Tuesday, August 9, 2016

ڪوئيٽا سول اسپتال ۾ لکجي ويل قهر جي نئين تاريخ


ڪوئيٽا هڪ ڀيرو ٻيهر قهر جو ڪارروائي ٿي آهي، سول ا سپتال ۾ هڪڙو ماڻهو پهرين فائرنگ ڪري ٿو ۽ پوءِ ڌماڪي سان پاڻ کي اڏائي ڇڏي ٿو. ان خودڪش بمبار جي هي سٽون لکڻ تائين سڃاڻپ به نه ٿي سگهي، پر 60 کان وڌيڪ جيڪي انسان اجل جو شڪار ٿيا آهن، انهن مان گهڻائي وڪيلن جي آهي، جيڪي بار جي مقتول صدر جي لاش سان سول سپتال آيا هئا، جن جون زندگيون اهي خودڪش بم ڌماڪو اڏائي ويو. اهڙا بم ڌماڪا ڪوئيٽا جي قسمت جو اڻ ٽٽ حصو بڻبا آيا آهن.
ڪوئيٽا ۾ جيڪا خودڪش قهري ڪارروائي ٿي آهي، ان تي جيترو ماتم ڪجي اهو گهٽ آهي پر هن ڀيري خودڪش ڪارروائي جي ٽارگيٽ جي نوعيت تمام گهڻي سوچ ويچار جو سنيهو ڏئي ٿي. اڳ ڪوئيٽا ۾ اڪثر ڪري هزاره ڪميونٽي جون حياتيون داءَ تي هونديون هيون، هزاره ڪميونٽي پڙهي لکي، ڪاروباري ۽ شريف ڪميونٽي ليکي ويندي آهي. هن ڀيري حملو ڪندڙن جو ٽارگيٽ انتهائي پڙهيا لکيا وڪيل بڻيا آهن. هڪڙي وڪيل ٿيڻ جي لاءِ ڪيڏي محنت ٿي ڪرڻي پوي، سالن جي جفاڪشيءَ کانپوءِ هزارين ڪتابن جي مطالعي ۽ انيڪ امتحانن جا مرحلا طئه ڪرڻ کانپوءِ ماڻهو دليل جي دنيا ۾ ڪا قدآور حيثيت ماڻي ٿو ۽ عمر ڀر دليلن جي آڌار تي خدا جي خلق کي انصاف ڏيارڻ لاءِ عدالتن ۾ گونجندو رهي ٿو.
اها ته هڪ فرد جي صورتحال آهي، پر هتي ته انيڪ اهڙا فرد اجل جو شڪار ٿيا آهن، اهي وڪيل رڳو پنهنجي شهر جا نمائندا نه هئا، پر پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ديس جي به دانهن هئا. حملو ڪندڙن کي هنن جي دليلن مان هنن جي سجاڳيءَ مان  ۽ سندن شعور مان خطرو هو، ڇو ته اهي عقل جي آڌار تي غلط کي غلط چوڻ ۾ دير نه ڪندا هئا. ان ڪري انهن کي هڪ خودڪش واردات ذريعي ٻڌايو ويو ته توهان جون رڙيون، ڪوڪون ۽ دانهون غريبن ۽ مسڪينن يا بي رحم حالتن جي شڪار ماڻهن کي جيڪو انصاف لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪنديون هيون ۽ معاشري ۾ منفي سوچ رکندڙ ماڻهن جو گهيرو تنگ ڪنديون هيون. ان سموري سلسلي کي ختم ڪرڻ لاءِ اهڙي ڪارروائي ڪئي وئي آهي. اها ڪارروائي پوري ملڪ ۾ وڪيل برادري لاءِ تمام گهڻي صدمي جو ته سبب بڻي ئي بڻي آهي پر ان سان گڏوگڏ زندگيءَ جي بي شمار شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ به خطري جي گهنٽي وڄائي وئي آهي. اسان وٽ دهشتگردن ۽ انتهاپسندن پاران اسڪولن تي ته اڳ ئي حملا ٿي رهيا هئا پر پشاور آرمي پبلڪ اسڪول يا چارسده جي يونيورسٽي نشاني تي بڻجڻ تمام وڏا دل ڏکوئيندڙ واقعا آهن. اسان وٽ پوليو مهم ۾ حصو وٺندڙ ڪارڪنن ۽ عورتن تي به مختلف شهرن ۾ حملا ٿيندا رهيا آهن. هاڻ وڪيل برادري به نشاني تي آهي، جنهن جو جيترو گهڻو ڏک ڪجي اوترو گهٽ آهي.
وڪيل پنهنجي شعبي جي حوالي سان جيڪا سڃاڻ رکن ٿا، ان جو گهڻو تڻو مثبت پهلو آهي ته اهي ماڻهن کي انصاف فراهم ڪرڻ واري ڪرت ۾ ڪيتري حد تائين ڪامياب رهيا آهن، سو هڪ الڳ سوال آهي پر جيڪو تعارف اهي رکن ٿا سو ڏاڍو شانائتو ۽ مانائتو آهي. وڪيل برادري جهڙي ريت ڪوئيٽا جي قهري ڪارروائي ۾ نشاني هيٺ آئي آهي، ان واردات ذريعي وڪيلن ۾ خوف جي فضا پيدا ڪئي وئي آهي ۽ هڪڙي خوفائتي ماحول ذريعي انهن کي نفسياتي مريض بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي آهي.
ڪوئيٽا سول اسپتال وارو واقعو انتهاپسندن ۽ دهشتگردن پاران وڪيلن لاءِ جيڪو سنيهو سانڍي ٿو، تنهن ۾ اها ڳالهه چٽيءَ ريت آڏو آئي آهي ته هاڻ هو دهشتگردن ۽ انتهاپسندن جي رحم ڪرم تي جيئڻ جو پاڻ کي عادي بڻائين. انهن خلاف ڪيسن جي پوئيواري ۽ پيروي نه ڪن، نه ته ٻي صورت ۾ سندن حشر اهڙو ٿيندو جهڙو ڪوئيٽا جي سول اسپتال ۾ پيش ٿي چڪو آهي. ڪوئيٽا واقعي کانپوءِ هاڻ پاڪستان جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ رهندڙ وڪيل وڏي ويل ۾ اچي ويا آهن، انهن لاءِ صورتحال اڳيان باهه پويان پاڻي واري ٿي وئي آهي. اهي دهشتگردن، انتهاپسندن ۽ معاشري لاءِ ناسور بڻيل تمام منفي عنصرن خلاف جيڪڏهن حق سچ جي دانهن نه ٿا ڪن ته هنن جي اندر جو انسان کين ماري ٿو ۽ جيڪڏهن پنهنجي ضمير کي دٻائي وقت جي باطل قوتن جي اشاري تي هلن ٿا ته ان کان وڌيڪ انهن لاءِ ٻيو ڪو الميو ئي ڪهڙو ٿو ٿئي.
پڙهيل لکيل ماڻهوءَ لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو اهو هوندو آهي ته اهو زندگي پنهنجي خيالن ۽ ويچارن جي ابتڙ جبري اثر ۾ گذاري، ڪوئيٽا جي دهشتگرد ڪارروائي وڪيلن جي لاءِ جيڪو پيغام کڻي آئي آهي سو مفاهمت کان به گهٽ سطح تائين واري پوزيشن ۾ پهچي زندگي گهارڻ وارو آهي. مفاهمت ۾ ڌرين جي وچ ۾ سوديبازي ٿيندي آهي، ڪس ڪسر ۾ ڪم هلي ويندو آهي، پر هتي صورتحال بلڪل ان جي ابتڙ آهي، هتي انتهاپسندن پاران پڙهيل لکيل، باضمير ۽ شريف ماڻهن کي پنهنجي اشارن تي حياتيون گذارڻ واري فرمائش آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبولي نه ٿو سگهجي!
اڄ ڪوئيٽا ۾ وڪيل نشاني تي بيٺا آهن، اڳتي هلي پاڪستان جي ڪنهن به شهر ۾ ڪا عدالت به نشاني تي اچي سگهي ٿي. فلاحي ادارا به ٽارگيٽ ٿي سگهن ٿا. لائبريريون به خودڪش ڪارروائي جو کاڄ بڻجي سگهن ٿيون. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ ڪٿي به ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهڻ جا امڪان موجود رهندا آيا آهن ۽ انهيءَ تسلسل سان واقعا به رونما ٿيندا آيا آهن. اسان وٽ واقعن کانپوءِ اها عام روايت آهي ته شهيدن لاءِ سرڪار وظيفن جا اعلان به ڪندي آهي پر عملي طور تي ڪا اهڙي حڪمت عملي نه جڙندي آهي، جنهن سان بارودي ذهنن مان سماج کي مستقل طور تي ڪو ڇوٽڪارو ملي سگهي. ان حوالي سان سڄي ذميواري رياست جي آهي. رياست لاءِ رعايا پنهنجي اولاد جهڙي هوندي آهي پر پاڪستان ۾ خلق سان جيڪو ڪجهه ٿيندو رهيو آهي ۽ ماڻهن سان اهو حشر نشر جنهن تيزي سان ۽ خاموشي سان تماشائي وارو ڪردار ادا ڪندي ٿيڻ ڏنو ويو آهي، دنيا جي تاريخ ۾ اهڙا مثال تمام گهٽ ئي ملن ٿا.
رياستي ادارن جي غير فعال هئڻ جي نتيجي ۾ هر طرح جا ڏوهاري ۽ انهن جا نسل يا گروهه وڌي وڻ ٿين ٿا. اهي رياست کي هيسائن ٿا، ڌمڪائن ٿا، ڊيڄارين ٿا. رياست انهن جي آڏو گوڏا کوڙي ٿي ڇڏي. بيوس ۽ لاچار ٿي بڻجي وڃي، انهن سان ان طريقي ۽ حڪمت عملي سان مهاڏو نه ٿي اٽڪائي، جنهن جي نتيجي ۾ معاشري کي مستقل طور تي امن ميسر ٿيو هجي. رياست اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ڪندي آئي آهي، ڇوته رياست جي پنهنجي ماڻهن لاءِ نيت صاف ناهي. اها بدنيت ڪردار سان ڀونءِ کي ڀيليندي آئي آهي ۽ نتيجي ۾ عوام ڏينهون ڏينهن مصيبتن جو شڪار بڻيو آيو آهي. اهي مصيبتون آهن جو کُٽڻ جو نانءُ ئي نه ٿيون وٺن ۽ وقت سان گڏ وڌنديون ئي وڃن ٿيون.
پاڪستان ۾ خودڪش ڪارروائين خلق کي نفسياتي مريض بڻائي ڇڏيو آهي، ڪوئيٽا بم ڌماڪو هڪ اهڙي دور ۾ آڏو آيو آهي، جيڪو ضرب عضب آپريشن جي ڪاميابين جا ترانا ڳائي رهيو آهي ۽ جنرل راحيل شريف ۽ ان جي ڪمانڊ ۾ ڪم ڪندڙ فورس عام ماڻهن جي نگاهه ۾ ڏاڍي سٺي تعارف سان پنهنجي مثبت جاءِ والاري رهي آهي. ڪوئيٽا بم ڌماڪو جنرل راحيل شريف، هن جي فورس ۽ پاڪستان جي پوري سرڪاري مشينري لاءِ اهو نياپو کڻي آيو آهي ته خوش فهمين ۾ نه رهو، دهشت ۽ وحشت جي رات کٽي ناهي پر اها پنهنجي اونداهين ۽  منفي تاريخ جو اڃا به وڌيڪ خطرناڪ پهلو سانڍي ٿي، ان جو وجود ختم ناهي ٿيو، پر وقت سان گڏ وڌيو آهي. هن جي وسيلن ۾ ڪا کوٽ ناهي ٿي پر واڌ آئي آهي. ان وٽ لشڪر ٻيڻا ٽيڻا ٿيا آهن، اها بارود سان اڄ به ڀرپور آهي، ان وٽ اڄ به بارودي ذهنن جا ڪارخانا ڪم ڪري رهيا آهن، ان جو حوصلو ۽ همت گهٽي ناهي، پر ان ۾ اضافو ٿيو آهي. ان جي ويڙهه پويان جيڪا ذهنيت ۽ نظريو آهي، ان جي مات ممڪن ناهي.
اهي دعوائون يا اهي خيال دور ٿي سگهن ٿا ۽ ڌوڙ به ٿي سگهن ٿا، پر ڳالهه اها آهي ته اهي منفي ۽ باطل قوتون جيتريون منظم آهن ۽ جيتريون سگهاريون آهن، هن جي ابتڙ انصاف پسند ۽ امن پسند قوتون ڇڙوڇڙ آهن. مايوس ۽ اداس آهن. تبديلي جي تمنائن باوجود گهربل تحرڪ وٺڻ کان گهڻي حد تائين پڙ ڪڍي بيٺل آهن، آخر ائين ڇو آهي!؟ اهو ان ڪري آهي جو اسان وٽ هر ڌر ۽ هر ماڻهو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ بدران ٻئي تي ڀاڙي ٿو ۽ نتيجي ۾ ڪوبه ڪارائتو ۽ اثرائتو ڪردار آڏو نه ٿو اچي.
اسان جي سياسي سماجي، واپاري، ادبي، ثقافتي، صحافتي ۽ مذهبي ڌريون جيڪڏهن پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته گهڻو ڪجهه تبديل ٿي سگهي ٿو. اسان جو هر ماڻهو عوام جو آواز بڻجي سگهي ٿو پر ائين ٿئي نه ٿو. اسان جي رياست پنهنجي فرضن کان غافل هئڻ واري تاثر سان ڀرپور تعارف جي مالڪ آهي، ائين ناهي ته اسان وٽ دهشتگردن ۽ انتهاپسندن خلاف ڪي ڪارروايون نه ٿيون آهن. پڪ سان ان حوالي سان ڪي ساراهه جوڳيون سرگرميون به سامهون آيون آهن، پر ڏک جي ڳالهه اها آهي ته جنهن سطح تي اهي سامهون اچڻ کپنديون هيون، ان سطح تائين اهي سرانجام نه ٿي سگهيون آهن ۽ نتيجي ۾ ڪوئيٽا سول اسپتال جهڙا قهري ۽ ڪيئي واقعا اسان جا لڱ ڪانڊاريندا آيا آهن. اهو واقعو رڳو هڪ ڌماڪو ناهي، اهو واقعو اڄوڪين تاريخن ۾ پڙهيل لکيل ماڻهن ۽ مثبت سوچ رکندڙ انسانن جي مٿان ايٽم بڻجي ڪريو آهي. جيڪو به ماڻهو پنهنجا خيال ويچاري ٿو يا لکي ٿو، اهو به هاڻ ڏڪڻ ۽ ڪنبڻ لڳو آهي، اسان جا صحافي به ڪيتري ئي عرصي کان دهشتگردن ۽ انتهاپسندن جي نشاني تي رهندا آيا آهن ۽ ڏک اهو آهي ته عوام جو سک چين ۽ حياتيون وڃائيندڙ انهن باطل قوتن سان جنهن حڪمت عملي سان اکيون اکين ۾ وجهي للڪارڻ ۽ مهاڏو اٽڪائڻ جي ضرورت آهي سو اڄ به هڪ خواب بڻيل آهي.
اهي حڪمت عمليون هزارين صفحن جي تعداد ۾ حڪمرانن تائين صلاحن جي صورت ۾ وقت به وقت سامهون اينديون رهيون آهن، پر افسوس آهي ته اهي هنن جي ايجنڊا بڻجي نه سگهيون آهن. دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ هزارين ڪالم لکجي چڪا آهن، ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن، ڊاڪيومينٽريز ٺهي چڪيون آهن پر اهي سڀ جو سڀ ڏاڍي بي رحمي سان وقت جي واءُ ۾ رڻ تان ڪريل ڪک پن ثابت ٿيون آهن.
ڪوئيٽا ۾ ڪالهه جيڪو قهر ٿيو آهي اهڙو قهر جيڪڏهن يورپ ۽ آمريڪا جي ڪنهن شهر ۾ ٿي پئي ها ته اتان جي رياست جي ترجيحن ۾ زبردست تبديليون اچي چڪيون هجن ها، انهن جي دنيا ئي بدلجي چڪي هجي ها پر پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ انتهائي المناڪ واقعا بريڪنگ نيوز بڻجڻ ۽ اخبارن جا صفحا ڀرجڻ تائين ئي محدود رهن ٿا. يورپ ۽ آمريڪا ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن کي ڇڙٻ ڏئي ٿو ته ان ماڻهو جي ذهني سطح معلوم ڪرڻ ۽ ان جي نارمل ٿيڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، پر اسان وٽ ان تي ڪو به ترجيح ۽ ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. دبئي جي حڪومت خوشي ۽ برداشت جي وزارت قائم ڪري ڇڏي آهي، اتي ماڻهو کي برداشت ۽ خوش رهڻ جا طور طريقا سيکاريا ۽ سمجهايا وڃن ٿا، پر اسان وٽ گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهو پنهنجي ڳالهين سان جيڪي چڻنگون اڇلائن ٿا، جن جي نتيجي ۾ باهه ڀڀڙ بڻجي ٿي، تنهن جي روڪٿام ڪنهن جي ذميواري آهي؟ خودڪش بمبار ۽ انهن جا سربراهه پنهنجن ڪچهرين ۾ جيڪي گفتگو ڪندا آهن، اها سوين خودڪش ڪاررواين کان به وڌيڪ سنگين ۽ خطرناڪ هوندي آهي، جيڪو سلسلو بند ٿيڻ انتهائي لازمي آهي.
(روزاني عبرت)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو