Saturday, February 29, 2020
Friday, February 28, 2020
”نظريه ضرورت “ هيٺ جاري ٿيندڙ آرڊيننس.
شفيق الرحمان شاڪر
” نظريه ضرورت“ کي سڀ کان اڳ ٻن انگريز دانشورن بليڪ اسٽون
۽ هينري ڊي بريڪٽين متعارف ڪرايو هو.انهيء نظريي مطابق ڪنهن به ناجائز، غير قانوني
۽ غير آئيني عمل کي عوامي ضرورت مطابق قانوني
۽ جائز قرار ڏيئي سگھجي ٿو.جيتو ڻيڪ اهو نظريو ڪڏهن به انگلنڊ ۾ عمل هيٺ ناهي آيو
پر پاڪستان ۾ وقت جي حڪمرانن ۽ عدليا انهيء نظريي کي ڪيترائي ڀيرا ضرور عمل هيٺ
آندو آهي.ماڻهن کي اهو ٻڌايو ويو ته نظريه ضرورت جنهن کي پاڪستاني تاريخ ۾ پهريون
ڀيرو چيف جسٽس منير لاڳو ڪيو هو سو هاڻي هميشه لاء دفن ٿي چڪو آهي تنهن هوندي به
ايئن ٿو لڳي ته اسان جون سياسي جماعتون اڃا تائين پنهنجن مقصدن لاء ان نظريي کي
اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.ان جو هڪ واضح مثال آئين جي آرٽيڪل
89 جي استعمال جو آهي جنهن کي نهايت ئي غلط طريقي سان استعمال ڪيو وڃي ٿو.اسان جي
آئين جي آرٽيڪل 89 مطابق پاڪستان جي صدر کي آرڊيننس جاري ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو
آهي پر انهيء ۾ شرط به لاڳو ڪيا ويا آهن ته ”جيڪڏهن پارليامينٽ جو اجلاس جاري نه
هجي“ ۽ اهو به ته ” جيڪڏهن صدر پاڪستان مطئمن ٿئي ته اهڙيون حالتون موجود آهن جو
ڪنهن به معاملي تي نهايت ئي ترت ۽ تڪڙي ڪاروائيء ضروري آهي.“ اهو به ذهن م رکڻ
گھرجي ته بليڪ لا ڊڪشنري ۾ لفظ ”ضروري“ جي وصف هن ريت آهي ته؛ ”اهڙي شيء جيڪا هر
حال ۾ ٿيڻ جهڙي هجي ۽ جنهن کي ٽاري نه سگھجي.“ هاڻي سوچڻ جو سوال اهو آهي ته ڪابه
حڪومت آرڊيننس جاري ڪرڻ وقت انهيء نڪتي کي ذهن ۾ رکي آرڊيننس ٿي جاري ڪري يا هائوس
۾ قانونسازيء کان بچڻ لاء عوامي نمائندن جي راء کي نظر انداز ڪري آرڊيننسز جو
سهارو ٿي وٺي؟تنهن هوندي به ان ڳالهه کان انڪار ڪري نٿو سگھجي ته اقتدار ۾ موجود
حڪومت انهن لازمي معيارن طرف ڌيان ڏيڻ بدران پنهنجي مرضيء جي قانونسازي ڪرڻ گھرندي
آهي جنهن سان آئيني قانونسازن جو مينڊيٽ کسيو ويندو آهي.بدقسمتيء سان اڳوڻيون حڪومتون
جن جا ميمبر هاڻي اپوزيشن ۾ ويهي هاڻوڪي حڪومت جي اهڙي ڪرت تي ڇتي تنقيد ڪندي نظر
اچن ٿا اهي پاڻ به ان الزام کان بري ناهن جو اهي به حڪومت ۾ هئڻ وقت ساڳيون حرڪتون
ڪندا رهيا آهن.انهيء مان رڳو هڪڙي ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته يا ته اسان جي انهن سياسي
جماعتن کي جمهوريت جي باري ۾ گھڻي خبر ناهي يا وري مختلف آمرن تي تنقيد ڪرڻ باوجود
انهن جو پنهن ذهن ۽ رويو به آمراڻو آهي.آرٽيڪل 70 ۾ قانونسازيء جو هڪ جامع طريقو
ٻڌايو ويو آهي جيڪو بلڪل ان نظريي مطابق آهي جنهنجو مقصد جھمهوريت جي حقيقي روح جو
تحفظ ڪرڻ آهي.انهيء ۾ هيٺئين توڙي مٿئين
،ٻنهي قانون ساز ادارن جي اهميت واضح ٿيل آهي.ڇو ته جيڪو به قانون جڙندو اهو ملڪ
جي شهرين تي لاڳو ٿيڻو آهي سو عوام جي راء سواء انهن متعلق قانونسازي ڪيئن ٿي ڪري
سگھجي ۽ عوام جي حقيقي راء جو اظهار رڳو
سندن چونڊيل نمائندن ذريعي ئي ٿي سگھي ٿو.جڏهن اوهان هائوس اندر قانونسازيء بدران
آرڊيننس جو شارٽ ڪٽ اختيار ڪيو ٿا ته ملڪ جي سڄي عوام کي سندن راء جي اظهار جي
بنيادي حق کان محروم ڪيو ٿا.اهو آرٽيڪل مخالف ڌر جي ڪردار کي واضح ڪري ٿو ۽
قانونسازيء جي عمل ۾ مختلف اسٽيڪ هولڊرن جي شرڪت کي يقيني بنائي سندن مفادن جي تحفظ جي ڳالهه ڪري ٿو.قانونسازيء
جي رڳو ان طريقي موجب ئي انهن خامين کي گڏيل دانش جي روشنيء ۾ درست ڪري سگھجي ٿو
جيڪي ڪجهه فردن جي ذهن ۾ نه اچي سگھنديون هجن.پر بدقسمتيء سان اسان جي سياسي
اشرافيا انهيء ڊگھي جاچ پڙتال واري عمل مان گذرڻ لاء تيار نٿي ٿئي تنهن ڪري آرٽيڪل
70 جو بي ڌڙڪ استعمال ٿيڻ لڳي ٿو جيڪو نظريه ضرورت کي بحال ڪرڻ جو ئي هڪ طريقو
آهي.
اسان جو وزير اعظم جيڪو وڏي فخر سان پنهنجي ٻاويهه سالا
سياسي جاکوڙ جا حوالا ڏيندو آهي اهو به هاڻي پنهنجو پاڻ کي هڪ ”سپريم ليڊر“ سمجھي
رهيو آهي جيڪو پنهنجي پارليامينٽ جي خالي پيل ڪرسيء تي اچي ويهڻ لاء تيار ناهي ۽
پنهنجي حڪومت کي اسيمبليء ۾ بل پيش ڪرڻ
بدران ڌڙاڌڙ آرڊيننس جاري ڪرائڻ تي سندرو ٻڌي بيٺل آهي.وڌيڪ اهو ته صدر پاڪستان جيڪو
وفاقي ايڪي جي علامت ۽ سياسي مامرن کان اڻ ڌريو رهڻ وارو عظيم عهدو آهي اهو پڻ
پنهنجو پاڻ کي تحريڪ انصاف جي آرڊيننس فيڪٽريء جو سربراهه سڏائڻ ۾ شايد فخر سمجھي
ٿو.اهو ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته آئين جو آرٽيڪل 75 صدر کي پنهنجو ذهن استعمال ڪرڻ جي
هدايت ڪري ٿو ۽ کيس اهو حق به ڏئي ٿو ته جيڪر هو مناسب سمجھي ته ڪنهن به بل کي
ٻيهر نظرثانيء لاء واپس پارليامينٽ ڏانهن اماڻي سگھي ٿو،اهو ئي اختيار آرڊيننس تي
به لاڳو ٿئي ٿو.پر افسوس جڏهن کان هيء حڪومت اقتدار ۾ آئي آهي اسان صدر کي ڪڏهن به
اهم معاملن تي پنهنجو ذهن استعمال ڪندي ناهي ڏٺو بلڪه اڃا تائين صدر صاحب به تحريڪ
انصاف جي ڪنهن ڪارڪن وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي.آرمي چيف جي مقرري وارو معاملو
هجي،اعليٰ عدالتن جي ججن خلاف ريفرنس هجن ۽ درزن کن آرڊيننس هجن انهن تي هو رڳو
صحيحون ئي ڪندو رهيو آهي.
سر ونسٽن چرچل هڪ ڀيري چيو هو ته ” جمهوريت ڪو بهترين نظام
ناهي پر مون کي خبر ناهي ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو نظام بهتر آهي؟“ سو ها، پڪ سان
جمهوريت ۾ ڪيئي خاميون آهن،ڪڏهن ڪڏهن اها اسان کي اهڙن ليڊرن جي حوالي به ڪري ڇڏي
ٿي جيڪي بنان ڦيٿن جي جهازن جيان ٿين ٿا پر ان جي باوجود هن وقت تائين لڌل نظامن مان
جمهوريت ئي آهي جيڪا انصاف ۽ شفافيت کي گھڻو يقيني بنائي سگھي ٿي ۽ اهو چوڻ جي ڪا
ضرورت ناهي ته جمهوريت رڳو تڏهن صحيح ڪم ڪري سگھي ٿي جڏهن هڪ ٻئي جي راء جو نه رڳو
اختلاف برداشت ڪيو وڃي پر ان کي مان به ڏنو وڃي.مخالف ڌر ئي حڪومت ۽ انتظاميا کي
عوام سامهون جواب ڏيندڙ ۽ ذميدار بنائي سگھي ٿي ۽ جڏهن حڪومت کي ملڪي ۽ عوامي
مفادن ۾ ڪجهه سخت فيصلا ڪرڻ جي گھرج پيش اچي ته اها اپوزيشن ئي هوندي آهي جيڪا
اهڙي قانونسازيء ۾ حڪومت جي مدد به ڪندي آهي.
پر بدقسمتيء سان هر حڪومت نه رڳو اپوزيشن کي ڌمڪائڻ ۽
هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر انهن پارليامينٽ جي ڪردار کي به غير فعال بنائڻ جو ڏوهه
ڪيو آهي.آئين جي آرٽيڪل 90 ۾ جيئن قانون تي عمل درآمد ڪرائڻ جي ذميداري حڪومتن کي
ڏني ويئي آهي پر آرڊيننسز ذريعي نظريه ضرورت هيٺ زوريء قانون جوڙي ماڻهن تي ٿاڦڻ
جي ذميداري به شايد انهن پنهنجي مٿي تي کڻي رکي آهي. انهيء حقيقت کان ته انڪار ڪري
نٿو سگھجي ته هاڻوڪي حڪومت عددي لحاظ کان جنهن پوزيشن ۾ آهي ان مطابق اها
پارليامينٽ ۾ آساني سان ڪا قانونسازي ڪرائي نٿي سگھي ۽ ظاهر آهي ته کيس ان صورت ۾
سخت مخالفت کي منهن ڏيڻو پوندو پر ڇا به هجي رڳو ان دليل کي آرڊيننس جي ڀرمار جو
جواز بڻائي پنهنجو بچاء ڪري نٿو سگھجي.ليڊر آف دي هائوس جي طور تي اها بنيادي
ذميداري وزير اعظم تي ئي اچي ٿي ته هو پارليامينٽ جو ماحول سازگار بنائڻ ۽ پنهنجن
سياسي مخالفن سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاء نيڪ نيتيء سان قدم کڻي جنهن کان
سواء نه ته پارليامينٽ پنهنجو صحيح ڪم ڪري سگھي ٿي ۽ نه ئي ڪا مناسب قانونسازي ٿي
سگھي ٿي.پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته جتي پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر جو ڪردار ڪو
ساراهه جوڳو ناهي اتي حڪومت جو رويو به نهايت غير ذميداراڻو بلڪه تضحيڪ آميز ۽
وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ڪندڙ رهيو آهي.تحريڪ انصاف پارليامينٽ جي اندر توڙي ٻاهر هيستائين
ته اهو ثابت ڪيو آهي ته اهي پنهنجي سموري ايجنڊا پارليامينٽ کي نظرانداز ڪري پوري
ڪرڻ گھرن ٿا جنهن مان سندن آمراڻي ذهنيت ۽ غير جمهوري سوچ جو چڱيء طرح اندازو ٿي
وڃي ٿو.جڏهن اوير ۽ سوير نيٺ حڪومت کي اهي آرڊيننس قانون جو مستقل حصو بنائڻ لاء
انهيء پارليامينٽ ۾ واپس آڻڻا پوندا ته پوء سمجهه ۾ نٿو اچي ته پهرئين ڏينهن کان
ئي انهن معاملن کي پارليامينٽ کان ئي شروع ڇو نٿو ڪيو وڃي؟
ماضيء جو آئينو؛ تاريخ ۽ عوامي ياداشت.
هر
قوم جي تاريخ ۾ ڪجهه واقعا گھڻو اهم ۽ معنيٰ خيز هوندا آهن.ڪجهه واقعا اهڙا هوندا
آهن جن کي وقت جي للڪارن کي منهن ڏيڻ لاء ياد رکيو ويندو اهي ۽ انهن مان اتساهه
حاصل ڪيو ويندو آهي.ڪڏهن ڪڏهن اهي واقعا ماضيء جون وسريل يادون بڻجي رهجي وڃن ٿا.
پال
ڪوهن پنهنجي ڪتاب ” تاريخ ۽ عوامي ياداشت“ ۾ ڪجهه اهڙن تاريخي واقعن ۽ شخصيتن جو
ذڪر ڪيو آهي جن قومي جدوجهد ۽ دشمن خلاف مزاحمت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.ه سڀ کان
پهرين جنگ ڪوسوو جو ذڪر ڪري ٿو جيڪا 1948ع ۾ ترڪن ۽ سربن جي وچ ۾ وڙهي ويئي.اها
جنگ سربيا جي تاريخ جي يادگار واقعي جي حيثيت رکي ٿي ڇو ته ان جنگ ۾ حصو وٺڻ وارن
پنهنجي قومي وقار لاء جانيون قربان ڪيون هيون.ڇيو وڃي ٿو ته جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ
سربيا جي اڳواڻ پنهنجي فوج کي خطاب ڪندي چيو هو ته انهن وٽ ٻه ئي رستا آهن ته
جانيون قربان ڪري جنت ۾ وڃن يا اتي ئي رهي ترڪن جي ذلت ۽ غلامي برداشت ڪن.انهيء
خونريز جنگ ۾ سلطان مراد جي ترڪ فوج سرب فوج جو بريء طرح قتل عام ڪيو ۽ انهن کي
سڪست ڏني.توڙي جو سرب اها جنگ هارائي ويا تنهن هوندي به انهن پنهنجي هار کي وسارڻ
بدران ياد رکيو ۽ جنگ ۾ مري ويلن کي قومي هيرو قرار ڏنو.پنج سو سالن کان مٿي عرصو
گذرڻ با وجود سرب اڃا تائين ڪوسوو جي جنگ کي وساري ناهن سگھيا ۽ فخريه واقعي جي
طور تي ان جي ياد ملهائين ٿا. 1989ع ۾ جڏهن روس ۾ ڪيميونسٽ حڪومت درهم برهم ٿي ته
يوگو سلاويا حصا پتيون ٿي ويو ۽ نتيجي ۾ سربيا هڪ آزاد ملڪ بڻجي ويو ۽ اتي قوم
پرستيء تي ٻڌل جذبن کي هوا ملڻ لڳي.هنن هڪ دفعو وري جنگ ڪوسوو جي ياد ملهائڻ شروع
ڪري ڏني ۽ انهيء حوالي سان تقريب جو هنڌ به اهو چونڊيو جتي اها جنگ وڙهي ويئي
هئي.انهيء دوران اڳوڻي يوگو سلاويا جي علائقن البانيا، ڪروشيا ۽ بوسينيا سميت مختلف
قومن جي رهاڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي ويئي.سربيا جي احتجاج باوجود ڪوسوو هڪ آزاد
ملڪ بڻجي ويو تنهن هوندي به جنگ ڪوسوو اڄ به سربن جي تاريخ جو هڪ يادگار واقعو
سمجھي وڃي ٿي.
مساڊا
جو گھيرو به اهڙو ئي اهم تاريخي واقعو آهي.70 عيسوي ۾ اتي اسرائيلي قوم آباد هئي.
رومين ان شهر کي برباد ڪري ڇڏيو ۽ يهودين جي عبادت گاهه به تباهه ڪري ڇڏي.اهڙي
حالت ۾ يهودين جي هڪڙي جوشيلي ۽ انتها پسند مذهبي ٽولي مساڊا جي قلعي ۾ پناهه حاصل
ڪري ورتي.جڏهن رومين قلعي تي حملو ڪيو ته انهن يهودين قلعي کي باهه لڳائي اجتماعي
خودڪشي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.رومين هٿان قتل ٿيڻ يا غلامي جي ذلت کان بچڻ جو اهو
ئي اڪيلو رستو هو.جڏهن رومي فوج قلعي ۾ داخل ٿي ته کين محصور يهودين جي لاشن سواء
ڪجهه به نه مليو.اجتماعي خودڪشيء جي ان واقعي جا تفصيل ٻن عورتن ۽ پنجن ٻارن رومين
کي ٻڌايا جيڪي قلعي جي ڪنهن هنڌ لڪي پنهنجي جان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا.فلسطين تي
قبضي بعد اسرائيلين مساڊا جي قلعي کي عبادت گاهه ۾ بدلائي ڇڏيو.هاڻي اسرائيلي فوج
۾ ڀرتي ٿيندڙ نوجوان اتي اچي اهو حلف کڻندا آهن ته اهي آئيندي ايئن ٿيڻ نه
ڏيندا.اسڪولي ٻارن کي مساڊا جو دورو ڪرايو ويندو آهي جتي کين ماضيء جي انهن ماڻهن
جي بهادري ۽ حوصلي جا داستان ٻڌايا ويندا آهن جن جان ڏيئي ڇڏي پر پنهنجو پاڻ کي
دشمن جي حوالي نه ڪيو هو.تنهن هوندي به جڏهن اسرائيل ۾ يهودين جي حڪومت سياسي لحاظ
کان مستحلم ٿي ويئي ته انهن مساڊا جي علامتي اهميت تبديل ڪري ڇڏي ڇو ته سندن خيال
۾ ان سان يهودين جي بهادري بدران شڪست ۽ ناڪاميء جو اظهار ٿيو ٿي.نئون نياپو اهو
هو ته يهودين کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ بدران پنهنجي بقا لاء مزاحمت ڪرڻ گھرجي. مساڊا کي
اڄ به قومي يادگار جي حيثيت حاصل آهي پر فوج ۽ اسڪولن جا ٻار هاڻي هتي ماضيء ۾
خودڪشي ڪندڙ يهودين جي روايت تي عمل واري عهد جا پابند ناهن.ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته
قومي ضرورتن مطابق تاريخ جون تاويلون به بدلجي وڃن ٿيون.انهيء ئي حوالي سان ”جون
آف آرڪ“ جو واقعو به قابل ذڪر آهي.جون سترهن سالا هاري نينگري هئي.سندس دعويٰ هئي
ته کيد آرڪ اينجل مشيل،سينٽ مارگريٽ ۽ سينٽ ڪيٿرائين پاران ”ڪشف“ مليو آهي.اهو
انگلنڊ ۽ فرانس وچ ۾ 1337 کان 1453ع تائين جنگ جو آخري زمانو هو.جون جو چوڻ هو ته
انهن مقدس روحن کيس فرانس جي بادشاهه چارلس ڇهين جي مدد ڪرڻ ۽ پنهنجي ملڪ کي
انگلنڊ جي بالادستيء کان نجات ڏيارڻ جي هدايت ڪئي آهي.جڏهن اها فرانس جي بادشاهه
جي درٻار ۾ پهتي ۽ کيس ٻڌايو ته هوء پنهنجي وطن کي غير ملڪي فوجن کان ڇوٽڪارو
ڏياريندي ته ڪنهن به سندس ڳالهه تي يقين نه ڪيو تنهن هوندي به گھڻي ضد بعد چارلس
کيس امدادي مشن سان گڏ اورلينز جي گھيراء طرف موڪليو.فرانسيسين اهو گھيراء رڳو نون
ڏينهن ۾ ٽوڙي ورتو.فرانس کي ترت ئي هڪ ٻئي پويان اهڙيون ڪيئي فتحوم حاصل ٿينديون
وييون.1430ع ۾هڪ مهم دوران برطانوي ۽ برگنڊي فوج جي گڏيل دستن هن کي گرفتار ڪري
ورتو.گرفتاريء بعد کيس برطانوي فوج حوالي ڪيو ويو جتي برطانيا جي حامي پادري پيري
ڪائوچين کيس جادوگر،ڪافر ۽ ڪوڙي قرار ڏيئي مٿس ڪيس هلايو.جون تي ڪوڙين دعوائن
ذريعي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جا الزام لاڳو ڪيا ويا هئا.پادري ڪائوچين هن کي ڏوهاري
قرار ڏنو اهڙيء طرح 1431ع ۾ کيس جيئرو ساڙيو ويو.
18
صديء ۾ اها ڪهاڻي وري زنده ٿي ۽ جون آف آرڪ کي قومي هيروئن قرار ڏنو ويو.ٻي جنگ
عظيم ۾ جڏهن مارشل پيٽن قابض جرمن فوجن سان گڏجي فرانس ۾ حڪومت جوڙي ته ان وقت به
جڳن آف آرڪ کي قومي وقار ۽ مزاحمت جي علامت طورپيش ڪيو ويو.مارشل پيٽن جون کي قومي
هيروئن قرار ڏنو جنهن فرانس کي غير ملڪين کان بچايو هو.هن پنهنجي اقتدار کي جواز
مهيا ڪرڻ لاء جون جي مورتيڀ کان ڪم ورتو.سندس ياد ۾ گڏجاڻيون ڪوٺايون،پمفليٽ
ورهايا ۽ قومي تاريخ جي اعليٰ ترين شخصيت طور سندس تشهير ڪرائي.ٻئي پاسي 1970ع ۾
مزاحمتي تحريڪ جي اڳواڻ چارلس ڊيگال به جون آف ارڪ کي قومي علامت جي طور
ڄاڻايو.سندس دفتر ۾ جون ۽ نيپولين جو تصويرون لڳل هونديون هيون.ڊيگال جرمنن خلاف پنهنجي
مزاحمتي ڪردار جي بنياد تي پنهنجو پاڻ کي جون سان ڀيٽيندو رهيو.ضرورت وقت قومون
ماضيء مان اتساه حاصل ڪرڻ لاء تاريخ کي سياسي انداز ۾ به استعمال ڪن ٿيون.
ننڍي
کنڊ جي تاريخ ۾ ماضيء جا واقعن ۽ شخصيتن کي سياسي طور تي زنده ڪيو ويندو رهيو آهي
يا وساريو ويندو آهي.1025ع ۾ محمود غزنوي سومنات جو مندر ڊاهيو.اهو واقعو گھڻي حد
تائين وساري ڇڏيو ويو هو پر ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد ڪجهه هندن مندر جي تباهي جو
واقعو نئين نموني سان تازو ۽ زنده ڪيو ۽ سومناٿ کي مقدس يادگار طور ٻيهر تعمير
ڪيو.مشهورڀ تاريخدان روميلا ٿاپر پنهنجي ڪتاب ”سومنات“ ۾ لکي ٿي ته تاريخ جا گھڻا
آواز ان ڳالهه جو اظهار آهن ته ڪيئن نه هندو قوم پرستيء کي حرڪت ڏيڻ لاء هڪ وساريل
واقعي کي ٻيهر زندهه ڪري ڇڏيو ويو!
(روزاني عوامي آواز)Sunday, February 23, 2020
اروند ڪجريوال.بي جي پي ۽ دهليء جون چونڊون!
شفيق الرحمان شاڪر
11
فيبروريء تي دهلي ۾ ٿيندڙ عام چونڊن م ڪجروال جي عام آدمي پارٽي کي عوام جي حمايت
سان زبردست ڪاميابي حاصل ٿي آهي.ان پارٽي 70 مان 62 سيٽون حاصل ڪيون آهن جڏهن ته
ان جي مخالف پارٽي بي جي پي کي رڳو اٺ سيٽون ملي سگھيون آهن.عام آدمي پارٽي جي سوڀ
مان اهو نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو ته دهليء جي باشعور عوام نريندر موديء جي تعصب ڀريل
پاليسين کي رد ڪري ڇڏيو آهي. مودي هندوتا ذريعي ڀارتي عوام جو جذباتي استحصال ڪري
سندن ووٽ حاصل ڪرڻ گھريا ٿي پر کيس عبرتناڪ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو آهي توڙي جو
مودي پاڻ دهليء وڃي چونڊ مهم جو جائزو ورتو هو ۽ ساڻس گڏ سندس انتها پسندر گھرو
وزير اميتشا به هو پر جيئن ته پوري چونڊ مهم دوران سندن گھڻو زور مذهبي نفرت ۽
تعصب تي هو ان ڪري عوام سندن هڪ به نه ٻڌي ۽ بي جي پي کي هڪ زبردست شڪست کي منهن ڏيڻو
پئجي ويو آهي.دهلي جي انهن چونڊ نتيجن جو اثر پڪ سان پوري ملڪ جي سياست تي به
پوندو ان ڪري جو عام آدمي پارٽي دين ڌرم بدران ماني ۽ روزگار واري ايجنڊا سان اڳتي
آئي آهي.ان پارٽيء کي ايڏي ڪاميابي ان ڪري به ملي آهي جو ان جي حڪومت بجلي،پيئڻ جي
صاف پاڻي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي اگھن ۾ مناسب گھٽتائي آڻي ماڻهن جون دليون کٽي
ورتيون هيون.نريندر مودي اڃا تائين ڀارت جي معيشت کي بهتر بنائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي
۽ عوام جي معاشي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاء لاڳيتو پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهيو
آهي.بي جي پي جي شڪست جو هڪ ٻيو سبب ڀارت جو تڪراري شهريت بل آهي جنهن سبب نه رڳو
22 ڪروڙ ڀارتي مسلمان پر ٻيا ڀارتي پڻ گھڻو ڳڻتيء ۾ ورتل آهن.دهليء ۾ عام آدمي
پارٽي کي کٽرائڻ ۾ ان فيڪٽر به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
”بدلبي
دهلي،بدلبي ڀارت“ اهو ڪانگريس جو نعرو هو پر هاڻي ان کي اروند ڪجريوال سچ ڪري
ڏيکاريو آهي.پر سوال اهو آهي ته ڇا دهلي واقعي بدلبي؟ڇا دهليء جي اها تبديلي پوري
ڀارت لاء تبديليء جو ڪو سنيهو ثابت ٿيندي؟ڇا ان بعد پورو ديس ان رستي تي نڪري
پوندو؟ڇا اتان جي سياسي اشرافيا ۽ بيوروڪريسي ان تبديليء کي قبول ڪندي؟ڇا سچ پچ
دهلي ۽ پوري ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي جي شروعات ٿي چڪي آهي؟ڇا اهو وقت پهچي چڪو آهي
جو هاڻي وزير مشير،بيروڪريٽ قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندا ويندا ۽ ڪئين سفيد پوش ڏوهاري
جيلن جي سيخن پويان هوندا؟ڇا هڪ نئين ڄاول پارٽي دهلي تي چانئجڻ بعد پوري ملڪ ۾
تبديليء جو سج اڀارڻ واري آهي؟يا اهي سڀ خواب اڌورا رهجي ويندا؟وزير اعليٰ ڪجريوال
جو چوڻ آهي ته هن کي نه پر جنتا کي وزارت اعليٰ ملي آهي ۽ سرڪار به هو اڪيلي نه پر
عوام سان گڏجي هلائيندو. هن جو چوڻ هو ته هو اڪيلو دهليء کي بدلائي نٿو سگھي بلڪه
ڏيڍ ڪروڙ دهليء وارن کي گڏجي دهليء کي بدلائڻو پوندو.اروند ڪجريوال جي گذريل حڪومت
جي ڪارڪردگيء جو ذڪر ڪجي ته هن ۽ سندس وزيرن حلف کڻڻ بعد گڏجاڻيون ڪيون هيون جن ۾
وزارتن جي ورهاست ڪئي ويئي ۽ ڪيترائي تاريخي فيصلا ٿيا هئا.انهن فيصلن مطابق هاڻي
دهليء ۾ ڪوبه وي آئي پي نه هوندو ۽ انهيء ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاء خود وزير اعليٰ ۽
سندس وزير شروعات ڪندا.ان فيصلي هيٺ وزير اعليٰ ۽ وزيرن جي گاڏين تان ڳاڙهيون
بتيون هٽايون وييون،سرڪاري دفترن ۾ عوام جي داخلا لاء هر رنڊڪ هٽائي ويئي ۽ وزيرن
کي ملندڙ اضافي سرڪاري رعايتون به ختم ڪيون وييون.انهن کان سرڪاري بنگلا به خالي
ڪرايا ويا.حڪومت پنهنجو سمورو ڌيان عوام جي بنيادي مسئلن جي حل ڪرڻ طرف لڳايو جنهن
جا نهايت ئي هاڪاري نتيجا سامهون آيا.اڳوڻين حڪومتن جي وزيرن ۽ عملدارن ۾ خوف
پکڙيل آهي ته انهن خلاف ڪا جاچ نه شروع ٿي وڃي.هوڏانهن بي جي پي اروند ڪجريوال جي
جادو کان گھڻو ڊنل نظر اچي ٿي.هن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڪهڙي لائين اختيار
ڪري.دهليء ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جا ڏورانهان اثر پوري ملڪي سياست تي پئجي
سگھن ٿا
جھارکنڊ
اسيمبلي اليڪشن ۾ بي جي پي جي شڪست اڃا ڪلهه جي ڳالهه آهي.هريانا ۾ انهيء ڏيئي وٺي
پنهنجي ڪجهه ساک بچائي هئي پر ڪجهه ڏينهن جي تماشي بلڪه هائي وولٽيج ڊرامي بعد
مهارا شٽر ۾ به شردپوار شيوسينا ۽ ڪانگريس سان گڏجي بي جي پي کي اقتدار کان پري
ڪري ڇڏيو.هاڻي ماڻهن جو اندازو پڪ ۾ بدلجي رهيو آهي ته دهلي اڃا پري آهي.8 فيبروري
تي وفاقي گاديء واري شهر دهليء اسيمبلي جون چونڊون ٿيون.چونڊن ۾ پوري ڪوشش باوجود
هندو مسلم فضا نه بڻجي سگھي بلڪه ڪجريوال جو ڪارڊ گھمي ڦري سامهون اچي ٿي ويو.هاڻي
جڏهن ته چونڊن جي هنگاما آرائي ختم ٿي چڪي آهي ته خبر پيئي آهي ته دهليء وارن
چونڊن ۾ ٻهاري ڏيئي ڇڏي آهي.ميڊيا دهليء کي گاديء وارو شهر هئڻ سبب هنن چونڊن جي
تمام گھڻي جاچ پڙتال ڪئي ۽ هاڻي انهن نتيجن جي تشريح ڪئي پيئي وڃي.ان جي نتيجي ۾
اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته مقامي اڳواڻن ۾ قومي رهنمائن واري بيان بازي نسبت کان
گھٽجي ڪري رهجي وڃي ٿي.انهيء کان سواء سوشل ميڊيا به انهن چونڊن ۾ اهم ڪردار ادا
ڪيو آهي جنهن ذريعي بيان بازين کي گهر گهر پهچائڻ ۾ آساني پيدا ٿي پيئي آهي.عام
آدمي پارٽيء پڻ اهو ئي ڪم ڪيو.انهن بي جي پي اڳواڻن کي برو ڀلو چوڻ کان پرهيز ڪئي
پر بي جي پي جي اعليٰ قيادت جي زهريلين تقريرن کي سوشل ميڊيا تي چڱيء طرح
پکيڙيو.گھرو وزير اميتشا پنهنجي ڄاتل سڃاتل پاليسيء هيٺ چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ خاص
اهميت ان ڳالهه کي ڏني ته قومي معاملن کي هڪ اهڙي لڙائيء لاء مجبور ڪيو وڃي جيڪا
مثالي طور تي مقامي مقامي معاملن تائين ئي محدود رهي.اميتشا شهريت بل خلاف شاهين
باغ ۾ جاري احتجاج کي خاص حڪمت عمليء جي طور تي ڌيان جو مرڪز بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ته
جيئن هندستاني سڃاڻپ تي ٻڌل سوالن کي جنم ڏيئي سگھجي.اميتشا شاهين باغ کي رڳو ان
ڪري نشانو بنايو جو ان ذريعي پاڻي،بجلي وغيره تي ملندڙ سبسڊي جو ذڪر نه اچي ۽
تعليم توڙي صحت جي شعبن ۾ ڪجريوال حڪومت جي ڪاميابين تان ماڻهن جو ڌيان هٽائي
سگھجي.بي جي پي لاء اهو سڀ ڪجهه ان ڪري به ضروري هو جو انهن وٽ چوڻ لاء ٻيو ڪجهه
به نه هو.سندن سامهون هڪ اهڙي جماعت هئي جيڪا رڳو ڪارڪردگيء جي بنياد تي ووٽ گھري
رهي هئي.هڪ اهڙي ڪارڪردگي جنهن جو دهليء وارن کي اعتراف هو.ان ڪري بي جي پي هندو
مسلم ڪارڊ کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان مهم جو به هن کي ڪو خاص فائدو نه ٿي سگھيو.بي جي
پي پوري طاقت سان دهليء جي چونڊن م لٿي،ان پنهنجو پاڻ کي هندن جو سڀ کان وڏو محافظ
ظاهر ڪيو.بي جي پي حڪومت جي سمورين رياستن جي وڏن وزيرن توڙي وفاقي حڪومت دهليء ۾
پنهنجو پورو زور لڳايو.يوگي ادتيا ناٿ ”برياني“ کي گندگيء جي طور تي استعمال ڪندي
اهو به چئي ڇڏيو ته ” ڪجريوال شاهين باغ ۾ مظاهرين کي برياني کارائي سگھي ٿو.“بي
جي پي پاران سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير وائرل ڪئي ويئي جنهن ۾ راهول گانڌيء کي عمران
خان سان گڏ چڪن برياني کائيندي ڏيکاريو ويو هو.يوگي ادتيا ناٿ کان سواء پرويش ورما
۽ انوراگ جي زهريلي بيانن ۽ نعرن جو به شايد دهليء جي ووٽرن تي اثر نه ٿي سگھيو ۽
ڪجريوال کي دهشتگرد چوڻ هڪ وڏو الزام هو پر ان جي جواب ۾ ڪجريوال جو نهايت ئي
شائستو رد عمل اهو هو ته ” اي دهليء جي جنتا! جيڪڏهن آئون واقعي دهشتگرد آهيان ته
مون کي ووٽ نه ڏيو پر جيڪر مون اوهان جي ڀلائي لاء ڪي ڪم ڪيا آهن ته پوء مون کي
ضرور ووٽ ڏيو.“اهو سڀ ڪجهه بي جي پي جي زهريلن نعرن ۽ جارحاڻي مهم تي ڳرو پئجي
ويو.ڪجريوال سڀني جي پهرين پسند ٿي نٿو سگھي پر سندس ڪم ۽ انهن چونڊن ۾ سندس زبان
دلين ۾ نفرت جي باهه ڀڙڪڻ نه ڏني،شايد سندس سوڀ جو هڪ وڏو راز اهو هجي!
(روزاني عوامي آواز 21 فيبروري 2029ع)
ماضيء جو آئينو ؛ اڃا تائين راز بڻيل نيويارڪ ڌماڪو!
شفيق الرحمان شاڪر
ڇا اوهان ان ڳالهه تي اعتبار ڪري سگھو ٿا ته
امريڪا جي شهر نيويارڪ جي هڪ علائقي ۾ دهشتگردن بمباري ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ 38
ماڻهو مري ويا ۽ 143 بريء طرح زخمي ٿيا هئا پر اها خبر نه پئجي سگھي ته ان جو
ذميدار ڪير آهي ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي.پڪ سان اها ڀروسو نه ڪرڻ جهڙي ڳالهه
آهي پر ايئن 1920ع ۾ ٿيو هو ۽ عجب جهڙي ڳالهه اها جو اڄ تائين آمريڪي ايجنسيون
ڪنهن حتمي نتيجي تي نه پهچي سگھيون آهن،رڳو هڪڙي گروپ تي شڪ ڪيو ويو ۽ بس.
16 سيپٽيمبر 1920ع تي نيويارڪ جي وال اسٽريٽ
۾ معمول موجب گھڻي اچ وڃ هئي جڏهن هڪ عجيب واقعو ٿيو.جيئن ئي چرچ جي گھڙيال 12 جي
گھنٽي وڄائي،100 پائونڊن جو ڊائناميٽ ان آفيس جي سامهون ڦاٽي پيو،ڏسڻ ۾ ايئن لڳو
ته ان ڊائناميٽ کي هڪ گھوڙا گاڏيء ۾ لڪايو ويو هو.اها گھوڙا گاڏي ان آفيس سامهون
بيٺل هئي.هڪ امريڪي عهديدار بعد ۾ ٻڌايو ته هن سندس زندگيء ۾ ايترو وڏو شور نه ٻڌو
هو.اهو شور اوهان کي بيهوش ڪري منهن ڀر ڪيرائڻ لاء کوڙ هو.ان ڏينهن وال اسٽريٽ
جنهن کي بينڪرز ۽ مالي ماهرن جو ڳڙهه سمجھيو ويندو هو ميدان جنگ ۾ بدلجي ويو.گھٽين
۾ ملبي جا ڍير لڳي ويا.جڳهه جڳهه تي رت ۽ ڪيترائي ٽڪرا ٿيل لاش وکريا پيا
هئا.ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽيهه ماڻهو موقعي تي ئي مري ويا جن ۾ عورتون به شامل
هيون.بعد ۾ وڌيڪ اٺ ماڻهو زخمن جا سور نه سهندي زندگيء جي بازي هارائي ويٺا.ان کان
سواء سوين ماڻهو سخت زخمي ٿيا.ان کان اڳ 1910ع ۾ لاس اينجلز ٽائيمز جي عمارت تي
بمباري ڪئي ويئي هئي پر وال اسٽريٽ دهشتگرديء جير نتيجي ۾ وڌيڪ ماڻهو مئا.جاچ
ادارن جي عملدارن ۽ ٻين حلقن ان يقين جو اظهار ڪيو ته اها اٽليء جي انتها پسندن جي
ڪاروائي آهي.ان گروپ گذريل سال به ڪيتريون وارداتون ڪيون هيون.انهن جي سوچ مطابق
حملي جو تعلق پهرين عظيم جنگ بعد پيدا ٿيندِڙ بي چيني،مزدورن جي جدوجهد ۽ آمريڪا ۾
سرمائيداريء خلاف شروع ٿيندڙ تحريڪ سان آهي.ڌماڪي کان هڪ منٽ پوء نيويارڪ اسٽاڪ
ايڪسچينج جي صدر وليم ايڇ ريمڪ واپاري ڏيتي ليتي معطل ڪري ڇڏي جنهن جو مقصد
افراتفريء کي روڪڻ هو.زخمين کي اسپتال پهچائڻ جو ڪم نهايت تيزيء سان ڪيو ويو.هڪ
سترهن سالا نوجوان جيمز سوئل پنهنجي ڪار ذريعي ٽيهن زخمين کي اسپتال پهچايو.پوليس
اهلڪار موقعي تي پهتا ۽ زخمين کي طبي امداد پهچائي.جاچ ڪندڙ اداري ”بي او آئي“
فوري طور تي اهو نتيجو نه ڪڍيو ته اهو بم ڌماڪو ڪنهن دهشتگرديء جو نتيجو آهي.جاچ
آفيسرن کي ان معاملي منجھائي رکيو هو ته ڪيترائي بيگناهه ماڻهو مري ويا هئا ۽ ڪنهن
به مخصوص نشاني جو پتو نه پئجي رهيو هو.گھوڙو ۽ گاڏي ٽڪرن جي صورت ۾ پيل
هئا.ڊرائيور جو ڪو به پتو نه پئجي رهيو هو.سڀني کي شڪ هو ته اهو فرار ٿي ويو
آهي.مرندڙن م گھڻو ڪري نوجوان هئا جن ۾ اسٽينو گرافرز،ڪلارڪ ۽ بروڪرز شامل
هئا.ڌماڪي سان ويهه لک ڊالرن جي ملڪيت تباهه ٿي ويئي ان کان سواء مورگن بلڊنگ جو
اندريون حصو به تباهه ٿيو.نيويارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج جي بورڊ آف گورنرز فيصلو ڪيو ته ايندڙ
ڏينهن تي ڪاروبار ٿيندو.حڪومتي عملي سڄي رات ڪم ڪيو ته جيئن ٻئي ڏينهن تي ڪاروباري
سرگرميون شروع ٿي سگھن پر ايئن ڪندي انهن اهي گواهيون ضايع ڪري ڇڏيون جن سان پوليس
کي ان معاملي جي تهه تائين پهچڻ ۾ مدد ملي ها.نيويارڪ جي اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ اٽارني اها
ڳالهه محسوس ڪئي ته وقت،جڳهه ۽ ڌماڪو ڪرڻ جو طريقو اهو ظاهر ڪري ٿو ته اهو ڪم
سرمائيداري نظام جي مخالفن جو آهي جن ۾ بالشيوڪ،انتها پسند،ڪيميونسٽ يا وري ويڙهاڪ
سوشلسٽ شامل آهن.جاچ ادارن جلد ئي انهن انقلابي گروهن کي پنهنجي ڌيان جو مرڪز
بنائي ورتو جيڪي امريڪي مالياتي ۽ حڪومتي ادارن جي مخالفت ۾ اڳيان اڳيان هئا.انهن
جي باري ۾ اهو به چيو ويندو هو ته اهي تشدد ڀريل ڪاروائين لاء بمن جو استعمال ڪن
ٿا.”واشنگٽن پوسٽ“ ان واقعي کي جنگي قدم قرار ڏنو.ان ڌماڪي بعد پوليس ۽ جاچ ادارن
غير ملڪي انقلابي گروپن جي سرگرمين کي روڪڻ لاء زبردست ڪوششون شروع ڪيون،ڏوهارين
کي پڪڙڻ لاء عوام جو دٻاء وڌي رهيو هو جنهن سبب امريڪي انصاف اداري جي جاچ بيورو
پنهنجي ڪم جو دائرو وڌائي ڇڏيو.نيويارڪ پوليس اداري به خاص خفيا پوليس لاء اهلڪار
ڀرتي ڪري ورتا جنهن جو مقصد نيويارڪ شهر ۾ انقلابي عنصرن کي ڪچلڻ هو پر جاچ بيورو
ان وقت ڪم روڪي ڇڏيو جڏهن ڌماڪي نو نشانو بڻجندڙ گھوڙا گاڏي جو ڊرائيور ثابت نه ٿي
سگھيو.جاچ آفيسرن ٽينس چيمپين ايڊون فشر کان به ان باري ۾ جاچ ڪئي.ايڊون فشر
پنهنجن دوستن کي خط لکيا هئا جن ۾ هن انهن کي خبردار ڪيو هو ته اهي 16 سيپٽيمبر
کان اڳ اها جڳهه ڇڏي وڃن.فشر پوليس کي ٻڌايو ته هن کي ”هوا جي ذريعي“ اهو اطلاع
مليو هو.پوليس کي اهو معلوم ٿيو ته ايڊون فشر کي اهڙا خط لکڻ جي پراڻي عادت
آهي.اهو به معلوم ٿيو ته فشر پاڳل خاني ۾ به رهي چڪو آهي.جاچ ادارن ٽن سالن تائين
اها جاچ ڪئي پر کين ڪا ڪاميابي ملي نه سگھي.اڄ تائين اهو معلوم نه ٿي سگھيو ته
انهن ڌماڪن پويان ڪير هو؟ دنيا جو طاقتور ترين ملڪ به ڏوهارين کي پڪڙڻ لاء ڪجهه به
نه ڪري سگھيو!
۔(روزاني ڪلياڻ 21 فيبروري 2020ع)
Saturday, February 22, 2020
غريب عوام کي اين آر او ڪڏهن ملندو؟
شفيق الرحمان شاڪر
ملڪ جي ڪجهه شهرن ۾ سرڪاري لنگرخانا کلي چڪا آهن ته پڪ سان
ٻاويهه ڪروڙ ماڻهن جا پيٽ ڀريل رهن ٿا،ڪجهه سرڪاري پناهه گھر به قائم ڪيا ويا آهن
جنهن سان ماڻهن سان اجھي وارو وعدو به پورو ٿي چڪو آهي.ڪجهه خاص شهرن ۾ صحت ڪارڊ
به ورهايا ويا آهن جنهن سان صحت جون سهولتون گھر گھر پهچي وييون آهن.ڪجهه ڪٽنبن کي
ڪڪڙيون ۽ ٻڪريون به مهيا ڪيون وييون آهن جنهن ڪري ملڪ مان غربت جو خاتمو اچي چڪو
آهي.يوٽيلٽي اسٽورن تي اعليٰ معيار جون شيون سستي اگھن تي دستياب آهن جنهن ڪري
مهنگائيء جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.اڃا هڪ انقلابي حڪومت عوام کي آخر ٻيو ڇا ڏئي؟
هن ملڪ ۾ هونئن ته هر چونڊون کٽڻ وارن لاء تاريخ جون شفاف
ترين چونڊون جڏهن ته هارائڻ وارن لاء بدترين ڌانڌلي زده چونڊون رهيون آهن پر 2018ع
واريون اڪيليون چونڊون آهن جن ۾ هارائڻ وارن سان گڏوگڏ کٽڻ وارن به ڌانڌليء جا
الزام هنيا.انهن چونڊن جي نتيجي ۾ پراڻي پاڪستان جي جاء تي نئون پاڪستان قائم ٿيو
بلڪه عمران خان جي چوڻ مطابق ملڪ رياست مدينا جي طرز جي رياست بڻبو. هاڻي جيڪر خان
صاحب پنهنجي ان ڳالهه کان ڦري ويو آهي ته سندس چوڻ مطابق يوٽرن عظيم ليڊر ئي وٺندا
آهن.تبديلي سرڪار کي اسان مٿان نازل ٿيندي يا ٿاڦجندي اٽڪل ڏيڍ سال ٿي چڪو آهي.ان
کان اڳ جڳاڙي اينڪر پرسن جيڪي پنهنجو پاڻ کي زوريء صحافي سڏائڻ جو شوق رکن ٿا انهن
قوم کي اهو ٻڌايو ته ڪهڙيء طرح اوهان جو پئسو لٽيو ويو،ڪهڙيء طرح ٻاهران ايندڙ
امداد جا ڏوڪڙ اڳوڻن حڪمرانن هضم ڪيا ۽ ڪهڙيء طرح انهن پوري قوم کي غير ملڪي قرضن
جي بار هيٺان دفن ڪيو انهيء ڪري هن وقت قوم کي ڪنهن مسيحا جي ضرورت آهي.جهڙيء طرح
امريڪين کي جارج واشنگٽن مليو،روسين کي لينن مليو ۽ چينين جي حصي ۾ مائوزي تنگ آيو
اهڙيء طرح پاڪستان ۾ جيڪر ڪو پاڪ،صاف،ايماندار،ديانتدار،ڏاهو ۽ مدبر ليڊر آهي ته
اهو اڪيلو عمران خان ئي آهي.ان اڳواڻ جو ميڊيا ۾ نقشو اهو پيش ڪيو ويو ته هو ٻن
مانين تي قناعت ڪرڻ وارو،سادو ڪرتو پهرڻ وارو،عام هوٽلن تي ماني کائڻ وارو ، فرش
تي سمهڻ وارو ۽ عوام جو حقيقي درد رکڻ وارو اڳواڻ آهي.اهو به ٻڌايو ويو ته قوم جي
مستقبل لاء پنهنجن ٻارن ٻچن کان پري رهڻ وارو ليڊر جيڪو ڪرڪيٽ ڪامينٽري ذريعي
ڪروڙين روپيا ڪمائي سگھيو ٿي پر اهو سڀ ڪجهه ڇڏي هو عوام جي حقن لاء جاکوڙ ڪري
رهيو آهي.ان ڪهاڻيء کي وڌيڪ خوبصورت بنائڻ لاء اهو به واضح ڪيو ويو ته 1992ع ۾ پاڪستان طرفان کٽيو ويندڙ ورلڊ ڪپ سندس ئي
ڪوششن ۽ ڪارڪردگيء جو نتيجو هو،مسڪين ماڻهن لاء قائم ڪيل ڪينسر اسپتال توڙي غريب
شاگردن لاء نمل يونيورسٽيء جو قيام به سندس ئي ڪارنامو آهي.نوجوان طبقو گھڻو متاثر
ٿيو ته ڪپتان ڏاڍو نيڪ ماڻهو آهي ۽ هاڻي ته عدالت سڳوريء به کيس صادق ۽ امين جي
لقب سان نوازيو آهي.خود ڪپتان جو پنهنجو چوڻ اهو هو ته مون کي ٻيو ڪجهه نه ته ٽيم
ٺاهڻ اچي ٿي،مون ٻاويهه سال لڳائي ٽيم جوڙي آهي ۽ جڏهن مٿي ڪپتان ٺيڪ هجي ته سندس
پوري ٽيم به درست ٿي ويندي آهي.هن جي دعويٰ اها به هئي ته هو ۽ سندس ٽيم ملڪ جي
سمورن بنيادي مسئلن کي سمجھن ٿا ۽ انهن جي حل لاء هنن وٽ عظيم نسخو به موجود
آهي،سمورن مرضن جي دوا آهي،سمورين پريشانين جو حل آهي پر اڌ کان مٿي ڪابينا اڳوڻي
آمر پرويز مشرف يا وري زرداري صاحب جي ڪابينائن مان کڻي آيو.سندس پنهنجي ٽيم مان
جنهن کي معاشيات جو ارسطو سمجھيو پئي ويو اهو معاشي مسئلا حل ڪرڻ بدران ڪجهه مهينن
اندر هليو ويو يا ڪڍيو ويو.جڏهن ملڪي معيشت جو منجھيل سٽ عمران خان جو ارسطو به
سلجھائي نه سگھيو ته هاڻوڪن عالمي ادارن جي ملازمن تي ڪهڙي ميار! ان کان پوء عوام
جو جيئن پوء تيئن حال هيڻو ٿيندو ويو پر ڪپتان جا پرجوش وزير ۽ مشير عوامي درد
وچان پنهنجن جذباتي تقريرن ذريعي شعلا بيانيء جا جوهر ڏيکاريندا رهيا.پنهنجن سياسي
مخالفن تي تنقيد ۽طنزن جا تير وسائيندا رهيا.ڪپتان جي محبوب مراد چونڊن کان اڳ چيو
هو ته عمران خان جي حڪومت ايندي ئي اڳوڻن حڪمرانن طرفان چورايل 200 ارب ڊالر
ٻاهرين ملڪن مان واپس آندا ويندا جن مان سو ارب ڊالر عوام جي ڀلائيء تي خرچ ڪيا
ويندا ۽ باقي سو ڊالر دنيا جي منهن ۾ هنيا ويندا پر حڪومت ۾ اچڻ بعد اڳوڻي وزير
خزانه فرمايو ته ڪهڙا 200 ارب ڊالر؟بس ان بعد ڏيئن ۾ روشني نه رهي.ڪپتان جي ٽيم جو
هڪ ٻيو حسين شاهڪار جنهن کان جڏهن به ڪو سوال پڇيو وڃي ته جواب اهو ئي ته ”مون کي
جان الله کي ڏيڻي آهي.“ هاڻي هن صاحب کان ڪو اهو پڇي ته ٻين سمورن انسانن کي جان
ڪنهن کي ڏيڻي آهي؟منشيات ڪيس ۾گذريل ڇهن مهينن کان هو هڪڙو ثبوت به پيش ناهي ڪري
سگھيو پر جان الله کي ڏيڻ وارو جملو ورجائيندي نظر اچي ٿو.ڪپتان جي ٽيم جي هڪ ٻي
وزير آهي جيڪا فرمائي ٿي ته گھڻيون برساتون نيڪ حڪمران يعني وزير اعظم سبب ٿين
ٿيون ۽ گدلاڻ ۾ اضافو نيڪ حڪومت خلاف احتجاج ڪندڙ اپوزيشن جي گاڏين مان نڪرندڙ
ناپاڪ دونهن سبب ٿئي ٿو.هڪ ٻيو صاحب آهي جنهن جي قابليت اها آهي جو درود شريف پڙهي
ڪري غلط بيانيون ڪندو آهي.خير،ڇڏيو ان ڳالهه کي.ڪپتان ته قسمين قسمين خوبصورت هيرا
چونڊي پنهنجي ڪابينا ۾ جمع ڪيا آهن.هي اهو نئون پاڪستان آهي جنهن ۾ اڳوڻي آمر خلاف
فيصلو روڪرائڻ لاء حڪومتي مشينري استعمال ڪئي وڃي ٿي.وزير قانون کان استعيفا وٺي
کيس هڪ آمر جي وڪيل طور عدالت ۾ موڪليو وڃي ٿو ۽ بعد ۾ کيس واپس ڪابينا ۾ شامل ڪيو
وڃي ٿو.رياست مدينه جا دعويدار ساهيوال سانحي ۾ ٿيندڙ قتل عام ۾ ملوث پوليس
عملدارن کي بچائڻ ۾ زور لڳائين ٿا جڏهن ته ان دوران نه ته ڪنهن وزير جي استعيفا ٿي
اچي ۽ نه ئي ڪو وزير انهن يتيم ٻارن جو وڪيل بنجڻ لاء تيار ٿئي ٿو.جيڪو صاحب چوندو
هو ته جنهن مقتول جا قاتل معلوم نه ٿي سگھن انهن جا قاتل وقت جا حڪمران هوندا آهن
اهو به انهن مظلومن جو فرياد ٻڌڻ لاء تيار نٿو ٿئي.پنجاب جي دار الامان مان يتيم
گھٽ عمر واريون نياڻيون عياشيء لاء وزيرن،مشيرن ۽ اميرن لاء منتقل ڪرڻ کان انڪار
ڪندڙ کي جيل جي سيخن پويان پهچايو وڃي ٿو.افسوس جو ڪپتان جي اڳواڻيء ۾ قائم ٿيل انقلابي حڪومت معاشي،سياسي، سماجي ۽
اخلاقي بحران سواء ماڻهن کي ڪجهه ناهي ڏئي سگھي ۽ خود ڪپتان کان سوال ڪجي معيشت، مهنگائي،قانون،
انصاف يا سياست جي باري ۾ يا وري دفاع ۽ پرڏيهي پاليسي جي باري ۾ ته جواب اهو ٿو
اچي ته ”ڪنهن کي به اين آر او نه ڏيندس.“ يا ”اها سڀ ٻاهرين سازش آهي.“ اين آر او
ته سياسي اشرافيا مان ڪن کي ملي چڪو آهي ۽ ڪن کي ملي ويندو پر ڇا هن ملڪ جي غريب
عوام کي به ڪو ”اين آر او“ ملي سگھندو؟
Friday, February 21, 2020
عوام آخر ڪيستائين صبر ڪري؟
شفيق الرحمان شاڪر
حڪمران طبقو پنهنجن ڌنڌن ۾ مصروف آهي پر هر زبان تي
اهو سوال آهي ته عوام کي ڇا پيو ملي؟حڪومت کان پڇجي ٿو ته غريب ماڻهن جا مسئلا
ڪڏهن حل ٿيندا ته جواب ٿو ملي ته ”ٿورو وقت ڏيو.“سوال اهو آهي ته آخر ڪيستائين
انتظار ئي انتظار ڪرڻو پوندو ۽ ڪيستائين ”گھٻرائڻو ناهي“ واري وظيفي جو سهارو
وٺڻوپوندو؟ستر سالن جي مسئلن جو ماتم ڇڏي رڳو گذريل سترهن مهينن جي ڳالهه ڪجي ته
تڏهن به مسئلن جا ڍير لڳي ويا آهن.ايئن ٿو لڳي ڄڻ وسيلا گھٽجي ويا آهن يا انهن تي
ڪنهن غريب جي پلاٽ جيان قبضو ڪيو ويو هجي.جڏهن وزير اعظم جو پگھار مان گذارو مشڪل
ٿيندو هجي پندرهن هزار کان ويهه هزار روپيا ڪمائيندڙ شهري تي ڇا گذرندو هوندو.
جيڪر ڪا شيء پنهنجي عروج تي آهي سا آهي سياست،الزام ۽ ڪرپشن.خدمت،جمهوريت،سوچ
سمجهه،عزم،اتحاديقين،تنظيم ۽ عمل هاڻي رڳو ڪتابن تائين محدود ٿي ويو آهي.عوام کي
جيڪي ڪجهه ملي رهيو آهي سو آهي مهنگائي،مونجھارو،بد دلي ۽ انتشار.هاڻي اهو سوال به
اٿي رهيو آهي ته ڇا ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل به هاڻي ”ٽرانسپيرنٽ“ نه رهي
آهي؟پاڪستان جي باري ۾ اها رپورٽ صحيح آهي يا انگن اکرن جو گورک ڌنڌو.ملڪ ۾ ماڻهن
کي اٽو نٿو ملي انهيء جو ذميدار ڪير؟ ڪا خبر ناهي.ستر سالن کان بس حڪمرانن جي اها
ئي صدا ته ”ٿورو وقت ڏيو.“ بهار هجي يا خزان، جمهوريت هجي يا آمريت غريب ماڻهوء جي
گھر ۾ دز ئي اڏامندي رهي آهي.رڳو هڪ هفتي جي مهنگائيء جي باري ۾ شماريات ڊويزن جي
رپورٽ ٿي ڏسجي ته مٿي تي هٿ اچيو وڃن.ملڪي معيشت جي لڏندڙ ڄنگھن جو هڪ سبب واپاري
خساري کي به قرار ڏنو وڃي ٿو.هڪ تحقيقي رپورٽ مطابق گذريل پندرهن سالن دوران
پاڪستان جو واپاري خسارو 1.06 مان وڌي 37.58 ارب ڊالر ٿي ويو.عام ماڻهو کي شڪايت
آهي ته اسان ماچيس جي ڏٻيء کان يوٽيلٽي بلز تائين کاڌي پيتي جي هر شيء تي ٽيڪس ادا
ڪريون ٿا،پيٽرول،پاڻي،بجلي،گئس،گھر،دفتر. پگھار هر شيء تي ٽيڪس ڀريون ٿا ته پوء
حڪومتون وڌيڪ نون ٽيڪسن جون ڳالهيون ڇو ٿيون ڪن؟هوڏانهن ايف بي آر جي چيئرمين جو
چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڪوبه ماڻهو ٽيڪس ڏيڻ لاء تيار ناهي ۽ ملڪي ٽيڪس جو سمورو نظام
درهم برهم آهي.سسٽم ۾ بنيادي تبديلين جي ضرورت آهي.ملڪ ۾ ڪاري ڌن کي اڇو ڪرڻ جي
جڳهه ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار آهي جيستائين ڪاروبار ڊاڪومينٽيڊ نٿو ٿئي غلط رستا بند
ٿي نٿا سگھن.پوري ملڪ ۾ وڏن ٽيڪس چورن خلاف مهم جون دعوائون ته ٿي رهيون آهن پر ڇا
واقعي حڪومت انهن مافيائن خلاف ڪو موثر آپريشن ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي؟ستم ظريفي ڏسو
جو ٻاويهه ڪروڙن جي آباديء واري ملڪ ۾ رڳو 20 لک ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا.ان جو هڪ وڏو
سبب ايف بي آر ۾ موجود ڪرپٽ مافيا به آهي.
سستي گئس جي رستي ۾ رنڊڪ ۽ قومي خزاني کي مبينا
نقصان پهچائڻ جي الزام هيٺ نيب وزارت پيٽروليم جي بدين فور فيلڊ متعلق جاچ شروع
ڪري ڇڏي آهي.نيب مطابق 4 ڊالرز ۾ ملندڙ گئس ۾ رنڊڪ وجھي 10 ڊالرز واري گئس لاء
رستو صاف ڪيو ويو.وزير اعظم کي اٽي ۽ ڪڻڪ اسڪينڊل جي باري ۾ جيڪا رپورٽ پيش ڪئي
ويئي ان ۾ چيو ويو آهي ته اهو بحران با قائدي منصوبا بنديء سان پيدا ڪيو ويو ۽
انهيء ۾ ڪجهه سرڪاري عملدارن سان کڏوگڏ ڪجهه حڪومتي سياسي شخصيتون به ملوث آهن.اٽي بعد پوري ملڪ ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ به واڌ آئي آهي.اپوزيشن
جي چوڻ مطابق حڪومت ۾ ويٺل شگر ۽ اٽو مافيا ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ماڻهن جي کيسن مان
اربين روپيا هڙپ ڪري ورتا آهن.ڪپهه جي ڳالهه ڪجي ته گذريل سال ملڪ ۾ ڪپهه جي پوک
۾ريڪارڊ گھٽتائي آئي آهي جنهن سبب ايڪسپورٽ کي پڻ ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي ٻئي پاسي
پاڪستان کي پوري ڏيڍ ارب ڊالرن جي ڪپهه ٻاهران خريد ڪرڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا
وڃن.هڪ زرعي ملڪ هئڻ باوجود پاڪستان کي اٽڪل پنج ملين ڪپهه جون ڳٺڙيون ٻاهران
گھرائڻيون پونديون جنهن تي چڱو خاصو ناڻو خرچ ٿيندو.
هوڏانهن ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل گذريل ڏينهن م 180 ملڪن ۾
ڪرپشن جي حوالي سان 2019ع جي رپورٽ جاري ڪئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ڪرپشن
پرسيپشن انڊيڪس ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هڪ نمبر گھٽ حاصل ڪري سگھيو ۽ 2018ع جي ڀيٽ ۾
پاڪستان ۾ ڪرپشن وڌي آهي.بعد ۾ ساڳئي اداري طرفان هڪڙو وضاحتي بيان به آيو جنهن ۾
ٻڌايو ويو ته رپورٽ ۾ ايئن ناهي چيو ويو ته ملڪ م ڪرپشن وڌي آهي.پوء ميڊيا ۾ اهي
خبرون به آيون ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پنهنجي رپورٽ ۾ پراڻا انگ اکر استعمال ڪيا
آهن.مسلم ليگ نون ان رپورٽ کي حڪومت جي منهن تي چماٽ قرار ڏيندي ملڪ ۾ نين چونڊن
جو مطالبو ڪري رهي آهي جڏهن ته پيپلز پارٽيء جو رپورٽ جي رد عمل ۾ چوڻ آهي ته اها
رپورٽ ثبوت آهي ته هن حڪومت ۾ ڪرپشن گھٽجڻ بدران وڌي آهي.جڏهن ته پاڪ سرزمين
پارٽيء جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته عمران خان خدا جي واسطي هاڻي ڪرپشن جو
نالو وٺڻ ڇڏي ڏئي.هتي رياست مدينا جو نالو وٺي ماڻهن جي تذليل ڪئي پيئي وڃي.تحريڪ
انصاف جي حڪومت کي هڪ کان پوء ٻي ناڪاري خبر کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.پهرين رڳو
اتحادي ۽ حڪومتي ميمبرن جي حڪومتي ڪارڪردگيء ۽ ڪرپشن تي سوال اڀا ٿي رهيا هئا پر هاڻي عوام ۾ به
مايوسي وڌي رهي آهي. ماڻهن ۾ اهو تاثر اڀري رهيو آهي ته حڪومت پنهنجن وعدن ۽
دعوائن ۾ سچي ناهي.ڪي پي ڪي ۾ ٽن وزيرن کي فارغ ڪرڻ سان تحريڪ انصاف اندر موجود اختلاف
کلي ڪري سامهون اچي چڪا آهن.پنجاب ۾ به ميمبرن جي رسڻ ۽ پرچائڻ جو سلسلو جاري
آهي.ڳالهه وزير اعظم سان ملاقاتن ۽ شڪوه شڪايتن کان اڳتي نڪرندي ٿي وڃي.ملڪ ۾
سياسي هلچل سبب حڪومت ۽ اپوزيشن ٻئي گھڻو سرگرم آهن.ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد
پريس ڪانفرنس دوران چيو ته عمران خان چوي ٿو ته 2020ع هو سڀ مسئلا حل ڪندو جڏهن ته
هن جو چوڻ هو ته مسئلا 2020ع ۾ نه پر 2021ع ۾ حل ٿيندا.هن جو چوڻ هو ته حڪومت کي
ڪو خطرو ناهي رڳو افواهه پکيڙيا پيا وڃن.
ڀارتي ميڊيا ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو
خارج ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا مطابق چين جي لابنگ ۽ نجي ڪنسلٽنٽ جي
مدد سان پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان نڪري سگھي ٿو.بيجنگ ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ چين 39
ملڪن جي گروپ کي ٻڌايو ته پاڪستان دهشتگرديء جي خاتمي لاء موثر ڪوششون ڪري رهيو
آهي.پاڪستان کي گري لسٽ مان نڪري وائيٽ لسٽ ۾ اچڻ لاء 39 مان 12 ووٽن جي ضرورت آهي
جڏهن ته ٻئي پاسي خليجي اخبار مطابق پاڪستان کي وڌيڪ ڇهن مهينن تائين گري لسٽ ۾
رکي سگھجي ٿوته جيئن ان عرصي دوران پاڪستان اها سموري گھربل قانون سازي ڪري وٺي
جنهن جي مدد سان بينڪاري نظام جي عالمي معيارن مطابق نئين سر ڍانچو جوڙيو وڃي ته
جيئن مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي لاء مالي سهڪار جي روڪٿام کي يقيني بنائي سگھجي.
تبصرن جا اطلاع حاصل ڪرڻ لاءِ:
هتي ڪلڪ ڪريو