وَاعْلَمُوا أَنَّمَا أَمْوَالُكُمْ وَأَوْلَادُكُمْ فِتْنَةٌ وَأَنَّ اللَّهَ عِنْدَهُ أَجْرٌ عَظِيمٌ
Friday, April 30, 2021
هدايت جو رستو ؛ اوھان جو اولاد رڳو (اوھان لاءِ) آزمائش آھن
وَاعْلَمُوا أَنَّمَا أَمْوَالُكُمْ وَأَوْلَادُكُمْ فِتْنَةٌ وَأَنَّ اللَّهَ عِنْدَهُ أَجْرٌ عَظِيمٌ
Thursday, April 29, 2021
هدايت جو رستو؛ انھن الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪئي،
ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ شَاقُّوا اللَّهَ وَرَسُولَهُ ۚ وَمَنْ يُشَاقِقِ اللَّهَ وَرَسُولَهُ فَإِنَّ اللَّهَ شَدِيدُ الْعِقَابِ
Wednesday, April 28, 2021
هدايت جو رستو؛ جڏھن الله ياد ڪيو ويندو آھي (ته)
إِنَّمَا الْمُؤْمِنُونَ الَّذِينَ إِذَا ذُكِرَ اللَّهُ وَجِلَتْ قُلُوبُهُمْ وَإِذَا تُلِيَتْ عَلَيْهِمْ آيَاتُهُ زَادَتْهُمْ إِيمَانًا وَعَلَىٰ رَبِّهِمْ يَتَوَكَّلُونَ
Monday, April 19, 2021
هدايت جو رستو؛ روزيءَ مان سٺيون شيون ڪنھن حرام ڪيون آھن؟
Sunday, February 21, 2021
غربت جي باهه ۽ دولت جي غير منصفاڻي ورڇ !
شفيق الرحمان شاڪر
دنيا ۾ جيڪا بک
۽ جيڪو افلاس آهي سو ڪنهن به طور تي وسيلن جي کوٽ سبب نه پر وسيلن جي
غير منصفاڻي ورڇ سبب آهي،غربت دولت جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ پيداوار جي ذريعن تي
مٿانهين طبقي جي قبضي جو نتيجو آهي.سماج ۾ وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ ئي طبقاتي اڻ
برابري ۽ هڪ ٻئي سان نفرت ۽ عداوت کي جنم ڏئي ٿي ۽ اها ئي شيء امير کي
امير ترين ۽ غريب کي غريب ترين بنائي رهي آهي. عالمي اداري ”آڪسيم“ جي هڪ رپورٽ ۾
انڪشاف ڪيو ويو آهي ته دنيا جي رڳو هڪ سيڪڙو امير ترين ماڻهن وٽ 98 سيڪڙو ماڻهن
کان ٻيڻي دولت موجود آهي جنهن ڪري رڳو دنيا جا 22 امير ترين مرد آفريڪا کنڊ جي
گڏيل عورتن کان وڌيڪ امير آهن.برطانيا جي مالياتي ۽ معاشي اداري آڪسيم پاران جاري
ڪيل ان رپورٽ مطابق سال 2019ع ۾پوري دنيا ۾ ارب پتي ماڻهن جو انگ وڌيو آهي ۽ گذريل
هڪ ڏهاڪي ۾ ارب پتي انهيء ۾ گھڻو واڌارو ڏسڻ ۾آيو آهي.رپورٽ مطابق 2019ع جي پڄاڻيء
تي پوري دنيا ۾ 2115 ماڻهو ارب پتي ۽ کرب پتي هئاجن جي گڏيل ملڪيت دنيا جي 6 ارب
90 ڪروڙ ماڻهن کان ٻيڻي هئي.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ارب پتي ماڻهن سميت گڏيل طور
تي دنيا جو هڪ سيڪڙو امير ترين طبقو ئي دنيا جي دولت تي قابض آهي.رپورٽ مطابق پوري
دنيا ۾ ڪاروبار،دولت ۽ ڪمائيء جو غير منصفاڻو نظام رائج آهي ۽ دولت ۽ ڪمائي جي
صنفي بنيادن تي تمام گھڻو تفاوت پاتو وڃي ٿو.انگن اکرن موجب پوري دنيا ۾ رڳو 18
سيڪڙو عورتون حڪومتي وزارتن ۾ قلمدان سنڀالين ٿيون جڏهن ته رڳو 24
سيڪڙو عورتون پارليامينٽ تائين پهچن ٿيون.رپورٽ مطابق جن ملڪن رپورٽ جي تياريء وقت
اداري سان ڊيٽا شيئر ڪئي انهن ملڪن ۾ رڳو 34 سيڪڙو عورتون مينيجرز جي عهدن تي آهن
جڏهن ته اداري انهن ملڪن جا نالا ظاهر ناهن ڪيا.رپورٽ موجب آفريڪا کنڊ جي عورتن جو
انگ ٽي ڪروڙ ٻاهٺ لک آهي ۽ انهن وٽ ايتري دولت به ڪانهي جو اهي سڀ ملي ڪري به دنيا
جي 22 امير ترين مردن جو مقابلو ڪري سگھن.رپورٽ ۾ دولت ۽ ڪمائي ۾ صنفي تفاوت جو
ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ته پوري دنيا ۾ عورتون روزانو 12 ارب ڪلاڪ مفت ڪم ڪن ٿيون ۽
ڪيتريون ئي ڳوٺاڻيون عورتون لاڳيتو 14 ڪلاڪ بنان اجوري جي ڪم ڪن ٿيون.رپورٽ مطابق
پوري دنيا ۾ 15 سالن کان وٺي ان کان وڌيڪ عمر جون عورتون اجوري ۽ مزدوري سواء ڪم
ڪرڻ سبب ساليانو 10.8 ٽرلين يعني اٽڪل 110 کرب ڊالرز جيتري رقم حاصل ڪرڻ کان محروم
رهن ٿيون. عالمي اداري آڪسيم جي رپورٽ ٻڌائي ٿي ته عورتن پاران ڪم جو معاوضو نه
ملڻ واري رقم سالياني ٽيڪنالاجيء جي ادارن مان ٿيندڙ ڪمائيء کان پنجوڻي آهي.انگن
اکرن موجب پوري دنيا جا مرد گڏيل طور تي عورتن کان 50 سيڪڙو وڌيڪ دولت رکن ٿا ۽
عالمي سطح تي ڪم ڪندڙ 42 سيڪڙو عورتون بنان معاوضي جي ڪم ڪن ٿيون جڏهن ته معاوضي
سواء ڪم ڪندڙ مردن جو انگ 6 سيڪڙو آهي. رپورٽ ۾ گھريلو ملازمن جي حوالي سان به انگ
اکر ٻڌايا ويا آهن جن مطابق پوري دنيا ۾ اٽڪل ست ڪروڙ ملازم پنهنجي گھٽ پگھار جڏهن
ته 50 سيڪڙو ملازم قانوني،انساني حقن ۽ طبي سهولتن کان محروم آهن.ان رپورٽ ۾ هڪ
سيڪڙو امير ماڻهن وٽ 98 سيڪڙو ماڻهن کان ٻيڻي دولت موجود آهي.ان جي ابتڙ دنيا ۾
بيروزگاري تي گڏيل قومن جي رپورٽ پڙهجي ته پوري دنيا ۾ اٽڪل 50 ڪروڙ ماڻهو بي
روزگار آهن يا انهن کي جزوي بي روزگاريء کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهيجنهن سبب معاشي
بد امني ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.رپورٽ مطابق سال 2009ع تائين پوري دنيا ۾ هڙتالن ۽
احتجاجي تحريڪن جي انگ ۾ واڌارو ٿيو جن جو سبب اهو به هو ته گھڻا بي روزگار ماڻهو
انهن جلوسن ۽ تحريڪن جو حصو بڻيا.فرانس جي خابرو اداري اي ايف پي گڏيل قومن جي
ذيلي اداري انٽرنيشنل ليبر آرگنازيشن جي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته گذريل
سال ٻي روزگاري جي شرح 5 ڏهائي 4 سيڪڙو هئي جنهن ۾ تبديليء جي اميد نه پئي ڪئي
ويئي پر هن سال جي آخر تائين بي روزگارن جي گڏيل انگ ۾ واڌاري جو امڪان آهي.رپورٽ
۾ معاشي بدتري ۽ آباديء جي اضافي کي ان جو سبب قرار ڏنو ويو آهي.رپورٽ ۾ اهو به
ظاهر ڪيو ويو آهي ته 15 سالن کان 24 سالن جي عمر جا 26 ڪروڙ 70 لک نوجوان بي روزگار
۽ اهي تعليم ۽ تربيت حاصل ڪرڻ کان محروم آهن.آئي ايل او پنهنجي سالياني ورلڊ
ايمپلائيمينٽ اينڊ سوشل آئوٽ لڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته سال 2019ع ۾ رجسٽر ٿيل بي
روزگار ماڻهن جو انگ 18 ڪروڙ 60 لک هو جيڪو هلندڙ سال جي پڇاڙيء تائين 19 ڪروڙ 50
لک ٿيڻ جو انديشو آهي.آئي ايل او جي اڳواڻ گائي رائڊر مطابق عالمي سطح تي روزگار
جي شرح ۾ گذريل سالن دوران اضافو ناهي ٿيو جنهن سان لکين مزدور ماڻهن لاء بهتر
زندگي گذارڻ وڌيڪ مشڪل ٿي ويو آهي.سربراه جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ وڌندڙ اڻ برابري
ماڻهن کي بهتر روزگار ۽ بهتر مستقبل کي حاصل ڪرڻ کان روڪي رهي آهي.صورتحال اندازي
کان به گھڻي خراب آهي.ان جي چوڻ مطابق مناسب روزگار تائين پهچ نه هئڻ پوري دنيا ۾
وڌندڙ احتجاجي تحريڪن ۽ بد امنيء کي هوا ڏيئي رهيو آهي.ان رپورٽ جو تت اهو آهي ته
زمين جي گولي تي پنجاهه ڪروڙن کان مٿي ماڻهو بي روزگار آهن ٻئي طرف بک ۽ بد حاليء
جي باري ۾ به هڪ رپورٽ تي نظر وجھو.بک جي تازه ترين عالمي انڊيڪس موجب هن وقت دنيا
۾ 82 ڪروڙن کان مٿي ماڻهو بک ۽ گھٽ غذا جو شڪار آهن.ان انڊيڪس موجب هن وقت زمين جي
گولي تي 821 ملين انسانن کي زنده رهڻ لاء يا ته کاڌو مهيا ناهي يا وري اهي ڳڻتيء
جوڳي حد تائين خوراڪ جي سخت کوٽ جو شڪار آهن. انهن مان 124 ملين يا اٽڪل ٻارهن
ڪروڙ ماڻهو اهي به شامل آهن جن جو بک جو مسئلو نهايت ئي شديد بڻجي بکون ڪاٽڻ تي
پهچي چڪو آهي.دنيا جا 191 ملڪ اهڙا آهن جتي ماڻهو بکن سبب مري رهيا آهن.دنيا ۾ هر
نون مان هڪ انسان بکيو آهي.
دنيا جي ممتاز ماهر
طبقات اسٽيفن هاڪنگ پنهنجي انٽرويو ۾ چيو هو ته دولت جي غير منصفاڻي ورڇ هن وقت سڀ
کان وڏو چيلينج آهي ۽ انساني لالچ پوري دنيا کي برباد ڪري ڇڏيندي.ڪائنات جو
سٽ سلجھائڻ وارو ڪيمبرج يونيورسٽيء ۾رياضيء جو پروفيسر رهيو.اسٽيفن دنيا کي خبردار
ڪندي چيو هو ته انفرادي ۽ ملڪي سطح تي دولت جي غير منصفاڻي ورهاست اسان جي دور جو
سڀ کان خوفناڪ مسئلو آهي. دولت سبب پيدا ٿيندڙ اوپرائيء ئي برطانيا کي يورپي يونين
کان ٻاهر ڪڍيو آهي.هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته جهڙيء طرح بيماريون،غذائي کوٽ
۽ وڌندڙ آبادي هڪ وڏو چيلينج آهن اهڙِي طرح دولت جو ڪجهه هٿن ۾ گڏ ٿي
وڃڻ به هڪ وڏو چيلينج آهي.ڇو ته دنيا دولت کي منصفاڻي انداز ۾ ورهائڻ ۾ ناڪام ٿي
چڪي آهي ۽ جيڪر اهو سلسلو اڳتي به جاري رهيو ته هو انسان جي ڊگھي مستقبل جي باري ۾
ڪجهه وڌيڪ پر اميد ناهي.هن اهو به چيو هو ته گدلاڻ،لالچ،بيوقوفاڻا رويا ۽ آباديء ۾
اضافو زمين جي هن گرهه لاء وڏا خطرا آهن ته چئي سگھجي ٿو ته غربت جي ڀڙڪيل باهه
دولت جي دنيا کي رک جي ڍير ۾ بدلائي سگھي ٿي!
Thursday, August 27, 2020
ڇا ” مائنس ون“ فارمولا قابل عمل آهي؟
شفيق الرحمان شاڪر
مخالف ڌر عوام ۾ وڃڻ بدران
”سليڪٽرز“ کان ئي مطالبو ڪري رهي آهي ته اهي عمران خان جي حمايت تان هٿ
کڻن.پاڪستان جي سياست جي خاصيت آهي ته ان ۾ بحران پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي برقرار رکڻ
سياست جو اهم حصو آهي اهو ئي سبب آهي جو لاڳيتو سياسي محاذ آرائي يا نوان نوان
شوشا ڇڏڻ به سياسي منظر نامي تي ڇانيل نظر اچن ٿا.هن وقت ظاهر ۾ حڪومت کي ڪو خطرو
نظر نٿو اچي پر اسلام آباد جو سياسي ماحول ۽ ان سان ڳنڍيل سياسي يا ميڊيا جي محاذ
تي موجود سياسي پنڊتن جي چوڻ موجب اسلام آباد جو سياسي ماحول ڪنهن وڏي تبديليء طرف
وڌي رهيو آهي.وڏي تبديليء مان مراد حڪومت
يا وزير اعظم جي تبديلي آهي.باقي ماڻهو ان راند ۾ پنهنجا پنهنجا سياسي رنگ ڀرڻ جي
ڪوشش ڪري رهيا آهن.هن وقت سياسي ماحول ۾ مخالف ڌر جي سياست چئن بنيادي نڪتن جي
چوڌاريء گھمي رهي آهي.پهريون اهو ته حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي جنهن ڪري
ان جي تبديلي اڻ ٽر آهي. ٻيو اهو ته ملڪ جي بحران جو واحد حل نيون منصفاڻيون ۽
شفاف چونڊون آهن ڇو ته ”سليڪٽيڊ حڪومتي طبقو“ نه ته عوامي مينڊيٽ رکي ٿو ۽ نه ئي
ان جي ڪا سياسي ،قانوني ۽ اخلاقي ساک آهي.ٽيون اهو ته جمهوري عمل هلڻ گھرجي پر ان
لاء ضروري آهي ته هاڻوڪو وزير اعظم استعفيٰ ڏئي ۽ پنهنجي جڳهه تي ڪنهن نئين قائد
ايوان جي چونڊ ڪري ته جيئن ملڪ جمهوريت جي پٽڙيء تان نه لهي سگھي.چوٿين ڳالهه اها
ته جيڪي ماڻهو”سليڪٽيڊ وزير اعظم“ ۽ حڪومت کي آڻڻ جا ذميدار آهن اهي پنهنجي فيصلي
تي نظرثاني ڪن ۽ هن حڪومت جي حمايت تان هٿ کڻي نئين حڪومت لاء رستو سڌو ڪن.جيتوڻيڪ
مخالف ڌر جي پنهنجن صفن ۾ ڪنهن به هڪ نڪتي تي اتفاق راء جي کوٽ نظر اچي ٿي ۽ مخالف
ڌر جون جماعتون پاڻ ئي اندروني تضادن جو شڪار نظر اچن ٿيون پر هن وقت هڪ سياسي
نڪتو ”مائنس ون“ جي فارمولي جي چوڌاريء گھمي رهيو آهي.ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته
جيڪڏهن وزير اعظم عمران خان پنهن جي جاء تي ڪنهن ٻئي کي وزير اعظم نامزد ڪري ته
سياسي بحران کي ٽاري سگھجي ٿو.جيڪي ماڻهو مائينس ون فارمولي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن
انهن جي خيال ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان جي وچ ۾ هن وقت لاڳاپا خراب آهن.ان طبقي
جي چوڻ موجب مائينس ون فارمولا به انهيء
اسٽيبلشمينٽ جي سياست سان ڳنڍيل آهي جيڪا نئين سياسي متبادل جي ڳولا ۾ آهي.اهو ئي
سبب آهي جو ڪجهه ڏينهن کان مخالف ڌر جي اڳواڻن جي بيانن ۽ تقريرن ۾ وزير اعظم کان مستعفي ٿيڻ جو مطالبو
شدت اختيار ڪري رهيو آهي. ماضيء ۾ به اسان جنرل ضياءالحق ۽ پرويز مشرف جي دور ۾
مائينس ون فارمولا ڏسي چڪا آهيون.جنرل ضياء پوري ڪوشش ڪئي ته ڪنهن به طريقي سان
پاڪستان جي سياست مان پيپلز پارٽيء کي مڪمل طور تي مائينس ڪيو وڃي پر هو ان ۾
ڪامياب ٿي نه سگھيو.اهڙيء طرح جنرل پرويز مشرف پنهنجي دور ۾ محترمه بينظير ڀٽو ۽
نواز شريف جي مقابلي ۾ امين فهيم ۽ شهباز شريف کي سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو به
پنهنجن سمورين ڪوششن باوجود ڪامياب نه ٿي سگھيو.ان جو هڪ وڏو سبب اسان جي سياسي
قيادتن جو پنهنجن جماعتن تي مضبوط سياسي ڪنٽرول يا اجاراداري آهي.ٻيو اهو ته هتي
سياسي جماعتن جو ووٽ بينڪ ڪنهن فرد جي چوڌاريء گھمندو آهي.اڄ به هتي ووٽ نواز
شريف،ڀٽو خاندان ۽ عمران خان جو آهي. جيڪڏهن اوهان انهن جماعتن کي انهن ماڻهن کان
الڳ ڪري ڏسو ته انهن جماعتن جي حيثيت نهايت ئي ڪمزور نظر ايندي.اهو ئي سبب آهي جو
فوجي حڪمران طبقو به پورو زور هڻي ڪنهن به خاندان کي سياست مان مائينس نه ڪري
سگھيو.خود نواز شريف جيڪو توڙي جو هن وقت عملي طور تي سياست کان ٻاهر آهي پر نون
ليگ جو ووٽ بينڪ اڄ به رڳو نواز شريف جي چوڌاريء ئي گھمي ٿو.اهڙيء طرح تحريڪ انصاف
جي اصل سڃاڻپ عمران خان آهي.ان کان سواء ٻيو ڪو ماڻهو ناهي جنهن کي غمران خان جي
حامين جي غير مشروط حمايت حاصل هجي.ان ڪري جيڪي ماڻهو اهو سمجھي رهيا آهن ته عمران
خان کي ڪڍي ڪنهن ٻئي کي وزير اعظم بنائي سگھجي ٿو اهي غلطيء تي آهن.ماڻهن کي ياد
هوندو ته 2018ع جي چونڊن کان اڳ به اهو شوشو ڇڏيو ويو هو ته عمران خان جي مرڪز ۾
حڪومت ته بڻجي سگھي ٿي پر وزير اعظم عمران خان نه پر ڪو ٻيو ٿيندو يعني عمران خان
کي سونيا گانڌي بنائڻ جي ڳالهه ڪئي ويئي پر ايئن نه ٿيو.هاڻي به جيڪر عمران خان کي
اهو اندازو ٿي ويو ته بحران وڌي ويو آهي ته ڪنهن ٻئي کي نامزد ڪرڻ بدران هو پاڻ ئي
اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيندو ۽ نين چونڊن جو رستو سڌو ڪندو. مخالف ڌر جيڪر سمجھي ٿي ته
عمران خان جي تبديلي اڻٽر آهي ۽ اها ملڪي
مفاد ۾ آهي ته اهو ان جو سياسي حق آهي پر عمران خان کي هٽائڻ جا عملي طور تي چار
رستا آهن.پهريون اهو ته مخالف ڌر جون سموريون جماعتون گڏجي عمران خان خلاف عدم
اعتماد جي تحريڪ پيش ڪن.ٻيو اهو ته عمران خان پاڻ محسوس ڪري ته هو عملي طور تي
ناڪام ٿي ويو آهي يا کيس حڪومت هلائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن ته هو پاڻ وقت
کان اڳ اسيمبليون ٽوڙي نين چونڊن جو اعلان ڪري.ٽيو اهو ته مخالف ڌر جي ڪا وڏي
تحريڪ عمران خان کي استعيفا ڏيڻ تي مجبور ڪري ۽ چوٿون اهو ته مخالف ڌر جون سموريون
جماعتون گڏجي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تان استعيفائون ڏين.اهڙي صورت ۾ ايڏي
وڏي پيماني تي ضمني چونڊون نه ٿي سگھنديون ۽ نيٺ نين چونڊن طرف وڃڻو پوندو.هاڻي
مسئلو اهو آهي جو اهي چارئي رستا مخالف ڌر لاء نهايت ئي ڏکيا آهن.اهو ئي سبب آهي
جو عمران خان جي حڪومت اڃا تائين مخالف ڌر کي پنهن جي لاء ڪو وڏو خطرو سمجھڻ لاء
تيار ناهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي جو مخالف ڌر به چڱيء طرح ڄاڻي ٿي ته عمران خان جي
حڪومت کي جيڪر گھر موڪلڻو آهي ته ان جو رستو ڪنهن موثر جدوجهد بدران اسٽيبلشمينٽ
جي گھر ڏانهن ئي وڃي ٿو.اهو ئي سبب آهي جو مخالف ڌر عوام ۾ وڃڻ بدران ”سليڪٽرز“
کان ئي مطالبو ڪري رهي آهي ته اهي عمران خان جي حمايت تان هٿ کڻن يعني بنيادي نڪتو
اهو ئي آهي ته عمران خان جي حمايت تان هٿ کڻي اهو شفقت جو هٿ سندن سر تي رکيو وڃي
ته اهي پنهن جون سموريون خدمتون کين پيش ڪرڻ لاء تيار آهن.ان صورتحال ۾ ڪيڏانهن
ويئي سياسي جدوجهد ۽ ڪيڏانهن ويو ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو؟پاليامينٽ جي بالادستي يا
قانون جي حڪمراني سميت اسٽيبلشمينٽ جي سياسي مداخلت خلاف نعرن جو ڇا ٿيو؟ جيڪر اهو
ئي ڪم مخالف ڌر اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي ڪرڻ گھري ٿي ته پوء ڇا تبديل ٿيو؟ مائينس ون
جا فارمولا اتي هلي سگھن ٿا جتي سياسي قيادتن جي ڀيٽ ۾ سياسي جماعتون مضبوط هجن ۽
سياسي قيادتون پنهنجن جماعتن سامهون جواب ڏيندڙ هجن.هتي ته سياسي جماعتون عملي طور
تي شخصيتن هٿان يرغمال بڻيل آهن ۽ اهڙي صورت ۾ پارليامينٽ اندر مائينس ون فارمولا
جون ڳالهيون ڪا اهميت نٿيون رکن ڪجهه ماڻهو اها ڳالهه ڪري رهيا آهن ته مائينس ون
فارمولي کي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل آهي پر فوري طور تي ان جو به ڪو امڪان نظر
نٿو اچي.شاه محمود قريشي،فخر امام يا محمد ميان سومرو جا متبادل نالا ڪنهنجي خواهش
ته ٿي سگھي ٿي پر شايد ڪا حقيقت نٿي رکي.تحريڪ انصاف ۾ ڇو ته عمران خان سواء ڪنهن
کي ڪا به سياسي حيثيت حاصل ناهي.عمران خان جي حڪومت ناڪام آهي ته اها ڳالهه مخالف
ڌر جي حق ۾ وڃي ٿي ڇو جو عمران خان جي ناڪامي انهن لاء سياسي رستو سڌو ڪندي پر
جيڪر عمران خان کي هٿرادو طريقي سان يا ڪنهن سازش ذريعي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي
ته ان سان خود هن جمهوري نظام تي به ڪيترا ئي سوال اڀا ٿي ويندا ۽ هي ڪمزور جمهوري
نظام پوئتي به ڌڪجي سگھي ٿو.ان ڪري بهتر ٿيندو ته هن نظام کي هلڻ ڏنو وڃي ۽ جڏهن
به چونڊون ٿين انهن جي مدد سان ئي نئين حڪومت ۽ نئين قيادت جي چونڊ ذريعي ئي
جمهوري عمل کي اڳتي وڌائي سگھجي ٿو.
(روزاني عوامي آواز)
پارلياماني نظام کي ويڙهڻ جا ارادا !
شفيق الرحمان شاڪر
قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس جاري آهن.هلندڙ سيشن رڳو ان
ڪري ٿي رهيا آهن ته جيئن قومي اسيمبلي جا ساليانا مقرر ڏينهن پورا ڪرڻا آهن.رولز
مطابق قومي اسيمبلي جا سال ۾ هڪ سو ويهه ڏينهن سيشن هئڻ ضروري آهي.هلندڙ
پارلياماني سال جيئن ته آگسٽ ۾ مڪمل ٿيڻو آهي تنهن ڪري ان جا مقرر ڏينهن پورا ڪيا
پيا وڃن.هلندڙ سيشن سان جيڪر ڪنهن کي ڪو فائدو آهي ته اهو رڳو اسيمبلي ميمبرن کي
جن کي ٽي اي ڊي اي ملي ويندو.اجلاسن ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاء ڪڏهن حڪومت ۽ ڪڏهن
اپوزيشن مختلف شوشا ڇڏي ڏئي ٿي جيڪي اخبارن ۽ ميڊيا جون مکيه خبرون بڻجي وڃن
ٿيون.هنن ڏينهن ۾ عزير بلوچ اهڙو ئي شوشو آهي.تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽي عزير بلوچ
جهڙي ڏوهاري ماڻهوء تي بحث ڪري رهيا آهن ۽ سٺي رونق متل آهي.هن وقت ٻئي جماعتون
دعويدار بڻيل آهن ته چورن ۽ لٽيرن کي پڌرو ڪيو ويندو.اهڙيء طرح قومي اسيمبليء جا
رهيل ڏينهن پورا ڪيا پيا وڃن.ان کان سواء انهن اجلاسن جو ڪو ٻيو مقصد ناهي.تنهن
هوندي به پردي پويان گھڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي.انهن مان سڀ کان اهم ڳالهه آئين ۾
ترميم متعلق آهي.حڪومت هن وقت تلوار نيام مان ڪڍي ارڙهين ترميم سان ڇيڙ ڇاڙ جي
تياري ڪري ورتي آهي.وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ مالي وسيلن جي ورڇ بابت 2010ع کان قومي
مالياتي ڪميشن سبب جيڪو بندوبست ٿيو هو انهيء کان منهن موڙڻ جي نيت آهي.سينيٽ جي
اجلاس ۾ ارڙهين ترميم تي حڪومت جو ارادو ظاهر ٿي چڪو آهي.متحده جي سينيئر ميمبر
بيريسٽر سيف ذريعي ٻيڙي درياء ۾ لاٿي ويئي آهي.محمد علي سيف سينيٽ ۾ نجي ڪاروائيء
واري ڏينهن هڪ قانون متعارف ڪرائڻ گھريو آهي.پارليامينٽ ۾ هفتي ۾ هڪڙو ڏينهن نجي
ڪاروائيء لاء مخصوص هوندو آهي.ان دوران ڪوبه ميمبر ذاتي حيثيت ۾ قانونسازيء لاء ڪو
بل ايوان ۾ پيش ڪري سگھي ٿو.ان ڪري محمد علي سيف مسودي جي لاء نجي ڪاروائيء جو
ڏينهن ئي چونڊيو جيڪو رڳو ڪو سادو قانون نه پر آئين ۾ ترميم سان تعلق رکي ٿو.سندس
خواهش هئي ته آئين جي آرٽيڪل 160 جي ضمني شق A(3) کي ختم ڪيو وڃي.ان شق مطابق اهو
طيء ڪري ڇڏيو ويو آهي ته ڪنهن به مالياتي سال دوران صوبن لاءرقم مخصوص ڪرڻ وقت ان
ڳالهه کي يقيني بنايو ويندو ته گذريل سال صوبن لاء جيڪو حصو مخصوص ڪيو ويو هو ان ۾
ڪنهن به صورت ۾ گھٽتائي نه ڪئي ويندي.ايوان ۾ پيش ڪيل مسودي ۾ ارادو ظاهر ڪيو ويو
آهي ته ان شق کي ختم ڪيو وڃي.ان مسودي ۾ در اصل فقط ارڙهين ترميم کان ڇوٽڪارو ئي
نشانو ناهي بلڪه ان خواهش جو به اظهار آهي ته پارلياماني نظام کان جان ڇڏائي وڃي
ڇو ته سندن خيال ۾ سٺي حڪومت رڳو ماهرن ذريعي ئي قائم ڪري سگھجي ٿي.ان بحث جي
شروعات ٿيندي ئي اسلام آباد ۾ اڳوڻن بيوروڪريٽس
جي هڪ وڏي اڪثريت پنهنجون شيروانيون تيار ڪرائي رهي آهي.انهن کي به يقين
آهي ته ملڪ جا مسئلا رڳو غير ملڪي يونيورسٽين مان آيل اعليٰ تعليم يافته ٽيڪنوڪريٽس ئي حل ڪري سگھن ٿا.جيڪر اهو معاملو
رڳو سينيٽ لاء آهي ته فضول مشق آهي.آئين ۾ ڪنهن به ترميم لاء ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت
گھربل آهي.حڪومت وٽ اها اڪثريت قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ٻنهي ۾ ڪانهي.سينيٽ ۾ ته
اپوزيشن جو پڙ ڳرو آهي.ٿي سگھي ٿو ته نجي ڪاروائيء واري ڏينهن مسودو پيش ڪري ماحول
جوڙڻ مقصد هجي. مسلم ليگ نون جي شاهد خاقان عباسي ارڙهين ترميم تي ڳالهيون ڪرڻ لاء
راضي نظر اچي ٿوپيپلز پارٽي به ڪنهن حد تائين راضي آهي.سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ جي
يو آئي ايف اپوزيشن جي هڪ وڏي جماعت آهي.سينيٽر عطاء الرحمان ان ترميم جي مزاحمت
جو اعلان ڪيو آهي جنهن بعد تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي ۽ متحده گڏجي به قانون
جو مسودو سينيٽ ڪميٽي آڏو موڪلڻ ۾ ناڪام رهيون.اپوزيشن خوش آهي ته ان آئين سان ڇيڙ
ڇاڙ جي ڪوشش ناڪام بنائي ڇڏي آهي تنهن هوندي به اها ڊنل آهي ته ڪٿي ملڪ ۾ صدارتي
نظام ته متعارف نه پيو ڪرايو وڃي.اهو نظام قائم ٿي ويو ته عمران خان وزارت عظميٰ
ڇڏي ايوان صدر وڃي سگھي ٿو.پوء هو هر شعبي جي ماهرن تي ٻڌل هڪ ڪابينا جوڙيندو جيڪا
نئين نظام جو بنياد رکندي.جيئن ته ٻلي ٿيلي کان ٻاهر اچي چڪي آهي ۽ ارڙهين ترميم
تي سوال اڀا ڪيا پيا وڃن.اهي سوال نهايت ئي سوچ ويچار ۽ منصوبي هيٺ اٿاريا پيا
وڃن.انهن جي حل لاء ڪو منصوبو جڙيو ضرور آهي ۽ اپوزيشن انهيء منصوبي جو منهن پير
ڳولهي رهي آهي.هڪ ٻيو حساس معاملو سامهون آيو آهي ته 19 اڻ چونڊيل ڪابينا ميمبرن
مان 4 خاص معاون ٻٽي شهريت رکن ٿا.ڪابينا ڊويزن انهن جي فهرست ۽ سمورا تفصيل ظاهر
ڪري ڇڏيا آهن.انهيء تي اپوزيشن جو رد عمل به اچي چڪو آهي ته ٻٽي شهريت رکندڙ شخص
پارليامينٽ جو ميمبر نٿو بڻجي سگھي ته پوء انهن کي ڪابينا ۾ ڪيئن ٿو شامل ڪري
سگھجي؟جيئن ته عمران خان ماضيء ۾ ٻٽي شهريت رکندڙ ميمبرن جي سخت مخالفت ڪندو
هو.سوال اهو آهي ته وزير اعظم معلومات هئڻ باوجود ٻٽي شهريت رکندڙن کي پنهنجي
ڪابينا ۾ ڇو شامل ڪيو؟ڇا نئون پاڪستان ٺاهڻ لاء اهڙن ماڻهن جو ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ
ضروري هو؟جيڪڏهن وزير اعظم کي اها ڄاڻ نه هئي ته پوء ته اها اڃا به ڳڻتيء جوڳي
ڳالهه آهي.جيڪر انهن کي ڪابينا ۾ رکڻ ضروري هو ته پوء انهن جا ٻاهرين ملڪن ۾ موجود
اثاثا سامهون آڻڻ جو ڪهڙو مقصد هو؟ ان جو مطلب اهو ٿيو ته انهن مشيرن کي فارغ ڪيو
پيو وڃي ۽ ظاهر آهي ته اهو ڪم حڪومت نه پر ڪنهن ”ٻئي “ ڪيو آهي.مشيرن لاء ته
اڳڀرائي ٿي آهي پر وفاقي ڪيبينيٽ سيڪريٽري سميت هن وقت ملڪ ۾ گھٽ ۾ گھٽ چوويهه
هزار سرڪاري ملازم ٻٽي شهريت رکن ٿا.اهي ماڻهو انهن ملڪن سان وفاداريء جو حلف کنيو
ويٺا آهن. پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 5 ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته هر شهري رڳو ان
وقت رياست جو وفادار هوندو جڏهن اهو ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت نه رکندو هجي.آئين ۾
اها پابندي آهي ته جنهن رياست سان وفاداريء جو حلف ناهي کنيو اهو رياست جي ڪنهن به
فيصلي ڪندڙ فورم تي ويهي نٿو سگھي.وفاقي ڪابينه هڪ فيصلي ساز فورم آهي.ان جي ورڪنگ
ڪجهه ان طرح هوندي آهي جو ان ۾ رڳو اهو ويهي سگھي ٿو جنهن رڳو پنهنجي ملڪ سان
وفاداريء جو حلف کنيو هجي.سرڪاري ملازم،مشير يا وزير مملڪت ان وقت ويهندا آهن جڏهن
انهن جي باري ۾ ڪو نڪتو بحث هيٺ هجي.پنهنجي ڳالهه ڪري يا بريفنگ بعد اهي ماڻهو
ڪابينا اجلاس مان اٿي هليا ويندا آهن پر هن ڀيري اهو ٿي رهيو آهي جو ڪنهن به شيء
جي پابندي نه ٿي رهي آهي جنهن ڪري اهوحساس معاملو کنيو ويو آهي جنهن بعد گھڻا مشير فارغ ٿي ويندا!
(روزاني عوامي آواز)







