ماجد مقصود
سنڌ ۾ ڪجھه ماڻھو ڏاڍا مايوس آھن ته خدا نه ڪري سنڌ پنھنجو تشخص نه وڃائي ويھي، ڇو ته سنڌ دشمني ڏينھون ڏينھن وڌندي پئي وڃي ۽ سنڌ جا دشمن ھاڻي کُلم کُلا سنڌ جي ورھائڻ جون ڳالھيون پيا ڪن، پر جيڪڏهن حقيقت کي ڏٺو وڃي ته جيڪي به دشمنن جا ارادا ھجن، ان جو حقيقت ۾ تبديل ٿيڻ سو سيڪڙو اڻٿيڻي واري ڳالھه آھي. ان جو سبب سنڌ جي ماڻھن ۾ سجاڳيءَ جو پئدا ٿيڻ آھي. سنڌ جي ماڻھن ھاڻي پنھنجي دشمنن کي سڃاڻن شروع ڪيو آھي. سنڌ جا دشمن رڳو ڌاريا نه آھن پر ان ۾ اوھان جا پنھنجا پڻ آھن، جيڪي پنھنجن جي روپ ۾ سنڌ جي وجود کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن. ھن دنيا ۾ ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم انھيءَ دشمن جو مقابلو ڪرڻ آھي، جيڪو اوھان منجهان ئي ھجي. سو اھا تمام خوشيءَ جي ڳالھه آھي ته ھاڻي سنڌ ۾ ماڻھن اھڙن ماڻھن کي به سڃاڻڻ شروع ڪيو آھي، جيڪي ظاھري طور اوھانجا دوست آھن ۽ سنڌ سنڌ ڪن ٿا پر حقيقت ۾ اُھي ٻين جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رھيا آھن.
ڪير ڪيترو به سوشل ميڊيا کي انڊرمائن ڪري پر سوشل ميڊيا سنڌ ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي. توھان رڳو ڪجھه شين تي غور ڪيو، اوھان ڏسندؤ ته سوشل ميڊيا جو حڪمرانن ۽ معاشري تي ڪيترو پريشر آھي. ويجھڙ ۾ ھڪ وڏيري نوشھرو فيروز ۾ ڪنھن مزدور جي توھين ڪندي جوتو وات ۾ کڻايو ھو. ڇو ته مزدور جي گڏھ گاڏي ان وڏيري جي ڪار کي لڳي وئي ھئي. اوھان ڏٺو سوشل ميڊيا جو ايترو پريشر آيو جو اڄ تائين اُھو وڏيرو جيل ۾ آھي. ڪجھه ڏينھن پھرين سنڌ جي ضلعي گھوٽڪي ۾ ھڪ ھندو بزرگ جيڪو رمضان شريف ۾ ڇولا کپائي رھيو ھو، ان کي پوليس واري وڏي بي رحميءَ سان ماريو ۽ اھو به سوشل ميڊيا جو پريشر ھو، جنھن جي ڪري اڄ اُھو پوليس وارو به جيل ۾ آھي.
اڳي سنڌ ۾ اھڙا ھزارين ڪيس ٿيندا ھئا، جيڪي رپورٽ به نه ٿيندا ھئا ۽ اھڙن وڏيرن جو پوري سنڌ ۾ وڏو تاءُ ھوندو ھو، جيڪو آھستي آھستي سوشل ميڊيا جي پريشر جي ڪري ٽُٽي رھيو آھي. ھاڻي ته ماڻھو ملڪ کان ٻاھر به رھندڙ ڪرپٽ سياستدانن کي نٿا ڇڏن، انھن سان ٿيل وارتائن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪري ٿا ڇڏن ۽ ان کي لکن جي تعداد ۾ ماڻھو ڏسن ٿا ۽ اھڙا سياستدان پنھنجي علائقي ۾ عزت وڃائي ٿا ويھن. اھڙي طرح اوھان ڪجھه سال اڳ سوشل ميڊيا جي گوسڙو ماسترن خلاف مھم کي ڏسو ته ڪيئن آھستي آھستي ھزارين ماڻھو ھن مھم جو حصو ٿي ويا ۽ سنڌ ۾ ھزارين گوسڙو ماسترن جي نشاندھي ٿي. ھن مھم جي ڪري سون جي تعداد ۾ گوسڙو ماسترن، جن ڪڏھن اسڪول جي شڪل نه ڏٺي ھئي، انھن اسڪول وڃڻ شروع ڪيو ۽ انھيءَ مھم جي ڪري حڪومت تي پڻ پريشر پيو ۽ حڪومت پاڻ تسليم ڪيو ته سنڌ ۾ 40000گوسڙو ماستر آھن ۽ پوءِ حڪومت کي انھن خلاف قدم کڻڻو پئجي ويو.
جيئن ته ھن ملڪ ۾ ذات کان ويندي شين جو نقل ھجڻ عام آھي. اھڙيءَ طرح سنڌ ۾ نقلي دانشورن جو وڏو آزار ھو، جيڪي پاڻ خود ساخته دانشور ھئا ۽ انھن سنڌ جي ماڻھن کي ڊڪٽيٽ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ھو ۽ پنھنجي ڪالمن ۾ سنڌ لاءِ ايترو روئيندا ھئا، ڄڻ ھنن جھڙو سنڌ سان ھمدرد ٻيو ڪو ناھي، پر انھيءَ سوشل ميڊيا جي ڪري خبر پئي ته اُهي دانشور ٻين جي چوڻ تي آهن. انھن پنھنجون اين جي اوز کولي رکيون آھن، جن جي پليٽ فارم تان اُهي سنڌي ماڻهن جي نانءُ تي لکين ڪروڙين رپيا ڪمائي رهيا آهن. اُهي جيڪي پاڻ کي هيومن رائٽس ايڪٽوسٽ ٿا سڏائن اُهي پنھنجي اين جي اوز ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي حق ڏيڻ به پسند ناهن ڪندا ۽ سڄو اسٽاف پنھنجي مرضيءَ تي رکندا آھن ۽ ميرٽ جي وڏي لتاڙ ڪندا آھن.
مون تازو ھڪ ڪتاب پڙھيو آھي، ان ۾ سنڌي ھئڻ جي تعريف لکيل آھي ته سنڌي اُھو ناھي جيڪو سنڌي جي گھر ۾ پئدا ٿئي پر سنڌي اُھو آھي جيڪو پاڻ کي سنڌي ثابت ڪري. انجي ڪنھن عمل مان جيڪڏهن سنڌ کي نقصان ٿو پوي ته ان کي سنڌي نٿو سڏي سگھجي. ڀُل چڪ ۽ غلطي جي معافي ضرور آھي پر ڪير جيڪڏهن پنھنجي ضمير سان سنڌ کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪري، انکي سنڌي نٿو سمجهي سگھجي. ھر سنڌي ماڻھوءَ کي پنھنجي وسان ٻئي جي مدد ڪرڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪو ائين نٿو ڪري ته ان ۾ ۽ غير سنڌي ۾ ڪو فرق ناھي.
سو پاڻ ڳالھه پئي ڪئي ته سنڌ جاڳي پئي. ان جوھڪ سبب سنڌ ۾ جيڪا وڏي پئماني تي اربنائزيشن ٿي آھي، ان سنڌ جي ڪلچرکي ئي تبديل ڪري ڇڏيو. سنڌ جو عام ماڻھو گھڻو ڪري وڏيرن جي چنگل مان نڪري آيو آھي. وڏي تعداد ۾ نوجوان پرائيويٽ سيڪٽر ۾ اچي ويا آھن ۽ انھن سنڌ کي ھڪ نئين سڃاڻپ ڏني آھي. انھن کي سنڌ جي باري ۾ فڪر به آھي ۽ ھو سنڌ لاءِ سوچين به ٿا. اوھين رڳو ڪراچي جي مختلف يونيورسٽين ۾ وڃي ڏسو، اوھان کي سنڌ جا نوجوان ٿر کان ويندي رتيديري جا ملندا ۽ انھن جا اٽل ارادا اوھان جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيندا.
ڪراچي شھر جيڪو سنڌ جي ماڻھن لاءِ ڪجھه سال اڳ ھڪ اُوپرو شھر ھو، اتي سنڌي ماڻھن جي وڏي پئماني تي اثر ھڪ وڏي تبديلي آھي. اتي سنڌي ماڻھن جون ڪالونيون، ڪاروبار ۽ سماجي چُر پُر ڌارين جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آھن ۽ جيڪڏهن اھڙي قسم جون حالتون رهيون ۽ سنڌي ماڻھن ڪراچي ۾ پنھنجا ووٽ به داخل ڪرايا ته سنڌي ماڻھو ڪراچي ۾ ڌارين سان وڏو مقابلو ڪري سگھن ٿا.
ان ۾ ڪو شڪ ناھي، سنڌ جي ترقي ۾ ڪرپشن ھڪ وڏي رڪاوٽ آھي پر مونکي لڳي ٿو ھاڻي ڪرپشن ۾ گھٽتائي ايندي. ڇو ته سنڌ ۾ جيڪا سجاڳي اچي پئي، ان ۾ ڪرپٽ ماڻھو سروائيو نه ڪري سگھندو. اوھان ڏٺو ھوندو سنڌ ۾ ڪجھه ايماندار آفيسرن جي ڪيڏي عزت افزائي ٿي آھي ۽ ڪرپٽ ماڻھو ڪيڏو بدنام ٿيو آھي. مان سمجھان ٿو اھي ٿورا شريف ۽ ايماندار آفيسرز سنڌ ۾ تبديليءَ جو وڏو سبب بڻبا، جيئن اڄ سنڌ جو آءِ جي اي ڊي خواجه آھي، اھا سنڌ جي وڏي خوشنصيبي آھي. ايڏي وڏي عھدي تي ويٺل شخص ھڪ مڊل ڪلاس ۽ ايماندار آھي. ان جي ايمانداري تي سنڌ جا ماڻھو فخر ڪن ٿا. اھڙي طرح اسان جي ڪافي ضلعن ۾ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر تمام ايماندار آھن ۽ سنڌ جي ترقي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري رھيا آھن ۽ جيڪي ڪرپٽ آفيسرز آھن، انھن جي بدنامي ۾ اضافو ٿي رھيو آھي. مان سمجھان ٿو سنڌ جو ماڻھو اڄ ايماندار آفيسرن سان گڏ بيٺو آھي، جيڪا پڻ ھڪ وڏي سجاڳي آھي.
مان پنھنجي ڪالم جي آخر ۾ سنڌ جي ماڻھن کي اھو به عرض ڪندس ته پاڻ کي ڪرپٽ ماڻھن کان الڳ ڪريو ۽ انھن سان سماجي رابطا پڻ ختم ڪيو ۽ ائين ڪرڻ سان ئي سنڌ ۾ ھڪ ايماندار معاشري جي تشڪيل ٿي سگھي ٿي. جيڪڏهن اسان ڪرپٽ ماڻھن کي عزتون ڏيندا رھنداسين ۽ اُھي اسانجا دوست به ھوندا ته سنڌ ۾ اثرائتي سجاڳي ھڪ خواب وانگر رھندي. اچو ته سڀ گڏجي اھڙي اثرائتي سجاڳي پئدا ڪيون، جئين سنڌ جي حقيقي ترقي ٿي سگھي.
majidmaqsod@hotmail.com
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو