از: لتا جِشنوام
سنڌيڪار: سنگرام
ڪجهه سال اڳ، نريندر جادوَ پنهنجي خانداني آتم ڪٿا بابت لکيل ڪتاب ”اڇُوت“، مون کي تحفي ۾ ڏنو هو، جيڪو عالمي شُهرت ماڻي چڪو هو ۽ بين الاقوامي طور تي گهڻو وڪامجندڙ ڪتاب بڻجي چڪو هو. جادوَ هن وقت هندستان جي رِٿابندي ڪميشن (Planning Commission of India) ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. اُن ڪتاب جو تمهيدي باب جادوَ جي والد ڏامونءَ پاران بمبئيءَ ڏانهن مُنهن ڪري ڀڄي وڃڻ واري دُکدائڪ قصي بابت آهي. ڏامون دلتن جي هڪ ذات، مهر سان تعلق رکندو هو، جن جي ذمي مهاراشٽر صوبي ۾ پنهنجي ڳوٺ، شهر جي گِهٽين کي ٻهارو ڏيئي صاف ڪرڻ، مُئل ڍورڍڳن جا لوٿَ ٺڪاڻي لڳائڻ هوندو آهي، جنهن جي عيوض کين داڻن جي لپ، ٿورو گوشت ۽ مُئل ڍور جي کل ملندي هئي. ڏامون اهڙيءَ ڌڪار جوڳي زندگيءَ کان بيزار ٿي، بمبئيءَ ڏانهن رُخ ڪيو هو.
ڏامونءَ جي اهڙي جُرئت ڀرئي فيصلي ۽ عمل جي ڦلَ طور، سندس پُٽ ذات پات واري ڪُڌي نظامَ کان پنهنجي جِندُ آجي ڪرائي، هڪ اهڙو ڪامياب ماڻهو ٿي اُڀريو، جنهن تي بجا طور تي فخُر ڪري سگهجي ٿو. جادوَ، جيڪو پنهنجي سياسي عزم بابت سُرخرو آهي، دلتن منجهان ڪامياب فردن جو هڪ يگانو مثال آهي. هُو اِقتصاديات جو ماهر آهي، جنهن کي هندستان جي رِزروَ بئنڪ (Reserve Bank of India) ۾ ٽن ڏهاڪن تائين مختلف عهدن تي خدمتون سرانجام ڏيڻ بعد هندستان جي تڏهوڪي وزيراعظم من موهن سِنگهه رِٿابنديءَ واري کاتي ۾ ڀلوڙ عهدي تي مقرر ڪيو هو. ٽي مهينا کن اڳ وزيراعظم نريندر موديءَ راجيا سڀا (هندستاني پارليمان جي ايوانَ بالا/ سينيٽ) ۾ بيِ. جَي. پي پاران کيس سينيٽر چونڊرايو آهي.
گُجرات جي شهر اُنا ۾ خودساخته گَئُو رکشڪن (گاءِ جي حفاظت ڪندڙن) پاران مُئل ڍڳيءَ جي کل لاهڻ جي ڏوهه ۾ چئن دلتن کي ڪپڙن کان آجو ڪري، ڪٺورتا سان مارڪُٽ ڪري، شهر جو سرگسُ ڪرائڻ واري واقعي کان پوءِ ڪيترين ئي رياستن ۾ دلتن منجهه غم ۽ غصو ڪنهن ٻرندڙ جبل جي لاوي وانگر اُٻڙڪو ڏيئي ٻاهر نڪتو آهي. اُن واقعي اِهو واضح ڪيو آهي ته 86 سال اڳ ڏامون جنهن صورتحال کان آزادي ماڻڻ لاءِ اُتان ڀڄي نڪتو هو، تنهن ۾ ڪا گهڻي تبديلي نه آئي آهي. جادوَ، پارليامينٽ ۾ پنهنجيءَ تقرير ۾ اُنهيءَ هيبتناڪ واقعي ڏانهن اِشارو ڪندي چيو هو ته اِهو واقعو اُن ڳنڀير روڳَ جي علامت آهي، جيڪو هندستان مٿان هڪ ڊگهي عرصي کان خدائي ڦِٽڪار جي صورت ۾ نازل ٿيو آهي ۽ جنهن سموري ملڪ کي وڏيءَ هڪ پِيڙا ۾ مبتلا ڪري وڌو آهي.
هُو بلڪل حق تي آهي. دلتن کي سن 2002ع ۾ مئل ڍورن جون کلون لاهڻ جي ڏوهه ۾ عدالت کان مٿانهون، بيگناهه قتل ڪيو ويو هو. تنهن هوندي به، هاڻي ڪجهه بنيادي تبديلي آئي آهي. هن کان اڳ دلتن ورلي ئي ڪو حڪومت کي اهڙي نشانبر نموني سان تنقيد جو نشانو بنايو هوندو. 201 ملين (ويهه ڪروڙ ڏهه لک) ماڻهو مختلف درج فهرست شيڊيول ڪاسٽ ذاتين – اِهي ذاتيون هندن جي تسليم ڪيل چئن ذاتين، برهمڻ، کتري، وئش ۽ شودر، جي دائري کان ٻاهر آهن – سان واسطو رکن ٿا. اِهي ملڪ جي ڪُل آباديءَ جو لڳ ڀڳ 17 سيڪڙو آهن، پر اُهي شايد ئي ڪڏهن اِن نموني سان سندرو ٻڌي ويڙهه واريءَ راهه تي هليا هوندا. اِنهن ماڻهن کي نهايت ئي نيچ ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. اُنهن کان اڄ به اِها اُميد رکي ويندي آهي ته اُهي پنهنجو ’روايتي‘ نيچ ڌنڌو جهڙوڪ مُئلن لاءِ قبرون کوٽڻ، مُئل ڍورن کي ٺڪاڻي لڳائڻ، وغيره وغيره، جاري رکندا.
دلت، آئين ۾ ڏهاڪن کان تحفظ حاصل هئڻ جي باوجود، ڪنگال، اڻ پڙهيل ۽ اڃا تائين اڇوت بڻيل آهن. گذريل سال، هڪ نينگريءَ کي رڳو اِن لاءِ مارڪُٽ ڪئي ويئي ڇاڪاڻ جو سندس پاڇو ڪنهن اُتم ذات واري هندوءَ تي پيو هو. هندن جو خيال آهي ته دلت پليت آهن، تنهنڪري کين سماج جي دائري کان ٻاهر رکيو وڃي.
اِن هوندي به، ذات پات جي اَنرٿ، اتياچار، ظلم ۽ جبر خلاف هڪ اُميدن ڀريو انقلاب، خاص ڪري ملڪ جي يونيورسٽين ۾ پنهنجا پَرَ ساهي رهيو آهي. اِهوئي ڪارڻ آهي جو ٽيليويزن جي اڳوڻي اداڪاره ۽ هيومن ڊِوَلپمينٽ واري کاتي جي وزيرياڻي، شريمتي اِيراني، شاگرد تنظيمن سان ٽڪراءَ واريءَ مهم تي هئي. اُها وزارت هڪ وفاقي اٿارٽي آهي جيڪا تعليم سان لاڳاپيل معاملن تي نظر رکندي آهي. شريمتي اِيرانيءَ کي هاڻي سندس اُن وزارت تان هٽائي، ٻيءَ وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي. ممڪن آهي ته اِهو مودي سرڪار پاران دلتن بابت پاليسيءَ ۾ آندل ڪنهن تبديليءَ جو ڪو اِشارو هجي. دلت شاگردن سان عدل ۽ انصاف وارو سوال ترقي پسند تعليمي اِدارن جهڙوڪ دهليءَ ۾ جواهر لال نهرُو يونيورسٽي – جتي کاٻيءَ ڌُر جي شاگردن کي دلتن سان سندن همدردين سبب لڳاتار ڊيڄاريو ويندو آهي، تڪليفون ڏنيون وينديون آهن – ۾ هڪ جوش ڏياريندڙ دانهن بڻجي چُڪو آهي. دلتن جو مقدمو، جيڪو هڪ طويل عرصي کان وٺي اندر ئي اندر ۾ اُٻرندڙ هڪ تڪرار بڻيل رهيو آهي، سو حيدرآباد سينٽرل يونيورسٽيءَ جي هڪ مشهور دلت شاگرد اڳواڻ روهت وِمُل، جيڪو اکِل ڀارتيه وِديارٿي پريشد (ABVP) جي نشاني (Target) تي هو، جي آتم هتيا کان پوءِ اُٻڙڪو کائي، ٽهڪي پيو آهي. اکِل ڀارتيه وِديارٿي پريشد آر. ايس. ايس جو شاگرد ڌڙو آهي، جيڪو پنهنجي دقيانوسي نظرين سبب ۽ ترقي پسند نظرين کي پاڙئون پٽي ختم ڪرڻ جهڙين سندن ناپاڪ نيتن سبب ڪافي بدنام بڻيل آهي.
اکِل ڀارتيه وِديارٿي پريشد جا آقا هن وقت مرڪز ۽ ڪيترين ئي رياستن ۾ حڪومت ۾ آهن، اُنهيءَ جون مخالف تحريڪون حيرت انگيز طور تي مضبوط ٿيون آهن. ساڳئي وقت، پهريون ڀيرو دلت شاگرد ۽ ڪميونسٽ فڪر سان لاڳاپيل شاگرد تنظيمون ساڄيءَ ڌُر جي حملن جي نشاني (Target)تي آهن. اهڙيءَ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ کاٻِي ڌُر جي پارٽين جهڙوڪ ڪميونسٽ پارٽي آف اِنڊيا (مارڪسٽ) (CPM)، ڪميونسٽ پارٽي آف اِنڊيا (CPI)، ڪميونسٽ پارٽي آف اِنڊيا (مارڪسٽ-ليننِسٽ) گڏجي هڪ اتحاد قائم ڪيو آهي ۽ دلت سوال کي پنهنجي نئين حڪمت عمليءَ ۾ خاص اهميت وارو مقام ڏنو اٿن ته جيئن مستقبل جي سياسي منظرنامي ۾ پنهنجو پاڻ کي سگهاري انداز ۾ نئين سِر زور وٺرائي سگهن.
بِي. جَي. پِي. اختيارين پاران امبيڊڪر ڀَوَن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ خلاف گذريل هفتي ممبئيءَ ۾ ماڻهن جي هڪ وڏي هشام برساتن منجهه به ريلي ڪڍي سخت احتجاج ڪيو آهي. انهيءَ ريليءَ ڪامريڊن کي به دلتن جي جدوجُهد جي حمايت ۾ ميدان ۾ لاٿو. امبيڊڪر ڀَوَن هڪ تاريخي عمارت آهي، جنهن ۾ دلتن جي هڪ تمام وڏي وِدوانُ ۽ غير رواجي (Extra-ordinary) اڳواڻ ڀِيمرائو امبيڊڪر، جنهن هندستان جو آئين لکڻ ۾ مدد ڪئي هئي، هڪ ڇاپيخانو قائم ڪيو هو. دلت، حڪومت جي اهڙي عمل کي سندن اڳواڻ جي يادگار جي هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت توهين ڪرڻ سمجهن ٿا. دلت تحريڪ ۾ اُڀار اچڻ جو هڪ ٻيو سبب پڻ آهي. نيشنل ڪرائيم ريڪارڊس بيورو پاران تازو جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل ٻن سالن دوران دلتن خلاف روا رکيل اُرهه زوراين ۾ تيزيءَ سان واڌ آئي آهي. اها هڪ اهڙي ختم نه ٿيندڙ لهر آهي، جنهن کان بِي. جَي. پِي. سرڪار مشڪل سان ئي انڪار ڪري سگهندي. سن 2014 ۾، جنهن سال بِي. جَي. پِي. اقتدار ۾ آئي هئي، دلتن خلاف 47064 ڏوهن جا ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، اُن کان اڳئين سال اُنهن جو تعداد 39408 هو ۽ 2012 ۾ اُهي 33655 هئا. جيستائين موديءَ جو تعلق آهي ته سندس دلتن ڏانهن رويو ڪنهن کان لِڪل ناهي. گجرات جي وڏي وزير جي حيثيت ۾ هو سرعام چوندو وتندو هو ته دلت ذهني طور تي پٺتي پيل ٻار آهن.
(روزاني ”ڊان“ جي ٿورن سان)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو