قمر ڪوهستانيء جي شاعري؛“محبتون ۽ مرڪون.”
شفيق شاڪر
اهم اهو ناهي ته ڪو ماڻهو ڪٿي ڄائو ۽ ڪيترو عرصو زنده رهيو
پر اهم اهو آهي ته هن ڇا ڪيو ۽ ڪنهن جي لاء ڪيو.اڄ جو هي نئون دور جنهن جي لاء
اسان سڀني جو ضد آهي ته سڌريل ۽ ترقي يافته دور آهي انهيء وٽ سڀ ڪجھ آهي پر
انسانيت جي درد جو درمان ڪونهي.هر طرف مايوسين ۽ نااميدين جي راڪاس دلين کي وڪوڙي
رکيو آهي..سچ جيڪو سنسار جي سونهن آهي انهيء سان ساڙ رکڻ وارا ڏينهون ڏينهن وڌندا
ٿا وڃن،جيڪي سچ کي سچ مڃين ٿا انهن مان به گھڻن پنهن جي عافيت ان ۾ سمجھي آهي ته
خاموش رهجي. سائين قمر ڪوهستاني کي اهو اعزاز حاصل آهي جو هن تمام ڏکين حالتن ۾ به
سچ چيو. هڪ ٻئي کان بيزاريء واري ان ماحول ۾ جڏهن سڀڪو پنهن جن سورن جا داستان
ٻڌائڻ کان ئي واندو ناهي، پنهن جا درد وساري ٻين جي منهن تي مرڪون آڻڻ به ڪو
معمولي ڏانء نه آهي پر قمر جي شاعري صرف کل ڀوڳ ئي نه آهي بلڪه هن سماج جي ننڍ
وڏاين،اڻ برابرين ۽ سماجي اوڻاين خلاف خوبصورت انداز ۾ طنز جا تير وسايا. هو پاڻ
غربت ۽ ڪسمپرسيء واري حالت مان گذريو هو ۽ هن غربت کي ويجھڙائيء کان ڏٺو هو.هن
ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا واري چوڻيء جو عملي مشاهدو ڪيو هو سو ان مخصوص ماحول ۽ زميني
حقيقتن جي لحاظ کان شايد اهي شيون سڌو سنئون نه چئي سگھي ها سو هن پنهن جون اهي
ڪڙيون گوريون مزاح جي چاشني لڳائي کارايون جو هو جن جي خلاف شعر لکندو هو اهي به
محفل ۾ سندس شعرن تي ٽهڪ ڏيڻ سواء نه رهي سگھندا هئا.هن سان محبت ڪرڻ وارا به کوڙ
پر هن سان سڙڻ وارن جي کوٽ نه رهي جو جن کي سونهن سان ساڙ آهي تن کي سچ سان ساڙ
آهي..
22
فيبروري تي مرحوم قمر ڪوهستانيء جي شاعريء جي ڪتاب “ محبتون ۽ مرڪون” جي مهورت
واري تقريب حيدرآباد ۾ ٿي.جيتوڻيڪ قمر جي زندگيء ۾ سندس اها وڏي ۾ وڏي خواهش رهي
ته سندس شاعري ڪتاب جو روپ ڌاري سگھي پر ايئن نه ٿي سگھيو.عباس ڊولپمينٽ فائونڊيشن
جي اڳواڻ شيخ عبدﷲ ڪوهستانيء همت ۽ محنت ڪري اهو خوبصورت ڪتاب ڇپايو آهي جنهن لاء هو جس جو لائق
آهي.جيتوڻيڪ قمر جي گھڻي قدر شاعري طنز ۽ مزاح تي مشتمل آهي پر هن ڪتاب ۾ پڙهندڙن
کي سندس شاعريء جا ٻيا به ڪيترائي خوبصورت رنگ نظر ايندا.416 صفحن تي مشتمل سندس
هن ڪتاب جي قيمت ٽي سو روپيا آهي جيڪو رعايتي اگھ سان اڍائي سو روپين ۾ ملي
ٿو.پهرين 56 صفحن ۾ قمر ڪوهستاني مرحوم جي باري ۾ مختلف اديبن،سندس دوستن ۽ شاگردن
جا سندس باري ۾ تاثر ڏنا ويا آهن.ڪتاب جي آخر ۾ قمر ڪوهستانيء جو هڪ دلچسپ انٽرويو
به شامل ڪيو ويو آهي.ڪتاب ۾ڏنل قمر ڪوهستانيء جي يادگار گروپ فوٽن به ڪتاب جي سونهن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.سندس
مزاحيه شاعريء مان ڪجھ اقتباس پڙهندڙن جي دلچسپيء لاء هيٺ ڏجن ٿا.
واھ ڙي تارا، گول
تارا، پڙهندا هاڻي ڏاڙهيء وارا،
اڪ پن ٿيندا سڀئي ڪارا،پڙهندا هاڻي ڏاڙهيء وارا. ( بالغن جي تعليم)
انگريز اسان جا ٿيندا ٻار،هيلو هيلو ڪري ڪندا کيڪار،
لو جي معنى مس کان پڇندا، معصوميت سان پيا هن ڏي ڏسندا،
او شٽ ڊائون اٽ مينس پيار،انگريز اسان جا ٿيندا ٻار. (
انگلش ميڊيم اسڪول جي افتتاحي تقريب)
ڏسي هرڪو سندم پڪچر، هجان ها ڪاش مان ايڪٽر،
ٿئي چرچو سندم گھر گھر،هجان ها ڪاش مان ايڪٽر،
ڪڏهن مسرت جو هٿ هٿ ۾ ،ڪڏهن نيلو هجي ڪڇ ۾،
ڪڏهن ديبا جھلي ها در.هجان ها ڪاش مان ايڪٽر.
خدارا اخبار ۾ شعر
منهن جو ڇپيو،
ڏجو فوٽو پڻ شهرت جو آهيان بکيو.
نه آ تنهن جو اگر ساٿي، وڃي ڪر عشق فٽ پاٿي،
دليپي وارٺاهي تون،جھجھو پوڊر لڳائي تون،
سڄي کليل رکي ڇاتي، وڃي ڪر عشق فٽ پاٿي.
مٺا تنهن جا پسي درشن،اسان جا ٿيا ٽپڙ ٽيشن،
نوان تنهن جا ڏسي فيشن،اسان جاٿيا ٽپڙ ٽيشن.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو