Sunday, August 7, 2016

عمران خان جي مخالفن کي ناڪاميءَ جي اڳواٽ مبارڪباد!


حڪمران ليگ ۽ ان جي اڪيلي مخالف ڌر تحريڪ انصاف هڪ ٻئي خلاف ريفرنس- ريفرنس راند کيڏي رهيا آهن. پاناما ليڪس جي حوالي سان جاچ لاءِ ٽرمس آف ريفرنسز تي حڪومتي سنجيدگيءَ مان هٿ ڌوئي ڪري پي ٽي آءِ وزيراعظم خلاف نااهليءَ جو ريفرنس داخل ڪرايو ته وزيراعظم جي جماعت ساڳيا ئي الزام پاڻ تان لاهي عمران خان تي اُڇلائي سندن خلاف به هڪ ريفرنس بڻائي ورتو. اليڪشن ڪميشن وڏي آزمائش ۾ آهي، هاڻي هن کي ٻنهي اڳواڻن کي هڪ نظر سان ڏسڻو پوندو.
اهو جهيڙو اتي ٻيو ٻاهر ٿو ڏسجي. هن حڪومت سان عمران خان اصل کان وچڙندو اچي، رجسٽرڊ مخالف ڌر ريسٽ ۾ رهي ٿي، اڪيلي عمران خان نواز شريف جي ننڊ ڦٽائي رکي آهي. قانوني طور ڪٿي به هن جي دال ناهي ڳري، پر عوامي ۽ اخلاقي طور هن جي سرسي رهي آهي. هڪ طرف ميڊيا جي مائيڪ ۽ ڪئميرا پاڻ ڏانهن ڇڪيو بيٺو آهي، ٻئي طرف آئيني ادارا جن کي غير جانبدار هئڻ گهرجن تن جي جانبداري کي پڌرو ڪيو بيٺو آهي، عمران خان نتيجن جي حساب سان ناڪام پر اثر ڇڏڻ جي اعتبار سان ايترو ڪامياب ضرور آهي ته ملڪ ۾ هڪ نواز شريف کانپوءِ ٻيو هن جو ذڪر ٿئي ٿو. وڏين جماعتن جا وڏا ۽ ننڍا ليڊر ڪنهن ڳڻپ ۾ ئي ڪونهن. سياسي جنگ جي ميدان ۾ فقط ٻه شهسوار ٿا ڏسجن. انهن سان هڪڙي جي ”اڄ“ آهي ته ٻئي جي ”سڀاڻي“ ٿي سگهي ٿي. عوام جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهڻ واري ۽ عوام جي نبض تي هٿ رکڻ واري جي پوزيشن بدلجي سگهي ٿي. سياست انهيءَ شيءِ جو نالو آهي ته ٻاهر رهڻ جا ٻيا مزا گهڻا هوندا پر عوام جا قرب ماڻڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻو ٿو پوي.
نواز شريف کي ’اها سئن نه ڏيندي چين‘ جيڪا عمران خان ۽ طاهر القادري انصاف جي گهُر سان ڏيئي رهيا آهن. علامه طاهر القادري پنهنجي ڪلهن تان اهي 14 لاشن لاهڻ لاءِ تيار ناهي جيڪي حڪمران جماعت پنهنجي اجائي آپريشن سان ٻه سال اڳ اُچاٽ ڪري ڪيرايا هئا ۽ پنهنجي مشن کان پاڻ کي آجو به قرار ڏياري ڇڏيو هو. ”ديت“ جهڙي آڇ کان انڪار ڪري علامه انهن جي ”قصاص“ لاءِ هي ٻيو ڀيرو ٻاهر نڪتو آهي ۽ هو پنهنجي هن تحريڪ کي ”قصاص تحريڪ“ ٿو ڪوٺي. ڪالهه کان عوامي تحريڪ هڪ ئي وقت ڪيترن وڏن شهرن ۾ رستن تي نڪتي آهي، اڄ کان عمران خان جون ريليون آهن. گهيراءَ جهڙي صورتحال پيدا ٿي ر هي آهي. حڪومت رهڻ يا ڊهڻ جي سوال تي سوچڻ جي ضرورت ناهي، پر گهيراءَ کي ايڏي گهٽ اهميت به نٿي ڏئي سگهجي جو نواز شريف ننڊون ڪندي نظر اچي.
هن جي آرام ۾ ڪيڏو خلل آهي اهو نواز شريف جي جمعي ڏهاڙي وارين ملاقاتن مان محسوس ڪري سگهجي ٿو. هن اهو ڏينهن پنهنجي اتحادين جي اعتماد لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو. ”هن مُصيبت ۾ مدد ڪريو جي منٿ سان هن مولانا صاحب، محمود ازچڪزئي، حاصل بزنجو ۽ آفتاب شير پائو سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون آهن. اهي سڀ هن جي حڪمرانيءَ ۾ پيالي ڀائي آهن، انهن ”وٺندڙن“ جي ”ڏيڻ“ جي مهل آئي آهي، انهن کي پنهنجي مُحسن تي ڪهل آئي آهي ۽ هنن ساڻس ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي، انهن محترم اڳواڻن نواز شريف کي حق تي ڄاڻندي ”حق“ جو ساٿ نڀائڻ جو وچن ورجايو آهي ۽ ”عوامي جمهوري“ حڪومت جو آخري دم تائين ساٿ ڏيڻ جو عزم ڪيو آهي. اهو ساٿ ان حڪومت جي انهن مڙني قدمن کي جائز قرار ڏيڻ جهڙو آهي، جن ۾ هڪڙو هي به آهي ته اميرن کي 280 ارب رپيا قرض معاف ڪيو ويو آهي.
موجوده ”حڪمراني“ جن لاءِ ساٿ ڏيڻ جهڙي آهي سي ساٿ ڏين پيا ۽ جن لاءِ غلط آهي، اهي ان جي خلاف تحريڪ هلائن ٿا، جن کي ان مان ڪو مسئلو ناهي، اهي ڌاريان ئي ڌار بيٺا آهن. غير جانبداري هنن کي هڪ لحاظ کان حڪمرانن سان گڏ بيهاري ٿي. وزيراعظم خلاف نااهلي جو ريفرنس داخل ڪرائڻ جي باوجود به ڪي ان جي خلاف هلندڙ تحريڪ کان پري بيهي ڄڻ ان جي اهليت کي تسليم ٿا ڪن. مخالف ڌر ۾ ڳڻجڻ لاءِ رڳو چار ڳالهيون رڪارڊ تي رکي ٿا ڇڏين، باقي جيڪو ڪجهه ٿئي پيو، تنهن کي وقت جي حڪمرانن جو جمهوري حق پيا سمجهن. هنن کي پڪ آهي ته جانبداري يا غير جانبداري جي حوالي سان کانئن ڪوئي پڇڻ وارو ڪونهي. اهڙي هر سوال کي هو سازش جي الزام سان ڀيٽ ڏيندا آهن.
سازش آهي، جيڪا حڪمرانن جي خلاف پهريون اعتراض پوءِ سوال، پوءِ احتجاج ۽ آخر ۾ تحريڪ جي صورت ۾ ٿي رهي آهي يا سازش اها آهي جيڪا حڪمرانيءَ جي روپ ۾ عوام سان ٿي رهي آهي؟ ان جا هر سياسي جماعت وٽ پنهنجا پنهنجا جواب آهن پر انهيءَ جو فيصلو عوام کي ئي ڪرڻو آهي. حيرت جي ڳالهه آهي ته عوام اڃان اهڙي ڪنهن جواب ڏيڻ جي موڊ ۾ ناهي. عوام جهڙي ريت حڪومت سان ڪونهي تهڙي ريت هو ان تحريڪ ۾ به نظر نٿو اچي، جيڪا هلي ٿي ۽ وقفي وقفي سان برسات جيان هلي ٿي. ماضيءَ ۾ هن ملڪ عوامي تيز برساتون ڏٺيون آهن جن حڪومتون لوڙهيون آهن، اڄ ان جي ڀيٽ ۾ ڪا تحريڪ جهُڙيءَ ڦڙيءَ جهڙي به ناهي. اڄ عمران خان ۽ طاهر القادريءَ سان پنهنجا پنهنجا ڪارڪن ته آهن پر عوام جو خاص تعداد ڪونهي. اهڙي تحريڪ کي پارٽين جي تحريڪ ته ڪوٺي سگهجي ٿو پر عوامي هئڻ جو اعزاز نٿو ڏئي سگهجي. اهو انهن جماعتن جو الميو آهي يا اهو عوام جو الميو آهي اها ڳالهه يقين سان نٿي چئي سگهجي پر يقين سان اهو چئي سگهجي ٿو ته اها وقت جي حڪومت جي خوشقسمتي آهي ته هن کي اهڙيون مخالف تحريڪون مليون آهن جيڪي ڪنهن به سبب سان عوامي ناهن.
ڪمزور هئڻ الڳ شيءِ آهي غلط هجڻ ٻي ڳالهه آهي. عمران خان جي تحريڪ ڪمزور ضرور آهي پر غلط ان ڪري نٿو چئي سگهجي جو هن جا سوال صحيح آهن، اعتراض وزن وارا آهن ۽ مطالبا جائز آهن. عوام کي اهي سڀ حساب گهرجن ٿا، جن جي ڳالهه عمران خان ڪري ٿو، جن کي اهي حساب ڪتاب نٿا گهرجن، اهي يا ته ڪلهه جا حڪمران آهن يا اها ئي ڳالهه سڀاڻي جي لاءِ سوچيو ويٺا آهن، جن پڻ اهڙو ڪيو ۽ ايندا ته ائين ئي وري به ڪندا اهي ڪڏهن به احتساب نه چاهيندا. اصولي طور ان جي مخالفت به نه ڪري سگهندا. چوندا ائين ته ”ٿيڻ گهرجي“ پر ٿيڻ به نه ڏيندا. اهڙيون اهڙيون رڪاوٽون وجهندا، عجب جهڙا اعتراض اٿاريندا، دائري کي وڌائيندا، مونجهارا پيدا ڪندا. ڪڏهن چوندا تحريڪ هلائڻ وارا اعتماد ۾ نٿا وٺن، جڏهن کين ساڻ هلڻ جو چيو ويندو، تڏهن ڊائلاگ جي ڳالهه ڪندا، اهو ڊائلاگ عمر ڀر پيو هلندو. جڏهن هنن کي سڃاڻي وٺبو ۽ اڪيلي ئي عوام ڏي وڃبو ته چوندا اها ڪنهن جي سولو فلائٽ آهي، ناڪام ٿيندي پوءِ ڪوشش ان جي ناڪاميءَ جي ئي ڪبي. احساس اهو هوندو ته جنهن ۾ اسين ناهيون، اها تحريڪ ئي ناهي. اها مخالف ڌر (جيڪو حڪومت ۾ ناهي اهو عوام سميت مخالف ڌر ئي آهي) جي وڏي بدقسمتي آهي ته هوءَ متحد ناهي، ايتري به ناهي جيتري حڪومت متحد آهي.
اڄ نواز شريف کي ته دلجاءِ ڏيڻ لاءِ چار ماڻهو ملي وڃن ٿا پر عمران خان سان هڪڙو به ڪونهي، جيڪو چوي ته ها مان به آهيان، جنهن کي حڪمرانن کان عوام جو حساب ڪتاب گهرجي ٿو، آئون انصاف جو گهُر ۾ توسان گڏ آهيان. مولانا کان وٺي محمود اچڪزئي تائين سڀ حڪومت جا ڪُلها بڻجن ٿا پر ان عوام جو ڀرجهلو ٿي بيهڻ لاءِ ڪو تيار ناهي، اهي به ناهن جن عوام جو پيئي کاڌو آهي ۽ ايڏو کاڌو آهي ۽ انهن جا ست نسل به اها دولت کپائي نه سگهن. شايد ان ڪري هو عوام جا نٿا ٿين جو انهن کي اڃان ”عوام“ کائڻو آهي، ڪن کي اڄ، ڪن کي سڀاڻي! عوام اهڙن جي وات جو گرهه آهي، هو پنهنجو وات بند رکن ته عوام جا به ٿين!
عمران خان کي ڇڏي ٿا ڏيون، هو ڪلهه به ناڪام ٿيو، هاڻي به يقين آهي ته هو ناڪام ويندو، حڪمرانن کان حساب ڪتاب نه وٺي سگهندو، ان جي هن جي مخالفن کي اڳواٽ مبارڪ ٿا ڏيون، پر پوءِ ڇا؟ سڀ ڪجهه ائين ئي نه، جيئن آهي؟ ائين ته ائين ئي سهي، جنهن ۾ خلق خوش جنهن ۾ لوڪ راضي!!
(روزاني عبرت)


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو