Tuesday, August 2, 2016

پوءِ به نظام هلي رهيو آهي!


وسعت الله خان
ڪالهه هڪ تصوير ڏسي رهيو هوس، ته ترڪ وزيراعظم بن علي يلدرم، ڪمال اتاترڪ جي مزار تي حاضري ڏيڻ وڃي رهيو آهي ۽ سندس پٺيان هٿياربند فوج جي هاءِ ڪمان هلي رهي آهي.
نريندر مودي ڀارت جو وزيراعظم گهٽ ۽ فيصل آباد جي گهنٽا گهر جو وڌيڪ آهي. ايئن ممڪن ئي ناهي ته ڪو فائل پرڌان منتري (وزيراعظم) جي ڇُهڻ بنا مٿان مٿان ئي گذري وڃي ۽ مودي جيءَ کي ڪا ڪَل ئي نه پوي.
بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينا واجد کي ڀلي اوهان خراب چئو يا ڀلو پر سرڪاري معاملن تي نه رڳو سندس گرفت محسوس ٿئي ٿي پر ايتري قدر گرفت جو ٻوسٽ جو احساس ٿئي ٿو. پر جتي جتي حڪمراني مرڪزيت بدران لامرڪزيت جي تابع آهي اتي مملڪت جي اعليٰ ترين عهديدارن کي وڏي کان ويندي ننڍي ڪم تائين به سڀ ڪجهه پنهنجي هٿ سان ڪرڻ يا دماغ کي اجائي ٿڪائڻ جي گهرج نه ٿي پوي، ڇو جو انهن ادارن ۾ انتظامي ادارا نه صرف مضبوط پر خودڪار انداز ۾ فعال به آهن.
مثال طور ڪنهن برطانوي وزيراعظم کي يورپي يونين جي اڳواڻن سان سفارتي سوديبازي ڪندي ضرور ڏٺو هوندو، پر غريبن ۾ سئو سئو پائونڊن جا چيڪ ورهائيندي يا بيواهن ۾ سلائي مشينون ورهائيندي ڪيترن ڏٺو هوندو. جڏهن طئي آهي ته اها سوشل سيڪيورٽيءَ جي ادارن جي ذميواري آهي ته پوءِ وزيراعظم جو ڪهڙو واسطو ته فلاحي ڪم ڪيئن پيو انجام ڏنو وڃي.
اوباما عراق ۾ فوج جي گهٽ وڌائيءَ جا حڪم جاري ڪرڻ جو ته مجاز آهي پر نيويارڪ جي پوليس سربراهه کي سڌيءَ ريت فون ڪري امن امان جي حالتن بابت رپورٽ طلب ڪرڻ جو هرگز اختيار نه ٿو رکي؟ ڇو جو نيويارڪ جو پوليس سربراهه صرف هڪ ئي باس کي سڃاڻي ٿو يعني نيويارڪ جو ميئر.
چوڻ لاءِ ته پاڪستان ۾ هر ڪم لاءِ ادارا به آهن ته اهلڪار به. پر اڪثر خبر نه ٿي پوي ته اصل ۾ ڪنهن جو ڪم ڪهڙو آهي ۽ ڪهڙو ڪم ڪهڙو ماڻهو ڇو ڪري رهيو آهي؟ مثال طور جنرل راحيل شريف آمريڪي ۽ سعودي پرڏيهي وزيرن سان علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري ٿو ۽ دفاع وارو وزير خواجه آصف پاڻي ۽ بجليءَ جي معاملن کي منهن ڏئي ٿو ۽ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز انٽرويو ڏئي ٿو.
طارق فاطمي آءِ ايس پي آر جو سربراهه ليفٽيننٽ جنرل عاصم باجوه، قومي سلامتيءَ جو مشير ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ ناصر جنجوئا ۽ گهرو وزير چوڌري نثار علي مان ڪير ڪيتري پرڏيهي پاليسيءَ جو مالڪ آهي؟
پرڏيهي آفيس جو سڄو وقت ملين ڊالر جي ڳجهارت ڀڃڻ ۽ ڀانت ڀانت جي سوچ سان ڀنل فرش کي پوچي لڳائڻ ۾ گذري ٿو وڃي.
جيڪڏهن شهباز شريف فقط هڪ صوبي جو وزيراعليٰ آهي ته پوءِ چين سان اقتصادي ڳالهيون ڪهڙي حيثيت ۾ ڪري ٿو ۽ وري لاهور جي ڪنهن سرڪاري اسپتال جو بيت الخلا اوچتو چڪاسي لاڳاپيل اهلڪار جي فوري برطرفيءَ جو اختيار به ڇو پاڻ وٽ رکي ٿو؟ جيڪڏهن انتظاميا ان ڪم جو نالو آهي ته پوءِ سرڪاري اسپتال جو ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ چيف منسٽر هائوس جو جز وقتي ويٽر به ته هئڻ گهرجي.
ڪير ڪجهه به چوي پر هن ملڪ ۾ هٿياربند فوج کانپوءِ سڀ کان طاقتور ادارو ڪيبل آپريٽرن جو آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا جو تپيدار عرف ڪيبل آپريٽر چاهي ته ڪنهن به ڦلاڻي خان چينل کي هڪ منٽ ۾ هيرو کان زيرو بڻائي سگهي ٿو.
بااختيار ادارو پيمرا انهن اليڪٽرانڪ تپيدارن هٿان ايتري حد تائين بيوس آهي جو ان جي چيئرمين کي وزيراعظم نواز شريف کي درخواست ڪرڻي ٿي پوي ته ڪيبل آپريٽرن کي سفارش ڪيو ته اهي ڦلاڻي چينل اٺ نمبر تي اڇلڻ بدران ٽئين نمبر تي بحال ڪري ڇڏين ته جيئن پيمرا جي ڪجهه عزت رهجي وڃي. پر ڇا واقعي ڪيبل آپريٽر حڪومت کان به وڌيڪ طاقتور آهن يا وري انهن جهڙن ذريعن جو حڪومت کي ان جي حيثيت وقتن به وقت ياد ڏيارڻ مقصد آهي.
اهي سوال اٿارڻ جو هي وقت موزون ناهي. جڏهن ملڪ نازڪ حالتن مان گذري رهيو هجي. پر ڪمال آهي ته هي خطو جتي جيڪو بظاهر طاقتور آهي اوترو ئي ڪمزور به آهي، جيترو مصروف آهي، ان کان ڪيئي ڀيرا واندو، جيترو بيوس آهي، ان کان هزار ڀيرا بااختيار، جيترو بظاهر نااهل آهي، اصل ۾ اوترو ئي اهل آهي ۽ جيترو نظر اچي ٿو ان کان سئو ڀيرا پردي ۾ لڪل آهي. پوءِ به نظام هلي رهيو آهي.
اڏار واري اصول (ايئرو ڊائنامڪس) جي تعريف مطابق ڪڪڙ وانگر مَک کي به نه اڏڻ گهرجي، ڇو جو مَک جو وزن ان جي پرن جي طاقت ۽ وزن سهڻ جي طاقت کان گهڻو وڌيڪ آهي. پر صاحب مَکِ اُڏي رهي آهي ۽ ڪمال اڏي رهي آهي ته اهو آهي خدا جو شان.
(روزاني عوامي آواز)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو