Thursday, August 4, 2016

سنڌ جي ڌرتيءَ جو وارث عوام آهي


ائڊوڪيٽ نظام بلوچ
31 جولاءِ آچر ڏينهن واري ”عوامي آواز“ اخبار ۾ تبديليءَ جي سري هيٺ مانواري ڀيڻ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جو ليک پڙهيم، جنهن سان آئون مڪمل طور سهمت آهيان، خاص طور تي جڏهن ته هوءَ پاڻ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر آهي ۽ سنڌ سرڪار جي ڪاروهنوار کان مڪمل ريت واقف آهي.
اسان وڪيل جڏهن ڪورٽ ۾ ڪو ڪيس هلائيندا آهيون ته جڏهن هڪڙو وڪيل پنهنجا ويچار پيش ڪري پورا ڪندو آهي ۽ ان کانپوءِ جيڪڏهن ڪو ٻيو وڪيل ساڳيا ويچار پيش ڪرڻ چاهيندو آهي ته هو ورجاءَ بدران ڪورٽ کي چوندو آهي ته “I adopt the same arguments” معنى مان ساڳيا ويچار ڪتب آڻيان ٿو. تنهن ڪري هتي به آءُ محترمه وارا ويچار (adopt) ڪندي ان ۾ ڪجهه واڌارو ڪندس ته سنڌ جي تاريخَ ۾ جيڪا ڪرپشن گذريل 8 سالن ۾ ٿي آهي ان جو مثال نٿو ملي اها هڪ سچائي آهي ۽ رڳو تاثر نه آهي.
موصوف وزيراعلى جناب مراد علي شاهه جو والد مرحوم عبدالله شاهه 1996ع جي نومبر مهيني ۾ ڪهڙين حالتن تحت ملڪ ڇڏي ويو هو ته آخري پساهه پنهنجي زمين تي کڻڻ لاءِ واپس آيو هو. هن جي دور ۾ ڪيئي وڏا واقعا پڻ ٿيا هئا، جيڪي هتي بيان ڪرڻ ورجاءَ جي برابر ٿيندو. انهن واقعن ۾ ميرمرتضيٰ ڀٽو سان ٿيل هاڃو وڏو واقعو هو، آئون انهيءَ دردناڪ واقعي جي وڌيڪ تفصيل ۾ وڃڻ جي ضرورت محسوس نه ڪندي محترم وزيراعلى صاحب کي ڪجهه صلاح ڏيندس.
جيئن وڏي وزير چيو آهي ته هو ڪرپشن جي پراڻن معاملن کي نه کوليندو ۽ هڪ نئين شروعات ڪندو، انهيءَ تي فقط اهو عرض سندن خدمت ۾ رکندس ته سنڌ ڌرتيءَ جو اصل مالڪ سنڌي عوام آهي، ان ڌرتيءَ جا جيڪي به واهڻ، وستيون، جبل، ٻيلا ۽ قدرتي وسيلا وغيره آهن ان جو اصل مالڪ ڌڻي ۽ مالڪ سنڌ جو عوام آهي ۽ سنڌ جي حڪومت جي حيثيت فقط هڪ سنڀاليندڙ (Trustee) واري آهي وڌيڪ ان معاملي ۾ قانوني ۽ آئيني پوزيشن بابت سنڌ سرڪار جي ائڊووڪيٽ جنرل بئريسٽر ضمير گهمرو صاحب کان راءِ وٺي سگهو ٿا، ته حڪومت وٽ جيڪا شئي امانت آهي ان کي وڪري يا ڀڳڙن مٺ تين وال ڪرڻ جو ڪوبه قانون ۽ آئيني اختيار نه آهي. ايئن نٿو ٿي سگهي ته ڪوبه خانگي ماڻهو يا ادارو سنڌ جي جيتري زمين گهرجيس اها هو خريد ڪري سگهي ٿو، پوءِ کڻي اها زمين هزارن ۽ لکن ايڪڙن ۾ ڇونه هجي يا وري سڄي سنڌ ڇو نه هجي.
بحريا ٽائون جو ملڪ رياض سنڌ حڪومت کان زمين خريد ڪري نوان شهر پيو اڏي. ايستائين جو يونيورسٽيون پيو ٺهرائي ۽ سنڌ گورنر ان جي پيڙهه جا پٿر رکي خوشيءَ مان نه پيو ماپي، حيدرآباد شهر جي ڀرسان الطاف حسين يونيورسٽي جي بنياد وقت موصوف گورنر پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته اڄ مون کي جيتري خوشي ٿي رهي آهي ان کي آئون بيان نٿو ڪري سگهان، ڇاڪاڻ ته اها سندس پراڻي خواهش هئي، ته هو الطاف حسين جي نالي ڪا يونيورسٽي قائم ڪري. ان قسم جا عمل ڪري گورنر ڪنهن جي نمائندگي ڪري رهيو آهي؟ جهڙا سوال اٿارين ٿا.
هڪ ٻي ڳالهه به وزيراعلى صاحب جي ڌيان تي آڻڻ چاهيندس ته لکين ايڪڙن تي ٻڌل سنڌ جا ٻيلا غيرقانوني طور تي وڍي انهن کي زرعي زمين ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. جيڪا ڳالهه ٻيلي کاتي جي قاعدن ۽ قانون جي خلاف آهي. سنڌ ۾ خاص طرح گرمي پد جي وڌي وڃڻ جو مکيه ڪارڻ اهو به آهي ته سنڌ جي ٻيلن کي وڍي ڪاٽي برباد ڪيو ويو آهي ۽ ماحولياتي تبديلي ٿي آهي. توهان چئو ٿا ته مان ڪرپشن جا پراڻا معاملا نه کوٽيندس پر اهو ته ڪري سگهو ٿا ته لاڳاپيل ادارن کان انگ اکر وٺو ته گذريل 8 سالن ۾ ٻيلي کاتي جي ڪيتري زمين کي برباد ڪيو ويو آهي ۽ ڪو فرمان به جاري ڪري سگهو ٿا ته ٻيلي کاتي جي هڪ انچ زمين به ڪنهن ٻي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ تي پابندي هنئي وڃي ۽ وڻن جي واڍيءَ کي قابل دست اندازي پوليس (Cognizable offence) جهڙو ڏوهه بڻايو وڃي ۽ وڻن جي واڍيءَ جي ڏوهه جي سزا وڌائي سخت ڪئي وڃي. باقي توهان جي تبديليءَ جي نعري جي پت ۽ ساک جي باري ۾ تڪڙ ۾ فيصلو ڪرڻ مناسب ڳالهه ناهي، وقت وڏو بادشاهه آهي.
(عوامي آواز)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو