Sunday, February 21, 2021

غربت جي باهه ۽ دولت جي غير منصفاڻي ورڇ !


 شفيق الرحمان شاڪر

دنيا ۾ جيڪا بک ۽  جيڪو افلاس آهي سو ڪنهن به طور تي وسيلن جي کوٽ سبب نه پر وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ سبب آهي،غربت دولت جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ پيداوار جي ذريعن تي مٿانهين طبقي جي قبضي جو نتيجو آهي.سماج ۾ وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ ئي طبقاتي اڻ برابري  ۽ هڪ ٻئي سان نفرت ۽ عداوت کي جنم ڏئي ٿي ۽ اها ئي شيء امير کي امير ترين ۽ غريب کي غريب ترين بنائي رهي آهي. عالمي اداري ”آڪسيم“ جي هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته دنيا جي رڳو هڪ سيڪڙو امير ترين ماڻهن وٽ 98 سيڪڙو ماڻهن کان ٻيڻي دولت موجود آهي جنهن ڪري رڳو دنيا جا 22 امير ترين مرد آفريڪا کنڊ جي گڏيل عورتن کان وڌيڪ امير آهن.برطانيا جي مالياتي ۽ معاشي اداري آڪسيم پاران جاري ڪيل ان رپورٽ مطابق سال 2019ع ۾پوري دنيا ۾ ارب پتي ماڻهن جو انگ وڌيو آهي ۽ گذريل هڪ ڏهاڪي ۾ ارب پتي انهيء ۾ گھڻو واڌارو ڏسڻ ۾آيو آهي.رپورٽ مطابق 2019ع جي پڄاڻيء تي پوري دنيا ۾ 2115 ماڻهو ارب پتي ۽ کرب پتي هئاجن جي گڏيل ملڪيت دنيا جي 6 ارب 90 ڪروڙ ماڻهن کان ٻيڻي هئي.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ارب پتي ماڻهن سميت گڏيل طور تي دنيا جو هڪ سيڪڙو امير ترين طبقو ئي دنيا جي دولت تي قابض آهي.رپورٽ مطابق پوري دنيا ۾ ڪاروبار،دولت ۽ ڪمائيء جو غير منصفاڻو نظام رائج آهي ۽ دولت ۽ ڪمائي جي صنفي بنيادن تي تمام گھڻو تفاوت پاتو وڃي ٿو.انگن اکرن موجب پوري دنيا ۾ رڳو 18 سيڪڙو عورتون حڪومتي وزارتن ۾ قلمدان سنڀالين ٿيون جڏهن ته  رڳو 24 سيڪڙو عورتون پارليامينٽ تائين پهچن ٿيون.رپورٽ مطابق جن ملڪن رپورٽ جي تياريء وقت اداري سان ڊيٽا شيئر ڪئي انهن ملڪن ۾ رڳو 34 سيڪڙو عورتون مينيجرز جي عهدن تي آهن جڏهن ته اداري انهن ملڪن جا نالا ظاهر ناهن ڪيا.رپورٽ موجب آفريڪا کنڊ جي عورتن جو انگ ٽي ڪروڙ ٻاهٺ لک آهي ۽ انهن وٽ ايتري دولت به ڪانهي جو اهي سڀ ملي ڪري به دنيا جي 22 امير ترين مردن جو مقابلو ڪري سگھن.رپورٽ ۾ دولت ۽ ڪمائي ۾ صنفي تفاوت جو ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ته پوري دنيا ۾ عورتون روزانو 12 ارب ڪلاڪ مفت ڪم ڪن ٿيون ۽ ڪيتريون ئي ڳوٺاڻيون عورتون لاڳيتو 14 ڪلاڪ بنان اجوري جي ڪم ڪن ٿيون.رپورٽ مطابق پوري دنيا ۾ 15 سالن کان وٺي ان کان وڌيڪ عمر جون عورتون اجوري ۽ مزدوري سواء ڪم ڪرڻ سبب ساليانو 10.8 ٽرلين يعني اٽڪل 110 کرب ڊالرز جيتري رقم حاصل ڪرڻ کان محروم رهن ٿيون. عالمي اداري آڪسيم جي رپورٽ ٻڌائي ٿي ته عورتن پاران ڪم جو معاوضو نه ملڻ واري رقم سالياني ٽيڪنالاجيء جي ادارن مان ٿيندڙ ڪمائيء کان پنجوڻي آهي.انگن اکرن موجب پوري دنيا جا مرد گڏيل طور تي عورتن کان 50 سيڪڙو وڌيڪ دولت رکن ٿا ۽ عالمي سطح تي ڪم ڪندڙ 42 سيڪڙو عورتون بنان معاوضي جي ڪم ڪن ٿيون جڏهن ته معاوضي سواء ڪم ڪندڙ مردن جو انگ 6 سيڪڙو آهي. رپورٽ ۾ گھريلو ملازمن جي حوالي سان به انگ اکر ٻڌايا ويا آهن جن مطابق پوري دنيا ۾ اٽڪل ست ڪروڙ ملازم پنهنجي گھٽ پگھار جڏهن ته 50 سيڪڙو ملازم قانوني،انساني حقن ۽ طبي سهولتن کان محروم آهن.ان رپورٽ ۾ هڪ سيڪڙو امير ماڻهن وٽ 98 سيڪڙو ماڻهن کان ٻيڻي دولت موجود آهي.ان جي ابتڙ دنيا ۾ بيروزگاري تي گڏيل قومن جي رپورٽ پڙهجي ته پوري دنيا ۾ اٽڪل 50 ڪروڙ ماڻهو بي روزگار آهن يا انهن کي جزوي بي روزگاريء کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهيجنهن سبب معاشي بد امني ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.رپورٽ مطابق سال 2009ع تائين پوري دنيا ۾ هڙتالن ۽ احتجاجي تحريڪن جي انگ ۾ واڌارو ٿيو جن جو سبب اهو به هو ته گھڻا بي روزگار ماڻهو انهن جلوسن ۽ تحريڪن جو حصو بڻيا.فرانس جي خابرو اداري اي ايف پي گڏيل قومن جي ذيلي اداري انٽرنيشنل ليبر آرگنازيشن جي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته گذريل سال ٻي روزگاري جي شرح 5 ڏهائي 4 سيڪڙو هئي جنهن ۾ تبديليء جي اميد نه پئي ڪئي ويئي پر هن سال جي آخر تائين بي روزگارن جي گڏيل انگ ۾ واڌاري جو امڪان آهي.رپورٽ ۾ معاشي بدتري ۽ آباديء جي اضافي کي ان جو سبب قرار ڏنو ويو آهي.رپورٽ ۾ اهو به ظاهر ڪيو ويو آهي ته 15 سالن کان 24 سالن جي عمر جا 26 ڪروڙ 70 لک نوجوان بي روزگار ۽ اهي تعليم ۽ تربيت حاصل ڪرڻ کان محروم آهن.آئي ايل او پنهنجي سالياني ورلڊ ايمپلائيمينٽ اينڊ سوشل آئوٽ لڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته سال 2019ع ۾ رجسٽر ٿيل بي روزگار ماڻهن جو انگ 18 ڪروڙ 60 لک هو جيڪو هلندڙ سال جي پڇاڙيء تائين 19 ڪروڙ 50 لک ٿيڻ جو انديشو آهي.آئي ايل او جي اڳواڻ گائي رائڊر مطابق عالمي سطح تي روزگار جي شرح ۾ گذريل سالن دوران اضافو ناهي ٿيو جنهن سان لکين مزدور ماڻهن لاء بهتر زندگي گذارڻ وڌيڪ مشڪل ٿي ويو آهي.سربراه جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ وڌندڙ اڻ برابري ماڻهن کي بهتر روزگار ۽ بهتر مستقبل کي حاصل ڪرڻ کان روڪي رهي آهي.صورتحال اندازي کان به گھڻي خراب آهي.ان جي چوڻ مطابق مناسب روزگار تائين پهچ نه هئڻ پوري دنيا ۾ وڌندڙ احتجاجي تحريڪن ۽ بد امنيء کي هوا ڏيئي رهيو آهي.ان رپورٽ جو تت اهو آهي ته زمين جي گولي تي پنجاهه ڪروڙن کان مٿي ماڻهو بي روزگار آهن ٻئي طرف بک ۽ بد حاليء جي باري ۾ به هڪ رپورٽ تي نظر وجھو.بک جي تازه ترين عالمي انڊيڪس موجب هن وقت دنيا ۾ 82 ڪروڙن کان مٿي ماڻهو بک ۽ گھٽ غذا جو شڪار آهن.ان انڊيڪس موجب هن وقت زمين جي گولي تي 821 ملين انسانن کي زنده رهڻ لاء يا ته کاڌو مهيا ناهي يا وري اهي ڳڻتيء جوڳي حد تائين خوراڪ جي سخت کوٽ جو شڪار آهن. انهن مان 124 ملين يا اٽڪل ٻارهن ڪروڙ ماڻهو اهي به شامل آهن جن جو بک جو مسئلو نهايت ئي شديد بڻجي بکون ڪاٽڻ تي پهچي چڪو آهي.دنيا جا 191 ملڪ اهڙا آهن جتي ماڻهو بکن سبب مري رهيا آهن.دنيا ۾ هر نون مان هڪ انسان بکيو آهي.

دنيا جي ممتاز ماهر طبقات اسٽيفن هاڪنگ پنهنجي انٽرويو ۾ چيو هو ته دولت جي غير منصفاڻي ورڇ هن وقت سڀ کان وڏو چيلينج آهي ۽ انساني لالچ پوري دنيا کي برباد ڪري ڇڏيندي.ڪائنات جو سٽ سلجھائڻ وارو ڪيمبرج يونيورسٽيء ۾رياضيء جو پروفيسر رهيو.اسٽيفن دنيا کي خبردار ڪندي چيو هو ته انفرادي ۽ ملڪي سطح تي دولت جي غير منصفاڻي ورهاست اسان جي دور جو سڀ کان خوفناڪ مسئلو آهي. دولت سبب پيدا ٿيندڙ اوپرائيء ئي برطانيا کي يورپي يونين کان ٻاهر ڪڍيو آهي.هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته جهڙيء طرح بيماريون،غذائي کوٽ ۽ وڌندڙ آبادي هڪ وڏو چيلينج آهن اهڙِي طرح  دولت جو ڪجهه هٿن ۾ گڏ ٿي وڃڻ به هڪ وڏو چيلينج آهي.ڇو ته دنيا دولت کي منصفاڻي انداز ۾ ورهائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ جيڪر اهو سلسلو اڳتي به جاري رهيو ته هو انسان جي ڊگھي مستقبل جي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ پر اميد ناهي.هن اهو به چيو هو ته گدلاڻ،لالچ،بيوقوفاڻا رويا ۽ آباديء ۾ اضافو زمين جي هن گرهه لاء وڏا خطرا آهن ته چئي سگھجي ٿو ته غربت جي ڀڙڪيل باهه دولت جي دنيا کي رک جي ڍير ۾ بدلائي سگھي ٿي!

 

Thursday, August 27, 2020

ڇا ” مائنس ون“ فارمولا قابل عمل آهي؟


 

شفيق الرحمان شاڪر

مخالف ڌر عوام ۾ وڃڻ بدران ”سليڪٽرز“ کان ئي مطالبو ڪري رهي آهي ته اهي عمران خان جي حمايت تان هٿ کڻن.پاڪستان جي سياست جي خاصيت آهي ته ان ۾ بحران پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي برقرار رکڻ سياست جو اهم حصو آهي اهو ئي سبب آهي جو لاڳيتو سياسي محاذ آرائي يا نوان نوان شوشا ڇڏڻ به سياسي منظر نامي تي ڇانيل نظر اچن ٿا.هن وقت ظاهر ۾ حڪومت کي ڪو خطرو نظر نٿو اچي پر اسلام آباد جو سياسي ماحول ۽ ان سان ڳنڍيل سياسي يا ميڊيا جي محاذ تي موجود سياسي پنڊتن جي چوڻ موجب اسلام آباد جو سياسي ماحول ڪنهن وڏي تبديليء طرف وڌي رهيو آهي.وڏي تبديليء مان مراد  حڪومت يا وزير اعظم جي تبديلي آهي.باقي ماڻهو ان راند ۾ پنهنجا پنهنجا سياسي رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.هن وقت سياسي ماحول ۾ مخالف ڌر جي سياست چئن بنيادي نڪتن جي چوڌاريء گھمي رهي آهي.پهريون اهو ته حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي جنهن ڪري ان جي تبديلي اڻ ٽر آهي. ٻيو اهو ته ملڪ جي بحران جو واحد حل نيون منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون آهن ڇو ته ”سليڪٽيڊ حڪومتي طبقو“ نه ته عوامي مينڊيٽ رکي ٿو ۽ نه ئي ان جي ڪا سياسي ،قانوني ۽ اخلاقي ساک آهي.ٽيون اهو ته جمهوري عمل هلڻ گھرجي پر ان لاء ضروري آهي ته هاڻوڪو وزير اعظم استعفيٰ ڏئي ۽ پنهنجي جڳهه تي ڪنهن نئين قائد ايوان جي چونڊ ڪري ته جيئن ملڪ جمهوريت جي پٽڙيء تان نه لهي سگھي.چوٿين ڳالهه اها ته جيڪي ماڻهو”سليڪٽيڊ وزير اعظم“ ۽ حڪومت کي آڻڻ جا ذميدار آهن اهي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪن ۽ هن حڪومت جي حمايت تان هٿ کڻي نئين حڪومت لاء رستو سڌو ڪن.جيتوڻيڪ مخالف ڌر جي پنهنجن صفن ۾ ڪنهن به هڪ نڪتي تي اتفاق راء جي کوٽ نظر اچي ٿي ۽ مخالف ڌر جون جماعتون پاڻ ئي اندروني تضادن جو شڪار نظر اچن ٿيون پر هن وقت هڪ سياسي نڪتو ”مائنس ون“ جي فارمولي جي چوڌاريء گھمي رهيو آهي.ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته جيڪڏهن وزير اعظم عمران خان پنهن جي جاء تي ڪنهن ٻئي کي وزير اعظم نامزد ڪري ته سياسي بحران کي ٽاري سگھجي ٿو.جيڪي ماڻهو مائينس ون فارمولي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن انهن جي خيال ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان جي وچ ۾ هن وقت لاڳاپا خراب آهن.ان طبقي جي چوڻ موجب  مائينس ون فارمولا به انهيء اسٽيبلشمينٽ جي سياست سان ڳنڍيل آهي جيڪا نئين سياسي متبادل جي ڳولا ۾ آهي.اهو ئي سبب آهي جو ڪجهه ڏينهن کان مخالف ڌر جي اڳواڻن جي بيانن  ۽ تقريرن ۾ وزير اعظم کان مستعفي ٿيڻ جو مطالبو شدت اختيار ڪري رهيو آهي. ماضيء ۾ به اسان جنرل ضياءالحق ۽ پرويز مشرف جي دور ۾ مائينس ون فارمولا ڏسي چڪا آهيون.جنرل ضياء پوري ڪوشش ڪئي ته ڪنهن به طريقي سان پاڪستان جي سياست مان پيپلز پارٽيء کي مڪمل طور تي مائينس ڪيو وڃي پر هو ان ۾ ڪامياب ٿي نه سگھيو.اهڙيء طرح جنرل پرويز مشرف پنهنجي دور ۾ محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي مقابلي ۾ امين فهيم ۽ شهباز شريف کي سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو به پنهنجن سمورين ڪوششن باوجود ڪامياب نه ٿي سگھيو.ان جو هڪ وڏو سبب اسان جي سياسي قيادتن جو پنهنجن جماعتن تي مضبوط سياسي ڪنٽرول يا اجاراداري آهي.ٻيو اهو ته هتي سياسي جماعتن جو ووٽ بينڪ ڪنهن فرد جي چوڌاريء گھمندو آهي.اڄ به هتي ووٽ نواز شريف،ڀٽو خاندان ۽ عمران خان جو آهي. جيڪڏهن اوهان انهن جماعتن کي انهن ماڻهن کان الڳ ڪري ڏسو ته انهن جماعتن جي حيثيت نهايت ئي ڪمزور نظر ايندي.اهو ئي سبب آهي جو فوجي حڪمران طبقو به پورو زور هڻي ڪنهن به خاندان کي سياست مان مائينس نه ڪري سگھيو.خود نواز شريف جيڪو توڙي جو هن وقت عملي طور تي سياست کان ٻاهر آهي پر نون ليگ جو ووٽ بينڪ اڄ به رڳو نواز شريف جي چوڌاريء ئي گھمي ٿو.اهڙيء طرح تحريڪ انصاف جي اصل سڃاڻپ عمران خان آهي.ان کان سواء ٻيو ڪو ماڻهو ناهي جنهن کي غمران خان جي حامين جي غير مشروط حمايت حاصل هجي.ان ڪري جيڪي ماڻهو اهو سمجھي رهيا آهن ته عمران خان کي ڪڍي ڪنهن ٻئي کي وزير اعظم بنائي سگھجي ٿو اهي غلطيء تي آهن.ماڻهن کي ياد هوندو ته 2018ع جي چونڊن کان اڳ به اهو شوشو ڇڏيو ويو هو ته عمران خان جي مرڪز ۾ حڪومت ته بڻجي سگھي ٿي پر وزير اعظم عمران خان نه پر ڪو ٻيو ٿيندو يعني عمران خان کي سونيا گانڌي بنائڻ جي ڳالهه ڪئي ويئي پر ايئن نه ٿيو.هاڻي به جيڪر عمران خان کي اهو اندازو ٿي ويو ته بحران وڌي ويو آهي ته ڪنهن ٻئي کي نامزد ڪرڻ بدران هو پاڻ ئي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيندو ۽ نين چونڊن جو رستو سڌو ڪندو. مخالف ڌر جيڪر سمجھي ٿي ته عمران خان جي تبديلي اڻٽر آهي  ۽ اها ملڪي مفاد ۾ آهي ته اهو ان جو سياسي حق آهي پر عمران خان کي هٽائڻ جا عملي طور تي چار رستا آهن.پهريون اهو ته مخالف ڌر جون سموريون جماعتون گڏجي عمران خان خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪن.ٻيو اهو ته عمران خان پاڻ محسوس ڪري ته هو عملي طور تي ناڪام ٿي ويو آهي يا کيس حڪومت هلائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن ته هو پاڻ وقت کان اڳ اسيمبليون ٽوڙي نين چونڊن جو اعلان ڪري.ٽيو اهو ته مخالف ڌر جي ڪا وڏي تحريڪ عمران خان کي استعيفا ڏيڻ تي مجبور ڪري ۽ چوٿون اهو ته مخالف ڌر جون سموريون جماعتون گڏجي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تان استعيفائون ڏين.اهڙي صورت ۾ ايڏي وڏي پيماني تي ضمني چونڊون نه ٿي سگھنديون ۽ نيٺ نين چونڊن طرف وڃڻو پوندو.هاڻي مسئلو اهو آهي جو اهي چارئي رستا مخالف ڌر لاء نهايت ئي ڏکيا آهن.اهو ئي سبب آهي جو عمران خان جي حڪومت اڃا تائين مخالف ڌر کي پنهن جي لاء ڪو وڏو خطرو سمجھڻ لاء تيار ناهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي جو مخالف ڌر به چڱيء طرح ڄاڻي ٿي ته عمران خان جي حڪومت کي جيڪر گھر موڪلڻو آهي ته ان جو رستو ڪنهن موثر جدوجهد بدران اسٽيبلشمينٽ جي گھر ڏانهن ئي وڃي ٿو.اهو ئي سبب آهي جو مخالف ڌر عوام ۾ وڃڻ بدران ”سليڪٽرز“ کان ئي مطالبو ڪري رهي آهي ته اهي عمران خان جي حمايت تان هٿ کڻن يعني بنيادي نڪتو اهو ئي آهي ته عمران خان جي حمايت تان هٿ کڻي اهو شفقت جو هٿ سندن سر تي رکيو وڃي ته اهي پنهن جون سموريون خدمتون کين پيش ڪرڻ لاء تيار آهن.ان صورتحال ۾ ڪيڏانهن ويئي سياسي جدوجهد ۽ ڪيڏانهن ويو ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو؟پاليامينٽ جي بالادستي يا قانون جي حڪمراني سميت اسٽيبلشمينٽ جي سياسي مداخلت خلاف نعرن جو ڇا ٿيو؟ جيڪر اهو ئي ڪم مخالف ڌر اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي ڪرڻ گھري ٿي ته پوء ڇا تبديل ٿيو؟ مائينس ون جا فارمولا اتي هلي سگھن ٿا جتي سياسي قيادتن جي ڀيٽ ۾ سياسي جماعتون مضبوط هجن ۽ سياسي قيادتون پنهنجن جماعتن سامهون جواب ڏيندڙ هجن.هتي ته سياسي جماعتون عملي طور تي شخصيتن هٿان يرغمال بڻيل آهن ۽ اهڙي صورت ۾ پارليامينٽ اندر مائينس ون فارمولا جون ڳالهيون ڪا اهميت نٿيون رکن ڪجهه ماڻهو اها ڳالهه ڪري رهيا آهن ته مائينس ون فارمولي کي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل آهي پر فوري طور تي ان جو به ڪو امڪان نظر نٿو اچي.شاه محمود قريشي،فخر امام يا محمد ميان سومرو جا متبادل نالا ڪنهنجي خواهش ته ٿي سگھي ٿي پر شايد ڪا حقيقت نٿي رکي.تحريڪ انصاف ۾ ڇو ته عمران خان سواء ڪنهن کي ڪا به سياسي حيثيت حاصل ناهي.عمران خان جي حڪومت ناڪام آهي ته اها ڳالهه مخالف ڌر جي حق ۾ وڃي ٿي ڇو جو عمران خان جي ناڪامي انهن لاء سياسي رستو سڌو ڪندي پر جيڪر عمران خان کي هٿرادو طريقي سان يا ڪنهن سازش ذريعي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته ان سان خود هن جمهوري نظام تي به ڪيترا ئي سوال اڀا ٿي ويندا ۽ هي ڪمزور جمهوري نظام پوئتي به ڌڪجي سگھي ٿو.ان ڪري بهتر ٿيندو ته هن نظام کي هلڻ ڏنو وڃي ۽ جڏهن به چونڊون ٿين انهن جي مدد سان ئي نئين حڪومت ۽ نئين قيادت جي چونڊ ذريعي ئي جمهوري عمل کي اڳتي وڌائي سگھجي ٿو.

(روزاني عوامي آواز)





 


پارلياماني نظام کي ويڙهڻ جا ارادا !

 

شفيق الرحمان شاڪر

قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس جاري آهن.هلندڙ سيشن رڳو ان ڪري ٿي رهيا آهن ته جيئن قومي اسيمبلي جا ساليانا مقرر ڏينهن پورا ڪرڻا آهن.رولز مطابق قومي اسيمبلي جا سال ۾ هڪ سو ويهه ڏينهن سيشن هئڻ ضروري آهي.هلندڙ پارلياماني سال جيئن ته آگسٽ ۾ مڪمل ٿيڻو آهي تنهن ڪري ان جا مقرر ڏينهن پورا ڪيا پيا وڃن.هلندڙ سيشن سان جيڪر ڪنهن کي ڪو فائدو آهي ته اهو رڳو اسيمبلي ميمبرن کي جن کي ٽي اي ڊي اي ملي ويندو.اجلاسن ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاء ڪڏهن حڪومت ۽ ڪڏهن اپوزيشن مختلف شوشا ڇڏي ڏئي ٿي جيڪي اخبارن ۽ ميڊيا جون مکيه خبرون بڻجي وڃن ٿيون.هنن ڏينهن ۾ عزير بلوچ اهڙو ئي شوشو آهي.تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽي عزير بلوچ جهڙي ڏوهاري ماڻهوء تي بحث ڪري رهيا آهن ۽ سٺي رونق متل آهي.هن وقت ٻئي جماعتون دعويدار بڻيل آهن ته چورن ۽ لٽيرن کي پڌرو ڪيو ويندو.اهڙيء طرح قومي اسيمبليء جا رهيل ڏينهن پورا ڪيا پيا وڃن.ان کان سواء انهن اجلاسن جو ڪو ٻيو مقصد ناهي.تنهن هوندي به پردي پويان گھڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي.انهن مان سڀ کان اهم ڳالهه آئين ۾ ترميم متعلق آهي.حڪومت هن وقت تلوار نيام مان ڪڍي ارڙهين ترميم سان ڇيڙ ڇاڙ جي تياري ڪري ورتي آهي.وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ مالي وسيلن جي ورڇ بابت 2010ع کان قومي مالياتي ڪميشن سبب جيڪو بندوبست ٿيو هو انهيء کان منهن موڙڻ جي نيت آهي.سينيٽ جي اجلاس ۾ ارڙهين ترميم تي حڪومت جو ارادو ظاهر ٿي چڪو آهي.متحده جي سينيئر ميمبر بيريسٽر سيف ذريعي ٻيڙي درياء ۾ لاٿي ويئي آهي.محمد علي سيف سينيٽ ۾ نجي ڪاروائيء واري ڏينهن هڪ قانون متعارف ڪرائڻ گھريو آهي.پارليامينٽ ۾ هفتي ۾ هڪڙو ڏينهن نجي ڪاروائيء لاء مخصوص هوندو آهي.ان دوران ڪوبه ميمبر ذاتي حيثيت ۾ قانونسازيء لاء ڪو بل ايوان ۾ پيش ڪري سگھي ٿو.ان ڪري محمد علي سيف مسودي جي لاء نجي ڪاروائيء جو ڏينهن ئي چونڊيو جيڪو رڳو ڪو سادو قانون نه پر آئين ۾ ترميم سان تعلق رکي ٿو.سندس خواهش هئي ته آئين جي آرٽيڪل 160 جي ضمني شق A(3) کي ختم ڪيو وڃي.ان شق مطابق اهو طيء ڪري ڇڏيو ويو آهي ته ڪنهن به مالياتي سال دوران صوبن لاءرقم مخصوص ڪرڻ وقت ان ڳالهه کي يقيني بنايو ويندو ته گذريل سال صوبن لاء جيڪو حصو مخصوص ڪيو ويو هو ان ۾ ڪنهن به صورت ۾ گھٽتائي نه ڪئي ويندي.ايوان ۾ پيش ڪيل مسودي ۾ ارادو ظاهر ڪيو ويو آهي ته ان شق کي ختم ڪيو وڃي.ان مسودي ۾ در اصل فقط ارڙهين ترميم کان ڇوٽڪارو ئي نشانو ناهي بلڪه ان خواهش جو به اظهار آهي ته پارلياماني نظام کان جان ڇڏائي وڃي ڇو ته سندن خيال ۾ سٺي حڪومت رڳو ماهرن ذريعي ئي قائم ڪري سگھجي ٿي.ان بحث جي شروعات ٿيندي ئي اسلام آباد ۾ اڳوڻن بيوروڪريٽس  جي هڪ وڏي اڪثريت پنهنجون شيروانيون تيار ڪرائي رهي آهي.انهن کي به يقين آهي ته ملڪ جا مسئلا رڳو غير ملڪي يونيورسٽين مان آيل اعليٰ تعليم يافته  ٽيڪنوڪريٽس ئي حل ڪري سگھن ٿا.جيڪر اهو معاملو رڳو سينيٽ لاء آهي ته فضول مشق آهي.آئين ۾ ڪنهن به ترميم لاء ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت گھربل آهي.حڪومت وٽ اها اڪثريت قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ٻنهي ۾ ڪانهي.سينيٽ ۾ ته اپوزيشن جو پڙ ڳرو آهي.ٿي سگھي ٿو ته نجي ڪاروائيء واري ڏينهن مسودو پيش ڪري ماحول جوڙڻ مقصد هجي. مسلم ليگ نون جي شاهد خاقان عباسي ارڙهين ترميم تي ڳالهيون ڪرڻ لاء راضي نظر اچي ٿوپيپلز پارٽي به ڪنهن حد تائين راضي آهي.سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ جي يو آئي ايف اپوزيشن جي هڪ وڏي جماعت آهي.سينيٽر عطاء الرحمان ان ترميم جي مزاحمت جو اعلان ڪيو آهي جنهن بعد تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي ۽ متحده گڏجي به قانون جو مسودو سينيٽ ڪميٽي آڏو موڪلڻ ۾ ناڪام رهيون.اپوزيشن خوش آهي ته ان آئين سان ڇيڙ ڇاڙ جي ڪوشش ناڪام بنائي ڇڏي آهي تنهن هوندي به اها ڊنل آهي ته ڪٿي ملڪ ۾ صدارتي نظام ته متعارف نه پيو ڪرايو وڃي.اهو نظام قائم ٿي ويو ته عمران خان وزارت عظميٰ ڇڏي ايوان صدر وڃي سگھي ٿو.پوء هو هر شعبي جي ماهرن تي ٻڌل هڪ ڪابينا جوڙيندو جيڪا نئين نظام جو بنياد رکندي.جيئن ته ٻلي ٿيلي کان ٻاهر اچي چڪي آهي ۽ ارڙهين ترميم تي سوال اڀا ڪيا پيا وڃن.اهي سوال نهايت ئي سوچ ويچار ۽ منصوبي هيٺ اٿاريا پيا وڃن.انهن جي حل لاء ڪو منصوبو جڙيو ضرور آهي ۽ اپوزيشن انهيء منصوبي جو منهن پير ڳولهي رهي آهي.هڪ ٻيو حساس معاملو سامهون آيو آهي ته 19 اڻ چونڊيل ڪابينا ميمبرن مان 4 خاص معاون ٻٽي شهريت رکن ٿا.ڪابينا ڊويزن انهن جي فهرست ۽ سمورا تفصيل ظاهر ڪري ڇڏيا آهن.انهيء تي اپوزيشن جو رد عمل به اچي چڪو آهي ته ٻٽي شهريت رکندڙ شخص پارليامينٽ جو ميمبر نٿو بڻجي سگھي ته پوء انهن کي ڪابينا ۾ ڪيئن ٿو شامل ڪري سگھجي؟جيئن ته عمران خان ماضيء ۾ ٻٽي شهريت رکندڙ ميمبرن جي سخت مخالفت ڪندو هو.سوال اهو آهي ته وزير اعظم معلومات هئڻ باوجود ٻٽي شهريت رکندڙن کي پنهنجي ڪابينا ۾ ڇو شامل ڪيو؟ڇا نئون پاڪستان ٺاهڻ لاء اهڙن ماڻهن جو ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ ضروري هو؟جيڪڏهن وزير اعظم کي اها ڄاڻ نه هئي ته پوء ته اها اڃا به ڳڻتيء جوڳي ڳالهه آهي.جيڪر انهن کي ڪابينا ۾ رکڻ ضروري هو ته پوء انهن جا ٻاهرين ملڪن ۾ موجود اثاثا سامهون آڻڻ جو ڪهڙو مقصد هو؟ ان جو مطلب اهو ٿيو ته انهن مشيرن کي فارغ ڪيو پيو وڃي ۽ ظاهر آهي ته اهو ڪم حڪومت نه پر ڪنهن ”ٻئي “ ڪيو آهي.مشيرن لاء ته اڳڀرائي ٿي آهي پر وفاقي ڪيبينيٽ سيڪريٽري سميت هن وقت ملڪ ۾ گھٽ ۾ گھٽ چوويهه هزار سرڪاري ملازم ٻٽي شهريت رکن ٿا.اهي ماڻهو انهن ملڪن سان وفاداريء جو حلف کنيو ويٺا آهن. پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 5 ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته هر شهري رڳو ان وقت رياست جو وفادار هوندو جڏهن اهو ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت نه رکندو هجي.آئين ۾ اها پابندي آهي ته جنهن رياست سان وفاداريء جو حلف ناهي کنيو اهو رياست جي ڪنهن به فيصلي ڪندڙ فورم تي ويهي نٿو سگھي.وفاقي ڪابينه هڪ فيصلي ساز فورم آهي.ان جي ورڪنگ ڪجهه ان طرح هوندي آهي جو ان ۾ رڳو اهو ويهي سگھي ٿو جنهن رڳو پنهنجي ملڪ سان وفاداريء جو حلف کنيو هجي.سرڪاري ملازم،مشير يا وزير مملڪت ان وقت ويهندا آهن جڏهن انهن جي باري ۾ ڪو نڪتو بحث هيٺ هجي.پنهنجي ڳالهه ڪري يا بريفنگ بعد اهي ماڻهو ڪابينا اجلاس مان اٿي هليا ويندا آهن پر هن ڀيري اهو ٿي رهيو آهي جو ڪنهن به شيء جي پابندي نه ٿي رهي آهي جنهن ڪري اهوحساس معاملو کنيو ويو آهي جنهن بعد  گھڻا مشير فارغ ٿي ويندا!

(روزاني عوامي آواز)



ڪورونا ۽ اولهه جي طاقت جا ڀڄندڙ بت!


شفيق الرحمان شاڪر

اولهه جي دنيا گذريل ٻن ٽن صدين کان ڪنهن ”نامعلوم“ جي خوف ۾ ورتل آهي.ايئن ڇو آهي؟ ان ڳالهه کي سمجھڻ لاء ڪجهه بنيادي تصورن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.زندگي ۽ ڪائنات ۾ جيڪر خدا تعاليٰ کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي ته پوء انسان جي لاء ڪابه شيء ”نامعلوم“ نٿي رهي.ان دائري ۾ انسان ڄاڻي ٿو ته خدا ڪهڙين ڳالهين سان خوش ٿئي ٿو ۽ ڪهڙين شين تي ناراض ٿئي ٿو.سڀني کي معلوم هوندو آهي ته خدا ڪهڙين ڳالهين تي انعام ڏئي ٿو ۽ ڪهڙين ڳالهين تي سزا ڏئي ٿو.مذهب جي دائري ۾ زندگي گذاريندڙن کي خبر هوندي آهي ته ڪجهه شيون ”آزمائش“ هونديون آهن ۽ ڪجهه شيون ”تقدير خداوندي“ جي حيثيت رکن ٿيون پر جڏهن انسان خدا جو انڪار ڪندو هجي ته پوء هو ڪنهن نامعلوم خوف جو شڪار ٿيڻ سواء رهي نٿو سگھي.اولهه واري جديد دنيا بنيادي طور تي خدا جي منڪر آهي ان ڪري ان جي اڪثريت به هڪ نامعلوم خوف ۾ ڦاٿل آهي.اولهه جا سائنسدان ٻن صدين کان ٻڌائيندا رهيا آهن ته هن ڪشادي ڪائنات اندر اسان جي ڌرتيء جي حيثيت هڪ ذري کان وڌيڪ ناهي ۽ خلا ۾ موجود ڪابه شيء اوچتو ڌرتيء سان ٽڪرائجي ڌرتيء تان زندگيء جو نالو نشان مٽائي سگھي ٿي.اولهه جي سائنسدانن جو خيال آهي ته دنيا مان ڊائناسور به اهڙي نموني ختم ٿيا هئا.هالي ووڊ گذريل سٺ ستر سالن ۾ اهڙيون ڪئين فلمون جوڙيون آهن جن ۾ مريخ يا ڪنهن نامعلوم گرهه کان آيل مخلوق زمين ۽ انسانن تي غالب اچي وڃي ٿي.اهڙيون فلمون به آهن جن ۾ ڪا نا معلوم بلا يا وبا اوچتو ڪٿان ظاهر ٿي آمريڪين جي زندگيء کي برباد ڪري ڇڏي ٿي.انهيء صورتحال جون ٻه وضاحتون ممڪن آهن.هڪڙي اها ته خدا جي انڪار بعد اولهه وارن لاء زندگي ۽ ڪائنات ”اوپري“ بڻجي ويئي آهي ۽ انهيء اوپرائپ مان نامعلوم جو خوف پيدا ٿي رهيو آهي.ٻي وضاحت اها ٿي سگھي ٿي ته اولهه وارن خالق ۽ خلق خدا جي خلاف ايترا ته ڏوهه ڪيا آهن جو انهن گناهن جو احساس ”احساس گناهه“ بڻجي اولهه وارن جي گڏيل نفسيات ۾ رچي ويو آهي.اهو احساس اولهه وارن کي ان خوف ۾ ڦاسائي ٿو ته انهن جيڪي ڏوهه ڪيا آهن انهن جي سزا جي طور تي ڪو نه ڪو گڏيل نتيجو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ضرور ظاهر ٿيندو.جيئن ته اولهه ان سزا جي نوعيت کان واقف ناهي ان ڪري اهو ان کي مريخ جي مخلوق يا ڪنهن ٻي بلا سان ڀيٽ ڏيئي انهن کان قسمين قسمين فلمون تيار ڪرائي ٿو.اها ڳالهه ڪيتري عجيب آهي جو اولهه عرصي کان جنهن نامعلوم بلا جي خوف ۾ ورتل هو اها ڪورونا جي صورت ۾ ظاهر ٿي چڪي آهي.اسان ڪيترن ئي اهڙن وڏن قاتلن جي باري ۾ پڙهيو آهي جيڪي ٻين کي مارڻ ۾ وڏي ”دليري“ ڏيکاريندا هئا پر ناحق خون سندن دل ۾ اهو خوف پيدا ڪري ڇڏيو ته کين ڪو نه ڪو ماري ڇڏيندو.ان ڪري ڪجهه قاتلن کي ننڊ بلڪل ئي نٿي اچي.اولهه وارن جو ضمير ايترو سجاڳ ڪونهي جو اهي ڪروڙين بي گناهه ماڻهن کي قتل ڪري پنهنجي ننڊ وڃائي سگھن پر اولهه جي آرٽ خاص طور تي سندن فلمن مان سندن گڏيل باطن جوڪجهه اندازو ٿئي ٿو.انساني زندگيء جو اهو پاسو به عجيب آهي جو انسان جنهن خوف ۾ ڦاٿل هوندو آهي اهو هڪ ڏينهن نيٺ مجسم بڻجي سامهون اچي بيهندو آهي.ڪورونا وائرس اولهه وارن جو اهڙو ئي خوف آهي.اڳ ۾ ان خوف جو ڪو نالو نه هو پر هاڻي ان جو هڪڙو نالو رکيو ويو آهي.پر اولهه جو ان کان به وڏو خوف ڪجهه ٻيو آهي ۽ اهو خوف آهي دنيا مان اولهه جو گم ٿي وڃڻ.ان ڪري نه جو خدا نه ڪري جو هن وبا ۾ اولهه جا سڀ ماڻهو مري ويندا بلڪه سندن خوف آهي دنيا مان سندن تهذيبي،سياسي،علمي،معاشي ۽ فوجي طاقت جي گم ٿيڻ جو خطرو.اهو خوف ڪنهن ٻئي پيدا ناهي ڪيو پر سندن اندران ڦٽو آهي.اوڻويهين صديء ۾ اولهه جو قومون پنهنجي پنهنجي جغرافيائي حدن مان ٻاهر نڪتيون ۽ اٽڪل پوري دنيا تي قابض يا غالب ٿي وييون.سندن اهو غلبو اهڙو ته شاندار هو جو لڳو ٿي ته اهو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو پر ويهين صدي۽ جي وچ ڌاري اولهه جو نو آبادياتي نظام گم ٿيڻ شروع ٿي ويو.ان تجربي اولهه جي ”آسماني ” مخلوق کي زميني مخلوق بنائي ڇڏيو.روس ۾ 1917ع ۽ چين ۾ 1949ع ۾ ايندڙ سوشلسٽ انقلاب اولهه کي پهريون ڀيرو ڪنهن ”عالمي حريف“ جي خوف ۾ مبتلا ڪيو. سوشلزم جو ڊپ ايترو ته هو جو اولهه کي لڳو ته سوشلسٽ انقلاب امريڪا ۽ برطانيا ۾ به اچي سگھي ٿو پر 1992ع ۾ سوويت يونين ٽٽي ويو ۽ سوشلزم به اڏامي ويو.ان سان اولهه جي سياسي،معاشي،فوجي ۽ تهذيبي بالادستي کي هڪ نئين قوت ملي ۽ آمريڪي انتظاميه ۾ اهو اعتماد پيدا ٿيو جو اها اهو اعلان ڪري سگھي ته دنيا ۾ سرمائيداري نظام جي فتح ٿي ويئي آهي ۽ تاريخ جو اهو سفر جنهن ۾سرمائيداراڻي ۽ سوشلسٽ نظام ۾ ڇڪتاڻ رهي سو ختم ٿي ويو۽ هاڻي پوري انسانيت وٽ ڪرڻ لاء رڳو هڪڙو ئي ڪم رهجي ويو آهي ته اها اولهه جي قدرن جي پيروي ڪري.اولهه جا ڪجهه دانشور ايترو ته پر اعتماد بڻيا جو انهن صاف چيو ته ويهين صدي آمريڪا جي صدي هئي ۽ ايڪويهين صدي به آمريڪا جي صدي هوندي پر آمريڪي دانشورن جي ذهانت ۽ علم جو اهو حشر اسان جي سامهون آهي ته سوويت يونيين جي ٽٽڻ کان ويهه پنجويهه سال بعد ئي چين دنيا جي ٻي وڏي معاشي طاقت بڻجي اڀريو.روس پيوٽن جي اڳواڻيء ۾ ٻيهر پنهنجن پيرن تي بيهي رهيو ۽ آمريڪا کي ڪيترن ئي محاذن تي چيلينج ڪرڻ لڳو.آمريڪا افغانستان ۾ طالبان کي شڪست ڏيڻ آيو هو پر رڳو ٿورڙن طالبان وقت جي سپر پاور جو ڀوسو ڪڍي ڇڏيو.ان کان گھڻو اڳ پال ڪينيڊي پنهنجي ڪتاب ”وڏين طاقتن جو عروج ۽ زوال“ ۾ آمريڪا جي زوال جي اڳڪٿي ڪري چڪو هو.انهن سمورين سچائين اولهه جي سياسي.معاشي،فوجي ۽ تهذيبي زوال جي خوف کي نروار ڪري ڇڏيو آهي.تجربو ڪيو وڃي ته ڪورونا وائرس اولهه جي سمورن بتن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي.اولهه جو سڀ کان وڏو بت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي آهي.سائنس اولهه جو خدا به آهي ۽ انهن جو مذهب پڻ.سائنس اولهه جي وحي به آهي ته انهن جو عقل پڻ.سائنس اولهه جي سماعت به آهي ته انهن جي بصيرت پڻ.جهڙيء طرح مسلمانن خدا تي ايمان آندو تيئن اولهه سائنس تي ايمان آندو.اولهه وارن توڙي انهن جي اثر هيٺ سمورن انسانن جو اعتماد آهي ته سائنس ذريعي هر ناممڪن شيء کي ممڪن بڻائي سگھجي ٿو.اڃا ڪلهه جي ڳالهه آهي جو نوح حراري اها دعويٰ ڪئي هئي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجيء سبب موت تي قابو پائڻ هاڻي ٽيڪنيڪل مسئلو آهي ۽ امڪان آهي ته ايندڙ سو سالن اندر انسان موت تي قابو پائي هميشه لاء امر بڻجي ويندو.اهم ڳالهه اها ته اولهه ته ڇا پر پوري دنيا مان ڪنهن به سامهون اچي اهو نه چيو ته حراري بڪواس ٿو ڪري.انهيء جو سبب اهو جو ماڻهن جي اڪثريت کي لڳو ته ممڪن آهي ته سو سالن ۾ سائنس ايتري ترقي ڪري جو موت تي فتح حاصل ٿي وڃي.پر ڪورونا وائرس سائنس ۽ ٽيڪنالاجيء کي اونڌي منهن ڪيرائي وڌو.ان وائرس جي باري ۾ هاڻي عجيب عجيب ڳالهيون ڪيون پييون وڃن.پهرين چيو ويو ته اهو وائرس چين کان آيو جڏهن ته هاڻي سي اين اين اطلاع ڏيئي رهي آهي ته ڪورونا چين نه پر يورپ کان آمريڪا آيو.پهرين چيو ويو ته ڪورونا زندهه جرثومو آهي جڏهن ته هاڻي چيو پيو وڃي ته اهو مرده ۽ طفيلي وائرس آهي.ڪڏهن ٿا چون ته ويڪسين ڪجهه ڏينهن ۾ اچڻ واري آهي ته ڪڏهن ٻڌائين ٿا ته ان ۾ گھٽ ۾ گھٽ سال لڳي ويندو.مطلب ته ان پوري بحران ۾ سائنس ڪو معجزو ثابت نه ٿي سگھي آهي.ڪورونا سائنس جي ڪمزوري ۽ محدوديت کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي.
اولهه جو هڪ وڏو بت سندس معاشي نظام آهي،ان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي آهي.ڪورونا رڳو ٻن ٽن مهينن اندر ان بت جا ٽڪر پکيڙي ڇڏيا آهن.آمريڪا ۾ رڳو هڪ مهيني دوران هڪ ڪروڙ ستر لک ماڻهو بيروزگار ٿيا آهن.اٽليء ۾ صورتحال ايتري خراب ٿي آهي جو اتي چوريون ٿيڻ شروع ٿي وييون آهن.جيڪر ڪرونا ڪجهه وڌيڪ عرصي لاء مهمان رهيو ته پوري دنيا ۽ خاص طور تي آمريڪا ۽ يورپ جون معيشتون بلڪل ئي برباد ٿي وينديون.بيشڪ ٽين دنيا جا ملڪ به گھڻو متاثر ٿيندا پر اولهه جي ملڪن جي خوشحاليء جو جنازو نڪري ويندو.ڪورونا وائرس اولهه جي مادي طاقت خاص طور تي فوجي طاقت جا به پرزا اڏائي ڇڏيا آهن ۽ اهو هڪ بي جان جرثومي آڏو بيوسيء جي تصوير بنيو بيٺو آهي.نائين اليون دوران آمريڪا جا ٽن هزارن کان ڪجهه وڌيڪ ماڻهو مئا هئا جنهنجي رد عمل ۾ هن افغانستان اندر ٻن لکن کان مٿي بي گناهه ماڻهو ماري وڌا ۽ عراق تي امريڪا رڳو اهو الزام هڻي حملو ڪيوته ان وٽ وڏي پيماني تي تباهي پکيڙيندڙ زهريلا هٿيار آهن پراتان ڪجهه به نه ملي سگھيو ۽ لکين بي گناهه عراقي آمريڪي ظلم جو شڪار ٿي ويا.هاڻي ڪرونا هزارين آمريڪي ماري ڇڏيا آهن پر آمريڪا ان دشمن جو وار ونگو به نه ڪري سگھيو آهي.مڇرن جي ننڍري فوج هزارين سال پهرين نمرود جي فوج کي چٽي ورتو هو ۽ اڄ مڇرن کان به هڪ معمولي شيء آمريڪا ۽ يورپ جي سموري مادي ۽ فوجي قوت کي بي معنيٰ بڻائي ڇڏيو آهي.

اولهه صدين کان عقل جي بت جي پوڄا ڪندو رهيو آهي.ان جو ضد آهي ته هن جي عقل کي ڪنهن وحي جي روشنيء جي گھرج ڪانهي پر اولهه جي عقل جي پستيء جو اهو حال آهي جو اهو ٽن مهينن ۾ اڃا تائين ڪورونا جي اچڻ ۽ ان جي مچايل تباهي جي منطق کي بيان ڪرڻ کان لاچار آهي.ان سلسلي ۾ اولهه جي لادين ماڻهن سان ڪهڙي شڪايت ڪئي وڃي جڏهن اولهه جي سڀ کان وڏي مذهبي ۽ روحاني شخصيت پوپ فرانسس پنهنجي بيان ۾ ڪورونا کي ”فطرت جو انتقام“ جو نالو ڏيئي رهيو آهي.پوپ چيو ته انسان فطرت سان جھيڙو ڪيو آهي جنهن ڪري فطرت هاڻي انتقام وٺي رهي آهي.ڪيتري نه عجيب ڳالهه آهي جو اولهه جي وڏي ۾ وڏي روحاني ۽ مذهبي شخصيت به ڪورونا کي ”ما بعد الطبيعاتي تناظر“ ۾ ڏسڻ بدران رڳو طبيعاتي تناظر ۾ ڏسي رهي آهي!

(روزاني عوامي آواز)

  

Monday, June 1, 2020

انصاف جو نظام ڪڏهن سڌرندو؟


شفيق الرحان شاڪر

پارلياميمنٽ عدليا تي ۽ عدليا پارليامينٽ يا حڪومت تي الزام لڳائي پنهن جي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.تازو سپريم ڪورٽ جي هڪ معزز جج ريمارڪس ڏنا ته ملڪ ۾ انصاف جو نظام اٽڪل ختم ٿي چڪو آهي.اهو اسان کي هڪ اهم نڪتي طرف ڌيان ڇڪرائي ٿو ته انصاف جو نظام ڪٿي بيٺل آهي.عام طور تي اسان جي ملڪ ۾ انصاف جي نظام تي سدائين سواليا نشان رهيو آهي.روزانو ميڊيا ۾ اسان کي اهڙيون دردناڪ خبرون پڙهڻ يا ڏسڻ لاء ملن ٿيون جو سخت تڪليف ٿئي ٿي ته اڄ جي سڌريل دور ۾ به ماڻهن کي ڪهڙين ڪهڙين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.خاص ڪري ٻن قسمن جو نظام عدل جنهن ۾ طاقتور لاء هڪڙو ته ڪمزور لاء ٻيو قانون آهي.سستو ۽ ترت انصاف ته هڪڙو خيال ۽ خواب بڻجي ڪري رهجي ويو آهي.عالمي جسٽس منصوبي 2018ع موجب عام ماڻهوء کي انصاف مهيا ڪرڻ جي حوالي سان اسان گلوبل سطح تي 113 ملڪن ۾ 105 نمبر تي آهيون جڏهن ته علاقائي سطح تي ڇهن ملڪن مان اسان آخري نمبر تي آهيون.ان رپورٽ مطابق سپريم ڪورٽ ۾ چاليهه هزار،پنجن ئي هائي ڪورٽن ۾ ٽيهه لک جڏهن ته هيٺين عدالتن ۾ ويهه لک  ڪيس التوا هيٺ آهن جيڪي انصاف ۾ دير جو سبب بڻجن ٿا.سوال اهو آهي ته جيڪر اهو نظام ختم ٿي رهيو آهي ته ان جو ذميدار ڪير آهي؟ ظاهر آهي ته ڪنهن هڪڙي ڌر يا اداري کي ان جو اڪيلو ذميدار قرار ڏيئي نٿو سگھجي.اها هڪ گڏيل ناڪامي آهي جيڪا اسان جي سياسي،انتظامي،معاشي،قانوني ۽ سماجي نظام سان ڳنڍيل آهي ۽ ان ۾ ماڻهو ۽ ادارا ٻئي ڪنهن نه ڪنهن طرح شامل آهن.جيڪڏهن اسان پنهن جي گڏيل نظام عدل کي سڌارڻ گھرون ٿا ته هر ڌر کي ذميداريين جو احساس ڪرڻو پوندو ۽ غير معمولي صورتحال جي پيش نظر ڪجهه غير معمولي قدم کڻڻا پوندا.اهو ڪم هڪ مضبوط سياسي ڪميٽمينٽ جي گھر ڪري ٿو ڇو ته جيڪا خرابي آهي ان جو سڌارو روايتي طريقن سان ممڪن ناهي.هاڻي سوال اهو آهي ته اسان جي انصاف جي نظام سان ڳنڍيل ادارا ۽ ماڻهو غير معمولي سڌارن طرف ڇو نٿا وڃن؟ڇا انهن ۾ صلاحتين جي کوٽ آهي يا انهن وٽ اها ترجيح ئي موجود ڪانهي.اسان پنهنجي انصاف جي نظام ۾ سدائين وڏي پيماني تي سياسي مداخلتن جي جيڪا راند کيڏي آهي اها به هڪ وڏي بگاڙ جو سبب بڻي آهي.خاص طور تي اسان جي هيٺئين عدالتي نطام ۾ ڪمزور ۽ مظلوم طبقن کي وڏي استحصال مان گذرڻو پوي ٿو.هڪ وڏو مسئلو اسان جي پوليس ۽ انهيء سان ڳنڍيل جاچ جو نظام آهي.جڏهن جاچ ۾ ئي وڏي خرابي موجود هجي ۽ ان جو بنياد به طبقاتي نظام تي هجي ته عدالتون ان جاچ واري عمل سان ڪهڙو انصاف ڏيئي سگھنديون.انصاف جي نظام ۾ بهتري عدالتي نظام سان گڏوگڏ پوليس ۽ ان جي جاچ واري طريقي ۾ غير روايتي تبديلين سواء ممڪن ناهي.اهڙيء طرح ڪمزور عدالتي نظام سبب اسان جي خراب حڪمراني ۽ معيشت جو غير شفاف نظام به سامهون اچي ٿو جيڪو مسئلن ۾ ويتر اضافو ڪري ٿو.پر اهو به مڃڻو پوندو ته جتي اسان جي سياسي قيادت جي ترجيحن ۾ انصاف جي نظام کي مضبوط ڪرڻ ۾ ڪمزوري نظر اچي ٿي اتي اسان جو عدالتي نظام به ڪنهن غير معمولي ڪم جي لاء تيار ناهي.ڏٺو وڃي ته جيڪڏهن اسان جو عدالتي نظام پنهنجي اندروني محاذ تي ڪا بهتري پيدا ڪرڻ گھري ته انهن حالتن ۾ به ڪا بهتر صورت ڏسڻ لاء ملي سگھي ٿي.سڌارن جي لحاظ کان اسان کي ڇهن بنيادي ڳالهين تي ڌيان ڏيڻو پوندو.پهرين ڳالهه اها ته اسان کي هيٺين سطح جي عدالتي نظام کي ڊجيٽيلائيز ڪرڻو پوندو.ٻي ڳالهه اها ته اسان کي هيٺان کان مٿين سطح جي ججن جي مقرري واري نظام کي وڌيڪ منصفاڻو ۽ شفاف بنائڻو پوندو.ٽين ڳالهه اها ته جج صاحب ۽ وڪيلن لاء  دنيا ۾ ايندڙ تبديلين ۽ جديديت جي بنياد تي تربيت جو نظام جوڙڻوپوندو . چوٿين ڳالهه اها ته سياسي مداخلت کي ختم ڪرڻ لاء هڪ جامع پلان جوڙڻو پوندو. پنجين ڳالهه اها ته وڪيل تنظيمن ۾ سڌارا آڻي ان تاثر جي نفي ڪرڻي پوندي ته اهي تنظيمون به انصاف جي فراهميء ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيون آهن ۽ آخري ڳالهه اها ته ججن جي اهڙن پاپولر بيانن جي نفي ڪرني پوندي جيڪي عدالتي نظام تي سواليا نشان بڻجڻ جو سبب بڻجن ٿا ۽ عدليا جي اندر خود احتسابيء جي نظام کي وڌيڪ موثر بنائڻو پوندو.
سياسي جماعتون خاص طور تي اهي جيڪي پارلياماني سياست جو حصو آهن انهن کي به انصاف جي نظام جي حوالي سان پنهنجو رويو بدلائڻو پوندو.روايتي سياسي ۽ پارلياماني نظام ذريعي ڪجهه به نه بدلبو ۽ جيستائين اقتدار ۾ شامل سياسي جماعتون پاڻ پنهن جي اندروني نظام کي سياسي ۽ جمهوري بنيادن تي مضبوط نٿيون ڪن ته نه ته سڌارا ايندا ۽ نه ئي آيل سڌارن تي ڪو عمل ٿي سگھندو.بد قسمتيء سان پارليامينٽ عدليا تي ۽ عدليا پارليامينٽ يا حڪومتن تي الزام هڻي پنهنجي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن.پوليس ۽ جاچ نظام ۾ سڌارن جو پلان به سياسي مصلحتن جو شڪار ٿي وڃي ٿو.اسان جي سول سوسائٽي،سياسي جماعتون،ميڊيا ،دانشور ۽ بار ايسوسيئشنون انهن سڀني کي گڏجي هڪ منصفاڻي نظام عدل لاء سنجيده ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گھرجي. الزام تراشين بدران سڌاري وارن پاسن کي ڳولهڻو پوندو ۽ اهو ڏسڻو پوندو ته ڪٿي ڪٿي مسئلا آهن.اسان کي دنيا جي انصاف وارن نظامن مان به سکڻو پوندو ته اتي ڪهڙيون تبديليون اچي رهيون آهن ۽ ڪهڙا اهڙا سڌارا آهن جن جي مدد سان انصاف جي نظام کي شفافيت ۽ مضبوطي ملي ٿي.اسان جي سول سوسائٽي جا دوست،صحافي ۽ دانشور ان هڪ نڪاتي ايجنڊا تي گڏ ٿين ته انصاف جي نظام کي ڪيئن موثر ۽ شفاف بنايو وڃي ڇو ته جيستائين حڪومت ۽ رياستي ادارن تي علمي  ۽ فڪري بنيادن تي ڪو دٻاء پيدا نه ڪبو تيستائين اهي ننڊ مان سجاڳ نه ٿيندا.هاڻي سوال اهو آهي ته انصاف جي نظام کي يقيني بنائڻ لاء ڳالهه ٻولهه  ڪير ڪرائيندو ۽ ان جو خاڪو ڇا هوندو؟ ان طرف سوچڻ شروع ڪرڻ گھرجي.اسان جون ڪوششون ماضيء تي ماتم ڪرڻ بدران مستقبل کي بهتر بنائڻ طرف خرچ ٿيڻ گھرجن.جمهوريت ۽ قانون جي بالا دستيء جي جنگ جيڪڏهن اسان کي جمهوري دائري ۾ رهندي وڙهڻي آهي ته پوء اسان جي سموري ڌيان جو مرڪز سياسي،قانوني ۽ انتظامي سڌارا ئي هئڻ گھرجن پر ان لاء هڪ مضبوط سياسي ڪمٽمينٽ جي ضرورت آهي ۽ اها ئي ڪمٽمينٽ هڪ وڏي سياسي ۽ قانوني ماحول کي پيدا ڪرڻ لاء بنياد مهيا ڪري سگھي ٿي جيڪو اڳيان هلي هڪ موثر تبديليء جي امڪانن کي روشن ڪري سگھي ٿو.
( روزاني عوامي آواز 27 مئي 2020ع)





Tuesday, May 26, 2020

ڇا سائنس ذريعي خدا تائين پهچي سگھجي ٿو؟




شفيق الرحمان شاڪر
خدا جي قدرت ايتري پکڙيل ڪيئن ٿي سگھي ٿي جو ڪائنات جي هر ذري،هر انسان جي  خيالن ۽ جذبن جو علم به ان کي هجي.ان قدرت جي عملي ڊزائين ڪيئن ٿي سگھي ٿي؟اهو هر عقل واري انسان جي ذهن کي شل ڪرڻ وارو سوال آهي پر اسان کي تسلي ايئن ڪرائي ويندي آهي ته خدا،ان جي ذات ۽ صفتن ۽ قدرت کي اسان نٿا سمجھي سگھون.
ڳالهه ته درست آهي پر هڪ سوچ سمجهه رکندڙ ذهن جيڪو سائنسي بنيادن تي هر شيء جو جواز ڳولهي ٿو اهو خدا جي حوالي سان به تجسس جو اظهار ڪرڻ ۾ درست هوندو آهي ته هن کي هر سوال جو جواب عقلي دليل ذريعي ملي.بهرحال اسان پنهنجي عقل ۽ فهم ذريعي خدا جي قدرت جي نوعيت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري سگھون ٿا ۽ ايئن ڪرڻ سان اسان جي ايمان تي ڪوبه ناڪاري اثر نه پوندو ڇو ته اسان جو غيب تي ايمان اسان کي الله جي قدرت تي ڪامل يقين عطا ڪري ٿو پر عقل جي بيچيني ختم ڪرڻ لاء عقلي دليل به ضروري آهي ته جيئن وسوسن جو علاج ٿي سگھي.هاڻي اسان الله جي قدرت کي عقلي دليلن جي روشنيء م سمجھڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا.
اسان جي روزمره جي زندگيء م تيزيء سان داخل ٿيندڙ ڪمپيوٽر ۽ سمارٽ فون سوچڻ جون ايتريون دريون کولي ڇڏيون آهن جو ڏسڻ واري اک ۽ سوچڻ واري ذهن کي رڳو ڪجهه ڌيان ڏيڻ جي گھرج آهي.الله جي قدرت سمجھڻ کان پهرين اچو ته اسان انسان جي قدرت سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون.
انٽرنيٽ ڪيترن ئي ارب ڪمپيوٽرن جي وچ ۾ رابطي جو هڪ عالمي نظام آهي جيڪو انٽرنيٽ پروٽوڪول (آئي پي) جي بنياد تي هلي ٿو.سادن لفظن ۾ هي هڪ اليڪٽرانڪ بازار آهي جنهن ۾ هر طرح جون شيون،خدمتون ۽ وندرون موجود آهن.هڪ ارب کان وڌيڪ ويب سائيٽس پاڻ م ڳنڍيل۽ انهن جي ڳولا جو هڪ نظام (سرچ سسٽم) جنهن ذريعي اربين کربين ايڊريسون يا معلومات مان اسان جي گھربل ويب سائيٽ تائين پهچ ممڪن بنائي ٿو جن کي سرچ انجن جو نالو ڏنو ويو آهي. انهن مان سڀ کان مشهور ۽ تيز رفتار گوگل“ سرچ انجن آهي.هڪ رپورٽ مطابق روزانو تلاش ٿيندڙ ستن ارب ويب سائيٽس مان گوگل جو حصو پنج ارب آهي.گوگل ڪروم انسٽال ڪرڻ بعد اسان جي ڪمپيوٽر ۽ گوگل سرور جو نه نظر ايندڙ رابطو قائم ٿي ويندو آهي.هڪ اندازي مطابق گوگل تي هر سيڪنڊ ۾ سراسري طور تي پنجونجاه هزار ڳولا جون فرمائشون اچن ٿيون جن کي نهايت ئي تيز رفتاريء سان پورو ڪيو ويندو آهي.جنهن ۾ هر سوال جي جواب جي ڳولا  سراسري طور تي ڏهائي 2 سيڪنڊ ۾ 1000 ڪمپيوٽرن جو استعمال ٿئي ٿو.ان سافٽ ويئر جي پهچ جو اهو حال آهي جو ڪنهن به ڳولا تي ڪي بورڊ جي مدد سان لکيل ڪنهن اڌوري لفظ تي اهو اڳيان امڪاني جملا يا ايڊريس به اسان جي سامهون کڻي اچي ٿو ته جيئن اسان کي آساني ٿئي بلڪه اسان آواز سان به جيڪر ڪو نالو پڪاريون ته گوگل اها لنڪ به کڻي اچي ٿو.اسان جي سمارٽ فون تي گوگل جي گرفت ايڏي مضبوط آهي جو اهو  جيڪر گم ٿي وڃي ته گوگل نه رڳو اوهان کي ان جي لوڪيشن ڏيکاري ٿو بلڪه ان کي لاڪ به ڪري سگھي ٿو ۽ ان جي ڊيٽا ڊليٽ به ڪري سگھي ٿو.ڪارڪردگي ۽ قوت جو اندازو ان مان لڳايو جو گوگل کي اٽڪل ٻه ارب ماڻهو استعمال ڪن ٿا .پندرهن سيڪڙو نون سوالن جا جواب ڳولهڻ لاء گوگل روزانو ويهه ارب ويب سائيٽ صفحا ڳولهي ٿو.ناليج گراف ڊيٽا بيس ۾ پنجاهه ڪروڙ ستر لک ادارن جا 18 ارب واقعا ۽ حقيقتون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل صورت ۾ محفوظ آهن.اينڊرايڊ ڊوائيسز جو گوگل سان ڳنڍيل انگ ٻن کربن کان مٿي آهي ۽ هڪ سال اندر گوگل ٻه ٽرلين يعني ويهه کرب سرچ ڪري ٿو.يوٽيوب تي روزانو هڪ ارب ڪلاڪ وڊيو ڏٺيون وڃن ٿيون.گوگل جا اٽڪل اسي هزار ملازم آهن.هڪ ارب ويهه ڪروڙ ماڻهو جي ميل استعمال ڪن ٿا.گوگل جو ڊيش بورڊ اهو ڊيٽا بيس آهي جتي گوگل استعمال ڪندڙن جي پوري ڊيٽا هر وقت اپڊيٽ ٿيندي ٿي رهي ۽ تاريخ وائيز اسان جي هر سرگرمي ان ۾ محفوط رهي ٿي.سيڪنڊ کان به گٽ عرصي ۾ ڪنهن به سوال جو جواب سامهون آڻڻ هاڻي گوگل جو معمول بڻجي چڪو آهي ان ڪري اچو ته ان تي غور ڪريون ته ان جي پويا ڪهڙو سسٽم ڪم ڪري ٿو؟
دنيا جي مختلف حصن ۾ پکڙيل اٽڪل ٽيهه لک سرورز جي ڄار گوگل جو اهو حيران ڪندڙ نظام جوڙيو آهي.گوگل جي ڪارڪردگي ڪنهن عام انسان لاء حيران ڪندڙ ٿي سگھي ٿي پر جن کي انهيء پويان ڪم ڪندڙ نظام جي ڄاڻ آهي انهن لاء ان ۾ حيرت جي ڪا ڳالهه ناهي.بهرحال اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته سامهون نظر ايندڙ ڪنهن وڏي نظام پويان به وڏي منصوبا بندي ۽ هڪ باترتيب ڪنٽرول سسٽم هوندو آهي.هاڻي ٿورو اڳتي وڃي پوري انٽرنيٽ جي نظام کي ڏسو ته ڪهڙي نموني فيسبڪ،ٽويٽر،واٽس ايپ،مائڪرو سافٽ،اسڪائيپ،انسٽاگرام وغيره پنهنجن اهڙن ئي ڳنڍيل ۽ باترتيب نظامن سان ڪم ڪن ٿا.سڀني کان دلچسپ وائي فائي جو هڪ نطر نه ايندڙ نظام آهي جيڪو ڪروڙين اربين معلومات کڻي اسان جي آسپاس ”غيب“ ۾ موجود هوندو آهي.جيڪڏهن اسان پنهنجي جڳهه کان ڏسون ته ان انٽرنيٽ سسٽم جا ٻه حصا آهن.هڪ اهو جيڪو طبعي يا فزيڪل آهي جنهن ۾ ڪمپيوٽر سرورز،مشيني انفرا اسٽرڪچر،خلائي مصنوعي سيٽ لائيٽس ۽ ڪيبل جو نظام آهي جيڪو اسان جي اکين کان هن وقت لڪيل آهي. ۽ ٻيو حصو اهو جيڪو اسان جي آسپاس وائي فائي طور پر خيالي صورت ۾ موجود آهي.ان سسٽم سان ڳنڍجڻ لاء اسان کي ڪا ڊوائيس يعني ڪمپيوٽر يا سمارٽ فون وغيره گھربل ٿئي ٿي.اها ڊوائيس ئي
آهي جيڪا وائي فائي جي جي سگنلز کي واپس معلومات ۾ بدلائڻ جي صلاحيت رکي ٿي.اها اهو راز کولي ٿي ته ڪا به عام فضا به حقيقت م خالي ناهي هوندي بلڪه هڪ نه نظر ايندڙ دنيا ان خاموشيء اندر موجود ٿي سگھي ٿي جنهن ۾ بي شمار معلومات موجون هڻندي رهي ٿي.جيڪڏهن گوگل جي وضاحت ڪئي وڃي ته اهو هڪ اهڙو نظام آهي جيڪو هر پل لکين انسان جي ڳالهه ٻڌي به رهيو آهي ۽ جواب به ڏيئي رهيو آهي.انهن ئي گھڙين م هو هر انسان جي ڪمپيوٽر جي ڪلڪ به محفوظ ڪري رهيو آهي ڄڻ ته هر ماڻهو جو ذاتي ريڪارڊ پاڻ وٽ گڏ به ڪري رهيو آهي.اهو سيٽلائيٽ ميپ ذريعي ماڻهن کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ نه رڳو گھمائي رهيو آهي پر سمارٽ فونز جي چرپر به محفوظ ڪري رهيو آهي.جيڪڏهن ان جو تعلق لائيو سيٽلائيٽ ريڪارڊنگ سان هجي ته گھر کان ٻاهر واري سڀني جي چر پر به ريڪارڊ ڪري رهيو آهي.”ڪريم“ ۽ ”اوبر“ سروسز ان جا مثال آهن.اهو سڀ ڪجهه شفاف سچائيون آهن ته هڪ فعال نظام هڪ ئي وقت ڪروڙين انسانن سان مختلف طريقن سان رابطو رکڻ جي صلاحيت رکي ٿو.اهو هڪ انسان جو شاهڪار آهي ۽ ان کي هلائيندڙ ڪنٽرولنگ اٿارٽي به ڪجهه انسان آهن.سوچڻ جي ڳالهه اها اهي ته گوگل انسان جو بنايل هڪ سسٽم آهي ته پوء جنهن هستيء انسان کي جوڙيو اها ڪهڙي ڪهڙي عجيب تخليق تي ڪيئن نه قادر هوندي؟انٽرنيٽ ۽ سرچ سسٽم کي سمجھڻ کان پوء هاڻي ڪائنات جي نظام کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا.الله جا نظام جنهن سسٽم هيٺ هلي رهيا آهن اسان کي انهنجي في الحال ڄاڻ ڪانهي پر جديد ٽيلي ڪميونيڪيشن سسٽم ۽ انٽرنيٽ اسان کي ٻڌائين ٿا ته انهيء کان به مٿانهون ۽ وڌيڪ عجيب نظام ممڪن آهي.اها ڳالهه ته پڪي آهي ته ڪوبه سسٽم بنان منصوبي جي نه جڙي سگھي ٿو ۽ نه ئي هلي سگھي ٿو.ڪائنات به هڪ سسٽم آهي.انسان جو پنهنجي خالق سان لاڳاپو انتظامي ئي نه پر هڪ فطري گھرج آهي.دنيا جو هر ذرو ۽ هر شيء ڪنهن سمارٽ فون جيان ڪنهن روحاني يا اڻ ڄاتل پروٽوڪول سان ڳنڍيل آهي.ڪائنات جي سسٽم جا به ٻه پاسا آهن.هڪ طبعي ۽ ٻيو نظر نه ايندڙ يعني ”غيب“. پر انٽرنيٽ سسٽم جي ڀيٽ ۾ ان ڪائناتي نظام ۾ نرالي ڳالهه اها آهي جو ان جو هتي ابتو استعمال يا اطلاق آهي.انٽرنيٽ ۾ اسان غيبي ماحول( وائي فائي) سان ڳنڍيل هوندا آهيون ۽ طبعي ماحول”سورورز وغيره) اسان جي اکين کان غائب هوندا آهن.جڏهن ته ڪائناتي ماحول ۾ اسان طبعي ماحول ۾ هوندا آهيون جڏهن ته ان جو فنڪشنل نظم ”غيب“ اسان جي حواسن کان لڪيل هوندو آهي جنهن ۾ فطري قانون،توانائيون ۽ شڪتيون شامل هونديون آهن.هڪ پاسو اهو به آهي ته هر نظام موثر منصوبا بنديء سان لاڳو ٿيندو آهي پر ان کي جاري رکڻ لاء مختلف ڪارندن جو هئڻ ضروري هوندو آهي.ڪائنات جي نظام جي فنڪشنل هئڻ ۾ الله جي ڪارندن جو جيڪو اهم مقام آهي ان جو اندازو ان مان لڳايو جو الله پاڻ کان پوء فرشتن تي ايمان لازمي قرار ڏنو آهي.اهو ان ڳالهه جو ثبوت اهي ته خالق فرشتن جو محتاج نه هئڻ باوجود انسان کي عقلي طور تي به مطئمن ڪري رهيو آهي ته ڪائناتي سسٽم هن ڪيئن جوڙيو ۽ ڪيئن هلائي رهيو آهي.هتي هڪ ٻي ڳالهه به پڌري ٿئي ٿي ته الله تعاليٰ انسان کي پنهنجو نائب بنائڻ کان پهرين پنهنجي ڪجهه صفتن جو عڪس ان ۾ منتقل ڪيو جنهن ڪري انسان پنهنجا نظام هلائي رهيو آهي يعني پلاننگ،انتظام ۽ خالق سان رابطو.جهڙيء طرح گوگل جي نظام جو خالق ٻاهر رهي هڪ عظيم سسٽم کي جاري رکندو ٿو اچي شايد اهڙو ئي ڪو نظم آهي جو الله هن سسٽم کان ٻاهر رهي به ڪائنات ۽ زندگيء جو نظام جاري ۽ ساري رکندو ٿو اچي.گوگل جا پنهنجا فون اينڊرياڊ بلٽ ان سسٽم سان جڙيل هوندا اهن جن ۾ پنهنجو جي ميل اڪائونٽ وجھي اوهان گونگل سان ڳنڍجي وڃو ٿا.بلڪل ان نموني انسان خدا جي باري ۾ هڪ بلٽ ان فڪري تجسس کڻي پيدا ٿيو آهي جيڪو روح ۾ رچيل آهي.رڳو ان جو اقرار ان جو رابطو پنهنجي رب سان ايڪٽيويٽ ڪري ڇڏي ٿو.هتي غور جي لائق اهو نڪتو آهي ته اسان انٽرنيٽ جي ماحول يا نظم سان  تعلق ان وقت قائم ڪري سگھون ٿا جڏهن اسان ان جي فنڪشنل طبعي پاسي سان سهمت ڪا طبعي ڊوائيس استعمال ڪيون ٿا جيئن ڪمپيوٽر يا سمارٽ فون وائي فائي سسٽم يا ڪيبل ذريعي اسان جو رابطو انٽرنيٽ جي لڪيل نظام سان ڳنڍي ڇڏين ٿا ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ڪائنات جي نظر نه ايندڙ فنڪشنل پيراميٽرز سان تعلق جوڙڻ لاء به نظر نه ايندڙ واسطا گھربل نه هوندا؟ اها ڳالهه عين منطقي آهي ته ڪائنات کي هلائيندڙ نه نظر ايندڙ نظام کي ڄاڻڻ ۽ ان جي خالق سان رابطي جو ڪو طريقو يا ”ڊوائيس“ موجود هجي.پر اها ڊوائيس ڪهڙي ٿي سگھي ٿي؟ڇا عقل يا شعور؟رسالت،عبادت ۽ نماز ته ناهي؟سوچيو! پر هڪ ٻيو اهم سوال ته ڇا ڊيش بورڊ جيان ڪو اعليٰ ”غيبي“ نظام اسان جي سمورن عملن ۽ حرڪتن کي محفوظ نٿو ڪري سگھي؟ڇا ڪنهن ڪڏهن گوگل کي ڏٺو آهي؟خدا جو انڪار ڪندڙ ڇا اسان کي گوگل،فيسبڪ ۽ مائيڪرو سافٽ ڏيکاري سگھن ٿا؟ٿورو سوچيو.هتي انهن شين جي خدا سان ڀيٽ نه پر اهو واضح ڪرڻو آهي ته دنيا جي طبعي ماحول ۾ به اهڙا نظر نه ايندڙ عوامل موجود آهن جيڪي اسان جي عملن ۾ اوتجڻ جي صلاحيت رکن ٿا.جيئن ته جديديت جو فلسفو انسان کي ئي عقل ڪل سمجھي ٿو ان ڪري ان فلسفي تي ايمان آڻيندڙ جديد انسان خدا کي هڪ بيجان ۽ بي عمل هستي يا خيال سمجھي ٿو.جڏهن ته ٻئي طرف اها به حقيقت آهي ته جديد انسان پنهنجي ننڍڙي ۽ محدود عقل سان پنهنجي ۽ ڪائنات جي شروعات ئي نه سمجھي سگھيو آهي ته پوء الله کي ڪيئن سمجھي سگھندو.ان غير يقيني سوچ ۽ عظمت جي خبط جي فطري نتيجي ۾ جديديت جو پيروڪار انسان “عقل جي قبض“ ۾ ڦاسي وڃي ٿو جنهن سان سندس سوچ ۾ اهڙا ناڪاري ذهني تالا لڳي وڃن ٿا جو هٽ ڌرميء سبب پاڻ کان وڌيڪ ڪنهن مٿانهين قوت يعني خدا جو انڪار ڪرڻ لڳي ٿو.باقي جيڪر عقل کي تالا لڳل نه هجن ته هر زبان اهو پڪاري ٿي ته ”هر وک تي تنهن جي قدرت جا لکين جلوا موجود آهن،بيوس منهنجو عقل ٻن اکين سان ڇا ڇا ڏسي!“

(روزاني هلال پاڪستان)

Thursday, May 14, 2020

مافيائون،اسڪينڊل ۽بدنام زمانه احتساب !



شفيق الرحمان شاڪر
گذريل ستر سالن کان هن ملڪ ۾ نعرو اهو ئي لڳندو رهيو آهي ته ”احتساب ڪنداسين” پر جيڪر حڪمرانن جي ڪرتوتن کي ڏٺو وڃي ته اها ئي ڳالهه سامهون اچي ٿي ته ”مڙس ماڻهو ٿي هن ملڪ کي ڦريو ۽ لٽيو۽ پوء بنان ڪنهن ڊپ ڊاء جي کائيندا رهو.“ کنڊ ۽ ڪڻڪ جي اسڪينڊل کان پوء نجي بجلي گھرن (آئي پي پيز) جي معاملي ۾ به حڪمرانن جا جيڪي ڪرتوت سامهون اچي رهيا آهن بس الحفيظ ۽ الامان! نو رڪني انڪوائري ڪميٽيء جي رپورٽ ٽي سو صفحن تائين وڃي پهتي آهي.اها رپورٽ جنهن کي وزير اعظم پبلڪ ڪرڻ،جاچ ڪميٽي جوڙڻ،فرانزيڪ آڊٽ ڪرائڻ ۽ نوي ڏينهن ۾ حتمي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڏني آهي.شروعاتي جاچ مطابق نجي بجلي گھرن جي واڳن اسان کي پنج هزار اٺ سو ارب روپين جو ٽڪو هنيو.غلط انگن اکرن جي اوٽ ۾ اهي ظالم گذريل ٽيهن سالن ۾ چار هزار اٺ سو ارب کائي ويا.گئس جي چوريء مان ٻه سو نو ارب لٽي ويا.منصوبن جي سيڙپ وڌائي چڙهائي ٽي سو ٻاويهه ارب واڌو کڻي ويا.مقرر منافعي کان 565 ارب وڌيڪ منافعو حاصل ڪري ورتائون.1994ع ۾ بينظير دور ۾ جيڪي بجلي گھر لڳا انهن جي سيڙپ پنجاه ارب هئي اهي بجلي گھر هيستائين 415 ارب منافعو ڪمائي چڪا آهن.2002ع ۾ مشرف دور ۾ 58 ارب جي لاڳت جا بجلي گھر لڳا اهي هن وقت تائين 203 ارب ڪمائي چڪا آهن.2015ع ۾ ميان نواز شريف جي دور ۾ لڳل بجلي گھرن ته حد ڪري ڇڏي.حڪومت ۽ نجي بجلي گھرن جي مالڪن وچ ۾ 15 سيڪڙو منافعو طيء ٿيل هو پر انهن 79 سيڪڙو نفعو ڪمايو.رپورٽ مطابق ميان منشا جي ٽن پاور پلانٽس جي گڏيل سيڙپ يارهن ارب اوڻويهه ڪروڙ هئي ۽ اهي مبينا طور تي هن وقت تائين واڌو 51 ارب ۽ 43 ڪروڙ ڪمائي چڪا آهن.جيڪر انهن ٽنهي پلانٽس کي سندن مدي تائين هلڻ ڏنو وڃي ته پوڻا اٺٽيهه ارب وڌيڪ ڪمائيندا.هاڻي ٿورو انهن بجلي گھرن جي گردشي قرضن جو جائزو وٺجي ته زرداري صاحب جي دور ۾ اهو قرض هو 228 ارب يعني ماهوار 4 ارب،نواز شريف جي دور ۾ اهو قرض ٿيو 480 ارب يعني 10 ارب ماهوار ۽ اڄ عمران خان جي دور ۾ اهو گردشي قرض 1100 ارب يعني 41 ارب ماهوار تائين پهچي چڪو آهي.شگر مافيا جيان نجي بجلي گھرن واري مافيا به حڪومت کان سبسڊي حاصل ڪئي.مطلب ته بجلي بليڪ تي وڪي،چوريون به ڪيائون،ناجائز نفعو به ڪمايائون ۽ مٿان وري حڪومت کان امدادي رقمون به وصول ڪيائون.انهن ئي معاهدن سبب هن وقت ملڪ کي روزانو هڪ ارب جو نقصان برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي.مزي جي ڳالهه اها ته اٽي،ڪڻڪ جو اسڪينڊل هجي،کنڊ جو ناٽڪ هجي يا نجي بجلي گھرن جو فراڊ ساڳي سياسي مافيا انهن ڪارنامن پويان بيٺل نطر اچي ٿي جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح هر حڪومت جو حصو رهندا ٿا اچن ۽ هاڻوڪي حڪومت ۾ به ويٺل آهن.هي سائنسي ذهن رکندڙ نهايت ئي چالاڪ ماڻهو آهن جيڪي 180 روپئي مڻ جي حساب سان هارين کان ڪمند خريد ڪري پنهنجي مرضيء موجب کنڊ جو اگھه به پاڻ مقرر ڪن،اها کنڊ ٻاهر ايڪسپورٽ ڪري وڏيون رقمون به ڪمائين ۽ مٿان وري حڪومتن کان من پسند سبسڊي به حاصل ڪن ۽ مارڪيٽ ۾ هٿرادو بحران پيدا ڪري قيمتون وڌيڪ وڌائي ڇڏين.پر اهو تصوير جو ظاهري پاسو آهي،اصل ڌنڌو ته پردي جي پويان آهي.جيئن بينڪن مان قرض وٺي شگر ملون لڳائڻ،بينڪن جي پئسن مان ڪمند خريد ڪرڻ سو به پنهنجي مرضيء جي قيمت تي.اهڙيء طرح بي نامي کنڊ جو ڪاروبار،ڪوڙي ايڪسپورٽ ۽ جعلي اڪائونٽ جوڙي ٽيڪس بچائڻ.اهو ته ٿيو شگر انڊسٽريء جو قصو.پاور سيڪٽر ۾ وري گئس چوري،پلانٽ پرفارمنس،سيڙپ وڌائي چڙهائي پيش ڪرڻ،غلط انگ اکر ڏيئي پئسا ڪمائڻ،مقرر نفعي کان هزار ڀيرا وڌيڪ نفعو حاصل ڪرڻ،اهي اهڙا ڪم آهن جيڪي اسان جا اهي سياسي سائنسدان وڏي مهارت سان ڪري رهيا آهن.
پارليامينٽ جي ڪشمير بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيء جو نون مهينن جي خرچ جو بل 3 ڪروڙ 12 لک سامهون آيو آهي.اعزازي پگهارون 37 لک روپيا،ٻاهرين ملڪن جا دورا اسي لک،کاڌن جو بل يارهن لک،اسٽيشنري97 هزار،قومي اسيمبلي سيشن الائونس ٻاويهه لک،پارليامينٽ جو خصوصي الائونس 18 لک وغيره وغيره.اهو ته ٿيو هڪ قائم ڪميٽيء جو حال،هتي ته سينيٽ،قومي توڙي صوبائي اسيمبلين ۾ سوين اهڙيون ڪميٽيون غريب عوام جي پئسي تي اهڙا عيش ڪري رهيون آهن.هاڻي ان قائمه ڪميٽيء گذريل نون مهينن ۾ ڪشمير جي مسئلي تي جيڪي ڦاڙها ماريا آهن سي سڀني جي سامهون آهن.بهرحال ڳالهه پئي ٿي نجي بجلي گھرن جي راند جي ته رپورٽ مطابق جهانگير ترين مبينا طور تي ٽي ارب پنجاسي ڪروڙ،خسرو بختيار خاندان هڪ ارب اضافي منافعو ڪمايو جڏهن ته روش پاور پلانٽ واري وفاقي وزير رزاق دائود  ۽ ٽن پاور پلانٽس جي ڀائيوار نديم بابر مبينا طور تي 36 ارب جو اضافي نفعو حاصل ڪيو.هاڻي لکن جو سوال اهو ته ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي هن فراڊ ۽ ڌاڙي جو ڪجهه ٿيندو يا نه؟جواب نهايت ئي سادو آهي ته سري محلن ۽ ايون فيلڊ فليٽس جو ڪجهه ٿيو؟العزيزيه،فليگ شپ،شريف شگر ملز ڪيسن جو ڪجهه ٿيو؟ڏهن واليومز تي ٻڌل پاناما ليڪس،25 واليومز جي جعلي اڪائونٽس واري مني لانڊرنگ،بي نامي ملڪيتن،بي نامي کاتن ۽ بي نامي ٽيٽين جو ڪجهه ٿيو؟دوائن وارو اسڪينڊل،نيب المارين ۽ احتساب عدالتن ۾ ڌڪا کائيندڙ ٻارهن سو کان مٿي ميگا ڪرپشن اسڪيڊلز،ريفرنسن جو ڪجهه ٿيو؟ڪجهه ته ڪيس هليا ئي ڪونه، جيڪي هليا سي هلندا ئي ٿا وڃن.جن ڪجهه ڪيسن ۾ سزائون ٿيون انهن جو نتيجو اوهان جي سامهون آهي.نرالا رليف،عجيب ضمانتون،پر اسرار رعايتون ۽ حيرت ۾ وجھندڙ فيصلا.ان ڪري حوصلو رکو ته معمول جيان پراڻن مثالن موجب انهن ٺڳين، چورين،ڌاڙن،بد عنوانين ۽ فراڊن جا راڳ اوهان کي خوب ٻڌڻ لاء ملندا پر نتيجو اهو نڪرندو جيڪو اڳ ۾ نڪرندو رهيو آهي.ان ڪري جو سچ اهو آهي ته هن ملڪ ۾ ڪو به ڪنهن جو احتساب ڪرڻ نٿو گھري بلڪه احتساب جي آڙ  ۾ هر ڪو پنهنجن ڪارن ڪرتوتن لاء  جواز پيدا ڪرڻ گھري ٿو! آخر ۾ عوام جي لاء خوشيء جي خبر اها آهي ته هاڻوڪن احتسابي ۽ انصافي حڪمرانن به نيٺ نيب کي پوريء طرح بي اثر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.



(روزاني هلال پاڪستان)