Sunday, August 14, 2016

تحفظ جو احساس ته ڏياريو


رکيل مورائي
سنڌ جي ڪيترن ئي اهم شعبن ۾ نهايت اهم شخص رهيا آهن، جن مان ڪيترن ئي پنهنجي سٺائي طور سنڌ ۾ نالو ڪڍيو آهي ته ڪن وري پنهنجي مٺائيءَ طور به پنهنجو نالو سنڌي ماڻهن جي زبان تي ڇڏيو آهي.
جن شخصن کي سٺن لفظن سان ياد ڪيو وڃي ٿو انهن ۾ پڪ سان الهڏني خواجا (اي ڊي خواجا) جو نالو شامل آهي. سنڌ پوليس پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي حوالي ۾ ڪو نيڪ ڪم ڪيو هجي، اهڙو حوالو ان جي تاريخ ۾ شايد ملي سگهي،  جيڪڏهن آهي ته اهو اڃا اُڀري عام ماڻهن اڳيان نه اچي سگهيو آهي. پوءِ به هن اداري ۾ خاص طور ڪجهه نالا ضرور آهن جيڪي آبرودار نموني سڃاتا وڃن ٿا جن مان هڪ نالو مٿي ڏنل آهي ۽ ٻين اهم نالن ۾ شايد اختر جانوري صاحب ۽ سائين رکيو ميراڻي صاحب به ڳڻيا وڃن. ٻئي طرف سنڌ پوليس ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين جيڪو ڪجهه ڪيو آهي ۽ ڪري رهي آهي اهو سڀ اسين ڏسي رهيا آهيون ۽ شايد ايندڙ نسل به ڏسن پر ان سڀ جي اميد اسان مٿي ڄاڻايل نالن وارن شخصن مان بنهه نٿا رکون ڇو ته هنن پنهنجو سٺو ۽ آبرودار نالو سنڌ ۾ ڇڏيو آهي.
خاص طور اي ڊي خواجا صاحب ته ان حوالي ۾ وڌيڪ احترام جوڳو نالو آهي ۽ جڏهن هن کي آءِ جي جهڙي پوسٽ تي آندو ويو ته اها خبر سنڌ کي خوشي ڏيندڙ هئي. ڇاڪاڻ ته هن جو ماضيءَ وارو رڪارڊ اهڙي شاهدي ڏئي رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ به هن مان ڪيتريون نيڪيون/سٺا ڪم ٿيڻا آهن ۽ ٿي رهيا آهن ۽ ٿيندا رهندا آهن، اهڙي پڪ آهي ته هو پنهنجي سروس جي شفاف ماضيءَ تي داغ لائڻ نه ڏيندو. کيس ڇا ڪرڻو آهي، يا کيس آڻيندڙ کانئس ڇا ڪرائيندا، هو پتو ته کيس ئي آهي پر سندس ڏنل اهو بيان (جنهن ۾ هُن فرمايو آهي ته ”شهري پنهنجا لائسنس وارا هٿيار بچاءَ طور استعمال ڪن.“ ڪجهه عجيب لڳو!
ضرور هن اهو بيان پنهنجي ليکي هتان جي شهرين لاءِ ”پنهنجي مدد پاڻ ڪريو“ جي بنياد تي ڏنو هوندو پر ان بيان جا جيڪي ناڪاري اثر نڪرندا يا تڪڙا نڪري رهيا آهن اهي ڏکوئيندڙ آهن.
اهو سمجهڻ بنهه سولو آهي ته جن به عام شهرين يا مڊل ڪلاس آفيسر لڏي لائسنس ورتا آهن ۽ هو پنهنجي گهر ۾ هٿيار رکن ٿا اهو پنهنجي بچاءَ لاءِ ئي رکن ٿا. انهن کي اهو چوڻ ته اهي هٿيار پنهنجي بچاءَ لاءِ استعمال ڪن؟ پڪ سان هو ايئن ڪندا.
پر شهرين جي بچاءَ طور استعمال ٿيندڙ اهو هٿيار ڪيترو غلط استعمال ٿيندو ۽ ان جا جيڪي غلط نتيجا نڪرندا اهي هن سموري سماج کي انارڪيءَ ڏانهن ڌڪيندا، جيڪڏهن هر شهريءَ کي ڪوبه ڪاروبار، نوڪري وغيره ڪرڻ بجاءِ پنهنجو بچاءُ ئي ڪرڻو آهي ۽ چوويهه ڪلاڪ اهو هٿيار پنهنجي پاڻ ساڻ رکڻو آهي ته پوءِ پوليس جهڙو اهم ادارو جنهن ۾ ڪيترائي ذيلي ادارا آهن، ان جو ڪم ڪهڙو رهجي ٿو وڃي.
پوليس جي اها ذميواري نه آهي ڇا ته اها هر شهريءَ جو تحفظ ڪري. دنيا جي ملڪن ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته ڪن به حالتن ۾ عام ماڻهو جڏهن پوليس کي ڏسي ٿو سندس چهري تي بچاءَ ۽ تحفظ جو احساس تري اچي ٿو، جڏهن اسان جي ڀلاري ملڪ ۾ جڏهن عام ماڻهو جي ته اهڙي ڪنهن به اداري جي شخص تي نظر پوي ٿي ته هو خوف ۽ عدم اعتماد ۾ وٺجي وڃي ٿو. اهڙين حالتن ۾ پوليس جو ڪم/عمل اهو هجڻ گهرجي ته اها پنهنجي ماضيءَ جي خراب ڪردار جي ابتڙ اهڙو ڪردار ادا ڪري جو عام ماڻهوءَ وٽ ان لاءِ هڪ خوشگوار تاثر جڙي. ان مان عام ماڻهوءَ کي تحفظ جو احساس ٿئي. هن جي اندر ۾ اطمينان جاڳي ۽ هو پاڻ کي محفوظ سمجهي.
اهڙي وقت اهو چوڻ ته شهري پنهنجي بچاءَ ۾ پاڻ هٿيار استعمال ڪري (جيڪو پاڻمرادو ئي استعمال ٿيندو) ته ان چوڻ پٺيان اهو احساس ڏيارڻ آهي ته ادارا هنن کي ڪوبه بچاءُ ڏئي نه سگهندا، يا ادارن کي اهڙي عمل کان آزاد ڪيو ويو آهي. اهڙو بيان عام شهريءَ کي جيڪو بي سلامتيءَ جو احساس ڏياري ويو آهي، اهو ته دوزخ جي تصور کان به خوفناڪ آهي. بي سلامتيءَ جو احساس چوويهه ڪلاڪ پاڻ سان گڏ کڻي هلندڙ شخص هن سماج کي ڇا ڏئي سگهندو؟ ان پاسي به ويچارڻ جي ضرورت آهي، خود لائسنس واري هٿيار استعمال ڪرڻ جي اهڙي انداز ۾ اجازت سماج ۾ جيڪو بي سلامتيءَ جو ماحول کڙو ڪندي ان جي باري ۾ سوچڻ ئي ڏڪائي ٿو ڇڏي.
اسين ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ رهندڙ جيڪي اڳ ئي بي سلامتيءَ جي احساس جو بار ڍوئي رهيا آهيون، انهن کي هڪ اهم اداري جي سربراهه پاران آٿت گهرجي، ڀلي ڪوڙو ئي هجي پر ڪنن تائين پهچي اهو گهڙي کن لاءِ ان احساس کان پري رهي سگهندو جنهن احساس اسان جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. ادارا ڪجهه به چڱو نه ڪن پر اسان کي ٻڌايو ته چڱو وڃي ، ممڪن آهي ان اميد ۾ ڪي پل چڱا گذري وڃن. ٻي صورت ته هيءَ آهي ته:
خوف جيئڻ جو آهه حياتيءَ تي حاوي،
آيا آهن ڪهڙا ڏينهن عذابن جا.
جڏهن جيئڻ جو خوف حياتي تي حاوي هجي، اهڙين گهڙين ۾ اسان کي تحفظ ڏيڻ جا ذميوار ادارا ۽ انهن جا سربراهه ئي اسان کي بي سلامتيءَ جو نياپو موڪلين ته باقي ڇا ٿو بچي. اي ڊي خواجا صاحب! اسين توهان مان تحفظ ۽ سلامتيءَ جي اميد رکون ٿا ڇاڪاڻ ته قومي ٻوليءَ ۾ اوهان جي اداري جي مکيه چوڻي ئي اها آهي ته:
پوليس ڪا هي فرض، مدد آپ ڪي
(روزاني عوامي آواز)   

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو