قمر شهباز
هر رات اُداسي آ، هر صبح ستم آهي،
ڪجهه پنهنجي نصيبن جو، ڪجهه تنهنجو ڪرم آهي.
ڇا لاءِ بهارن ۾،
اڄ بوءِ
ڀنل ناهي،
هر مکڙي آ ڪومائي، هر گل ۾ زخم آهي.
خاموش فضائن ۾ آواز هي
ڪهڙو آ،
آڪاس ٿو جهونگاري، يا منهنجو صنم آهي.
هر وار اُڃايل کي، ڪجهه زياده اُڃائين ٿو،
يا روح ئي پياسو آ، يا پيالي ۾ خم آهي.
تون دل ۾ جڳهه ڏيئي، پوءِ پل ۾ ڀُلي ويٺين،
هن دل ۾ ليئو پائي، ڏس تنهنجو ئي غم آهي.
ڪيئي ڀيرا خيال آيم ، مان توکي وساريندس،
ڪا ريت ته ڪانهي پر، هي دل جو مرم
آهي
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو