وعن ابن عمر قال قال رسول الله
صلى الله عليه وسلم : " ثلاثة على كثبان المسك يوم القيامة عبد أدى حق الله وحق
مولاه ورجل أم قوما وهم به راضون ورجل ينادي
بالصلوات الخمس في كل يوم وليلة
" . رواه الترمذي وقال : هذا حديث غريب
ابن عمر کان روايت آهي ته
رسول اللهﷺ جن فرمايو: ٽي ماڻهو قيامت جي ڏينهن کٿوري جي دڙن تي هوندا. 1_ ٻانهو
جنهن الله تعاليٰ ۽ پنهنجي آقا جو حق ادا ڪيو. 2_ اهو ماڻهو جو ڪنهن قوم جو امام
هجي ۽ اها ان کان([1])
راضي هجن.3_ اهو ماڻهو جو ڏينهن ۽ رات پنج وقتي نماز لاءِ ٻانگ ڏي. هن کي ترمذي
روايت ڪيو آهي ۽ چيائين ته حديث غريب آهي.
[1] _ امام کان هن تي راضي
رهندا ته هو سنتن، مستحبن ۽ نماز جي قراءت کي چڱي طرح سان ڄاڻي ٿو. هتي اهي ماڻهو
مراد آهن جيڪي حق وارا هجن.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو