هر سال جيان سال 2021ع به خير سان گذري ويو ۽ دنيا وري نين
اميدن ۽ نون انديشن سان سال 2022ع ۾ داخل
ٿي چڪي آهي.
سورهين صديء جي مشهور فرانسسي ماهر نجوم نوسٽر اڊيمس جهڙيء
طرح گذريل سالن جي باري ۾ خوفناڪ اڳڪٿيون ڪري چڪو آهي اهڙيء طرح سندس ڪجهه دل
ڏڪائيندڙ اڳڪٿيون سال 2022 جي باري ۾ به آهن.
دنيا جي باري ۾ نوسٽر ايڊيمس جون اڪثر اڳڪٿيون سچ ثابت ٿيون
آهن،جنهن ڪري هر سال سندس مشهور ڪتاب طرف رجوع ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ اڄ کان پنج سو
سال اڳ هو حيرت ۾ وجھندڙ ۽ خوفناڪ اڳڪٿيون ڪري چڪو آهي.سال 2022ع جي باري ۾ سندس
ڪجهه اهم اڳڪٿيون هن طرح آهن؛
1.هڪ نهايت ئي وڏو خلائي جبل سمنڊ ۾ ڪرندو جنهن سان سمنڊ ۾
تيز لهرون پيدا ٿينديون جيڪي زمين کي پنهن جي گرفت ۾ وٺي ڇڏينديون ۽ وڏي خلل جو
سبب بڻجنديون.هڪ سخت زلزلو سوناميء جو سبب بڻبو ۽ سامونڊي پاڻيء ۾ واڌاري سبب تمام
گھڻو نقصان ٿي سگھي ٿو.اها صورتحال ٻڌائي ٿي ته آسمان مان سيارچن جي برسات ٿيندي ۽
هزارين ماڻهو مري ويندا.نوسٽر اڊيمس اها به دعويٰ ڪئي آهي ته زمين شمسي طوفانن ۽
هڪ نهايت ئي وڏي پڇڙ تاري سبب تباه ٿي ويندي ۽ اهو واقعو ڪرسمس وقت پيش ايندو.هو
لکي ٿو ته آسمان ۾ باهه ۽ چڻنگن جو هڪ ڊگھو سلسلو ماڻهو واضح نموني ڏسي سگھندا.
2. نوسٽر اڊيمس پنهن جي هڪ نظم ۾ اتر ڪوريا جي سربراه جي
موت جي اڳڪٿي به ڪئي آهي جنهن مطابق 2022ع ۾ هن جو اوچتو موت ٿي ويندو.هن جي موت
سان تبديلي ايندي ۽ سندس جڳهه هڪ ٻيو ڪردار حڪومت سنڀالي وٺندو.
3. نوسٽر اڊيمس مطابق هن سال دنيا ۾ هڪ نهايت ئي خطرناڪ
ايٽم بم ڦاٽي پوندو جنهن مان نڪرندڙ تابڪاريء سبب دنيا جي آبهوا ۾ تبديلي ايندي ۽
وڏا گلشيئر پوريء طرح پگھرجي ويندا جنهن سان سامونڊي سطحن ۾ اضافو ايندو جنهن ڪري
ڪيترا ئي ٻيٽ ۽ ننڍڙا ملڪ پاڻيء هيٺ اچي ويندا.ان سان گڏوگڏ ڪروڙين ماڻهو ريڊيئيشن
سبب وقت کان اڳ مري ويندا ۽ جيڪي بچندا سي مختلف بيمارين جو شڪار ٿي ويندا.
4.اڳڪٿيء مطابق هن سال هڪ وڏو قدرتي واقعو ظاهر ٿيندو جنهن
سبب دنيا ۾ ٽن ڏينهن تائين اونده ڇانئجي ويندي ان سان دنيا جي ملڪن ۾ شروع ٿيندڙ
جنگ اوچتو رڪجي ويندي.ٽن ڏينهن بعد دنيا واپس روشنيء ۾ ايندي.
5. اڳڪٿين مطابق هيء سال فرانس لاء تمام ڳرو ثابت ٿي سگھي
ٿو.هڪ تمام وڏو طوفان ايندو جنهن جو اثر پوري دنيا تي پوندو.دنيا ۾ پوکون ۽ وڻ ٽڻ
گھڻي حد تائين تباه ٿي ويندا جنهن سان ماڻهن ۾ بک پکڙجي ويندي.نوسٽر آديمس پئرس جي
محاصري جو به ذڪر ڪيو آهي پر ان جو سبب معلوم ناهي ته ايئن ڇو ۽ ڪهڙيء طرح ٿيندو؟
۽ ان جو گھيراء ڪير ڪندو؟
6.جاپان ۾ وڏو زلزلو ايندو ۽ ڏينهن جي وقت ايندو ان ڪري
جاني نقصان گھڻو نه ٿيندو پر عمارتن کي گھڻو نقصان پهچندو.
7. نوسٽر اڊيمس مطابق بريگزٽ ته رڳو شروعات اهي.2022ع ۾
پوري يورپي يونين ئي ختم ٿي ويندي.
8.نوسٽر اڊيمس جي اڳڪٿيء مطابق هن سال عالمي معيشت ۾
ڪيتريون ئي تبديليون اينديون ۽ شين جي سخت کوٽ پيدا ٿيندي.دنيا ۾ مهنگائي تمام
گھڻو وڌي ويندي جنهن ڪري ڪروڙين ماڻهن کي بکن سبب مرڻو پوندو.آمريڪي ڊالر ڪري
ويندو، سون،چاندي ۽ بٽ ڪوائن کي ئي اثاثو سمجھيو ويندو.
هي سال 2022ع لاء علم نجوم جي بنياد تي ڪيل ڪجهه اڳڪٿيون
آهن جن مان ڪيتريون ڪوڙيون ۽ ڪيتريون سچيون ٿيون ثابت ٿين سو ته وقت ئي ٻڌائيندو
باقي آئيندي جي سمورين حقيقتن جو علم ته رڳو الله تعاليٰ کي آهي ۽ اهو ئي سڀ ڪجهه
ڄاڻندڙ آهي.
(روزاني هلال پاڪستان 1 جنوري 2022ع)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو