شفيق الرحمان شاڪر
اوڻويهين صدي کي سائنسي ايجادن جي صديء طور ڄاتو وڃي ٿو.ان صديء ۾ دنيا
گھڻين ئي ايجادن جو مشاهدو ڪيو.سينيماٽو گراف Cinematograph جنهن کي مختصر
طور تي عام طور تي سينيما Cinema چئجي ٿو ان سلسلي
جي هڪ ڪڙي آهي.سينيما جي ايجاد ڪنهن جادوئي ڪرشمي کان گھٽ نه هئي جنهن بيجان
تصويرن کي زندهه ڪري ڇڏيو ۽ بي زبان ڪردارن کي زبان ڏني.زندگيء جي مختلف پاسن کي
هلندڙ ڦرندڙ تصويرن ۾ قيد ڪرڻ جو تجربو پڪ سان نهايت دلچسپ ۽ نرالو هو.ان خوبصورت
ايجاد جو سهرو فرانس جي لوميئر برادرس تي آهي جن 1895ع ۾ سينيما ماٽوگراف مشين
جوڙي سينيما ۾ پنهنجي اوليت داخل ڪرائي توڙي جو انهن ٻنهي ڀائرن کان اڳ امريڪا جي
ٿامس ايڊيسن 1891ع ۾ڪنٽوگراف مشين ايجاد ڪري ورتي هئي پر فني خامين سبب ان مشين کي تاريخ ۾ اوليت جو درجو نه
ملي سگھيو.بهرحال سينيما جا خالق لوميئر برادرس ئي آهن تنهن هوندي به اڄ جنهن شڪل
۾ سينيما اسان تائين پهتي آهي ان ۾ ڪيترن ئي ماڻهن ۽ ڪيترين ئي صدين جي ڪوشش ۽
تجربن جو عمل دخل رهيو آهي.سينيما گرافي اصل ۾ فوٽوگرافي جي وڌيل شڪل آهي ان ڪري
سينيما جي اوسر واري سفر کي سمجھڻ لاء فوٽوگرافي جي ايجاد ۽ ان جي اوسر وارا مرحلا
سمجھڻ ضروري آهن.فوٽوگرافي جي حيرت ۾ وجھندڙ خوبين کي ڏسندي روبرٽ رولج ان کي
اوڻويهين صديء جي سڀ کان خوبصورت،مقبول ۽ لائق ساراهه ايجاد قرار ڏنو
آهي.فوٽوگرافيء جو جائزو وٺڻ سان خبر پوي ٿي ته ان جي ايجاد ۾ به ڪيترين ئي صدين ۽
ڪيترن ئي ماڻهن جي ڪوششن جو حصو رهيو آهي.ڪيترن ئي تجربن ۽ مرحلن مان گذري اها
قيمتي ايجاد اسان تائين پهتي آهي.ڪجهه مورخن جو خيال آهي ته فوٽوگرافي ۾ اسلامي
دور جي مشهور سائنسدان ابو علي حسن ابن الهيثم شروعات ڪئي هئي.اولهه جي دنيا ۾
الهيزن جي نالي سان مشهور ابن الهيثم بصريات Optics جو وڏي باريڪ بينيء سان مطالعو ڪيو ۽ ان بابت ڪجهه نظريا به پيش ڪيا جيڪي
اڄ تائين بصريات متعلق ڪيترن ئي سائنسي نظرين جو بنياد مڃيا وڃن ٿا. ان سلسلي ۾ هن
ڪتاب ”ڪتاب المناظر“ نالي لکيو جنهنجو ترجمو Book of Opticsجي نالي سان موجود آهي جيڪو سترهين صديء تائين اولهه جي يونيورسٽين جي نصاب ۾
شامل رهيو ۽ ڪيترن ئي سائنسي تجربن ۾ ان جي مدد ورتي ويئي.ابن الهيثم بصريات متعلق
پنهن جا تجربا ڪندي پهرين سنهڙي سوراخ
واري ڪيميراPinhole Camera تيار
ڪئي ۽ بعد ۾ ان جي خامين کي دور ڪندي اونداهين ڪيميرا Obscure Camera جوڙي جنهن کي عربيء ۾ ”بيت المظلم“چيو وڃي ٿو.اها ڪاٺ يا ڌاتوء مان پيتيء جيان
ٺاهي ويندي آهي جنهن جو اندريون حصو مڪمل اونداهون ۽ ٻاهريئين حصي تي هڪ ننڍڙو
سوراخ هوندو آهي جيڪو ٻاهرين منظرن کي سوراخ دار ّاني ۾ موجود ڪاري پردي تي منعڪس
ڪندو آهي.ابن الهيثم جي ان ايجاد کي فوٽو گرافي يا سينيماٽو گرافي جو پهريون نمونو
سمجھيو وڃي ٿو.ڪجهه ماڻهو ان ڳالهه جا به قائل آهن ته ڪنهن اونداهين خاني ۾ هڪ
سنهڙي سوراخ يا شٽر ذريعي ٻاهرين منظرن کي اندرئين ڪاري پردي تي منعڪس ڪرڻ جو تصور
ارسطو وٽ به موجود هو.نائين صدي عيسوي ۾ عرب جي مشهور فلسفي ابو يوسف يعقوب الڪندي
پڻ ان نظريي تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي
پر انهن ماڻهن مان ڪنهن به ان نظريي کي عملي صورت نه ڏني.ابن الهيثم اهو
پهريون سخص آهي جنهن ان جو عملي تجربو ڪيو.ان ڪري گھڻا ابن الهيثم کي ئي پن هول
ڪيميرا جو باني سمجھن ٿا.اونداهين ڪيميرا سان رڳو عارضي تصوير ڏسي سگھبي هئي،ان
سان مستقل تصوير ٺاهڻ اڃا تائين ممڪن نه بڻيو هو.ڏهين صدي کان پندرهين صديء تائين
عام مشاهدي يا سج گرهڻ کي سڌو ڏسڻ جي نقصانن کان بچڻ لاء ان ڪيميرا کي استعمال ۾
آندو ويندو رهيو،سورهين صديء اٽليء جي سائنسدان جيام بيٽيسٽا ان ڪيميرا تي وڌيڪ
کوجنا ڪئي ۽ صلاح ڏني ته فنڪار ان ڪيميرا جي عڪس کي ڪاغذ تي اڀاري نقاشي Painting
۾ مدد وٺي سگھن ٿا ان طرح سورهين صديء کان ارڙهين صديء تائين اونداهين ڪيميرا
نقاشن لاء هڪ مددگار اوزار طور ڪم ڪندي رهي ۽ نيٺ اهو ڏينهن آيو جڏهن هنرمندن ان
اوزار مان مستقل تصوير ڪڍڻ جو حل ڳولهي ورتو.ارڙهين صديء ۾ ڪيترا ئي سائنسدان ان
ڪيميرا جي پردي تي منعڪس ٿيندڙ تصويرن کي دائمي شڪل ڏيڻ لاء ڪوشش ۾ رهيا،آخر ڪار
هڪ ٻئي جي تجربن مام مدد حاصل ڪندي 1972ع
۾ جرمنيء جي سائنسدان ڊاڪٽر جان سولزي هڪ ڏينهن اتفاق سان سلور نائيٽريٽ ۽ کڙيل
مٽيء جي مرڪب تي اهو مشاهدو ڪيو ته سج جي روشني پوڻ سان ان مرڪب جو رنگ آهستي
آهستي ڪارو ٿي وڃي ٿو.جنهن بعد انهن ان مشاهدي ڪيترائي تجربا ڪيا ۽ نيٺ ان نتيجي
تي پهتا ته سلور نائٽريٽ کڙيل مٽيء جي ان
مرڪب تي سج جي روشني اثر انداز ٿئي ٿي.ڊاڪٽر سولزي جي ان کوجنا کي بنياد بنائي
مغربي ملڪن ۾ وڌيڪ تجربا ڪيا ويا.انهن سائنسدانن ۾ انگلنڊ جو ٿامس ريجووڊ به شامل آهي جنهن سندس ساٿي ڪيميادان همفري
ڊيوي سان گڏجي ان فارمولي تي عمل ڪندي ڪيميرا جي تصوير کي دائمي شڪل ڏيڻ جي ڪوشش
ڪئي،انهن ڪوششن ۾ انهن کي ڪاميابي به ملي پر ان ۾ خامي اها هئي تصوير تي جيئن ئي
سج جي روشني پيئي ٿي ته ان تي ڪارا داغ پئجي ٿي ويا. فرانس جو جوزف نائسوفور اهو پهريون شخص آهي جنهن تصوير کي دائمي شڪل ڏيڻ ۾
پهرين ڪاميابي حاصل ڪئي جنهن لاء هن جديد طريقو اختيار ڪيو جنهن کي هيلوگرافي Heliography چئجي ٿو.1829ع ۾ جوزف فرانس جي هڪ آرٽسٽ لوئس
ڊگير سان گڏجي ان طريقه ڪار کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پر جوزف جي ان دوران
وفات ٿي ويئي جڏهن ته لوئس ان عمل تي ڪم جاري رکيو ۽ نيٺ 1839ع ۾ پتل ۽ چانديء جي
پليٽ سان آيوڊين ويپر جو استعمال ڪري ان دريافت ۾ بهترين اضافو ڪيو.دگير جي ان
طريقي ڪار کي دگير ٽائيپ چيو وڃي ٿو.انهيء دوران برطانيا ۾ هڪ ٻي کوجنا سامهون آئي
جتي 1841ع ۾ هنري فوڪس هڪ نئون طريقو ڳولهي ڪڍيو۽ هن ان کي سندس نالي سان پينٽ به
ڪرايو.هنري جي اها کوجنا ڪيلو ٽائيپ سڏجي ٿي.دگير ۽ تالبوت جو طريقي ڪار تصوير ڇڪڻ
جي لحاظ کان بلڪل ابتڙ هو.دگير جو طريقو مثبت Positive
تصوير معڪس ڪندو هو جنهن جي ڪاپي ٺاهڻ ممڪن نه هو ڇو ته ڪاپي ٺاهڻ جي صورت ۾ تصوير
ابتي ٿي ويئي ٿي جڏهن ته تالبوت جو طريقو منفي تصوير ڪڍڻ هو جنهن جون ڪيتريون ئي ڪاپيون
جوڙي سگھبيون هيون ڇو ته ڪاپيء ۾ اها تصوير بلڪل سڌي ٿي ويئي ٿي.اهو ئي سبب آهي جو
دگير جو طريقو ديرپا ثابت نه ٿي سگھيو جڏهن ته تالبوت وارو طريقو اڄ به استعمال
ڪيو وڃي ٿو.فوٽو گرافي جي باقائدي شروعات بعد ماڻهن متحرڪ تصويرن کي ڪيميرا ۾ قيد
ڪرڻ جي طريقن تي سوچڻ شروع ڪيو ۽ انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ ئي سينيماٽوگرافي ايجاد ٿي.ميجڪ
لينٽرن کان ويندي هاڻوڪي سينيما تائين دريافت ۽ تجربي جون بيشمار ڪهاڻيون تاريخ جي
صفحن ۾ محفوظ آهن.جون 1873ع ۾ ايڊورڊ مائي برج نالي شخص 24 ڪيميرن جي مدد سان هڪ
ڊوڙندڙ گھوڙي کي فلمائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر ان کان ٺيڪ نو سال پوء فرانس جي
سائنسدان ايٽين جوليس ميري 1882ع ۾ Chrono photographic
Gun
ٺاهي جيڪا هڪ سيڪنڊ ۾ ٻارهن فريم تصويرون ڪڍڻ جي صلاحيت رکندي هئي.ان باري ۾ ٿامس
ايڊسن جو ڪارنامو سڀ کان اهم آهي.1891ع ۾ ايڊسن ڪنٽوگراف مشين ايجاد ڪئي.ان مشين ۾
35 ملي ميٽر ويڪري سيلولائيڊ جو ٽرانسپيرنٽ ريل استعمال ڪري متحرڪ تقويرن کي رڪارڊ
ڪيو ويندو هو.پڪ سان اها وڏي دريافت هئي پر ان ۾ خامي اها هئي جو انهن تصويرن کي
هڪ ئي وقت صرف هڪڙو ماڻهو ئي ڏسي سگھيو ٿي. 1895ع ۾ فرانس جي لومئير ڀائرن
سينيماٽو گراف مشين ايجاد ڪري سينيما باب ۾ ڪمال حاصل ڪيو.سينيماٽوگراف جي خوبي
اها هئي جو ان سان نه رڳو متحرڪ تصويرون رڪارڊ ٿي سگھيون ٿي پر پردي تي ماڻهن جي
سامهون انهن جي نمائش به ڪري سگھبي هئي.28 ڊسمبر 1895ع تي لوميئس ڀائرن پيرس هي
گرانڊ ڪيفي هال ۾ پنهنجي پهرين نمائش پيش ڪئي.ان نمائش ۾ ڪل ڏهه مختلف فلمون شامل
هيون جن ۾ اسٽيشن تي بيهندڙ ٽرين،سمنڊ ۾ اٿندڙ لهرون،کيڏندڙ ٻار ۽ ٻيااهڙا دلچسپ
منظر ڏيکاريا ويا هئا.ڏسڻ وارن لاء پردي تي اصل زندگيء جو نقل ڏسڻ ڪنهن معجزي کان
گھٽ نه هو.ان حيرت انگيز ڪارنامي کي ڏسڻ لاء پيرس شهر جي ماڻهن جو هجوم اٿلي پيو ۽
نيٺ تمام مختصر عرصي ۾ سينيما پيرس جي گھٽين مان نڪري دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي
ويئي. خود اسان جي هندستان ۾ 7 جولائي 1899ع ۾ بمبئي جي واٽسن هوٽل ۾ فلمن جي
نمائش ڪئي ويئي.
(روزاني مهراڻ 24 آگسٽ 2019ع)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو