Wednesday, June 15, 2016

وال پــــيــــپـــــــر؛ اهڙي حڪمراني ڏيو، جو ڪو نانگ نياڻيءَ کي ڏنگي نه سگهي

اقبال ملاح
سنڌ ۾ ڪنهن سٺي خبر پڙهڻ لاءِ من آتو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته هر ڏينهن جڏهن صبح جو اخبارون پڙهجن ٿيون ته سنڌ ۾ قتل ۽ رتوڇاڻ واريون خبرون شعور ۽ سمجهه مٿان وِڄ جيان ڪري اداس ڪري ڇڏين ٿيون، پاڪستان جي سياست ۾ سدائين بحث هيٺ رهندڙ شهر لاڙڪاڻي ۾ معصوم نياڻي فاطمه کي زيادتي جو نشانو بڻائي گهٽا ڏئي مارڻ واري خبر مون جهڙن حساس ماڻهن کي سخت پيڙاهه ۾  وجهي ڇڏيو آهي. شهر جي الهه آباد پاڙي ۾ ننڍڙو دڪان هلائي پنهنجن ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪندڙ دڪاندار ابراهيم هليو جي معصوم نياڻي فاطمه بابت اخبارن جڏهن هي رپورٽ ڪيو ته فاطمه جي چهري تي ڌڪن جا نشان هئا، هڪ ڪن مان سوني والي لٿل هئي ۽ پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ ۾ 5 سالن جي هن معصوم نياڻيءَ سان زيادتي ٿيل ڄاڻايو ويو هو، خبر سان گڏ معصوم نياڻي جي موت کان پوءِ واري اها تصوير به ڇپي آهي، جنهن تصوير ۾ فاطمه سان رانديون ڪندڙ معصوم ٻارڙا لڙڪ هاري ڏک ۽ خوف جو گڏيل اظهار ڪري رهيا هئا. پوليس جوابدار حبدار عرف نانگ ٻوهڙ کي گرفتاريءَ بعد مقابلو ڄاڻائي “فل فراءِ” ڪري ڇڏيو آهي ۽ چئن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، هي نانگ اهڙو نانگ هو، جنهن جي ڪنهن به وارثي نه ڪئي هئي ۽ ٻئي ڏينهن تي کيس ايڌي رضاڪارن لاوارث ڄاڻائي دفن ڪري ڇڏيو. آءُ سوچيان پيو ته هي نانگ ته دفن ٿي ويو، پر سنڌ ۾ لکين معصوم فاطمه جهڙيون نياڻيون موجود آهن ۽ ان دفن ٿيل نانگ جي وحشياڻي سوچ ۽ درندگيءَ جي خطري هيٺ آهن، ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه اها آهي ته اهڙين حالتن ۾ گلڙن جهڙن معصوم ٻارڙن ۽ ڌرتيءَ ڌياڻين کي ڪيئن بچائي سگهجي ٿو، سڄي سنڌ کي ان سوال تي سنجيدگيءَ سان ويچارڻ گهرجي.
فاطمه واري واقعي کان پوءِ سنڌ جي مختلف شهرن مان ٻارڙن کي حوس جو نشانو بڻائڻ واري ڪوشش جا ٽن کان وڌيڪ واقعا رپورٽ ٿيا آهن ۽ ان ڳالهه تي به سنڌ ۾ بحث هلندڙ آهي ته 27 ڊسمبر 2014ع تي لاڙڪاڻي ۾ معصوم سنڌوءَ کي گهٽا ڏئي ماريو ويو هو، پر روايتي منٿ ميڙ قافلي ۽ جرڳائي ڀوتارن جي دٻاءَ جي نتيجي ۾ سنڌوءَ جي امڙ سميت ٻيا سڀ وارث ڪيس تان ئي هٿ کڻي ويا، جيڪڏهن فاطمه کي ڏنگيندڙ هيءَ نانگ به نه مارجي ها ته شايد انصاف بجاءِ هن نانگ کي به جرڳائي ڀوتار بچائي وٺن ها ۽ اسان جي سماج ۾ مسڪينن لاءِ انصاف جي حاصلات جو ڏکيو بنجڻ ڪري فاطمه کي ڏنگيندڙ نانگ به بچي سماجي گند جي ڍيرن ۾ لڪي وڃي ها.
جيتوڻيڪ هاف ۽ فل فراءِ ٿيڻ بابت سماج سڌارڪ ۽ انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڌرين وٽ ٻي راءِ به موجود آهي ته ائين ڏوهارين کي مارڻ انساني حقن جي لتاڙ واري زمري ۾ اچي ٿو، پر فاطمه کي ڏنگيندڙ هن نانگ جي مارجڻ تي نه رڳو فاطمه سان رانديون ڪندڙ ٻارڙا خوش ٿين ٿا، پر ٻارڙن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون به معصوم ٻارڙن کي ڏنگيندڙ نانگن جي پاسي ٿي بيهڻ بجاءِ ٻارڙن جي حقن جي پاسي ٿي بيهن ٿيون.
فاطمه جي ڪنن مان واليون لاهڻ بعد وهندڙ رت جي درد کي محسوس ڪندي مون ڪيترائي اهڙا واقعا ميڊيا تي ڏٺا ۽ پڙهيا آهن، جنهن ۾ هن وقت سڀ کان وڌيڪ وحشين جي نشاني تي عورتون ۽ معصوم ٻارڙا آهن، ڪي نياڻيون ڪاريون ٿي مرن ٿيون ۽ ڪن معصوم ٻارڙين جي ڪنن مان واليون لاهي کين اذيتون ڏئي ماريو وڃي ٿو، اهڙين وڌندڙ وارداتن کان پوءِ آءُ سنڌ جي ماڻهن ۽ خاص طور تي خاندانن جي سربراهن ۽ مائرن کي هي گذارش ڪندس ته هو پنهنجين نياڻين ۽ ٻارڙن جي تحفظ لاءِ ڍال بڻجي وڃن، هر ان نانگ تي نظر رکي وڃي، جيڪو فاطمه جيان ڪنهن ٻئي ٻارڙي کي ڏنگي سگهي ٿو ۽ معصوم ٻارڙن جي تحفظ لاءِ هر طرح جا اپاءَ ورتا وڃن، اسان وٽ ته ٻارڙا ڪلاڪن جا ڪلاڪ گهر کان ٻاهر هجن ٿا، پر خاندان ۾ ٿورائي ماڻهو هجن ٿا، جن کي ٻارڙن جي گهر ۾ موجود نه هجڻ جو احساس رهي ٿو ۽ هو ٻارڙن جي تحفظ لاءِ فڪرمند رهن ٿا.
آءُ ڪچهريءَ ۾ دوستن کي هي چوندو رهيو آهيان ته نه رڳو سياسي ۽ معاشي طور تي سنڌ پوئتي رهجي وئي آهي، پر سنڌ جا اخلاقي قدر به اهي ساڳيا ناهن رهيا، ڳوٺن مان شهرن ڏانهن وڏي پيماني تي لڏپلاڻ، تعليم جي تباهي، سماجي روايتن جي ڀڃڊاهه ۽ وري مٿان ميڊيا جي اوچتو يلغار سنڌي سماج ۾ طوفان برپا ڪري ڇڏيو آهي، موبائل، انٽرنيٽ ۽ سيٽلائيٽ جي ذريعي سنڌي سماج سڄي دنيا سان ڳنڍيل آهي، پر ان جي شعور جي ارتقا، ريتون رسمون، ڄاڻ ۽ اسڪرين تي نظر ايندڙ دنيا بنهه ان جي ابتڙ آهي، اسان جو سماج هڪ ئي وقت قبائلي، جاگيرداراڻي ۽ صنعتي دورن جي تضادن جو شڪار هجڻ ڪري ڪيتريون ئي اهڙيون ڪهاڻيون کڻي نروار ٿئي ٿو، جن ڪهاڻين سان سڄي سماج ۾ ٿرٿلو مچي وڃي ٿو، تنهن ڪري فاطمه جهڙن واقعن کي سطحي وٺڻ بجاءِ اهڙن واقعن کي ابتي اک سان ڏسي روڪڻ لاءِ گهڻ رخي سماجي حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي.
ڳچ سال اڳ شڪارپور ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ ٻه نياڻيون بيگناهه ڪاريون ڪري ماريون ويون هيون، انساني حقن جي علمبردار عاصمه جهانگير لاهور مان سنڌ آئي هئي، اسان سکر مان وڏي ريلي ڪڍي شڪارپور پهتا هئاسين، انساني حقن لاءِ سيمينار ٿيو هو ۽ شڪارپور کان ان ڳوٺ جنهن ۾ ٻن نياڻين کي ماريو ويو هو، تنهن رستي تي اسان شعور جي مشعل ٻاري هئيسين، وڏي جدوجهد ٿي هئي، پر آخري نتيجو هي نڪتو ته نياڻي جي وارثن دٻاءَ ۾ اچي خون بخش ڪري ڇڏيا ۽ اها ٻاريل مشعل جرڳائي ڀوتارن جي رواجن ۽ طاقت آڏو ٻرڻ بجاءِ وسامجي وئي، اسان جو ڪم هر دور ۾ مشعل ٻارڻ آهي ۽ سنڌ ۾ ٻارڙن ۽ عورتن جي دشمنن جو ڪم ان شعور، سمجهه ۽ ڏيئي کي اجهائڻ آهي، تنهن ڪري منهنجي نظر ۾ هاف فرائي يا ڦل فرائي ذريعي هڪ نانگ ماري يا اڌ مئو ته ڪري سگهجي ٿو، پر قانون ۽ حقيقي معنيٰ ۾ قانون تي عمل ڪرڻ کان سواءِ سنڌ ۾ ٿيندڙ ناحق، عورتن ۽ ٻارڙن جي بيگناهه مارجي وڃڻ وارن واقعن کي روڪي نٿو سگهجي، سنڌ ۾ سدائين اسين سٺي حڪمراني جي ڳالهه ڪندا رهيا آهيون ۽ اهڙي حڪمراني چاهيون ٿا، جنهن ۾ ڪو به نانگ نياڻي کي ڏنگي نه سگهي.
هي لکڻي مڪمل ڪرڻ کان اڳ ۾ منهنجي لاڙڪاڻي جي نامياري صحافي مرتضيٰ ڪلهوڙي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، هن ٻڌايو پئي ته لاڙڪاڻي ۾ معصوم فاطمه، نانگ جي ڏنگجڻ کانپوءِ زندگي جي جنگ وڃائي ويٺي، پر افسوس ته اِهو آهي جو ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جو اڳواڻ، انساني حقن جو علمبردار يا سول سوسائٽيءَ جو ڪو وڏو وفد فاطمه جي درد کان پوءِ رتوان ڳوڙها ڳاڙيندڙ سندس خاندان وٽ لڙي ناهي آيو. مون سوچيو پئي ته سنڌي سماج ۾ ردِ عمل ڏيکارڻ لاءِ ڪنهن خاص ڪميونٽيءَ يا ڪنهن خاص بينر جو هجڻ ضروري ٿي پيو آهي، ڪنهن هڪ واقعي تي ته سول سوسائٽي روڊن تي نڪري ٿي پوي، ڏيئا ٻاريا ٿا وڃن، پر فاطمه جي تصوير رکي ڪنهن ڏيئو ٻاريو هجي مونکي اهڙي خبر يا تصوير نظر ناهي آئي. آءُ نظرياتي ۽ دلي طرح انساني حقن جي تنظيمن ۽ سول سوسائٽيءَ جو نه رڳو احترام ڪيان ٿو، پر عمل جي ميدان ۾ به انهن سان گڏ رهيو آهيان، تنهن ڪري ئي کين مخاطب ٿيندي هي گذارش ڪندس ته ظلم جتي به ٿئي، جنهن سان به ٿئي بنا ڪنهن رنگ، نسل ۽ مذهب جي فرق جي سراپا احتجاج بڻجي وڃڻ گهرجي، اسان کي ٻٽا معيار نه رکڻ گهرجن.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو