ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو سنڌ سرڪار طرفان هلندڙ مالي سال
16-2015 ۾ ترقياتي رٿائون شروع ڪرائڻ لاءِ 162 ايم پي ايز کي اڻ سڌي ريت جاري ڪيل پوڻا
7 ارب رپين مان 128 ايم پي ايز 11 مهينن دوران اهي ٽڪو به خرچ ڪري نه سگهيا آهن. جڏهن
ته ترقياتي رٿائن لاءِ هر هڪ ايم پي اي کي 4-4 ڪروڙ رپين جي حساب سان فنڊ جاري ڪيا
ويا هئا. حيرت جي ڳالهه اها به آهي ته رقم خرچ نه ڪندڙن ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم
علي شاهه پاڻ به شامل آهي جڏهن ته سينيئر صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه، مخدوم جميل
الزمان، صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، ضياءُ الحسن لنجار، صوبائي وزير طارق مسعود آرائين،
صوبائي وزير علي نواز مهر، صوبائي وزير ڄام خان شورو، صوبائي وزير منظور وساڻ جنهن
کي سدائين مختلف قسم جا خواب ايندا رهندا آهن پر هن کي اهو خواب نه آيو ته کيس ترقياتي
ڪمن لاءِ جيڪي 4 ڪروڙ رپيا مليا آهن تنهن رقم مان ترقياتي ڪم به ڪرائڻا آهن. بهرحال
چيو وڃي ٿو ته اها رقم جاري ته ڪئي وئي پر ان رقم مان رڳو 57 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي سگهيا.
ان سلسلي ۾ اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ قومي اقتصادي
ڪائونسل جي سلسلي ۾ جيڪا گڏجاڻي ٿي تنهن ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ سنڌ جي وڏي وزير سيد
قائم علي شاهه ۽ ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه درخواست ڪئي ته اهي ترقياتي پروگرام
جي حوالي سان ڪجهه تجويزون کڻي آيا آهن جن تي غور ڪيو وڃي ان گڏجاڻي کي وڊيو لنڪ ذريعي
وزيراعظم ميان نواز شريف پڻ خطاب ڪيو هو جنهن جو خطاب ختم ٿيڻ کانپوءِ وڏي وزير ۽ ناڻي
واري صوبائي وزير کي وزيراعظم سان ڳالهائڻ جو موقعو نه ملي سگهيو پر بعد ۾ جڏهن ٻنهي
اڳواڻن وفاقي وزيرن آڏو پنهنجو موقف پيش ڪيو تڏهن کين اهو ”طعنو“ ڏنو ويو ته هلندڙ
مالي سان دوران وفاق پاران فنڊ فراهم ڪرڻ باوجود سنڌ حڪومت پنهنجي حصي مان منصوبن تي
ڪيترو خرچ ڪيو آهي؟ جيڪڏهن صوبائي حڪومت حصي مان خرچ ناهي ڪيو ته پوءِ وفاق مان فنڊنگ
جو ڪهڙو جواز آهي؟ جڏهن ته کين رُکائي مان اهو به جواب ڏنو ويو ته ”هاڻ وڌيڪ فون تي
ڳالهايو ويندو“. اسان سمجهون ٿا ته هتي ڪجهه سوال اڀري آيا آهن پهريون سوال اهو آهي
ته واقعي جيڪا رقم ترقياتي ڪمن لاءِ ملي هئي اها خرچ ڇو نه ڪئي وئي تنهن جو جواب سنڌ
سرڪار کي فورن ڏيڻ گهرجي پر انهن ايم پي ايز کان به پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ته آخر انهن اها
رقم ڇو خرچ نه ڪئي. ڇاڪاڻ ته انهن پاران رقم خرچ نه ٿيڻ ڪري سنڌ کي اهو نقصان پهتو
آهي جو 800 ارب رپين جي وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ هن ڀيري سنڌ لاءِ 12 ارب رپيا رکيا
ويا آهن. جيڪڏهن ايم پي ايز کي مليل رقم خرچ ٿيل هجي ها ته پوءِ وفاقي وزيرن کي طعنو
هڻڻ جي نوبت ئي نه اچي ها ته ٻئي طرف وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران وفاق آڏو جيڪو
احتجاج ڪيو ويو اهو به هڪ سگهارو آواز بڻجي سگهي ها. اسان جڏهن انهن 128 ايم پي ايز
جي نالن جي لسٽ تي نظر وجهون ٿا ته اها رقم رڳو حڪمران جماعت جي ايم پي ايز جي نه پر
مختلف پارٽين جن ۾ ايم ڪيو ايم جا ميمبر به شامل آهن تن پاران به اها رقم خرچ نه ڪرڻ
مان اهي شڪ هاڻ پڪ ۾ تبديل ٿين ٿا ته ڪٿي ائين ته ناهي ته رقم جاري ڪرڻ کانپوءِ ان
رقم کي ترقياتي رٿائن لاءِ استعمال ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪو ايڏو ڊگهو سرڪاري ڪاغذي مرحلو
آهي جنهن ڪري ايم پي ايز پاران ان ڊگهي ڪاغذي مرحلي جي ڪري انهن اها رقم خرچ ڪرڻ لاءِ
ڪا ڪوشش ئي نه ڪئي يا ٿي سگهي ٿو ته ان سلسلي ۾ ايم پي ايز ان ڪري به اها رقم خرچ ڪرڻ
جي سلسلي ۾ ڪا دلچسپي ان ڪري به نه ڏيکاري هجي ڇاڪاڻ ته اها رقم ايم پي ايز کي سڌي
ريت ته ملڻي نه هوندي آهي ان ڪري ايم پي ايز جي دلچسپي به نٿي رهي ٻيو ته اڄڪلهه ڪرپشن
خلاف جيڪا وٺ وٺان هلندڙ آهي ٿي سگهي ٿو ته ايم پي ايز ڪرپشن خلاف هلندڙ مهم کان ڊڄي
ڪري انهي ۾ ئي چڱائي سمجهي هجي ته ”ڪوٽلي ڪي دلالي ۾ هاٿ پي ڪالا اور منهن ڀي ڪالا“
وانگر ترقياتي ڪمن لاءِ جاري ڪيل رقم کائي ته ٺيڪيدار ۽ ايڪسئين ۽ انجنيئر وڃن ۽ بدنام
ايم پي ايز ٿين ان ڪري به انهن شايد اها رقم خرچ ڪرڻ کان پاسو ڪيو هجي اسان سمجهون
ٿا ته ڪٿي نه ڪٿي ڪا اهڙي رڪاوٽ ضروري آهي جنهن ڪري ايم پي ايز کين کي مليل رقم خرچ
ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ اسان جي صلاح اها آهي ته سنڌ جي وڏي وزير کي اها
جاچ ڪرائڻ گهرجي ته آخر اهي ڪهڙا سبب آهن جو اسيمبلي ميمبر کين ترقياتي ڪمن لاءِ مليل
رقم ڇو خرچ نٿا ڪن. اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن ڪو ايم پي اي صفا ”نسورو نپٽ“ هجي تڏهن
به انهن جو انگ آڱرين تي ڳڻڻ جيترو هجي ها پر هتي ته 128 ايم پي ايز پاران رقم خرچ
نه ڪرڻ وارو سوال نهايت اهم آهي. اسان جي خيال ۾ رقم جو خرچ نه ٿيڻ ته هڪ اهڙو قومي
ڏوهه ٿيو آهي جنهن جو ازالو ٿيڻ مشڪل آهي. ڇاڪاڻ ته هر هڪ ايم پيز کي 4-4 ڪروڙ رپين
واري جيڪا رقم جاري ٿي هئي ان رقم مان موٽر وي جهڙا منصوبا پڪ ڪو نه ٺهن ها پر هڪ ٻه
اسڪيمون ضرور عمل ۾ اچي وڃن ها اهڙي ريت جيڪڏهن 128 ايم پي ايز 4-4 اسڪيمون مڪمل ڪرائين
ها ته يقينن سنڌ ۾ ڪجهه نه ڪجهه اڏاوت هيٺ اچي وڃي ها. هونئن به هن وقت سنڌ ۾ ترقياتي
ڪمن وارو ڦيٿو ڄڻ ته هڪ ڊگهي عرصي کان بند پيل آهي سرڪاري عمارتن جي مرمت ڪيترن ئي
سالن کان نه ٿي سگهي آهي. جيڪي ڏينهون ڏينهن زبون حالت ۾ تبديل ٿي رهيون آهن. سنڌ جا
روڊ رستا ڀڄي ڀُري تباهه ٿي چڪا آهن، ماضي ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ پاران جيڪي واٽر سپلاءِ
جون جيڪي اسڪيمون ٺهرايون ويون هيون انهن مان 80 سيڪڙو اسڪيمون بند ٿي چڪيون آهن. اهڙي
ريت مختلف شهرن ۾ جيڪي فلٽر پلانٽ لڳايا ويا هئا اهي به بند پيا آهن سنڌ جا شهر ڏينهون
ڏينهن گند جي ڍير ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. مختلف ادارن جا ملازم پگهارن لاءِ پريس ڪلبن
آڏو هڙتالون ڪندي نظر اچي رهيا آهن، بجلي جي لوڊ شيڊنگ جيتوڻيڪ سنڌ سرڪار جو معاملو
ته هرگز ناهي پر سنڌ سرڪار سنڌ جي عوام پاران وفاق آڏو احتجاج ته ڪري سگهي ٿي اهو احتجاج
به موثر طريقي سان نه ٿيڻ ڪري لوڊ شيڊنگ ڊٽيڪشن بلن جو آزار آهي ٿر ۾ لڳايل آر او پلانٽ
به آهستي آهستي بند ٿيڻ لڳا آهن، سرڪاري اسپتالن جي حالت ڏسڻ وٽان ناهي مطلب ته هڪ
طرف سنڌ سرڪار لاءِ اڳ ئي مسئلن جا انبار آهن جن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪي خاص اپاءُ کڄندي
نظر نه اچي رهيا آهن ايتري تائين جو سنڌ جي صوبائي وزيرن بلاول ڀٽو جي ان حڪم کي به
ٿڏي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هن سڀني صوبائي وزيرن کي هدايت ڪئي هئي ته اهي کليون ڪچهريون ڪري
عوام جا مسئلا حل ڪن پر اڄ ڏينهن تائين هڪ به صوبائي وزير کلي ڪچهري نه ڪئي آهي. اسان
سنڌ سرڪار کي صلاح ڏينداسين ته اها سنڌ جي مجموعي مسئلن جي حل جي لاءِ نگراني لاءِ
ڪا اهڙي ”ٽاسڪ فورس“ جوڙي جيڪا عوام کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تڪڙا اپاءُ وٺي
ته جيئن عوام کي سهولتون ملي سگهن ڪٿي ائين نه ٿئي ته هن ڀيري وفاقي وزيرن ترقياتي
رٿائن لاءِ مليل رقم خرچ نه ٿيڻ جو ”مهڻو“ ڏنو آهي ۽ رقم گهٽ فراهم ڪئي آهي جڏهن سڀاڻي
اهي اها رقم به ڏيڻ کان اهو چئي انڪار ڪري ڇڏين ته پهريائين ادارن کي سڌاريو ان کانپوءِ
اوهان کي رقم فراهم ڪنداسين جيڪو جواب ٻڌي سنڌ سرڪار هٿ مهٽيندي رهجي وڃي.
(روزاني مهراڻ جي ٿورن سان)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو