Thursday, April 7, 2016

شام خلاف زميني فوجون موڪلڻ جي ڌمڪي.

شام خلاف زميني فوجون موڪلڻ جي ڌمڪي.
شفيق شاڪر

سعودي عرب طرفان تازو شام ۾ پنهنجون زميني فوجون داخل ڪرڻ وارو اعلان شايد صرف ڪا جنگي اٽڪل يا دٻاء واري ترڪيب هجي پر جيڪڏهن واقعي ايئن ٿئي ٿو ته اها حقيقت ۾ آمريڪا ۽ روس جي وچ ۾ باقائدي عالمي جنگ جي شروعات هوندي جنهن جا اثر خطرناڪ حد تائين هاڃيڪار نڪرندا ۽ شايد پوء اهڙي ڀڙڪيل باھ کي آسانيء سان وسائي نه سگھجي.رپورٽن مطابق سعودي عرب اٽڪل ڏيڍ لک مظبوط فوج شام ۾ داخل ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي جنهن جو جواز شام ۾ موجود داعش جي دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ ٻڌايو پيو وڃي.هڪ سعودي آفيسر سي اين اين کي ٻڌايو ته سعودي فوج کان سواء شام ۾ داخل ٿيندڙ زميني فوج ۾ ٻين سعودي اتحادين اردن،مراڪش،قطر،مصر،ترڪي،سوڊان،بحرين ۽ گڏيل عرب امارتن جون فوجون به شامل هونديون.
شام جي پرڏيهي وزير وليد المعلم انهيء خبر تي پنهن جو سخت موقف ڏيندي چيو ته شام جي خلاف ان قسم جي ڪنهن به فوجي حرڪت کي شام جي خودمختياري خلاف ڪاروائي سمجھيو ويندو ۽ ان ڪاروائيء ۾ حصو وٺندڙن پوء اهي  شام ۾ داخل ٿيڻ لاء ڀلي مقصد ڪهڙا به بيان ڪن پر انهن جا لاش ڪاٺ جي صندوقن ۾ سندن ملڪن کي واپس ڪيا ويندا.
ٻئي طرف آمريڪي صدر بارڪ اوباما سعودي عرب طرفان شام ۾ فوجون داخل ڪرڻ جي ان فيصلي جي آجيان ڪئي آهي.اوباما جو ڊفينس سيڪريٽري اشٽن ڪوارٽر هن هفتي بروسلز ۾ آمريڪي اتحادين سان سعودي عرب جي شام جي باري ۾ موجوده فوجي منصوبي تي صلاح مشورا ڪندو ته ان معاملي کي ڪيئن اڳتي وڌايو وڃي.سعودي حڪومت جو ترجمان اڳ ۾ ئي چئي چڪو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا جي اڳواڻيء ۾ جڙيل اتحاد ان منصوبي تي راضي ٿيو ته سندس ملڪ شام ۾ فوجون داخل ڪرڻ واري پروگرام تي عمل ڪندو.اڄ ڪلھ اهم آمريڪي عملدار جن ۾ ڪارٽر سان گڏوگڏ  آمريڪي نائب صدر جو بائيڊن به شامل آهي مسلسل صدر اوباما تي علاقائي عرب ملڪن جي فوجن کي شام ۽ عراق ۾ داخل ڪرڻ لاء گھڻو دٻاء وجھي رهيا آهن. ڪارٽر ۽ بائيڊن اهو به چئي چڪا آهن ته جيڪڏهن شام جي باري ۾ جنيوا ۾ ٿيندڙ ڳالهيون ناڪام ٿين ٿيون ته آمريڪا پنهن جون زميني فوجون به شام ۾ موڪلڻ لاء تيار آهي.
هاڻي جنيوا ۾ ٿيندڙ ڳالهيون ته جهڙوڪر ناڪام ٿي چڪيون آهن.ته پوء ڇا اهو سمجھيو وڃي ته آمريڪا جي اڳواڻيء ۾ اتحادي زميني فوجون شام واري رستي تي آهن؟ پر ان سوال جي جواب کان پهرين جيڪڏهن اسان ٿورو پوئتي موٽي هلون ته اهو پهريون ڀيرو نه آهي جو سعودي حڪومت شام کي اهڙي ڌمڪي ڏني آهي،ڊسمبر جي وچ ڌاري جڏهن سعودي  عرب دهشتگردن جي خلاف پنهن جي اڳواڻيء ۾ 34 ملڪن جو فوجي اتحاد جوڙيو هو ته سعودي اعلان ڪيو هو ته اهو اتحاد ڪنهن به ملڪ ۾جنهن ۾ شام به شامل آهي فوجي ڪاروائيء جو حق محفوظ رکي ٿو جتي هو محسوس ڪري ته دهشتگرديء جو ڪو خطرو موجود آهي.
هڪ ٻي اهم ڳالھ اها ته سعودي حڪومت آمريڪا طرفان شام جي بحران تي شروع ڪيل سفارتي ڪوششن تي خوش نه آهي.جان ڪيريء طرفان شام ۾ پنجن سالن کان نه کٽندڙ جنگ ۾ امن جو ڪو رستو ڳولهڻ جي لاء ڳالهين جي ڪوششن کي سعودي حڪمران شام جي صدر بشارالاسد ۽ سندس اتحادين روس،ايران ۽ لبنان جي حزب ا کي اجايون رعايتون مهيا ڪرڻ جو عمل سمجھن ٿا.  تجزيي نگارن مطابق جنيوا مذاڪرات جيڪي گذريل هفتي بنان ڪنهن نتيجي ختم ٿي ويا انهن ۾ واشنگٽن جي دلچسپي شام مان جنگ ختم ڪرڻ لاء نه پر ڪنهن به طرح صدر اسد کي حڪومت کان پاسيرو ڪرڻ ۽ شام ۾ روسي فوجي ڪاروائي روڪڻ جو جواز فراهم ڪرڻ آهي.
واشنگٽن پوسٽ پنهنجي رپورٽ ۾ ان طرف اشارو ڪندي لکيو آهي ته “ روس جي نه ختم ٿيندڙ بمباريء جي نتيجي ۾ اوباما انتظاميه شام ۾ پنهنجو پاڻ کي تيزيء سان ڪنڊائتو ۽ بي اختيار ٿيندي محسوس ڪري رهي آهي ۽ اهو به ته هن جي (آمريڪي) سموري سفارت ان بمباريء کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.”
ٻين لفظن ۾ جان ڪيريء طرفان شروع ڪيل جنيوا سفارتڪاري حقيقت ۾ روس جي صدر پوٽين طرفان چار مهينا پهرين شروع ڪيل شام ۾ بمباريء کي روڪڻ لاء هئي جيڪا ڪوشش في الحال ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ روسي فوجي مداخلت جي ڪري شامي فوجون سندن ڪنٽرول مان نڪتل ڪيترن ئي علائقن تي واپس قبضو حاصل ڪنديون ٿيون وڃن. ٻئي طرف روسي ڪاروائيون رڪجڻ جي بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن جنهن صورتحال واشنگٽن ۽ سندس اتحادين ۾ وڏي ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي.روس ۽ شام اهو دليل ڏين ٿا ته اقوام متحده طرفان کين آئي ايس ۽ القائده سان لاڳاپيل دهشتگرد گروپن خلاف ڪاروائيء جو حق حاصل آهي.پر هاڻي اهو صاف نظر اچي ٿو ته ڪيري طرفان شروع ڪيل جنيوا مذاڪرات جو ڍونگ به صدر اسد جي حڪومت ختم ڪرڻ جي هڪ چال هئي. ماسڪو گذريل هفتي اهو واضح ڪيو هو ته جيستائين به شام ۾ ڪو دهشتگرد ٽولو موجود آهي هو شام ۾ بمباري بند نه ڪندو. شام جي پرڏيهي وزير به بيان ڏنو ته شامي حڪومت تيستائين ڪابه جنگبندي نه ڪندي جيستائين شام ۾ موجود غيرقانوني هٿياربند هٿيار ڦٽا نٿا ڪن. جيڪڏهن سڄي صورتحال جو ڇيد ڪجي ته ان نتيجي تي پهجبو ته جيئين ته صدر اسد جو طاقت جي زور تي تختو اونڌو ڪرڻ جو پلان ڪامياب نه ٿي سگھيو آهي ۽ جنيوا مذاڪرات وارو ناٽڪ به ناڪام ٿي ويو،جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا سخت پريشاني ۽ پشيمانيء جو شڪار آهي ۽ صدر اسد خلاف نوان رستا تلاش ڪيا پيا وڃن.سعودي، ترڪي ۽ ٻين علاقائي آمريڪي اتحادين طرفان شام ۾ زميني فوجون موڪلڻ جي ڌمڪي به ان آمريڪي پريشانيء کي ظاهر ڪري ٿي. ان سموري عمل جو مقصد شام ۽ روس تي جنگ بنديء جي لاء موثر دٻاء وجھڻ آهي ته جيئن شامي حڪومت مخالف باغين جي لاء ساه کڻڻ لاء في الحال ڪا گنجائش پيدا ڪري سگھجي. فوجي تجزيي نگار مليٽري نقطه نظر کان شام ۾ سعودي زميني فوجون داخل ٿيڻ واري ڪاروائيء کي قابل عمل  ۽ سنجيده نٿا سمجھن.جنهن جي لا هو اهو دليل ڏين ٿا ته سعودي فوج گذريل ڏهن مهينن کان يمن ۾ ڦاٿل آهي پر اتي به ڪا فيصلائتي ڪاميابي حاصل نه ڪري سگھي آهي. پر خطرو اهو آهي ته آمريڪا ۽ سعودي عرب جيڪڏهن  غير حقيقت پسنديء وچان شام جي باري ۾ ڪو غلط اندازو لڳائي پنهن جون فوجون واقعي شام ۾ داخل ڪري ويٺا ته اهو بارود کي تيلي ڏيکارڻ برابر هوندو ۽ اهو واقعو دنيا کي ڪنهن نئين عالمي جنگ طرف ڌڪي سگھي ٿو.

تاريخ ٻڌائي ٿي ته جنگيون ڪنهن سمجھ ڀرئي فيصلي جو نتيجو نه پر عظيم حماقتن جي کک مان ئي جنم وٺنديون آهن!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو