Tuesday, August 2, 2016

احتجاجي تحريڪن جون واضح ايجنڊائون ڪهڙيون هجڻ گهرجن؟


نسيم بخاري
تحريڪ انصاف پاران 7 آگسٽ کان حڪومت خلاف تحريڪ واري ايجنڊا لاءِ عمران خان پنهنجي اهم ساٿين سان صلاح مشوري ڪرڻ لاءِ گهرايل گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو آهي ته هر هفتي احتجاجي ريلين ذريعي نواز شريف اينڊ ڪمپنيءَ جو گهيرو تنگ ڪيو ويندو. عوام کي خيبر کان ڪراچي تائين متحرڪ ڪري وزيراعظم کي قانون جي طابع بڻائبو. ٽي آر او ڪاميٽي ۾ به شريڪ ٿبو. بني گالا ۾ ٿيل اجلاس ۾ اهو فيصلو به ڪيو ويو ته احتجاج 13 ۽ 14 آگسٽ تي به جاري رهندو. ٻئي طرف پاڪستان عوامي تحريڪ پاران پڻ 6 آگسٽ کان پاناماليڪس واري معاملي تي (ن) ليگ سرڪار کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ اعلان ڪيو ويو آهي.
طاهر القادري پي پي، پي ٽي آءِ، ق ليگ، جماعت اسلامي، ايس ٽي پي ۽ ٻين جماعتن جي اجلاس ۾ تحريڪ جو فيصلو ٻڌايو آهي. ڪراچي، حيدرآباد، لاهور، اسلام آباد، پشاور، گهوٽڪي، گجرات ۽ ٻين شهرن ۾ ڌرڻن هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڊاڪٽر طاهر القادري جن پارٽين مان ساٿ جي اُميد رکي ٿو اهي سهڪار ڪن ٿيون يا نه سو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر طاهر القادري جي پرستارن ۽ پوئلڳن جو تعداد ٻڌائي ٿو ته هو پاڪستان جي ڪنهن به شهر ۾ سرڪار کي مٿي ۾ سور وجهي سگهي ٿو. خلق ۾ هڪ وڏو تعداد هن جو نه رڳو پوئلڳ آهي پر عقيدتمند به آهي ۽ عقيدتمنديءَ ۾ ماڻهو سِر تريءَ تي رکي به پاڻ ملهائيندو آهي.
تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ پاران الڳ الڳ طور تي شروع ڪيل حڪومت مخالف احتجاجي تحريڪون پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب وڃن يا نه پر سرڪار خلاف گوڙ ڪرڻ ۽ ان کي للڪارڻ جي حوالي سان گونج ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿي سگهن ٿيون. پي ٽي آءِ ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ ن ليگ خلاف گذريل ڪافي عرصي کان متحرڪ آهن پر اُهي سياسي اُفق تي گهربل ميدان نه ماري سگهيون آهن، جنهن جا هونئن ته ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا پر هڪڙو بنيادي سبب گهربل حڪمت عملي جو فقدان به آهي. عمران خان هجي يا طاهر القادري اهي جن اشوز تي احتجاج ڪري رهيا آهن، اهي انتهائي ڪارائتا ۽ وقتائتا آهن. خلق به اهو سمجهي ٿي ته ٻنهي اڳواڻن جو آواز حق سچ وارو آهي، درست آهي پر ان جي باوجود خلق ان حد تائين ٻنهي اڳواڻن سان اٿي کڙي نه ٿي ٿئي، جنهن جي بنياد تي ايوان ڌڏي ويندا آهن ۽ حڪومتي تڏا ويڙهه ممڪن بڻبي آهي.
ائين ناهي ته عام ماڻهو کي ٻنهي اڳواڻن تي ڪو اعتماد ناهي پر ان جي باوجود ٻنهي اڳواڻن جي حڪمت عملين ۾ کوٽ ضرور آهي جيڪا عوام ۽ اڳواڻن وچ ۾ موجود وٿي کي دور نه ٿي ڪري. تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي تازي حڪومت مخالف مهم انهن ڏينهن ۾ ٿي رهي آهي جڏهن سرڪار جو ڏيڍ سال يا ڪجهه ان کان وڌيڪ عرصو وڃي بچيو آهي، ان تحريڪ کي گهربل نتيجن جي لاءِ به پڪ سان ٻه چار مهينا گهرجن. جيڪڏهن حڪومت مخالف تحريڪ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي به وڃي ٿي، تڏهن به سرڪار کي وڌ ۾ وڌ بچي ويل هڪ سال يا ان کان به گهٽ عرصي واري اقتداري ڇانوَ تان هٿ کڻڻا پوندا. سوال اهو آهي ته ان حوالي سان وقت ۽ تاريخ تحريڪ انصاف ۽ پاڪستاني عوامي تحريڪ کي ڪنهن حد تائين ڪريڊٽ ته ڏيندي، پر ڇا عوام جي اهنجن جي ازالي لاءِ گهربل اليڪشني جوڙجڪ ۽ چونڊن کانپوءِ اهي ٻئي پارٽيون ان سطح تي ڪاميابيون ماڻي سگهنديون جو (ن) ليگ ۽ پي پي جي مفاهمتي ماحول کي مات ڏئي سگهي ۽ عوام جي انهن ٻنهي پارٽين مان جان آجي ٿي سگهي؟
مٿي ذڪر ڪيل منهنجون ڳالهيون ٿي سگهي ٿو ڪنهن کي خوش فهمي ئي لڳن پر سوال خوش فهمين جي حقيقتن ۾ بدلجڻ کانپوءِ وارن خيالن جو آهي، جيڪي ڪالهه به منجهيل هيا ۽ اڄ به مبهم آهن. اهو ابهام ڪنهن کي دور ڪرڻو آهي، عوام جي اڻ تڻ جو جواب خود عوام کي ووٽن ذريعي ڏيڻو آهي يا ان بابت ڪنهن سياسي سنجيده سوچ ويچار جي به ضرورت آهي!
دنيا ۾ احتجاجن ۽ تحريڪن جي نتيجي ۾ ڏاڍا شاندار انقلاب آيا آهن. قومن جون تقديرون بدليون آهن. سماجن ۾ حيرت انگيز تبديليون آيون آهن، جن جي نتيجي ۾ اهڙا دستور جڙيا آهن جن خلق جي دنيا ئي بدلائي ڇڏي آهي.
مثال طور: فجيءَ ۾ ووٽ نه ڏيڻ قومي ڏوهه آهي، ڪنهن به سبب جي ڪري ووٽ نه ڏيندڙ ماڻهو کي ان جا سبب ۽ جواز پيش ڪرڻا پوندا آهن. حڪومت انهن ثبوتن مان مطمئن ٿئي ته ٺيڪ نه ته شهري کي ڏنڊ ۽ قيد جي سزا کان ڪو به بچائي نه ٿو سگهي. پر اسان جي ملڪ ۾ وقت سان گڏوگڏ ماڻهن کي سياست کان بيزاري ٿيڻ لڳي آهي. تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ ان معاملي تي زور ڇو نه ٿيون ڏين ته پاڪستان ۾ ووٽن جي شرح کي سئو سيڪڙو تائين يقيني بڻائجي ۽ چونڊن جي ڌانڌلي واري هر امڪان کي ڌوڙ ۾ ملائجي.
منهنجو ذاتي خيال آهي ته جيڪڏهن ان قسم جا نڪتا پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف جي ايجنڊا ۾ اثرائتي نموني سان جدوجهد جي علامت بڻجن ته نه رڳو ملڪي سطح تي پر بين الاقوامي فورمن تي به انهن کي پذيرائي ملندي، جنهن جي نتيجي ۾ جيڪو سياسي قدبت وڌندو، تن جو احساس خود اڳواڻن کي به ناهي. اسان جو پاڙيسري ملڪ چين آهي جتي ڪرپشن جي سزا ڦاسي آهي ڀلا پاڪستان ۾ ان قسم جي ڪا قانون سازي نٿي ٿي سگهي ڇا؟ يورپ ۽ آمريڪا سميت دنيا جي مهذب ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ ڪرپشن جا سوين ۽ هزارين موقعا هجڻ باوجود به ماڻهو ان ڪري عوام جي پيسي کي هٿ ناهي لاهيندو، ڇو ته ان کي اها خبر هوندي آهي ته هن جو اهو عمل نه ته لڪي سگهي ٿو نه ئي ان جي نتيجي ۾ هٿ آيل پئسو ڦٻي سگهي ٿو.
اسان وٽ ميان نواز شريف جو ڪٽنب هجي، زرداري جو خاندان هجي يا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ارب پتي ۽ کرب پتي ٻيا سياسي خاندان، انهن کان ملڪيت جي ذريعن جو پُڇاڻو ٿيڻ گهرجي پر سوال اهو آهي ته ڇا ڪو اهڙو سسٽم متعارف نه ٿيڻ گهرجي، جو ڪو به شهري ڪرپشن جي ويجهو ئي نه اچي؟ 7 جولاءِ 2015ع تي پاڪستان جي ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڪرپشن جي اهم ڪيسن جا تفصيل نيب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا آهن. هڪ سال گذرڻ باوجود انهن ڪيسن جو نيب اڄ ڏينهن تائين ڪهڙو توڙ ڏيکاريو آهي ۽ ڪهڙا سياسي ماڻهو آهن جن کي ڪي مثالي سزائون ڏياري سگهي آهي. جيتوڻيڪ نيب اهم ڪيسن ۾ ڪرپٽ ماڻهن کان ڪافي حد تائين اوڳاڙيون ڪري چڪي آهي پر ڇا اهو ڪافي آهي؟ سپريم ڪورٽ جا اهي رمارڪس بار بار ايندا رهيا آهن ته ڪو ماڻهو 15 ارب روپيا کائي وڃي ۽ 20 کان 30 ڪروڙ واپس ڪري ته ڇا ان کي اشراف سمجهجي؟ يا ان قسم جون اوڳاڙيون ڪهڙي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ اچن ٿيون؟
سپريم ڪورٽ اڄ تائين نيب جي حڪمت عملين مان خوش ناهي، نيب کي سڌرڻ ۽ پنهنجي اصلاح جا موقعا فراهم ڪندي پئي اچي پر نيب ان حوالي سان اڄ به ساڳين پيرن تي بيٺل ٿي ڏسجي. نيب جي چيئرمين چوڌري قمر الزمان ڪجهه مهينا اڳ شريف ڀائرن خلاف ڪيسن ۾ دلچسپي جو اعلان ڪيو هو پر هاڻ اسحاق ڊار جي نيب ڪيس مان باعزت بري ٿيڻ واري خبر کانپوءِ ان تاثر تيزيءَ سان جنم ورتو آهي ته شريف ڀائرن کي نيب ڪيسز مان آجو قرار ڏنو ويندو.
تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ پاڪستان جي جاچ ڪندڙ ادارن جي تاريخي پس منظر ۾ ڪردار تي ڪا ڀرپور مهم ڇونه ٿيون هلائن؟ اهي جڏهن ته انگن اکرن دليلن سان ٻڌائي سگهن ٿا ته نيب، ايف آءِ اي، اينٽي ڪرپشن، انٽيليجنس بيورو يا ٻين ادارن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪنهن ڪنهن جا واسطيدار سفارشي ماڻهو ويٺل آهن، جيڪي ادارن ۾ ڪيسن جا چور ۽ انهن جي نتيجي ۾مليل يا نه مليل سزائون ۽ ان سڄي صورتحال جا سماج تي پوندڙ اثر جيڪڏهن وقت سان وائکا ٿين ها ته اڄ اُهي سڀئي ادارا درست ٿي چڪا هجن ها ۽ انهن جي ساک تي ڪنهن کي به آڱر کڻڻ جي جرئت نه ٿئي ها.
اسان جي رينجرز، ايف سي يا ڪي ٻيا ادارا لنڊن جي اسڪاٽ لينڊ يارڊ ٽيم جهڙو تعارف ڇو ڪونه ماڻي سگهيا آهن؟ جن کي سياسي مداخلت کان آزاد عوام دوست ادارو بڻائڻ ممڪن هو، اهو ان ڪري نه ٿي سگهيو ڇو ته حڪمران پارٽين انهن جي وزيرن ۽ مخالف ڌر جي سياستدانن جي ڪڏهن به خلق جي ڀلائي واري نيت رهي ئي ناهي. انهن مان هر هڪ پنهنجي حيثيت جيترو مال ميڙي ملڪ جا ترا ڪڍيا آهن، ادارن کي ٽوڙيو آهي ڪنهن به سياسي پارٽي ادارن جي ساک بهتر ڪرڻ لاءِ ڪو ساراهه جوڳو ڪارنامو سرانجام نه ڏنو آهي. تحريڪ انصاف، پاڪستان عوامي تحريڪ جا ليڊر عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري دنيا جي مختلف حصن ۾ رهيا آهن. هنن جا تجربا ۽ مشاهدا جنهن سطح تي عوام جي ڪم اچڻ گهرجن ها، بدقسمتيءَ سان اها ڳالهه اڄ به هڪ حسرت ئي لڳي ٿي. اسان وٽ سياسي پارٽين جو سڀ کان وڏو مرض اهو رهيو آهي ته اهي ٽپا ڏئي وڏين عمارتن جي ڇتن تي پهچڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. جڏهن ته اها ڳالهه هڪ ننڍڙو ٻار به ڄاڻي ٿو ته بلڊنگ جي مٿانهين حصي تي پهچڻ لاءِ ڏاڪڻ يا لفٽ جي ضرورت هوندي آهي.
حڪومتن ۽ حڪمرانن مان خلق جي جند ضرور آجي ڪرائجي پر انهن جي وڃڻ پڄاڻان جنهن سياسي سيٽ اپ جي ضرورت هجي، تنهن جو گهٽ ۾ گهٽ نقشو ته عوام کي ڏيکارجي. اهي ترجيحون ۽ حڪمت عمليون گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن فريم ۽ ڪنهن منشور ۽ ڪنهن لکت ۾ آڏو ته اچڻ گهرجن. عوام جو اهو ته حق آهي ته ان کي پورو پورو پتو هئڻ گهرجي ته هو جن جي نعرن تي لڳي ۽ سندن تقريرون ٻڌي ووٽ ڏين، انهن جي چونڊجي اچڻ کانپوءِ ماضي ۽ حال جي وچ ۾ ڪهڙو ڦيرو ايندو؟
پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت مخالف تحريڪ جي ڪاميابين جا تمام گهٽ ئي امڪان نظر اچن ٿا. ها ايترو ٿي سگهي ٿو ته بچي ويل سال سوا دوران هو خلق کي ايندڙ اليڪشن جي لاءِ سجاڳ ڪري سگهن ٿا. هنن جي تحريڪن جي نتيجي ۾ حڪومت تي ايترو دٻاءُ وجهي سگهجي ٿو جو هر ماڻهوءَ جي ووٽ ڪاسٽ ٿيڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ پاڪستان ۾ ڌانڌلين جي ڪنهن به امڪان جي گنجائش نه ڇڏجي. تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جيڪڏهن فقط مٿين ٻن ڳالهين جي حوالي سان ڪا به اڳرائي ڪرڻ ۾ ڪاميابي آڻن ٿيون ته اها به وڏي ڪاميابي هوندي، جنهن سان نئون پاڪستان ممڪن ٿي سگهي ٿو.
(روزاني عبرت)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو