شاعريء جا ڪتاب لکي ورتا.
پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جتي بيروزگاريء جي شرح تيزيء سان وڌي رهي آهي اتي اهي ماڻهو جيڪي ڪنهن معذوريء جو شڪار آهن انهن مان ڪجهه پنڻ واري لعنت طرف به هليا وڃن ٿا.پر اهڙن ماڻهن جي به کوٽ ناهي جيڪي حوصلو ۽ همت هارڻ بدران حالتن جو مقابلو ڪرڻ پسند ڪن ٿا. سيربرل پالسي نالي بيماريء جو شڪار “ويسلي”  جي بيماري  دوائن ۽ علاج باوجود ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي ويئي.حالت اها ٿي ويئي جو هاڻي هو جسم جي زياده حصن تي قابو نٿي رکي سگھيو.  وهيل چيئر تي هئڻ باوجود هن جي پيرن تي هن جو مڪمل اختيار هو.سو هن پنجن سالن تائين پنهنجن پيرن سان ٽائپنگ ڪري پنهنجي زندگيء جي باري ۾ ڪتاب لکي ورتو.سڄي زندگي اذيتن جو شڪار رهندڙ ويسلي خراب حالتن ۾ به همت نه هاري،جنهن کي سندس ماء اهي لفظ چئي چڪي هئي ته “مري وڃ ته اهو ئي بهتر آهي!” ٻئي طرف نامور پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب اختر کي به ڊاڪٽرن ته جواب ڏيئي ڇڏيو هو ته سندس پير ايترا مضبوط ناهن جو هو ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ لهي ڪا ڪاميابي حاصل ڪري سگھي پر شعيب اختر ان معذوريء کي پنهنجي ڪمزوري بنجڻ نه ڏنو.هن پنهنجي حوصلي ۽ اڻ ٿڪ جدوجهد سان ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ نه رڳو پنهنجي قابليت مڃرائي پر ڪنهن وقت ۾ هو دنيا جي تيز ترين بائولرن ۾ شامل رهيو.ڪاميابيء حاصل ڪرڻ لاء محنت،جذبي ۽ حوصلي جي ضرورت هوندي آهي.معذوري نه ته صلاحتين کي محدود ڪري سگھي ٿي ۽ نه ئي مفلوج.ڪنهن به قسم جون حالتون ۽ واقعا انسان جي صلاحتين کي مڃرائڻ کان روڪي نٿا سگھن بلڪه انسان خود پنهنجي سوچ کي محدود ڪري پنهنجي صلاحتين کي زنگ لڳائي ٿو.پاڪستاني فوج جا ڪيترائي اهڙا جوان جيڪي وطن جي دفاع ۾ پنهنجي جسم جي ڪنهن حصي کان محروم ٿيڻ باوجود پنهنجو پاڻ کي سرگرم زندگيء جي مصروفيتن ۾ لڳايو ويٺا آهن.اها سڀ حوصلي جي ڪرامت آهي.مصنوعي ٻانهون ۽ ٽنگون لڳل ڪيترائي ماڻهو پنهنجن خوابن جي تعبير حاصل ڪري رهيا آهن.دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا سائنسدان،رانديگر ۽ اديب آهن جن پنهنجن صلاحتين ۽ قابليتن جو ڏونڪو وڄايو.انهن زندگيء سڀ لاها چاڙها ڏٺا پر پوء به پنهنجون ڪوششون جاري رکيون.انهن مان اسٽيفن هاڪنگ جو نالو چوٽيء تي آهي جنهن جي وفات هن سال 2018ع ۾ ٿي آهي.پاڪستان ۾ هڪ سول جج سليم يوسف نابين آهي.سندس ڀيڻ صائما سليم اها واحد خاتون آهي جنهن نابينا هئڻ باوجود سول سروسز جو امتحان 2007ع ۾ پاس ڪيو.ماضيء ۾ مس هيلن ڪيلر جو مثال سڀني جي سامهون آهي جنهن گونگي ۽ ٻوڙي هئڻ باوجود پنهنجن ڪارنامن سان دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو هو.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پنهنجن صلاحتين مطابق پنهنجو پاڻ کي مڃرايو وڃي ۽ معذرويء جي روڳ کي پنهنجي سر تي سوار نه ڪيو وڃي.