اڄ اصلوڪو پاڪستان پنهنجي حياتيءَ جا 70 ورهيه پورا ڪري چڪو آهي، جڏهن ته هاڻوڪي پاڪستان جي ڄمار 46 ورهيه اچي پهتي آهي. ان سموري دور۾ پاڪستان ڪئين لاها چاڙها، نفعا نقصان، بهتريون بدتريون، جمهوريتون آمريتون ۽ انتهاپسنديون ڏٺيون آهن. انهن واقعن ۾ لکين ماڻهو اجل جو شڪار بڻيا آهن. اڄ پنهنجي ملڪ پاڪستان جي سربلنديءَ لاءِ به سوچڻو آهي ۽ هڪ نئين عزم سان ملڪ جي عوام کي تباهين کان بچائڻو آهي. انهن محنتن سان گڏ پاڪستان جي عوام کي اهو مشاهدو به ڪرڻو آهي ته اسان آزاد به آهيون يا نه؟ ڇا پاڪستان آزاد آهي يا ان تي ملڪ جي اشرافيه جو قبضو آهي، جيڪي ملڪ کي عوام جي لاءِ آزاد ٿيڻ جي حق ۾ ئي ناهن!
هن ملڪ جو پسمنظر سولو به آهي ته انتهائي خطرناڪ به. ان مشاهدي تي غور ڪري، پاڪستان جي بچاءَ سميت ان جي ترقيءَ جي باري ۾ هر گهڙي سوچڻ جي گهرج وڌي ويئي آهي.
هندستان ۾ انگريزن کان آزاديءَ جي تحريڪ لڳ ڀڳ ان ئي ڏينهن کان شروع ٿي هئي، جنهن ڏينهن سنڌ ۾ هوشو شيديءَ ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جو نعرو هڻي پنهنجي جان ڏني هئي. جڏهن ته هندستان جا ٻيا علائقا ڀڳت سنگهه، هيمون ڪالاڻي، منگل پانڊي مشهور ڪري رهيا هئا. انگريزن جي قبضي خلاف هندستان جو عوام آهستي آهستي، جونءَ رفتار سان تيار ٿي رهيو هيو، جنهن کي غيرانگريز نوابن، جاگيردارن ۽ انهن جي ساٿارين خطري طور محسوس پئي ڪيو. عوامي بغاوتن ۽ شورش کي قابو ڪرڻ ۽ پنهنجي اڳواڻي هيٺ رکڻ لاءِ، سڄي هندستان ۾ نوابن، اميرن، شاهوڪارن جون پارٽيون ٺهيون. انهن ۾ هڪ پارٽي ڍاڪا جي نوابن 1906ع ۾ نواب سليم الله خان جي گهر ”مسلم ليگ انڊيا“ جي نالي سان ٺاهي هئي.
هڪ پاسي عوامي سياست تي نوابي قبضو ٿي ويو ته ٻئي پاسي برطانوي سازشن وسيلي هندن ۽ مسلمانن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ ۽ انگريزن خلاف نه گڏجڻ لاءِ انهن کي ڌار ڪيو ويو ۽ انهن ۾ نفاق جو ٻج ڇٽي منجهن سياسي، سماجي ۽ مذهبي اختلافن کي اڀاريو ويو. جنهن جو توڙ هندستان جي ورهاڱي تي ٿيو.
مسلم ليگ، قائداعظم محمد علي جناح جي رهنمائيءَ ۾ 1940ع ۾ لاهور واري اجلاس ۾ هڪ ٺهراءُ پاس ڪري مسلمانن لاءِ ڌار وطن جي ڳالهه ڪئي.پاڪستان جو ٺهراءُ پنجاب جي گادي لاهور ۾ ”آل انڊيا مسلم ليگ“ جي ٽن ڏينهن واري ڪنوينشن ۾ 22 کان 24 مارچ 1940ع تي پاس ڪيو ويو. ٽن سالن کان پوءِ مرحوم جي ايم سيد پاڪستان جي حق ۾ پهرين اپريل 1943ع تي سنڌ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪرايو هو. 14 آگسٽ 1947ع تي، انگريز دؤر ختم ٿيڻ سان هندستان کي ٻن ملڪن: ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ورهايو ويو. جي ايم سيد نه هجي ها ته پاڪستان به نه ٺهي ها، پر ان جي سياسي سمجهه کيس مسلمانن لاءِ ڌار وطن جي جدوجهد لاءِ ميدان تي آڻي ڇڏيو.
ابتدا ۾ پاڪستان پنجن صوبن ۽ ڪجهه رياستن تي ٻڌل هو، پر 1954ع ۾ الهندي حصي جي سمورن صوبن ۽ رياستن کي ملائي ”وَن يونٽ“ ٺاهيو ويو ۽ ملڪ جو الهندو حصو ” اولهه پاڪستان“ ۽ بنگال کي ” اوڀر پاڪستان“ سڏيو ويو. مغربي پاڪستان ۾ پنجاب، سنڌ، سرحد، بلوچستان جي حدن ۾ ايندڙ رياستون شامل هيون. عقيدي جي حساب سان پاڪستان ۾، مسلمان 89 سيڪڙو، هندو 10 سيڪڙو، عيسائي، ٻڌ، پارسي ۽ ٻيا مذهب هڪ سيڪڙو رهن ٿا.پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهائجن ٿيون. پاڪستان جي اصلوڪن رهاڪن جون مکيه ٻوليون سنڌي، پنجابي، سرائڪي (ڌني، شاهه پوري، پوٺوهاري، هندڪو)، پشتو، بلوچي ۽ براهوي آهي. ڀارت مان لڏي آيل ماڻهن جي ٻولي اردوءَ سان گڏ گجراتي، ڪڇي، ميواتي، مارواڙي، رانگڙي، ميمڻي ٻوليون به هتي ڳالهايون وڃن ٿيون. پاڪستان ۾ رهندڙ صوبن جا رهاڪو پنهنجي ٻولين کي ”قومي ٻوليون“ سڏين ٿا. پاڪستان ۾ جدا جدا ٻولين ڳالهائيندڙن ۾: پنجابي 44.17 سيڪڙو، پشتو 15.44 سيڪڙو، سنڌي 14.12 سيڪڙو، سرائڪي 10.42 سيڪڙو، اردو 7.59 سيڪڙو، بلوچي 3.59 سيڪڙو،براهوي 96 .0 سيڪڙو، فارسي 80 . 0 سيڪڙو ۽ ٻيون ٻوليون 2.91 سيڪڙو، جيڪي ڪشمير، گلگت ۽ لداخ وغيره جون ڪشميري، هندڪو، بلتي، کوار، شينا، شورسيني، پشاچي، توروالي وغيره آهن.
ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۾ ٽي آئين 1956ع، 1962ع ۽ 1973ع ۾ لاڳو ٿيا. جنرل ضيا ان آئين کي ڀور ڀور ڪري ڇڏيو ته ارڙهين ترميم ذريعي اپريل 2010ع ۾ اهم تبديليون ڪري آئين کي امريتن وارين شقن کان صاف ڪيو ويو.
سياسي ۽ انتظامي طور، قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جي نئين رياست جو گورنر جنرل 11 سيپٽمبر 1948ع تائين رهيو. جڏهن ته لياقت علي خان پهريون وزيراعظم بڻيو. لياقت باغ ۾ سياسي ميڙ کي خطاب ڪندي هو سيد اڪبر شاهه جي گوليءَ سان قتل ڪيو ويو. ان کان پوءِ وزيراعظم خواجه ناظم الدين، محمد علي بوگرا، ۽ گورنر جنرل غلام محمد حاڪم بڻجي آيا. اسڪندر مرزا، جنرل ايوب خان، جنرل يحيا خان، جناب ذوالفقار علي ڀٽو، جنرل ضيا الحق، جناب محمد خان جوڻيجو، محترما بينظير ڀٽو، ميان محمد نواز شريف، جنرل پرويز مشرف، يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف ۽ ميان نواز شريف صاحب پاڪستان جي انتظامي گادين تي ويٺا آهن، ويهاريا ويا آهن، عوام جي پاران يا ڪجهه موقعن تي جنرلن جي پاران.
ملڪ جو عوام سمجهي ٿو ته ملڪ جي بانيءَ سميت پهرئين وزيراعظم، ان کان پوءِ ٻن چونڊيل وزيراعظمن جي قتل سان ملڪ جو چرخو اڄ تائين ان ڪري سڌو نه ٿي سگهيو آهي ڇوته تاريخ ۽ پاڪستاني سماج ۾ مطابقت نه رهي اهي، هڪڙي اُٽل رهي آهي، جيڪا ختم ٿيڻ گهرجي.
اڄوڪي ڏينهن تي پاڪستان جي تاريخ پاڻ سان انصاف ٿيڻ جي تمنائي آهي. ملڪ جو عوام ميرٽ ۽ انصاف جي بنياد تي حصي رسيءَ سان جائز حق گهرڻ کي ملڪ جي بقا جي ضمانت سمجهي ٿو. اهو جائز حصو ملڻ لاءِ ملڪي اشرافيه کي بدعنواني جي خاتمي کان سواءِ ملڪ ۾ قانون ۽ انصاف جي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ اقتدار عوام جي حوالي ڪرڻو پوندو.
(روزاني عوامي آواز)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو