Friday, May 13, 2016

شرارتي ٻار، آف شور ڪمپنيون ۽ لوهه جي ڪرامت

شرارتي ٻار، آف شور ڪمپنيون ۽ لوهه جي ڪرامت
شوڪت لوهار

رڳو هاءِ گهوڙا لڳي پئي آهي ته منهنجون آف شور ڪمپنيون آهن، آهن يا ناهن، ان سان اوهان جو وڃي ڇا؟ ماڻهن جون الائي ڪهڙيون ڪهڙيون ڪمپنيون آهن، ڪن جون کٽ مٺڙن جون ڪمپنيون آهن، ڪن جون ڪُڪڙين جي ٽنگن مان تيار ڪيل ذائقيدار بناپستي گيهه جون ڪمپنيون آهن، ڪن جون سيڪيورٽي مهيا ڪندڙ ڪمپنيون آهن، جن ۾ سنڌ جي بمپر ڪراپ بيروزگاري جا نوجوان جن مان به اڪثر شاعر ۽ ٽريڪٽر ڊرائيور آهن، اهي ڀرتي ڪيا ويندا آهن، پوءِ اهي خوابن ۽ خيالن جي ڍنڍن ۾ ايترو ته هيٺ لهي ويندا آهن جو انهن کان اِهو وسري ويندو آهي ته اهي ڪو سيڪيورٽي گارڊ آهن. بلڪه هُو سنڌي ڊرامن جا بي تاج بادشاهه بڻجي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيندا آهن، جن سان ڪئين بي گناهن جا چُلها بند ٿي ويندا آهن. يار انهن کان ته ڪوبه نٿو پڇي ته توهان ڪمپنيون ڇو کوليون آهن.
اسان کي ڳولڻ سان الائي ڇا مِلي ويندؤ؟ ڀلي هيرا موتي لعل يا هونئن به هاڻ اي ٽي ايم جو دور آهي. هِن وقت ڪهڙو دڪاندار مون کان ياقوت مرجان ۽ تيل تڙنگ وٺندو. ماڻهن کي کپي اٽو سو وڃي محنت مزدوري ڪري وٺيو پيا اچن. خوامخواهه جو شور کڻي متو آهي. وري وري ڪمپنيون ٺاهڻ جو ذڪر... ڀلا جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسان سان بيوفائي ڪري ويو ته اسان انهي مايوسي مان پاڻ کي ڪڍڻ لاءِ ڪا ڪيسٽ ڪمپني به نه کوليون؟ اهو ڪهڙو انصاف آهي؟ اِهو ڪٿان جو قانون آهي؟ هونئن به شروع شروع ۾ مون ڪيسٽي ڪمپني مان ئي نالو ڪمائي. اسان جي ڪميٽي ڪمپني مطلب منهنجي پڳ مٺ يار سائينداد بيلدار ۽ مون گڏجي اِهو ايڊونچر ڪيو هو. سائينداد جيڪو سلفي ۾ سستو تماڪ وجهي پيئندو هو ۽ پوءِ ان جي لئه ڏسڻ وٽان هوندي هئي، اسان جون تجارتي خبرون رات دير تائين پيون هلنديون هيون. هُن جي ڪاري منهن ۽ روڏِ سامهون سلفي جي ڇڪ ائين لڳندي هئي ڄڻ مزدور ڪوئلي جي کاڻ ۾ ٽارچ کنيو ويٺو هجي. سائينداد به پنهنجي آبپاشي کاتي ۾ سُو واهه ۽ امام واهه ۽ ٺري ميرواهه جهڙن شاندار واهن تي بيلداري سان فرض سرانجام ڏنا هئا ۽ واهن جي ٽاپ تي بالٽيون ڀري ڀري ڇڻڪارون ڪيون هيون ۽ اتان ئي عشق جي چوٽ کاڌي هئائين. سائينداد جو شهزادي ڀيلڻ سان پيچ اٽڪي پيو هو، پوءِ هِڪ ڏينهن جڏهن ڀيلن هن کي جهلي وڌو هو ۽ کيس ڏنڀ ڏنا هئائون، تڏهن کان وٺي سائينداد سڙيل شاعري ڪئي هئي، تڪڙي رٽائرمينٽ وٺي ڪيسٽ ڪمپني کولڻ لاءِ مون سان صلاحي ٿيو هو. اسين ماڻهو تجارتي سُوکڻي ڪيسٽي ڪمپني کوليسون، سائينداد جو اِهو ضد ته ڪيسٽ ڪمپني تي نالو پنهنجي محبوبه جو رکندو، مان کڻي لالچ آڏو ۽ ڪجهه سندس انڌي عشق آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا. اسان جي شهزادي ڀيلڻ پروڊڪشن وڏي ڪامياب وئي. وڏا وڏا فنڪار اسان پروڊيوس ڪيا، اتر، لاڙ، ڪاڇو، وچولو سِرو سڀ فنڪار اچي اسان جي ڪيسٽ ڪمپني مان هنڌ سنڌ جا نالي وارا فنڪار بڻيا ۽ بعد ۾ انهن پرڏيهه ۾ پڻ پرفارم ڪيو، جتان اسان جي ڪمپني ۽ فنڪارن کي گهڻو فائدو ٿيو، ان مان بنگلا ڪارون ۽ الائي ڇا ڇا ورتو سون، پر مون کي ٽمڪڻ واري ڪاسيو واچ ۽ نڀاڳي لوڊشيڊنگ جي ڪري وڏي ٽارچ جو وڏو شوق هو، سو به ورتم. منهنجي ياري سائينداد سان کوڙ وقت هلي، هُو اڄ به مون سان گڏ آهي ۽ پنهنجي انڌن جي رياست ۾ خزاني جو وزير آهي.
منهنجي دل ۾ ڪئين اهڙا قصا آهن، جيڪي مان اوهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان پر در حقيقت اڄ جنهن ڳالهه ڏاڍو تنگ ڪيو آهي سا اِها آهي ته منهنجي خلاف جيڪا هي واويلا اڀاري وئي آهي، يار انهي مان جان ڇڏايو. ڏِسو هي ملڪ جهڙو اوهان جو آهي، تهڙو ڪي منهنجو آهي.
ماڻهو پنهنجي محنت ۽ پورهئي سان جيڪڏهن ڪو دڪان کولي ٿو، ڪا فيڪٽري کولي ٿو، ڪا ڪمپني کولي ٿو ته انهي سان اوهان جو تارون ڇو ٿو سڙي؟ الله جي فضل ۽ ڪرم سان جيئن مون پنهنجي نصابي ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته،
”محنت ڪر تون محنت ٻار،
محنت سان ٿيندين هوشيار،
جيڪو محنت خوب ڪري ٿو،
پنهنجي ڪم تي ڌيان ڌري ٿو،
تنهن جا ٿيندا ٻيڙا پار.“
مان انهي بيت کي اڃا تائين دِل سان لايو پيو هلان. ٻي ڳالهه ته اِهي ڪمپنيون جيڪي انهي نڀاڳي پاناما ليڪس ڪيون آهن، اُهو ته مان ان کان ضرور پلاند وٺندس ته آخر اِهي پاناما ليڪس ٿيا ڪيئن؟ ڇا انهن وَٽ ايلفي ڪونه هئي، ڇا انهن وَٽ ميجڪ ڪونه هئي، ڇا انهن وٽ لوهه کي ويلڊنگ ڪرڻ جهڙو شاندار اوزار نه هو، اسان وٽ ته جيڪو به ليڪ ٿئي ٿو، ان کي اسين ڳاڙهي ٽيپ لڳائي به بند ڪري ڇڏيندا آهيون، هِي وري خبر ناهي پاناما ليڪس پيپرز ڇو ليڪ ٿيا؟
انهن پاناما ليڪس ۾ جن ڪمپنين جو ذڪر آهي اهي آف شور آهن، يعني سامونڊي ڪناري کان پري آهن، يار جڏهن سنڌو درياهه ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري سمنڊ ڪراچي ۽ بدين جي زمين پائي رهيو آهي ۽ ٺٽي کي هڪ طرف پاڻي کائي رهيو آهي، ٻئي طرف سمنڊ کائي رهيو آهي ته ان ۾ منهنجون ننڍڙيون ننڍڙيون ڪمپنيون ڇا ڪنديون، اِهي ڪمپنيون مون پهرين ڪوٽڙي ۾ کولڻ پئي چاهيون، پر پوءِ خدا جي بستي وارن مون کي خدا جا واسطا ڏنا ته تون اهي ڪمپنيون وڃي لنڊن ٽائون عرف شيدي ڳوٺ ۾ کول، مُون اتي به هڪڙي ڪمپني کولي، جيڪي فليٽس ٺهرايم، تن ۾ مضبوط لوهه استعمال ڪيم، هونئن به مون کي ڌات ۾ لوهه ڏاڍو وڻي ٿو. ڏسو اوهان هيري کي ڇا ڪندا، سواءِ ان جي جو اِهو ڪنهن خوبصورت اداڪاره جي ڳلي ۾ نه پاتل هجي. لوهه جا ڪيترا ئي فائدا آهن. لوهه مان پليون ٺهن ٿيون، لوهه مان پڪا روڊ رستا ٺهن ٿا، لوهه مان اسان جي گهر جا در دريون ٺهن ٿيون، لوهه ڏاڍو قيمتي آهي. مون کي فخر آهي جو مون کي لوهه سان پيار آهي. ماڻهن کي جانورن سان پيار هوندو آهي، مون وري به لوهه سان دِل لڳائي آهي. ڪنهن جو ان ۾ نڪ ڦاسائڻ جو ڪهڙو جواز. هونئن منهنجي انڌن جي رياست ۾ سچا وزير مُنهنجا مائٽ آهن ۽ جيڪي ڪنهن به حوالي سان مائٽ نه به آهن ته اهي منهنجي ۽ سائينداد بيلدار جي شهزادي ڪيسٽ ڪمپني جا ڪجهه ناڪام فنڪار آهن. مون اهي ڪمپنيون پاڻ ٿورو ئي کوليون آهن، اهي ته منهنجن ٻارڙن کوليون آهن ۽ ٻارڙا هونئن به معصوم ٿيندا آهن، اهي والدين کان جيڪا فرمائش ڪندا آهن، ڇا والدين انهن جي فرمائش جو اُپمان ڪندا آهن، قطعي نه، بلڪه والدين انهن جون خواهشون پوريون ڪندا آهن. مون به ِهڪ سٺي والد جيان ٻارڙن جون خواهشون پوريون ڪيون آهن ۽ کين سمنڊ کان تمام گهڻو پري آف شور يعني شور ۽ گوڙ کان پري ڪِي مئي جون، لوهه جون، ننڍڙيون ننڍڙيون ڪمپنيون کولي ڏنيون ۽ هاڻ انهن ڪمپنين مان تمام سٺي ڪمائي ٿي آهي ته ماڻهو مون کي چون ٿا ته اوهان حساب ڏيو، اوهان جو احتساب ٿئي، اوهان جو محاسبو ٿئي؟ بابا ڇو ائين ٿئي. هِي اهو آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهي، جتي مختيارڪار خود ريڙهي وارن کان مفت ۾ ڇانهيون وٺيو وڃن، اهي اِها آزاد ريپبلڪ آهي، جتي ماڻهو سؤ خون ڪرڻ جي باوجود اعليٰ عهدن تي فائز آهن، هي اِهو مادر وطن آهي، جتي ماڻهو ذري گهٽ ڪتن ۽ گڏهن جي نسلن کي ختم ڪرڻ وارا هئا جو ڀلو ٿئي، اسان جي هِڪ سي ايس پي جو جنهن هوٽلن ۽ بيڪرين تي ڇاپا هڻي گڏهن جو گوشت ضبط ڪري ورتو ۽ ويچارا ٻيا گڏهه هاڻ شڪريا ادائي ۾ سيس نوايو پيا وتن. هن ملڪ کي تمام سُٺو بيوروڪريٽن جي ضرورت آهي، جيڪي ڪنهن وزير مشير جي اچڻ تي بوتلن جا ڪريٽ پنهنجي ڪلهن تي کڻي سندن سيوا ڪن ۽ وزير مشير انهن جي سيوا داري کان مُتاثر ٿي کين وڏيون وڏيون ترقيون ڏين. هونئن به اڄڪلهه سي ايس ايس ڪرڻ جو رجحان ايترو وڌي رهيو آهي جيترو طاهر شاهه جي گاني ڏسڻ کانپوءِ ماڻهن ۾ موت جو خوف وڌي رهيو آهي.

ميڪس ويبر چيو هو ته ملڪي انتظام لاءِ بيورو ڪريسي تمام بهتر طريقو آهي، اُن واقعي سچ چيو هو جو اسان وٽ بيورو ڪريٽ سدائين اِها دعا گهرندا رهندا آهن ته سنڌ تي ڪي ٻوڏون يا ڏڪار اچن، جيئن هُو سکيا ٿي وڃن. ڇاڪاڻ ته 2010ع جي مها ٻوڏ، هاڻوڪو ٿر کي ٿڪائيندڙ ڏڪار، ملڪ جي فرض شناس نوڪرن کي انتهائي سکيو ڪري ويو آهي. ها البته ٻاهرين ملڪن جي امداد ۾ ملندڙ کنڊ واپرائڻ جي ڪري مٺي پيشاب جي بيماري منجهن گهڻي وڌي آهي، پر خير اِهو ايڏو مسئلو ناهي، جنهن تي هو پريشان ٿين.

بهرحال مون وَٽ ڪئين سور ۽ ڏک آهن، جيڪي اوهان سان ونڊڻ ٿو چاهيان، پر وقت جي مجبوري جي ڪري ائين ڪرڻ کان قاصر آهيان. مون کي ذاتي طور تي پاناما ملڪ تي وڏي ڪاوڙ ۽ چڙ آهي. ان ملڪ جو نالو پاناما ڇو آهي. اسان وٽ ته پاناما ۽ ولسن سستن سگريٽن جا نالا رهيا آهن، جنهن لاءِ حسن درس چيو آهي ته،

”سڄڻ ڪنهن سگريٽ سستي جيان سڙون ٿا پيا“

اصل ۾ سڄو ڪيو ڌريو ميڊيا جو آهي. ميڊيا آزاد آهي، يار آزاد نه پر ڇڙواڳ آهي. ڇڙواڳي ڪنهن به طرح سٺي ڪونهي، جڏهن صرف پي ٽي وي هئي ته ڪنهن کي ڪو فڪر فاقو نه هوندو هو. اڄڪلهه انهن نام نهاد اينڪرن رَت پي ڇڏي آهي. ”بابا توهان جو ڇا وڃي، توهان وڃي پنهنجو ڪم ڪار ڪيو، ڪو ٻيو ڪاروبار ڪيو، ڪو سرن جو بٺو کوليو، ڪو ڪوچنگ سينٽر هلايو، هرو ڀرو اچي اسان جي ڪڍ لڳا آهيو؟

اسان جيڪي به سياستدان آهيون، اهي سڀ جا سڀ اندران هِڪ جهڙا آهيون، تنهن ڪري توهان عوام دوکي ۾ نه اچو، اوهان کي مون ٺيڪي تي ورتو آهي ۽ مان اوهان جي هڏين مان به پنهنجي سيڙپ ڪيل رقم ڪڍندس. هونئن اِهو ڪم منهنجا ڪالفاءِ وزير تمام وڏي محنت ۽ جان فشاني سان ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري اوهان عوام ڪنهن جي دوکي ۾ نه اچو، ڏسو هي ٽي وي تي ايندڙ بار بار رنگ ڀورو ڪرڻ وارا اشتهار اوهان جو رنگ ڀورو ڪري سگهيا؟ منهنجو بورچي جيڪو بورچي صرف کاڌي پچائڻ کان لڳندو آهي، باقي هُو آفريڪي بن مانس آهي. هن ٽي وي اشتهار ۾ هوڪا ٻڌي ڪئين ڪريمون استعمال ڪيون آهن، پر سندس رنگ ويتر ڪارو ٿي ويو آهي. تنهن ڪري اسان وٽ صرف ڪوڙ جو ڪاروبار چوٽ چڙهيل آهي. هن ملڪ ۾ صرف ڪرپشن جو راڄ ئي هلي سگهي ٿو. ڪرپشن جي بهار نه هجي ها ته سائينداد بيلدار ڪٿان ڪيسٽ ڪمپني هلائي ها ۽ سليم انڌي جون ڪيسٽون ڪيئن مهانگي اگهه وڪامجن ها. ڇڏيو سياڻا ٿيو، ٻارڙن سمنڊ کان پري ٻه چار ننڍڙيون ڪمپنيون کڻي کوليو آهن ته اوهان جو ڇا ٿو وڃي؟ اوهان کڻي هتي ڪچي مڌ جون هزارين ڪمپنيون کوليو، حساب برابر!


shoukatali.lohar@gmail.com
روزاني عبرت 13 مئي 2016ع

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو