* نواز شريف ستن سوالن جي جواب
بدران پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو: خورشيد شاه
عوامي
خزاني مان چورايل پئسن وارو باڪس الاء ڪڏهن کلندو؟ . (سوال)
*اهو فيصلو
پارليامينٽ کي ناهي ڪرڻو ته پاناماليڪس ۾ آيل معاملا ڪوڙا آهن يا سچا؟
(مشاهداللٰھ خان ) فقير
صاحب! توهان ئي فيصلو ڪري قوم جي ان عذاب مان جان ڇڏايو. ( صلاح)
*
مشهور بالي ووڊ اداڪاره امريتا رائو به شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي،
(خبر)
مائي! قهر ڪري ڇڏيئي.خبر ناهي ڪيتريون آسون لتاڙجي وييون.
(افسوس)
*
حڪومت ملڪ ۾ آءِ ٽي انقلاب آڻڻ چاهي ٿي: ( اسحاق ڊار)
حافظ سڳورا! نيڪ خواهش آهي پر هن بجيٽ مان جيڪي باقي بچندا
اهي ئي اهو انقلاب ڏسي سگھندا .(اندازو)
* حقيقت ۾ نئون پاڪستان اسان ٺاهي رهيا آهيون،. (وزيراعظم)
جنهن ۾ غريب جهڙي فضول مخلوق لاء ڪا به جڳهه نه هوندي. (
اضافو)
* ڀارت ۾ عورت اسيمبلي ميمبر نالي ۾ ڪري پئي. (خبر)
لڳي ٿو ته اتي به پاڪستان وانگر ئي گٽرن کي
کليل هوا ۾ ساه کڻڻ جي پوري آزادي آهي . ( تبصرو)
* پاڪستان ڪرڪيٽ
ٽيم جا 30 مان 29 رانديگر فٽنيس ٽيسٽ ۾ ناڪام!(خبر)
100
سيڪڙو شاندار ڪاميابيء تي مبارڪون. (تبصرو)
* پوڙهن ماڻهن کي جوان ڏيکارڻ واري جلد تيار. (خبر)
يعني هاڻي دنيا مان پوڙهن جو نسل ئي هميشه جي لاء ختم ٿي
ويندو! (خوشخبري)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو