Saturday, April 9, 2016

ڏينهن ۽ رات ڪيئن ٿا ٿين؟

ڏينهن ۽ رات ڪيئن ٿا ٿين؟ سنڌي       
How Days and Nights are Converted - Sindhi
By MUHAMMAD NAVEED JAMALI



ڏينهن ۽ رات ڪيئن ٿا ٿين؟ سنڌي 
How Days and Nights are Converted - Sindhi 

زمين هر وقت لاٽونءَ وانگر، پنهنجي محور جي چوڌاري ڦِري پئي، پر اسين زمين جي ڦيري کي محسوس ڪري نٿا سگهون. اِنهيءَ ڦيري يا گردش جي ڪري ڏينهن ۽ رات ٿين ٿا. جڏهن زمين جو اُهو حصو، جنهن ۾ اسين رهون ٿا، سو سج جي سامهون اچي ٿو، تڏهين اسان وٽ ڏينهن هوندو آهي ۽ ٻئي حصي ۾ وري رات، پوءِ جيئن جيئن زمين جي گردش ٿيندي ويندي، تيئن تيئن اُهو حصوجنهن ۾ ڏينهن هوندو آهي، سو روشنيءَ مان نڪرندو ويندو ۽ اسان وٽ رات ٿيندي ۽ ٻين حصن ۾ وري ڏينهن زمين اولهه کان اوڀر طرف ڦرندي آهي، ۽ سندس ڦيرو چوويهن ڪلاڪن جو هوندو آهي، جنهن مان ٻارنهن ڪلاڪ کن ڏينهن ۽ ٻارنهن ڪلاڪ کن رات هوندي آهي. مطلب ته سج لهي به ڪونه ٿو ۽ لِڪي به ڪونه ٿو. پر زمين جي ڦيري جي ڪري، زمين تي رات ۽ ڏينهن جي تبديلي ٿئي سج، چَنڊ ۽ تارا به پنهنجي جاءِ مٽائن ٿا. ائين ڏسبو آهي ڄڻ سج اوڀر کان ”اڀري ٿو“ ۽ اولهه ڏانهن ”لهي ٿو“. چنڊ به ساڳيءَ طرح آهي. تارا به شام جو هڪ هنڌ ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ ٻن- چئن ڪلاڪن کانپوءِ ڏسبو ته اُنهن جو هنڌ ٻيو هوندو ۽ اُهي به اوڀر کان اولهه ڏي رڙهي ويا آهن! اِهي سڀ زمين جي محوري گردش جي ڪري، اوڀر کان اولهه ڏي لهندي ڏسجن ٿا ٿي اهي ته ٿيا تارا، چنڊ ۽ سج، ڀلا اوهين اِهوٻڌايو ته آسمان ۾ جي ڪڪر ڏسبا آهن، سي ڇا آهن؟ توهان ڏسندا هوندا ته چلهه تي چڙهيل گرم پاڻي ٿوري وقت کان پوءِ ڪجهه گهٽ ٿي ويندو آهي. ڀلا، اُهو پاڻي ڪيڏانهن ويو؟ ڪپڙن کي ڌوئڻ کان پوءِ اُس ۾ سڪائبو آهي؛ ڪپڙا سُڪي ويندا آهن، پر اُهو پاڻي ڪيڏانهن ويو، جيڪو ڪپڙن ۾ هو؟ حقيقت ۾ اهو پاڻي ٻاڦ يا بخار ٿي هوا ۾ ملي وڃي ٿو. اُس جي گرمي اهڙي طرح پاڻيءَ کي بخارجڻ ۾ مدد ڪري ٿي. سمنڊن، دريائن ۽ ڍنڍن جو پاڻي سج جي گرميءَ جي ڪري بخار ٿي هوا ۾ ملندو رهي ٿو، ۽ اُها هوا مٿي چڙهي ٿڌي ٿي وڃي ٿي، جنهن کان پوءِ اُهو آبي بخار ڪڪر ٺهن ٿا. اهي ڪڪر پوءِ بلڪل ننڍن ڦُڙن جي شڪل اختيار ڪن ٿا. اهڙي طرح ساڳيو پاڻي برسات يا مينهن جي صورت ۾ وَهي واپس سمنڊ ۾ وڃي پوي ٿو، ۽ ائين ساڳيو سلسلو وري شروع ٿيو وڃي. اِن کي ”پاڻيءَ جو چڪر“ به چئي سگهجي ٿو. ڪڏهين ڪڏهين ته اهو آبي بخار مٿي ٿڌين هوائن سبب هڪدم ايترو ٿڌو ٿي ويندو آهي، جو برف جي شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي ۽ ڳڙن جي شڪل ۾ زمين تي اچي ڪِرندو آهي. پر اِها اُن جي ڪا فائدي واري صورت ڪانهي: ڪڏهين ڪڏهين ته اِهي برف جا ڳڙا سخت نقصان رسائيندا آهن، اِنهن جي ڪري فصلن کي تمام گهڻو نقصان پهچندو آهي، اِنهن جي ڪري گهرن جون ڇِتيون به ڪِري سگهن ٿيون. اِن باري ۾ اڄ اسين اهو به معلوم ڪري سگهون ٿا ته ميِنهن ڪيترو ۽ ڪٿي وسندو. هزارن سالن کان انسانن دنيا جي هر خطي ۾ موسمن جي ڦير گهير محسوس ڪئي آهي ۽ انهيءَ تبديليءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي ته آخر مينهن ڪيئن ٿو وسي، ڏُڪار جا سبب ڪهڙا آهن، يا وري ٿڌيون ۽ گرم هوائون يا طوفان ڪيئن ٿا اچن، ۽ انهن جا سبب ڪهڙا آهن؟ مهاڻا ۽ هاري- ناري ته موسم تي ئي دارومدار رکن ٿا، ڇو ته سندن ڪم جو نمونو ئي اهڙو آهي. ان سلسلي ۾ هو چڱي ڄاڻ ۽ فهم پڻ رکن ٿا، ۽ هو پنهنجا ڪم ڪاريون آبهوا ۽ موسمن سارو ئي ڪندا آهن. مثال طور، هڪ سٺو ڪُڙمي پنهنجي ٻنيءَ جو ڪم يعني ٻنيءَ کي هر ڏيڻ، فصل پوکڻ، لڻڻ ۽ ٻيا ضروري ڪم صحيح وقت تي ڪندو، ڇو ته کيس اِهو اندازو هوندو آهي ته هاڻ ڇا ٿيڻ وارو آهي، ۽ اِن ڪري هو هميشه موسمن جي مناسبت سان گرميءَ ۽ سرديءَ مان گهڻي ۾ گهڻو فائدو حاصل ڪندو آهي. مهاڻا پڻ ساڳيءَ طرح موسم جو چڱو فهم رکن ٿا. موسمن جي سمجهڻ لاءِ موسمن جو مشاهدو ۽ ذاتي تجربو به ضروري آهي، پر تمام گهڻن ملڪن ۾ موسميات جو قومي ادارو هوندو آهي، جيڪو سڄي سال ۾ آبهوا جي پيشنگوئي يا اڳڪٿي ڪندو آهي. اِهي ادارا پنهنجن ماڻهن کي آبهوا جي ايندڙ ردبدل جي خبر ڏين ٿا، ۽ اُنهن کي طوفان، ٻوڏن، سخت مينهن ۽ خشڪ ساليءَ جي نقصانن کان بچاءَ جو موقعو ڏين ٿا. اڳواٽ اطلاع ملڻ جي ڪري ماڻهو پنهنجا ٽڙ ٽپڙ، گهر تڙ ۽ جان مال بچائي سگهن ٿا ۽ پڻ پنهنجي فصلن جي وقتائتي پوکڻ، سنڀالڻ ۽ لاباري وغيره جو بندوبست ڪري سگهن ٿا. موسميات جا ماهر هوائن تي ضابطي رکڻ جي پڻ ڪوشش ڪندا آهن، ۽ هو اهي ويچار ڪندا رهن ٿا ته طوفان (مينهن) ۽ هوائن کي پنهنجي مرضيءَ ۽ ضرورت پٽاندر آڻين ۽ هلائين چلائين ته جيئن ڏڪار جي وقت مينهن وسائي سگهجي ۽ ٻوڏن جي وقت ۾ ميِنهن کي روڪي سگهجي. پر اڃا تائين هو ان ڪوشش ۾ پورا ڪامياب نه ويا آهن. پر اسان جا اڻ پڙهيل هاري ۽ مهاڻا، پنهنجي مشاهدي ۽ تجربي جي ڪري هوائن جي تبديلي محسوس ڪري وٺن ٿا، ۽ پنهنجو ڪم موسمن موجب ئي ڪن ٿا. ۽ ائين هو پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ذهن آهر موسميات جا ماهر ثابت ڪن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته مستقبل ۾ سائنسدان اِنهن سڀن ڳالهين تي پوريءَ طرح ڪنٽرول ڪري سگهن. اسين سائنس جي اڄوڪيءَ تيز رفتاري ڏسي، اِها ڳالهه پوري اعتماد سان چئي سگهون ٿا. موسمن جي سمجهڻ لاءِ موسمن جو مشاهدو ۽ ذاتي تجربو به ضروري آهي، پر تمام گهڻن ملڪن ۾ موسميات جو قومي ادارو هوندو آهي، جيڪو سڄي سال ۾ آبهوا جي پيشنگوئي يا اڳڪٿي ڪندو آهي. اِهي ادارا پنهنجن ماڻهن کي آبهوا جي ايندڙ ردبدل جي خبر ڏين ٿا، ۽ اُنهن کي طوفان، ٻوڏن، سخت مينهن ۽ خشڪ ساليءَ جي نقصانن کان بچاءَ جو موقعو ڏين ٿا. اڳواٽ اطلاع ملڻ جي ڪري ماڻهو پنهنجا ٽڙ ٽپڙ، گهر تڙ ۽ جان مال بچائي سگهن ٿا ۽ پڻ پنهنجي فصلن جي وقتائتي پوکڻ، سنڀالڻ ۽ لاباري وغيره جو بندوبست ڪري سگهن ٿا. موسميات جا ماهر هوائن تي ضابطي رکڻ جي پڻ ڪوشش ڪندا آهن، ۽ هو اهي ويچار ڪندا رهن ٿا ته طوفان (مينهن) ۽ هوائن کي پنهنجي مرضيءَ ۽ ضرورت پٽاندر آڻين ۽ هلائين چلائين ته جيئن ڏڪار جي وقت مينهن وسائي سگهجي ۽ ٻوڏن جي وقت ۾ ميِنهن کي روڪي سگهجي. پر اڃا تائين هو ان ڪوشش ۾ پورا ڪامياب نه ويا آهن. پر اسان جا اڻ پڙهيل هاري ۽ مهاڻا، پنهنجي مشاهدي ۽ تجربي جي ڪري هوائن جي تبديلي محسوس ڪري وٺن ٿا، ۽ پنهنجو ڪم موسمن موجب ئي ڪن ٿا. ۽ ائين هو پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ذهن آهر موسميات جا ماهر ثابت ڪن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته مستقبل ۾ سائنسدان اِنهن سڀن ڳالهين تي پوريءَ طرح ڪنٽرول ڪري سگهن. اسين سائنس جي اڄوڪيءَ تيز رفتاري ڏسي، اِها ڳالهه پوري اعتماد سان چئي سگهون ٿا.

)جناب محمد نويد جمالي صاحب جي بلاگ تان ورتل)


       

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو