محمود شام
هڪ امريڪي مصنف جي گواهي
ان روشن تاريخ جو آغاز 610ع جي رمضان المبارڪ سان ٿئي ٿو.
”مسلمان ان وقت تهذيب ۽ تمدن جي بُلندين کي ڇُهي رهيا هُئا، جڏهن يورپ جهالت جي انڌيرن ۽ بربريت جي وحشتن ۾ ڀٽڪي رهيو هو. مسلم تهذيب پنهنجي وسعتن ۽ ٽيڪنالوجيءَ ۾ پنهنجي عظمت تي هُئي، جيڪا دنيا ڪڏهن نه ڏٺي هُئي.“
نائين صدي عيسوي کان اهو روشن داستان شروع ٿئي ٿو.
اهي لفظ ڪنهن مسلمان مورخ جا ناهن، بلڪ هڪ امريڪي مصنف مارڪ گراهم جا آهن. مون کي ته تمام گهڻو فخر محسوس ٿي رهيو آهي، پنهنجي مسلمان هُجڻ تي.
امريڪا ۾ 11 سيپٽمبر 2001ع کان پوءِ اسلام ۽ مسلمانن جي خلاف نفرتن جو سيلاب اُٿيو. مسلمانن کي تهذيب کان عاري، انتهاپسند دهشتگرد، جابر، جاهل، ظالم سڏيو وڃڻ لڳو. يورپي امريڪي دانشور، تجزيي نگار به رات ڏينهن اها ئي ٻولي ڳالهائڻ لڳا. مسلمانن جي تاريخ کي بربريت ۽ جهالت جي تاريخ چيو وڃڻ لڳو. پر اُن سان گڏ اهو به ٿيو ته اسلام جي تعليم کي سنجيدگيءَ سان سمجهڻ جون ڪوششون به ڪيون ويون. قرآن پاڪ جا مقدس نسخا لکن جي تعداد ۾ وڪامڻ لڳا.
انهن ئي ڏينهن ۾ ڏکڻ ايشيا جي پنجن ايڊيٽرن سان گڏ مون کي امريڪي پرڏيهي کاتي جي دعوت تي امريڪا جي مختلف سرڪاري ادارن ۾ اعليٰ عهديدارن سان ملڻ جو موقعو مليو. وزيراعظم جي مشير براءِ ادبي ورثو ۽ تاريخ عرفان صديقي صاحب به اُن وفد ۾ شامل هو. هتي اڪثر شهرن ۾ ماهرن چيو ته انهن سانحن کان پوءِ اسان جي شاگردن ۽ اُنهن جي والدين طرفان اِهو دٻاءُ هو ته اسان کي اسلام ۽ مسلمانن جي باري ۾ به ٻڌايو وڃي ته هي ڪير ماڻهو آهن. اُنهن جي تعليم ڇا آهي ۽ عبادتون ڪهڙيون آهن؟
مون ڪيترائي ڪتاب اُنهن ڏينهن ۾ خريد ڪيا. تفصيل سان مطالعو ڪيو. پر اُهي سڀ تعصب سان ڀريل هئا. اُهي هڪطرفو تجزيو ڪري رهيا هئا.
مارڪ گراهم جي تصنيف How Islam created the modern world بلڪل ئي مختلف آهي. پنسلوانيا ۾ رهائش پذير مارڪ، جڏهن ڪنڪٽي ڪٽ ڪاليج ۾ يورپ جي وچئين دؤر جي تاريخ ۽ وڏن مذهبن جي تقابلي مطالعي ۾ تحقيق ڪئي. تڏهن هُن تي اِها حقيقت ظاهر ٿي ته يورپ ۾ نشات ثانيه Renaissance تحريڪ احياءِ علوم اصل ۾ اسلام جي ڪري آهي. بنو عباسيه جي دور ۾ جيڪڏهن يوناني علم عربي ۾ منتقل نه ڪيا وڃن ها ته يورپ دانشِ يونان کان محروم هُجي ها. يورپ سڌو سنئون يوناني علم کي انگريزيءَ ۾ منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي. بلڪه اُن وقت يورپ تي انتهائي تعصبي ۽ بنياد پرست ڪليسا جو تسلط هو. اُهي ڄاڻي ٻُجهي عام انسانن کي عقل ۽ شعور کان پري رکندا هُئا. ڪجهه يوناني ڪتابن جو جيڪڏهن لاطيني ۾ ترجمو ٿيو به ته اُن کي عام نه ڪيو ويو. بلڪه گراهم اِهو ڄاڻي به حيران ٿئي ٿو ته يورپ ۾ ته علم ۽ دانش کي جانورن جي کلن تي محفوظ ڪيو ويندو هو. اُن وقت اسلامي دنيا ڪاغذ جي دور ۾ داخل ٿي چُڪي هُئي. خلافت عباسيه جي دارالحڪومت بغداد ۾ ڪتابن جي باقاعده هڪ بازار هُئي، جنهن جو نالو ”سوق الورقين“ هو. اُتي هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب موجود هُئا.
مان ته اُن ڪتاب جي ورقن مان گذري رهيو آهيان، هر قدم تي حيرتون منهنجي آجيان ڪري رهيون آهن. مان به اُنهن ڪيترن ئي تجزيه نگارن ۽ اهلِ قلم ۾ شامل هوس، جيڪي پنهنجي تاريخ کي جهالت ۽ ملوڪيت جي تاريخ تصور ڪندا هُئا. جيڪي اهو لکندا ۽ چوندا هُئا ته مسلمانن سائنس ۽ جديد علمن جي هميشه حوصله شڪني ڪئي آهي. سائنسي طرز فڪر کي هميشه مسترد ڪيو ويو. مان ان ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ پنهنجي پاڻ تي تمام گهڻو افسوس ڪري رهيو آهيان- ۽ ملامت پڻ. ته پنهنجي لاعلمي کي مان مسلمانن جي لاعلمي قرار ڏيندو رهيس.
مسلمانن جي عظمتِ علميءَ جي گواهي اولهه کان ملي رهي آهي. ۽ هي جذباتي تحرير ناهي، تحقيق آهي، تصديق آهي ۽ توثيق آهي. ڪتاب جي مهڙين ورق تي عظيم فلسفي طبيب ۽ انتهائي تاريخ ساز ڪتابن جي مصنف رازي جو خاڪو ڏنو ويو آهي، جنهن کي تاريخ عالم جي ابتدائي ماهرن جي طب ۽ دوائن ۾ شمار ڪيو ويو آهي. جنهن جي يورپي وچئين دور جا لکيل ڪتاب يورپ امريڪا ۾ ڪيتريون ئي صديون پڙهايا ويا.
مان شروع ۾ ئي پنهنجي لاعلمي هتي به تسليم ڪري وٺان ته مسلمانن ان حوالي سان ڪو ڪتاب لکيو هجي ته منهنجي علم ۾ ناهي. نائن اليون کان پوءِ منهنجي ڪوشش اها رهي آهي ته تحقيق ڪئي وڃي ته مسلمانن ۾ جيڪڏهن ٻاهرين صدي تائين سائنس ۽ تحقيق جو رواج رهيو آهي، ايجادون به ٿيون، رياضي ۾ تمام گهڻو ڪم ٿيو، ته پوءِ واري دور ۾ خلا ڇو اچي وئي ته ٻارهين صديءَ کان پوءِ جڏهن يورپ، امريڪا ۽ ايشيا ۾ ويهين صدي تائين ايجادون ۽ جديد علمن جو دور رهي ٿو. مسلمان اُن کان پري ڇو ٿا رهن. اها خلا ڇو آهي.
ان سلسلي ۾ ڪي سنجيده تصنيفون تمام گهٽ ملن ٿيون. جذباتي تحريرون گهڻيون آهن. پاڻ ۾ مسلمان هڪ ٻئي تي الزام هڻن ٿا. اهوئي دور آهي جڏهن مسلمانن ۾ فرقي پرستي پنهنجي عروج تي پهچي ٿي. اُهو ئي علم ۽ ڪتاب جيڪي مسلمان اسڪالرز جي تخليق هئا، اُنهن جي ميراث هئا، اُنهن جي بدولت يورپ ترقي ڪندو رهيو، اڳيان وڌندو رهيو، پر مسلمان ملڪ زوال جو شڪار ٿين ٿا. پستيءَ ۾ لهندا وڃن ٿا. خلافت عثمانيه جي مرڪز ترڪي، يورپ جو مرد بيمار سڏجڻ لڳي ٿو.
پر مارڪ گراهم اُن سڄي منظرنامي کي بلڪل ئي مختلف زاويي سان ڏسي ٿو. هو چوي ٿو ته مسلمانن يوناني حڪمت ۽ دانش کي صرف عربي ۾ ئي منتقل نه ڪيو، بلڪه اُن کي اختيار به ڪيو ۽ اڳتي به وڌايو. منطقي اندازِ فڪر، سياسي بحث، سُٺي حڪمراني، اخلاقيات، فلسفي جا اُهي سڀ تصور ۽ نظريا جيڪي يونان جي عظيم فلسفين تخليق ڪيا، تراشيا، اُهي سڀ يورپ تائين عربن جي ذريعي ئي پهتا. عربي ترجمي مان ئي اها خبر پهريان لاطيني ۽ فرانسيسي ۾ ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ منتقل ٿي.
مارڪ گراهم پوءِ اها دعويٰ به ڪري ٿو ته اسلام تي اهلِ مغرب جو به ايترو ئي حق آهي، جيترو مصرين، عربن ۽ يونانين جو. اهڙي طرح اسلام جو احسان مغرب تي به آهي ته عربن ۽ عجمين تي به.
گراهم چوي ٿو ته 610ع جي رمضان المبارڪ ۾ علم ۽ دانش جي اُن شاندار تاريخ جي شروعات ”اقراء“ کان ٿئي ٿي. اُن پيغام جي تاثير ايتري ته گهري آهي جو پيغمبرِ اسلام جي صرف 100 سال بعد اسپين کان هندستان تائين ”اذان“ جو آواز گونجڻ لڳو. مسلمان شاهسوار، ڏورانهن ملڪن ۾ ”الله اڪبر“ جو نعرو بلند ڪندا پهچي رهيا هئا. شهنشاهه هرقليس شڪست فاش کان پوءِ زاروقطار رُنو ۽ پسپا ٿيندي شام جي حسين ملڪ کي ڏسندي چيو ”الوداع، ڇا شاندار، خوبصورت سرزمين آهي، پر هاڻ دشمنن جي لاءِ.“
مارڪ گراهم افسوس ڪري ٿو. يورپ ۽ مغرب جي مورخين تي. درسگاهن تي، ته اُتي اسلام جي تاريخ نامڪمل پڙهائي وڃي ٿي. صليبي جنگين ۾ پنهنجون فتحون ته ٻڌايون وڃن ٿيون، پر مسلمانن جي ڪاميابين جو ذڪر نٿو ڪيو وڃي.
اهڙا داستان ٻڌايا وڃن ٿا ته جهڙوڪ مسلمان اسڪالرز يوناني ۽ رومين جي دانش ۽ علم کي محفوظ ڪيو. اُن کي پروان چاڙهيو، پوءِ هو انتظار ڪرڻ لڳا ته ارسطو ۽ افلاطون جا اصل وارث اُن گم ٿيل ميراث کي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ اچن. جڏهن هو اچي ويا ۽ مسلمان اُن عظيم منصب کي ادا ڪري چُڪا ته پوءِ اُٺن تي ويهي پنهنجي خمين ۾ واپس هليا ويا. يورپ علم جي حاصلات ۾ مصروف ٿي ويو، ترقي ڪندو رهيو، روشني ڦهلجندي وئي.
يورپ جي درسگاهن ۾ ڪيترن ئي نسلن کي اِهوئي پڙهايو ويندو رهيو آهي.
هڪ امريڪي، هڪ غير مسلم جي اها گواهي مطالعي جي قابل آهي. رمضان جو مبارڪ مهينو آهي. آئينده تحرير ۾ گراهم جي اُنهن انڪشافن، جنهن ۾ اهو ذڪر ٿيندو ته ڪهڙي خليفي ڪنهن کي حڪم ڏنو، يونان جا ڪتاب ڳولڻ جو، عربي ۾ منتقل ڪرڻ جو. جڏهن يورپ ۾ سنگين مرضن ۾ مبتلا نادار، راهبن وٽ آخري ساهه کڻي رهيا هوندا هئا ۽ علاج معالجي جون سهولتون صرف اميرن کي حاصل هيون، اُن وقت عالمِ اسلام ۾ انتهائي معياري اسپتال قائم ٿي چُڪيون هيون. انشاءَ الله آئينده.
پنهنجي خيالن کان آگاهه ڪندا. اوهان جي نظر مان اهڙو ڪو ڪتاب گذريو هُجي ته اُهو به ٻڌائيندا: 0864-880-416 يا اي ميل
mahmoodshaam@gmail.com
(روزاني عبرت جي ٿورن سان)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو