Tuesday, August 2, 2016

ڇا عمران ۽ طاهر القادري کي وري گرين سگنل مليو آ؟


زرار پيرزادو
  • عمران خان جي تحريڪ انصاف ۽ طاهر القادري جي عوامي تحريڪ وري وزيراعظم نواز شريف خلاف احتجاجي تحريڪ ۽ ڌرڻن جو اعلان ڪيو آهي.
  • پڇن وارا پڇن ٿا ته اهي ٻه جماعتون گڏ تحريڪون ڇو ٿيون هلائن، اهو ڪو اتفاق آهي يا ڪا ڏنل هدايت آهي.
  • هڪڙيون تحريڪون هونديون آهن جيڪي عوام جي زور تي هلائبيون آهن پر تحريڪ انصاف ۽ عوامي تحريڪ وارن عوام کي رڳو ڏاڪڻ بڻايو، سندن اميدن جو مرڪز بقول عمران خان جي ”ٿرڊ امپائر“ ئي آهي.
  • انهيءَ ٿرڊ امپائر جڏهن گذريل تحريڪن واري راند کي ڊرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته هي ٻئي همراهه عظيم فرمانبرداري جو مظاهرو ڪندي واپس وريا ها.
  • سو اها ته ڳجهي ڳالهه ئي ناهي ته عمران ۽ طاهر القادري جون تحريڪون خاص اشارن سان شروع ٿينديون آهن ۽ انهن جي اشارن تي ئي ختم ٿينديون آهن.
  • اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف پرويز مشرف هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته عمران ۽ طاهر القادريءَ ۾ گول ڪرڻ جي صلاحيت ئي ناهي. اهي ڊي ۾ داخل ٿي بنا گول ڪرڻ جي هليا اچي وڃن ٿا.
  • اسلام آباد ۾ تحريڪون هلائڻ ۽ ڌرڻا ڏيڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه به ناهي. ريڊ زون ۾ صرف اسٽيبلشمينٽ جا سڪيلڌا ئي تحريڪون هلائي سگهن ٿا.
  • سو هاڻي جڏهن اهو طئي آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي اشاري تي عمران ۽ طاهر القادري تحريڪون هلائن ٿا ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان جو مقصد ڇا آهي؟
  • ڇا نواز حڪومت تي دٻاءُ رکڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ هڪڙيون ونگاري جماعتون ٺاهي ڇڏيون آهن ته جيئن نواز حڪومت پنهنجيون حدون نه اورانگهي.
  • ٻيو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ پاناما ليڪس جي بنياد تي هاڻي نواز شريف مائينس حڪومت چاهيندي هجي.
  • هاڻي نواز حڪومت لاءِ اهو ئي آپشن آهي ته اها هڪ ته 6 ۽ 7 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ تحريڪن ۾ صبر کان ڪم وٺي ۽ ماڊل ٽائون جهڙو ڪو واقعو نه ڪرائي.
  • ٻيو ته پ پ سان وفاقي حڪومت کي مفاهمتي پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي. ڇاڪاڻ ته گذريل تحريڪ ۾ به پ پ ئي نواز حڪومت جو ساٿ ڏئي ان کي بچايو هو.
  • اسٽيبلشمينٽ لاءِ سڀ کان وڏي رنڊڪ پ پ آهي. پ پ جيڪڏهن پي ٽي آءِ ۽ عوامي تحريڪ سان گڏ ٿئي ته نواز حڪومت کي ڪيرائڻ جو ڪو مسئلو ئي ناهي.
  • پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته گذريل تحريڪن ۾پاناما ليڪس وارو نقطو موجود نه هو پر هاڻي پ پ به پاناما ليڪس جي معاملي ۾ وزيراعظم نواز شريف جي استعيفيٰ جي حامي آهي.
  • (روزاني عوامي آواز)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو