Sunday, July 17, 2016

۽ نيٺ مشهور ماڊلر قنديل بلوچ قتل ٿي وئي.!


زرار پيرزادو
  • نيٺ ان ڪري جو ”قنديل“ کي پنهنجي جان جون هونئن ئي خطرو هو ۽ ان گهرو وفاقي وزير چوڌري نثار کي سيڪيورٽي ڏيڻ جي اپيل به ڪئي هُئي.
  • قنديل هڪ ئي وقت ۽ تمام تيزيءَ سان پنهنجي لاءِ مسئلا پيدا ڪيا يا سندس لاءِ ڪرايا ويا.
  • قنديل لاءِ خطري جي پهرين گهنٽي تڏهن وڳي هئي جڏهن هن جون مفتي عبدالقوي سان تصويرون ۽ ويڊيوز ميڊيا تي آيون.
  • انهيءَ اسڪينڊل يعني قنديل بلوچ جي مفتي عبدالقوي بابت ڪيل انڪشاف نام نهاد مولوين جي وقار جا ٺاهيل واريءَ جا ڪوٽ ڪيرائي ڏيکاريا.
  • قنديل جو ڏوهه رڳو اهو هو ته هن دنيا کي ٻڌايو ته عورتن جي زندگي حرام ڪندڙ مولوي حضرات پاڻ ڪيئن ٿا ماڊلرن سان هوٽلن ۾ ملندا وتن.
  • اسان جي غيرت به رڳو عورتن لاءِ آهي ڀلا مفتي قوي جو ڪنهن وار ونگو ڪيو، مفتي تي ڪنهن کي ڪا غيرت ڇو نه آئي؟
  • اهو ڪم قنديل پاڻمرادو ڪيو يا کانئس ڪرايو ويو بهرحال ان اسڪينڊل کانپوءِ قنديل هٽ لسٽ تي اچي وئي. ڇو ته هن انتهاپسندن سان ٽڪر کاڌو هو.
  • مفتي عبدالقوي جڏهن کيس ڌمڪيون ڏيڻ لڳو ته پوءِ ان جي اوٽ ۾ ڪنهن ٻئي يا ٽئين ماڻهوءَ هتان سندس قتل سولو ٿي پيو.
  • اڃا مفتي وارو اسڪينڊل جو چرچو هلندڙ ئي هو ته وري سندس شاديءَ جو اشو ميڊيا تي آندو ويو يعني سندس خلاف ٻيو محاذ ٺهي ويو.
  • ۽ هاڻي جڏهن رپورٽن موجب قنديل جي وحشي ڀاءُ وسيم کيس پنهنجي ئي گهر ۾ گهٽا ڏئي ماري ڇڏيو آهي ته خبر پوي ٿي ته سندس ٻه ڀائر به ڪو سندس ماڊلنگ ڪرڻ تي ٻريل هُيا.
  • قنديل جي پيءُ پاڻ انڪشاف ڪيو آهي ته کيس سندس ڀاءُ ئي قتل ڪيو آهي ۽ کيس ماري فرار ٿي ويو آهي.
  • جيڪڏهن قنديل جي ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي غيريت ۾ اچي قتل ڪيو آهي ته اهو ڏاڍو عجيب ٿو لڳي ته قنديل اهڙن ڏنگن ۽ غيرتي ڀائرن جي موجودگيءَ ۾ ماڊلنگ جي دنيا ۾ ڪيئن داخل ٿيڻ جي همت ساري هوندي.
  • ۽ ڇا اهو ممڪن آهي ته جاهل ۽ بنياد پرست ڀائرن سان مهاڏو اٽڪائي، پنهنجي زندگي خطري ۾ وجهي قنديل پُرسڪون نموني اهڙي رنگين زندگي گذاري سگهي ها.
  • ٻيو ته ان کان اڳ قنديل ڪڏهن به پنهنجن ڀائرن کان ڪنهن جاني خطري جو انديشو به نه ڏيکاريو هو. جيڪڏهن کيس اهڙو خطرو هجي ها ته پوءِ هوءَ گهر ڇو وڃي ها.
  • مطلب ته قنديل جي زندگي به پُراسرار هئي ته سندس قتل به پراسرار بڻجي ويو آهي.
  • مفتي عبدالقيوي جو ميڊيا کي ڏنل اهو بيان ريڪارڊ تي آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته ”مان عورتن ۽ ماڻهن کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته عالمن کي بدنام ڪرڻ کان اڳ اهي ان عورت جو انجام ضرور ڏسن“.
  • قنديل کي برابر سندس ڀاءُ قتل ڪيو آهي پر ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ته ان وڏي رقم جي عيوض پنهنجي ڀيڻ کي قتل ڪري ڪنهن ٻئي جو ذمو کنيو هجي.
  • سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته چوڻ وارا چون ٿا ته پيسن جي لالچ ۾ جنهن غيرتي ڀاءُ کيس ”ماڊلر“ بڻايو تنهن غيرتي ڀاءُ وڌيڪ پيسا ماڻڻ لاءِ ئي پنهنجي ڀيڻ کي قتل ڪيو آهي.                                            (روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو