Wednesday, August 10, 2016

امريڪا ڊائري هليري ڪلنٽن جي مقبوليت ۾ اضافو ...


2016ع جون امريڪي چونڊون پنهنجي عروج تي پهچي ويون آهن. ڊونلڊ ٽرمپ جون لاڳيتيون غلطيون ۽ بدافعال هن کي ڏينهون ڏينهن مقابلي ۾ پويان ڌڪين پيا. بش حڪومت ۾ ڪم ڪندڙ ڪٿي سرڪاري عهديدارن هن کي غير مستحڪم ۽ دماغي طور تي امريڪا جي صدارت لاءِ غير موزون قرار ڏئي هليري ڪلنٽن جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ساڳي طرح ڪٿي ريپبلڪن پارٽي جي اهم شخصيتن ٽرمپ سان لاتعلقي جو اعلان ڪيو آهي. ٻئي طرف هليري ڪلنٽن پنهنجو آئنده جو لائحه عمل ڏئي امريڪي عوام جي اڪثريت کي پنهنجو شيدائي بڻائي ڇڏيو آهي. تازي سروي Polls ۾ هليري ڪلنٽن کي ٽرمپ تي 9 کان 15 پوائنٽن جي برتري حاصل ٿي وئي آهي. 60 سيڪڙو امريڪي عوام ٽرمپ کي صدارتي عهدي لاءِ Unfit يا غير موزون قرار ڏنو آهي. امريڪا جي ٽن ارب پتي ڪاروباري شخصيتن جيڪي ماضي ۾ ريپبلڪن پارٽي جي اميدوارن جي حمايت ڪندا رهيا هئا، انهن هليري ڪلنٽن جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. انهن شخصيتن ۾ اهم ترين ماڻهو مائيڪل بلومبرگ آهي، جيڪو ٻه ڀيرا نيويارڪ شهر جو ميئر ٿي چڪو آهي. مائيڪل بلومبرگ هڪ وڏي خبرن جي اداري بلومبرگ نيوز نيٽ ورڪ جو مالڪ پڻ آهي، جنهن ۾ ڪيئي ٽيليويزن چئنل ۽ ريڊيو چئنل پڻ شامل آهن، بلومبرگ، ٽرمپ جي دولت جي پنجوڻ دولت رکي ٿو، ڪامياب ترين نيويارڪ جو ارب پتي آهي، جيڪو ڪڏهن به ڏيوالو ڪونه ٿيو، جڏهن ته ٽرمپ 6 دفعا پنهنجي ڪمپنين کي ڏيوالو قرار ڏئي چڪو آهي. هزارين ملازمن جون پگهارون ڳڙڪائي ويٺو آهي، ننڍن ننڍن ٺيڪيدارن جا پئسا کائي ويٺو آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ گذريل هفتن ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۾ امريڪي فوج جي ڪيپٽن همايون خان جي پيءُ خضر خان جي تقرير کي ننديو آهي. ڪيپٽن همايون خان عراق جي جنگ دوران 2004ع ۾ پنهنجن سپاهين کي بچائيندي خودڪش حملو ڪندڙ جو رستو روڪيندي ماريو ويو هو. امريڪي حڪومت همايون خان کي اعليٰ فوجي اعزاز ”پرپل هارٽ“ ڏنو هو. امريڪا ۾ روايتي طور تي جنگ ۾ مارجي ويل فوجن جي خاندان کي ”گولڊ اسٽار فيملي“ ڪوٺيندا آهن، يعني سُنهري تاري وارا خاندان. اهڙن خاندانن جي تمام گهڻي عزت ڪئي ويندي آهي. خضر خان پنهنجي تقرير ۾ ٽرمپ جي مسلمانن خلاف پاليسي کي سختي سان ننديو هو، جنهن تقرير دوران سندس زال غزاله خان پڻ موجود هئي. ٽرمپ چيو ته خضر خان ته ڳالهايو، پر غزاله ڇو نه ڳالهايو، شايد کيس اجازت ڪونه هئي، جنهن تي پوءِ غزاله خان ٽي وي چئنلز ذريعي ٽرمپ سان ڏاڍي جٺ ڪئي. بعد ۾ ڪئين ڏهاڙن تائين خضر ۽ غزاله خان مختلف ٽي وي چئنلز تان ٽرمپ کي ننديندا رهيا. امريڪي عوام به ٽرمپ جي ڳالهين تي بيحد ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو. هليري ڪلنٽن مڪمل طرح سان خضر خاندان جي پوئيواري ڪئي ۽ اهڙي طرح سان امريڪي عوام جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. چونڊون ته 8 نومبر تي ٿيڻيون آهن، پر موجوده صورتحال ۾ هليري ڪلنٽن جي پوزيشن ڪافي مضبوط آهي، پر ايندڙ ٽن مهينن ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.
ڊونلڊ ٽرمپ، کلي طرح روس ۽ روسي صدر جي حمايت ۾ بيان ڏيندو رهيو آهي، روس ۽ امريڪا جي تعلقات ۾ بهتري جي وڪالت پڻ ڪري رهيو آهي. نيٽو کي هڪ پراڻو ۽ بيڪار اعتماد سهڪار ڪوٺي امريڪي عوام ۽ سياسي اڳواڻن کي به تڪليف پهچائي آهي. پڙهندڙ جيڪي نيٽو جي سهڪار کان واقف ڪونهن، انهن لاءِ عرض ڪندس ته هي سهڪار 28 ملڪن تي ٻڌل فوجي سهڪار آهي، جنهن ۾ امريڪا، ڪئنيڊا، برطانيه، فرانس ۽ ترڪي پڻ شامل آهن ۽ بنيادي طور تي اهو سهڪار ڪميونسٽ روس بلڪه USSR جي خلاف بڻايو ويو هو. عظيم روس جي ٽٽڻ جي باوجود اڄ سوڌو موجود آهي ۽ هاڻي دهشتگردن جي خلاف ويڙهه ۾ رڌل آهي، نيٽو جون گڏيل فوجون افغانستان، عراق ۽ لبيا ۾ اڄ به موجود آهن. امريڪي جنگي ماهر نيٽو کي اڄ به تمام اهميت ڏين ٿا ۽ نيٽو کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه کي امريڪا کي ڪمزور ڪرڻ جي برابر سمجهن ٿا. ان ڪري سي آءِ اي جي سابق سربراهه مائيڪل موريل جنهن بش ۽ اوباما ٻنهي جي دور ۾ سي آءِ اي ۾ ڪم ڪيو آهي، هن جي مطابق روسي صدر پيوٽن جيڪو پاڻ به ڪي بي جي (روس جي جاسوسي اداري) سان لاڳاپيل رهيو آهي، اڻ سڌي طرح سان ڊونلڊ ٽرمپ کي پنهنجي لاءِ ايجنٽ ڀرتي ڪري پيو، ڇو ته ٽرمپ حد درجي جو خوشامد پسند آهي، پيوٽن ٻه ٽي ڀيرا هن جي ساراهه ڪئي آهي ته ٽرمپ ڏاڍو سٺو صدر ثابت ٿيندو. اها به حقيقت آهي ته صدر پيوٽن، هليري ڪلنٽن کي سخت ناپسند ڪندو آهي، ڇو ته هليري شروع کان سياست ۾ رهي آهي ۽ هن کي چڱي طرح خبر آهي ته پيوٽن هڪ تمام تيز چالاڪ ۽ خطرناڪ ماڻهو آهي، جيڪو امريڪا جو بدترين دشمن آهي ۽ جنهن جي ڪنهن ڳالهه تي ڀروسو نٿو ڪري سگهجي. ان ڪري هليري ڪلنٽن پنهنجي وزارت خارجه جي دور کان وٺي صدر پيوٽن کي بي ڀروسو ۽ ظالم ڊڪٽيٽر سمجهي ٿي، جنهن لاءِ پنهنجي سياسي مخالفت کي مارائڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي، مخالف اخباري نمائندن کي اغوا ڪرائڻ پڻ هن جي حڪمراني جو هڪ انداز آهي. ٽرمپ ۽ پيوٽن رومانس ٽرمپ کي سياسي طور تي فائدي جي جاءِ نقصان ڏنو آهي. امريڪي عوام پيوٽن کي امريڪا مخالف روسي ڊڪٽيٽر سمجهي ٿو ۽ هن جي ٽرمپ جي ساراهڻ کي به هڪ چال سمجهي ٿو. امريڪا جي عوام ڪنهن به ٻاهرين ملڪ جي چونڊن ۾ دخل اندازي کي سخت ناپسند ڪري ٿو.
صدر اوباما پڻ ڊونلڊ ٽرمپ جهڙي ماڻهو کي امريڪي صدارت لاءِ نااهل قرار ڏنو آهي. صدر اوباما کي امريڪي عوام جي 54 سيڪڙو ماڻهن جي حمايت حاصل آهي، جنهن جو فائدو سڌي يا اڻ سڌي طرح سان هليري ڪلنٽن کي پهچي ٿو. هليري ڪلنٽن جي منشور ۾ ٻاهرين آيل آبادي (جنهن کي Immigrant ڪوٺيو ٿو وڃي) لاءِ خصوصي رعايتون پڻ شامل آهن، انهن جي آبادڪاري، ڪاروباري ۽ ملازمتي سهولتن لاءِ منصوبا ٺاهيل آهن.
مزدورن جي پگهار ڏهن ڊالرن جي جاءِ تي پندرهن ڊالر ڪئي ويندي، اعليٰ تعليم جي خرچ ۽ في ۾ به گهٽتائي جو منصوبو آهي. صحت جي سهولتن کي معمولي پگهار وارن ۽ بيروزگارن تائين پهچائڻ جو منصوبو پڻ شامل آهي. مسلمانن سوڌو ٻين اقليتن کي عام ڌڙي ۾ شامل ڪري هنن جي مذهبي عبادتگاهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ به حڪومت جي ذميواري هوندي. عورتن جي اجرت (پگهار) مردن جي برابر ڪرڻ ۽ ڄم دوران عورتن کي پگهار سوڌي موڪل ڏيڻ پڻ هليري جي منشور جو حصو آهن. هليري ڪلنٽن هڪ ماءُ آهي ۽ انهيءَ جذبي سان هو عوام جي پرگهور لهڻ چاهي ٿي. هليري جي حڪومت ۾ برابري ۽ انصاف جي ٿيڻ جي اميد آهي. ايندڙ وقت ثابت ڪندو ته امريڪا جي تاريخ جي پهرين عورت صدر ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿيندي. بهرحال امريڪي عوام کي هليري مان گهڻيون اميدون آهن.
 (روزاني عبرت) 
 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو