Friday, July 1, 2016

وال پــــيــــپـــــــر : ڪراچيءَ اندر دهشتگردي جي وري آيل لهر


مدد علي سنڌي
سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ ٻيهر، هٿرادو طريقي سان دهشتگردي جي هڪ لهر اڀاري وئي آهي، اها لهر اٿارڻ جو به هڪ مقصد آهي. خاص طور تي عيدالفطر اچڻ کان اڳ ۾، هن شهر ۾ دهشتگردي جا ٻه وڏا واقعا ڪرائڻ جو مقصد، هڪ طرف ڊپ پيدا ڪرڻ آهي، ته ٻئي طرف ان جو مقصد، ڪنهن خاص گروهه طرفان پنهنجي هڪ هٽي به قائم ڪرڻ آهي، ڇا هڪ آرٽسٽ، امجد صابري جو قتل هڪ المناڪ واقعو ڪونهي؟ ڇا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سيد سجاد علي شاهه جي فرزند سيد اويس جو ڏينهن ڏٺي اندر، ڪلفٽن جي ڀريل علائقي مان اغوا هڪ سازش ڪونهي؟ ڇا انهن ٻنهي واقعن جو هڪ ئي مهيني، ۽ ٻن ڏينهن اندر ڪرڻ هڪ رٿابندي ڪونهي؟ اهو سمورو معاملو، هر ڪنهن کي سمجهه ۾ اچي رهيو آهي. بدقسمتي سان هن شهر کي برباد ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪجهه ڪيو ويو، اهو معاملو ضرور پنهنجي منطقي انجام تائين پهچڻ وارو آهي، ۽ معاملي جي به هر ڪنهن کي چڱي ريت ڄاڻ آهي. اهو ته شڪر ٿيو جو رينجرز طرفان هن شهر ۾ ٽارگيٽ ڪلنگس ڪندڙ يا ڀتو وٺندڙن گروهن، دهشتگردي ۽ انهن جي راهه هموار ڪندڙن، سهوليت ڪارن خلاف هڪ ڪامياب آپريشن ڪيو ويو، جنهن ڪري ڪجهه وقت عام ماڻهن سک جو ساهه کنيو. پر هڪ ڀيرو وري دهشت پکڙڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. ان معاملي جو پاڪستان جي فوج به سختيءَ سان نوٽيس ورتو جنهن جي نتيجي ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف ڪراچيءَ پهچي، هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي، سختيءَ سان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪراچيءَ جو امن تباهه ڪندڙن کي ڪنهن به شڪل ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، بلڪ هنن کي ڳولي ڳولي لڌو ويندو. هن جو چوڻ هو ته ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته جيستائين ڏوهارين، دهشتگردن ۽ امن کي برباد ڪندڙن جو خاتمو نه ايندو، ان مهل تائين ڪراچي سميت ملڪ ۾ آپريشن جاري رهندو. ان لاءِ آپريشن لاءِ انٽيليجنس جا سمورا ذريعا مددگار ٿيندا رهندا. هن هدايت ڪئي ته بنا ڪنهن فرق جي امن برباد ڪندڙن جي پڪڙ ڪئي وڃي.
بنيادي طور تي اها حقيقت آهي ته ڪنهن به سرجيڪل آپريشن جي معاملي ۾ يا ان جو مقصد، دهشتگردي جو سموري نيٽ ورڪ جو خاتمو بنيادي شرط هوندو آهي. ان سلسلي ۾ جنرل راحيل شريف جو اهو چوڻ درست آهي ته دهشتگردي ان جي سهوليت ڪاري يا انهن جي مالي سهڪار مهيا ڪندڙن جو به خاتمو لازمي آهي. هاڻ اها ڳالهه ثابت ٿي وئي آهي ته ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگس ۽ خوف هراس پيدا ڪندڙ ڪير آهن. سندن مقصد ڪهڙو آهي. يا خوف پکيڙڻ وارن واقعن جو مقصد ۽ انجام اصل محرڪ ڪهڙا آهن. ڇاڪاڻ ته جيستائين خوف ۽ هراس پکيڙڻ، دهشتگردي ڪرڻ جي پويان لڪل اصل محرڪ ۽ سهوليت ڪارن جي قانون ۾ گرفت نه ايندي ان مهل تائين اهو سلسلو پنهنجي منطقي انجام تائين اصل نه پهچي سگهندو. بلاشڪ، سول حڪومتون ان سلسلي ۾ ڪوشان آهن، پر ماضي جي حڪومتن جي ڪمزور فيصلن سبب ڏوهاري پڪڙ ۾ نه اچي سگهيا. جن جي سرپرستي ڪجهه سياسي جماعتن ضرور ڪئي آهي. ڇا هن حقيقت کان انڪار ڪري سگهنداسين ته دهشتگرديءَ سبب پاڪستان کي ڪيترو نه نقصان پهتو آهي. چيئرمين سينيٽ جناب رضا رباني موجب صوبي خيبرپختونخواهه ۾ ڪجهه وقت اڳ دهشتگردي جي زور وٺڻ سبب لکين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پئي پياريا ويا، جڏهن ته ان کان پوءِ ضرب عضب آپريشن کان پوءِ 6 لک ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا آهن.
اهو هڪ اهم مثال آهي انارڪي ۽ دهشتگرديءَ جو نه ته هن کان اڳ دهشتگردي سبب پوليو جا ڦڙا پياريندڙن کي گولين جو نشانو پئي بنايو ويو، نتيجي ۾ اهي 6 لک ٻار پوليو جي ڦڙن جي حاصلات کان محروم پئي ٿي ويا. ڇا اهو ظلم ڪونهي، يا هن ظلم جي ڪري خبر ناهي ڪيترا هزار ٻار پوليو جا ڦڙا نه واپرائڻ سبب معذوري جي عذاب ۾ هليا ويا هوندا؟ دهشتگردي پوءِ اها ڪنهن به صورت ۾ هجي يا ڪٿي به کڻي ڇو نه هجي. هر طرح سان هاڃيڪار ٿيندي آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.
پاڪستان دنيا جي انهن چند ملڪن ۾ اعليٰ مقام رکي ٿو، جتي امن امان، ڪرپشن، غربت، بيروزگاري ۽ لاقانونيت وغيره جي ڪا کوٽ ڪونهي. انهن شين کي هن ملڪ ۾ آڻڻ لاءِ پاڪستان جي هر ”محب وطن“ حڪمران پنهنجي وسان ڪين گهٽايو، انهن جي اڻ ٿڪ پورهئي ۽ محنت جو ئي نتيجو آهي، جو اڄ پاڪستان انهن سڀني شين ۾ پاڻ ڀرو آهي، هرو ڀرو دنيا جي آڏو گهٽ ۾ گهٽ مٿي ذڪر ڪيل شين ۾ هٿ ٽنگڻ تي مجبور ناهي. انهن ”عظيم ڪارنامن“ جو اعزاز ڪنهن هڪ حڪمران کي ڏيڻ ناانصافي ٿيندي. تنهن ڪري انصافي تقاضن کي نظر ۾ رکندي، پاڪستان جي گذريل 68 سالا تاريخ ۾ جيڪي به حڪمران آيا انهن ۾ ڪي حڪمران وري پنهنجي خاص ۽ منفرد قسم جي سڃاڻپ رکن ٿا، جيئن جنرل ضياءُ الحق ڪلاشنڪوف، هيروئن ۽ دهشتگردي جو جيڪو ٻج افغان جنگ جي آڙ ۾ پاڪستان ۾ آندو، اهو اعزاز انهيءَ کان ڪير به ڦري نٿو سگهي، ڀلي جمهوريت لاءِ ڪيتريون قربانيون ڏيندڙ هن ڳالهه جي وڏي فخر سان دعويٰ ڪن پر اها هڪ حقيقت آهي ته جنرل ضياءَ کان اڳ 1975ع ۾ پاڪستان ۾ پهريون افغان سيل قائم ڪيو هو ۽ اتي انهن ماڻهن کي پناهه ڏني هئي، جن 1975ع ۾ افغانستان ۾ سردار دائود جي سيڪيولر حڪومت جي خلاف بغاوت ڪئي هئي. انهن اڳواڻن ۾ گلبدن حڪمت يار (غلزئي پٺاڻ)، احمد شاهه مسعود (تاجڪ) ۽ برهان الدين رباني جماعت اسلامي افغانستان جي صدر کي پاڪستان ۾ پاڻ وٽ رهايو، جنهن جو ڀرپور فائدو وٺندي ضياءُ الحق آمريڪا، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن روس جي خلاف سرحد صوبي ۽ فاٽا جي علائقي ۾ تقريبن هڪ لک مجاهدن کي ويڙهه جي تربيت ڏيڻ شروع ڪئي. انهيءَ جنگ لاءِ پوري دنيا مان جهاد جي نالي ۾ فنڊ ڪرڻ واسطي آغا حسن عابدي بي سي سي آءِ (جنهن پاڪستان ۾ يو بي ايل ۽ حبيب بئنڪ جو بنياد وڌو) The Bank of Credit and Commerce International جو بنياد رکيو. ڪراچي ۽ لنڊن ۾ هن بئنڪن جون هيڊ آفيسون هيون. 30 هزار ملازم هئا. 78 ملڪن ۾ 400 برانچون هيون، هن بئنڪ جو بنيادي ڪم افغانستان وار لاءِ فنڊ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين آسانيءَ سان پهچائڻ هو. سوويت يونين جي زوال کان پوءِ انهيءَ بئنڪ جو ڪم پورو ٿي ويو ۽ ان کي اوچتو 5 جولاءِ 1991ع تي بند ڪيو ويو.
۽ ڪجهه ان ڳالهه کي به ياد ڪريون ٿا ته روس خلاف آمريڪا سان نه رڳو پنهنجا سڀ يورپي اتحادي گڏ هئا پر ان کان علاوه 43 مسلم ملڪ به آمريڪا سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي گڏ وڙهي رهيا هئا، نه فقط اهي پنهنجي ملڪ مان مجاهد موڪلي رهيا هئا پر انهن جي مالي مدد ڪرڻ واسطي اربين رپيا به موڪلي رهيا هئا. اهي پئسا ڪيتري تعداد ۾ آيا پئي. انهي جو هڪ اندازو رڳو هن مثال مان آساني سان لڳائي سگهجي ٿو. هي مثال فقط سعودي عرب بابت آهي، جنهن ۾ آمريڪا جو اڳوڻو سي آءِ اي جو ايجنٽ بروس ريڊل پنهنجي ڪتاب “What we Won” (اسان ڇا کٽيو) ۾ لکي ٿو ته افغان جنگ دوران رڳو سعودي عرب ۾ هر مهيني تقريبن ٻه ڪروڙ ڊالر افغان جنگ لاءِ فنڊ جمع ٿيندو هو، جيڪو هر مهيني باقاعدگي سان افغانستان موڪليو ويندو هو.
1948ع کان وٺي 2011ع تائين آمريڪا پاڪستان کي 67 ارب ڊالرن جي امداد ڏني، جڏهن ته انهيءَ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هيستائين يعني آڪٽوبر 2001ع کان وٺي 2013ع تائين پاڪستان کي انهيءَ جنگ ۾ 100 ارب ڊالرن جو نقصان ٿي چڪو آهي، يعني 33 ارب ڊالر پاڪستان کي گهران ڀرڻا پئجي ويا آهن. انهيءَ کان علاوه پاڪستان جا پنج هزار فوجي ۽ 58 هزار 400 عام شهري هن ويڙهه ۾ پنهنجيون جانيون وڃائي چڪا آهن. مطلب ته هن جنگ ۾ پاڪستان هر رخ ۾ وڌ کان وڌ نقصان پرايو.
يقينن اهو سوال به ڏاڍو اهم آهي ته پاڪستان هن جنگ ۾ ڇا حاصل ڪيو آهي؟ جواب ان سوال جو اهو آهي ته پاڪستان هن وقت تائين دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هيستائين فقط وڃايو آهي، اڄ پاڪستان جو ڪو به شهر ۽ علائقو دهشتگردي کان محفوظ ڪونهي، شهر ته پري هاڻ ته عوامي پارڪ ۽ معصوم ٻارن جا اسڪول به محفوظ ناهن. 16 ڊسمبر 2014ع تي جنهن انداز سان آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي حملو ڪري معصوم ٻارن کي قتل ڪيو ويو، اهڙي قتل عام جو مثال هن پوري ويڙهه ۾ دنيا جي ٻي ڪنهن ملڪ ۾ ڪٿي به نٿو ملي. خود افغانستان ۾ به ان جو مثال نٿو ملي. اڄ پاڪستان ۾ انهي دهشتگردي جي ڄار ڦهلجڻ کان پوءِ جي صورتحال وڃي هتي بيٺي آهي، جو سڄو پاڪستان غير قانوني هٿيارن جي ڌنڌي جي هڪ وڏي فيڪٽري ۽ آمجگاهه بڻجي چڪو آهي.
اڄ جڏهن مجموعي طرح پوري پاڪستان جي انتهائي حساس علائقن ۾ انهن دهشتگردن جي خلاف تيزي سان آپريشن هلندڙ آهي. تنهن باوجود به هن وقت پاڪستان ۾ موجود انهن ويڙهاڪن جا ڪيترائي حمايتي ماڻهو ميڊيا تي اچي انهن جي اصل مقصدن جي ڪنهن نه ڪنهن نموني سان تائيد ڪن ٿا. پاڪستان جي سڀ کان وڏي انگريزي اخبار ڊان 6 آڪٽوبر 2013ع جي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته هن وقت به غير قانوني طرح سان پاڪستان ۾ 30 کان 35 هفتيوار ميگزين ۽ رسالا انهن انتهاپسند ماڻهن جي انتهاپسند نظرئي جي پرچار ۽ حمايت ۾ ريگيولر شايع ٿي رهيا آهن. هڪ اندازي مطابق انهن جي هفتيوار سرڪيوليشن تقريبن 2000 کان 6000 تائين آهي. ايف ايم ريڊيو، سي ڊيز، ڊي وي ڊيز ته انهن کان الڳ آهن. 1980ع ۾ جيڪي دنيا جهان جا نام نهاد ويڙهاڪ هڪ هنڌ گڏ ڪري ۽ هڪ مخصوص سوچ ۽ نظرئي جي بنياد تي وري انهي جي مخصوص جڙتو تشريح جي آڌار تي روس جي خلاف تيار ڪري افغانستان موڪليا ويا هئا، اهي روس کي ته واپس موڪلڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا، پر هاڻي ڏسڻو هي آهي ته اهي ساڳيا نظرياتي ويڙهاڪ هتي ڪيترو وقت جٽاءَ ڪري سگهندا. هن مهل تائين ٿيل ڪارروائين مان ته ائين محسوس ٿئي پيو ته انهن جا حوصلا اڃا پست نه ٿيا آهن، پر هڪڙي ڳالهه واضح آهي ته انهن جو هي دهشت وارو عمل گهڻو وقت هلي نه سگهندو. ڇو ته اهو عمل غير فطري آهي، تنهن ڪري انهيءَ عمل جي عمر صفا ننڍي ٿئي ٿي، پر صورت ڏاڍي ڀيانڪ ٿئي ٿي.
اهي سموريون حقيقتون جيڪي مٿي بيان ڪيل آهن، يا وري پاڪستان لاءِ ڀارت، افغانستان جي حڪومتن جيڪي مسئلا پيدا ڪيا آهن، تن جي ڪري پاڪستان کي مسئلن جي چؤماسي برسات کي برداشت ڪري رهيو آهي. اهڙين حالتن ۾ حڪمرانن کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي. اندروني طور تي ماڻهن جا مسئلا حل ڪري بيروني حالتن جو جٽادار حل ڪڍڻ گهرجي. جيڪڏهن ائين نٿو ٿئي ته موٽ ۾ عوام مايوس ٿئي ٿو، ۽ انهن جو جمهوريت مان نااميدي جو جذبو ٿو پروان چڙهي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو