Sunday, July 17, 2016

وال پــــيــــپـــــــر ؛عوامي جدوجهد کي سلام


ادل سولنگي
گمس جو نالو بحال ٿي ويو آهي. نئين بجيٽ دستاويزن ۾ گمس جو اصل نالو برقرار رکيو ويو آهي. فضيلا سرڪي ۽ عمران جوکيي جي آزاديءَ لاءِ عوامي جدوجهد جاري آهي، ڪڪول واهه جي قبضن ۽ کاٽي نه ٿيڻ خلاف عوام احتجاج ۾ مصروف آهي. بجليءَ جي لوڊشيڊنگ خلاف عوام جا جلسا جلوس، ڌرڻا، احتجاج جاري آهن. پياري پاڪستان جي وزيراعظم افغان مهاجرن کي وڌيڪ 6 مهينا پاڪستان ۾ رهڻ جي منظوري ڏني آهي. سنڌ پوليس ۾ ريٽائرڊ فوجين جي ڀرتي جا اعلان ڪيا ويا آهن. صوبائي خودمختياريءَ جي مسلسل لتاڙ جاري آهي. ڪراچيءَ جي جناح اسپتال وفاق جي حوالي ڪئي پئي وڃي. جنهن لاءِ سنڌ حڪومت ۽ ملازمن جا حق متاثر ٿين ٿا. جنهن خلاف سنڌ سرڪار سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جون تياريون ڪري رهي آهي.
سنڌ واسين جي شهري ۽ انساني حقن مٿان مسلسل ڌاڙا لڳي رهيا آهن. ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڪو سنڌي رانديگر ڪونهي، وفاقي نوڪرين ۾ قائم ڪيل ڪوٽا سسٽم تحت به سنڌي نوڪرين کان محروم ڪيا ويا آهن. سنڌ جا ماڻهو جڏهن به پنهنجا حق گهرن ٿا ته انهن کي ملڪ دشمن قرار ڏنو وڃي ٿو. سنڌ ۾ مسلسل بلوچستان واريون حالتون پيدا ڪيون پيون وڃن. اڳي آمريڪي مفادن لاءِ جنگيون ڪيون ويون، هاڻي وري چائنا جي مفادن جي نگهباني ڪندي ذوالفقار آباد ۽ بحريا ٽائون جهڙا شهر اڏي ڌارين جي آبادڪاري ڪئي پئي وڃي. سنڌ جا ماڻهو 47ع کان وٺي دانهون ڪوڪون ڪندا رهيا آهن ته سنڌ ۾ ڌارين جون يلغارون بند ڪيون وڃن. اسان جي شهرن ۾ ڌارين کي آباد ڪري اسان جي سياسي سگهه کي چيڀاٽڻ جي گهري سازش ڪئي وئي آهي.  اهڙي سازش جنهن جي رٿابندي لڳي ٿو ته سئو سال تائين جاري رکي ويندي.
وفاق جي نالي ۾ سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪندڙ هڪ طاقتور ڌر جنهن جي نفسيات ۾ اڳرائي ۽ والار پسندي رهي آهي. مختلف آپريشن جي نالي ۾ ڌارين جون فوجون سنڌ ۾ آباد ڪرڻ، مذهبي انتهاپسندي پکيڙيندڙ فرقي پرست مدرسن جو سڄي سنڌ ۾ ڄار وڇائڻ وارين سازشن کان اسان واقف آهيون ۽ ان سازشن خلاف احتجاج به ڪيو آهي پر هڪ طاقتور ڌر نٿو لڳي ته ڪنهن حوصلي ۾ اچڻ واري آهي. هن کي اختيار ۽ اقتدارن جو نشو آهي، جنهن ڪري هو هر روز اهڙيون رٿائون جوڙي پڌريون ڪري ٿي؟ جنهن کي ”وڦلڻ“ چئبو آهي. بئراجن تي آباد ٿيندڙ زمينن کي ڀڳڙن مٺ تي پنهنجي ”گرائين“ کي ڏيڻ، وسيلن تي قبضو ڪري ون يونٽ مڙهڻ، سنڌو درياهه مٿان پاڻي روڪڻ لاءِ زوري ڊيم ٺاهڻ، غيرقانوني ڪئنال ٺاهي ڪالاباغ، تربيلا ۽ ٻين ڊيمن کان به وڌيڪ پاڻي چورائڻ، سنڌو درياهه تي قبضو ڪري سنڌ جي نڙيءَ تي ”جي ٿري“ رکي پيرن تي ”لانگ بوٽ“ ڏيڻ. وفاق ۾ نوڪرين جي ڪوٽا تي ٻين ڀائيوارن جي حصي تي قبضو ڪرڻ واري روش اختيار ڪرڻ، اهو برابري ۽ فيڊريشن/وفاق ناهي، اهو ته هڪ ڌر جي ڏاڍ ۽ ڏمر ۽ وسيلن تي قبضي ڪرڻ وارو عمل آهن. جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ئي ڪري سگهجي ٿي.
اين ايف سي ايوارڊ ۾ ٺڳي ڪرڻ، آدم شماري نه ڪرائڻ يا پراڻن انگن اکرن جي زور تي ٻين ڀائيوارن جي جيئڻ جا رستا بند ڪرڻ جي ڪوشش انتهائي تڪليف ۽ پيڙائون ڏيندڙ عمل ۽ رويو آهي. قومي وحدتن کي پارليامينٽ ۾ برابر نمائندگي نه ڏيڻ ۽ پنهنجي “هڪ هٽي“ قائم ڪرڻ سان ڪنهن به هڪ ڌر کي ئي طاقتور بڻائڻ ۽ ٻين کي هيڻو ڪرڻ سان خود وفاق سواليه نشاني تي بيٺو رهيو آهي؟ ملڪ جي حفاظت لاءِ چئني ڀائيوارن کان صلاح مصلحت ڪري ان کان پوءِ حصيداريءَ هيٺ نئون فورس ڀرتي ڪيو وڃي، جنهن کي ئي وفاقي ۽ قومي فورس سمجهيو وڃي ۽ وفاق تي اها قانوني ۽ اخلاقي ذميواري اچي ٿي ته هو انصاف ۽ قانون جو مظاهرو ڪري. هينئر تائين اسان کي وفاق جي ڏاڍي ڀوائتي تصوير ڏيکاري وئي آهي. ٻين کي ڇڏي رڳو چار نالا کڻي اوهان جي آڏو رکون ٿا. اوهان انصاف ڪريو ته انهن وفاق جي نالي ۾ ملندڙ ”مهانڊن“ جا نالا اوهان جي سامهون آهن. جنرل ايوب خان، جنرل يحيٰ خان، جنرل ضياءُ الحق، جنرل پرويز مشرف. ٻڌايو ته هنن مهربانن پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن سان ڪهڙيون چڱايون ڪيون آهن. وفاق جي نالي ۾ گهڻن همراهن ۽ هٿيارن وارو ڀائيوار ٽن ڀائيوارن کي اکين تي هٿ ۽ پيرن تي ”لانگ بوٽ“ ڏئي سڀ ڪجهه پنهنجو سمجهي ڳڙڪائي ويو آهي. وفاق جي نالي ۾. ريلوي لاءِ زمينون سنڌ ڏنيون، مالڪي وفاق پيو ڪري، روڊن لاءِ زمين سنڌ ڏني، اوڳاڙي وري نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پئي ڪري. ذوالفقار آباد ۽ بحريا ٽائون لاءِ جنهن نموني سان زمينون ورتيون ويون آهن انهن بابت سپريم ۽ هاءِ ڪورٽن ۾ ڪيس هلندڙ آهن. وفاق جنهن کي چئجي ٿو اهو ته اسان جو يار پنجن درياهن مان به نه ٿو ڍاپجي. هو ته سڄو سنڌو درياهه ڳڙڪائڻ ٿو چاهي. گهرو وزير پي پي او کان پوءِ وري هڪ نئون ون يونٽ مڙهڻ جي ڳالهه پيو ڪري. گريٽر پنجاب جا خواب ڏسندڙ اسان جي هنن اختيار ڌڻين کي هر حال ۾ سنڌ جي سمنڊ تائين پهچڻو آهي، ان لاءِ هنن کي موٽر وي جهڙا روڊ به کپن ٿا. بحريا ٽائون ۽ ذوالفقار آباد جهڙا وڏا شهر به رهڻ لاءِ گهرجن ٿا، سنڌ جا ماڻهو جنهن بک جي ڀڪوڙ ۾ آهن، لڳي ٿو ته هاڻ سندن بچڻ مشڪل آهي. ڇاڪاڻ جو هتان جا حڪمران مٿين حڪمرانن سان مليل آهن ۽ مٿيان حڪمران وري اڃا مٿين حڪمرانن سان مليل آهن.
وزيراعظم فرمائي ٿو ته افغان پناهه گيرن کي وڌيڪ 6 مهينا ملڪ جو مهمان رکي سگهجي ٿو. گهرو وفاقي وزير چئي ٿو ته ڪراچي ۾ مڪاني ۽ غير مڪاني ماڻهن جا انگ اکر گڏ ڪيا ويندا ۽ قومي سڃاڻپ ڪارڊن جي ٻيهر تصديق ڪئي ويندي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته هي ڪهڙي حڪمراني آهي، ڌارين ماڻهن کي سڃاڻپ ڪارڊ به اوهان جي اداري ڏنا آهن، ان وقت اهڙي عمل خلاف قانون کي ڇو حرڪت ۾ نه آندو ويو.؟
سنڌ جو عوام مسلسل جدوجهد ۾ مصروف آهي، مسلسل جدوجهدون ئي ڪاميابيون ماڻينديون آهن. سنڌ ۾ روزانو پيدا ٿيندڙ هٿراڌو مسئلن جو واحد حل جدوجهد ئي آهي عوامي جدوجهد کي هر حال ۾ اڳتي وڌڻو پوندو ٻيو ڪو به جيئڻ جو رستو ناهي ڇڏيو ويو. اسان کي اجتماعي جدوجهد وسيلي سوڀ ڏانهن وڌڻو پوندو ۽ اهڙي عوامي جدوجهد کي ئي پنهنجو سلام آهي.
(روزاني عوامي آواز)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو