ملڪ ۾ ڇهين آدمشماريءَ جي نه ٿيڻ جي ڪري وڌيڪ نقصان سنڌ صوبي کي ٿي رهيو آهي. 2008 ۾ طئه ٿيل آدمشماري وڌيڪ 8 سال گذرڻ کانپوءِ به اڃا تائين نه ٿيڻ جي ڪري پوري ملڪ، خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ رهندڙ ٻنهي صوبن جي اصل رهواسين کي ٻن قسمن جا شديد خطرا آهن.
پهريون خطرو سنڌ جي آباديءَ ۾ واڌ جي ڪري وفاق کان ملندڙ سالياني ۽ اين ايف سي واري رقم جيڪا 1998جي آدمشماري مطابق ملي رهي آهي، ٻيو اهم خطرو گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ ٻين صوبن توڙي غير ملڪين جي وڏي تعداد ۾ ڪراچي ۾ نه رڳو لڏپلاڻ پر اتي ڌارين جي ٿيندڙ مستقل رهائش پڻ آهي.
اهڙو ئي مسئلو بلوچستان سان پڻ آهي، جتي پڻ افغان مهاجرن، توڙي خيبر پختونخواهه کان پختون آبادي جي اچڻ جي ڪري بلوچ آباديءَ جو انگ گھٽ ٿيڻ ۽ مجموعي طور تي سنڌ جيان آباديءَ ۾ واڌ جي باوجود ٻنهي صوبن کي قومي مالياتي ايوارڊ ۾ جائز حصو نه ملڻ آهي. جيڪو 1998ع جي آدمشماريءَ جي انگن اکرن مطابق ملي رهيو آهي.
سنڌ جي آدمشماري جيڪا هن وقت ملڪي آباديءَ جو 26 سيڪڙو ٿي چڪي آهي پر سنڌ کي قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ تحت1998 جي آدمشماري جيڪا 23 سيڪڙو بڻجي ٿي، تحت رقم ڏني پئي وڃي. يعني سنڌ جي وڌيل 3 سيڪڙو آبادي مطابق، واڌو رقم ۽ ٻين فائدن کان محروم رکيو ويو آهي.
ڪراچيءَ جي ضلع ملير ۾ تازو قائم ڪيل ملير يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وائيس چانسلر، نامياري تحقيقدان ڊاڪٽر مهتاب ايس ڪريم پنهنجي تازي تحقيقي مقالي Conducting Census in Pakistan: Where do we stand? ۾ سنڌ ۾ آدمشماري نه ٿيڻ، ٻاهرين آبادي جي ڪراچي ۾آباد ٿيڻ تي تفصيل سان لکيو آهي.
هڪ اندازي مطابق هن وقت پاڪستان جي آدمشماري 190 ملين يعني 19 ڪروڙ ٿي چڪي آهي, جنهن ۾ سنڌ جي آدمشماري 50.4 ملين يعني 5ڪروڙ 40 لک 2015 تائين هئي، جيڪو انگ پوري ملڪ جي آباديءَ جو 26.5 سيڪڙو ٿئي ٿو.
1981 کان 1998 جي ڪيل آدمشماري مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ 30 کان 40 لک ڌاريا اچي پوري سنڌ خاص طور تي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيا هئا. اهڙي طرح 1998 کانپوءِ ۽ هن وقت تائين سنڌ ۾ 60 لک ڌارين مستقل رهائش اختيار ڪئي آهي، جنهن ۾ وڏي ۾ وڏو تعداد پختون آبادي، ٻئي نمبر تي سرائيڪي پٽي وارن ۽ ٽئين نمبر تي برمي، بنگالي، ۽ ٻين ملڪن جي ماڻهن جو آهي.
1998 ۾ ٿيل آخري آدمشماري مطابق ڪراچي پاڪستان جي پوري آدمشماري جو 7 سيڪڙو هو. انهيءَ ۾ به 40 سيڪڙو رهواسي هن شهر ۾ ملڪ جي ٻين علائقن مان آيل هئا.
سنڌ جي ماڻهن کي اڃان به اهي خدشا آهن ته گذريل ٻن آدمشمارين 1981 ۽ 1998 ۾ سنڌين جي انگ کي ڄاڻي واڻي گھٽ لکيو ويو هو. 1998جي آدمشماري مطابق سنڌ ۾ في خاندان 5.5 فرد ڄاڻايل آهي. پر ان جي ٻن سالن کان پوءِ ٿيل سروي مان ظاهر ٿيو هو ته سنڌ ۾ مجموعي طور تي في خاندان 6 ڀاتين تي مشتمل آهي، جيڪو پڻ پوري ملڪ جي آبادي واري تناسب 6.8 ڀاتين کان به گھٽ هو، ساڳيءَ سروي ۾ اهو پڻ ظاهر ٿيو هو ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڄم جو تناسب وڌيڪ آهي، ان کانسواءِ ڄم روڪ جي طريقن ۾ پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه کان به گھٽ استعمال جي ڪري سنڌ ۾آبادي وڌيڪ آهي. ان سان گڏ ٻين صوبن توڙي ملڪ کا ٻاهران ايندڙن جي ڪري به سنڌ جي آباديءَ ۾ 1947 کان وٺي اڄ ڏينهن تائين بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي مسلسل اضافو ٿيندو رهي ٿو.
تنهن ڪري سنڌ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾وڌيڪ آدمشماري رکندڙ صوبو آهي. ڪيل تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته ملڪ جي ٻين صوبن ۾ هر سال 2سيڪڙو پر سنڌ ۾ هر سال ٽي سيڪڙو آبادي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. جڏهن ته صوبي جي اصلوڪن رهاڪن جي نيچرل واڌ ٻين صوبن جيان 1.9سيڪڙو آهي. ٻاهرين آباديءَ جنهن جي واڌ جي شروعات 1947 جي لڏپلاڻ سان شروع ٿي هئي. انهيءَ مطابق 1941 جي آدمشماري ۾ ڪراچي جي آدمشماري صرف چار لک 35 هزار هئي، جيڪا 1951 ۾ يارهن لک 37 هزار، 1961 ۾ 20 لک 44 هزار. 1972 ۾ 36 لک 6 هزار، 1981 ۾ 54لک 37 هزار، 1998 ۾ 98 لک 2 هزار ظاهر ٿي هئي. 1947 کان پوءِ ڪراچيءَ جي شهر ۾ 60 سيڪڙو واڌارو ٿيو. هاڻي ڪراچي شهر جي آبادي سوا ٻه ڪروڙ ٿي چڪي آهي. صرف 1998 ۽ 2011 جي وچ ۾ ٿيل گھر شماريءَ (جيڪا پوءِ رد ڪئي وئي) مطابق ڪراچيءَ جي شهر ۾ 114 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.
1973ع جي آئين جي آرٽيڪل (3) 51 مطابق ملڪ ۾ هر ڏهن سالن کان پوءِ آدمشماري ڪرائڻ لازمي آهي، جنهن جي ذريعي صوبن جي اسيمبلين ۾ نمائندگي، صوبن ۾ فنڊن جي ورهاست اين ايف سي ايوارڊ مطابق، نوڪرين جي ڪوٽا، انتخابي حلقن جي تڪبندين، جھڙا مسئلا حل ٿين ٿا.
پر هاڻي 18 سال گذرڻ کان پوءِ به آدمشماريءَ جي نه ٿيڻ ڪري پوري ملڪ ۽ خاص طور تي ڪراچيءَ جي شهر ۾ ڌارين جي آباديءَ ۾ بي انتها اضافي جي ڪري سنڌ جي اصلوڪن رهواسين ۾ نه رڳو گھٽتائي اچڻ پر تاريخ ۾ پهريون دفعو سنڌين جو اقليت ۾ ظاهر ٿيڻ جا امڪان پڻ آهي. تنهنڪري سنڌ جي موجوده حڪومت توڙي ٻين حڪومت کان ٻاهر وارين پارٽين ۽ گروپن کي ايندڙ آدمشماريءَ جي متوقع انگن اکرن کي سامهون رکندي گڏيل موقف رکڻ جي ضرورت آهي. سنڌ کي ٻاهرين آباديءَ ۾ واڌ جي ڪري جيڪڏهن ڪجھه ارب روپين جو مالي فائدو ٿئي ٿو ته ان سان گڏ اسيمبليءَ جي سيٽن ۾ غير سنڌي سياسي پارٽين ۽ ٻولي ڳالهائيندڙن جو به اضافو ٿي ويندو، ان سان سنڌين جي سياسي پوزيشن ڪمزور ۽ اقليت ۾ تبديل ٿي ويندي. تنهنڪري ايندڙ آدمشماري کان پهرين هڪ گڏيل حڪمت عمليءَ ٺاهڻ جي ضرورت آهي. ان لاءِ وڌيڪ تحقيق ۽ سوچ ويچار ڪيو وڃي، جنهن ۾ ڪراچيءَ سميت پوريءَ سنڌ ۾ ٻين صوبن کان آيل ماڻهن جي ڌار ڳڻپ ڪري کين صوبي کان ٻاهر جو ڄاڻايو وڃي. ۽ اهو مطالبو پڻ رکيو وڃي ته انهن ٻاهرين کي اسيمبليءَ ۾ بيهڻ توڙي ووٽ ڏيڻ جو حق نه هئڻ کپي.
جيتو ڻيڪ اهو مطالبو ملڪي قانون توڙي آئين سان مطابقت نٿو رکي، پر سنڌ جيڪا 1947ع کانپوءِ تيزيءَ سان ڌارين جي آباديءَ جي ڪري وڌي رهي آهي، انهيءَ جي اقليت ۾ بنجڻ جي خطري جي ڪري سنڌي پنهنجي اصلي سڃاڻپ وڃائي رهيا آهن، تنهنڪري هن مطالبي کي سڀ کان اول ۽ ڀرپور انداز ۾ رکيو وڃي.
جڏهن ته 18 ترميم کانپوءِ آدمشماريءَ ڪرائڻ گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي ذميواري آهي. پر ان جي غير موثر هئڻ جي ڪري اهو ڪم به وفاقي سرڪار ڪرائي رهي آهي. تنهنڪري آدمشماري جو وفاقي حڪومت طرفان سواءِ (سي سي آءِ) جي ڪرائڻ خود غيرآئيني آهي. تازو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاڻمرادو نوٽس وٺي حڪومت کي چيو آهي ته اها ملڪ ۾ رهيل ڇهين آدمشماريءَ کي جلد کان جلد ڪرائي. ان لاءِ (سي سي آءِ) جي نگراني ۾ آدمشماري ڪرائڻ وارو مطالبو پڻ سرفهرست رکيو وڃي.
(روزاني
عبرت)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو