زرار پيرزادو
- ٻلهڙيجي کي ترقي پسند سوچ وارن، سيڪيولر، لبرل ۽ صوفي لاڙن، ڀٽائي جي پارکوئن، شاعرن، شاعرائن صحافين ۽ راڳ جي ڄاڻو ماڻهن جي ڳوٺ طور ڏيهه پرڏيهه ۾ ڄاتو سڃاتو ويندو آهي.
- انور پيرزادي جي ڳوٺ طور مشهور هن وسنديءَ کي جيڪڏهن ڪير نٿو سڃاڻي ته اُهو پوليس کاتو ۽ رينجرز آهي. جنهن جڏهن به هن ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي آهي ته ان مان کين هڪ به هٿيار ناهي مليو.
- ڀٽائي جا سڄو ڏينهن ۽ رات بيت چوندڙن، ٻڌندڙن ۽ سڄي رات سنگيت تي سر ڏيڻ وارن هنن سُريلن ماڻهن جو حياتي کسيندڙ هٿيار سان ڀلا ڪهڙو ڪم؟
- ٻلهڙيجي پنهنجي جوهر ۾ هڪ ڪميون آهي، جتي ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي جاکوڙ ڪري ڳوٺ ۽ ڳوٺ جي ماڻهن جي ترقي وٺرائيندا آهن. پنهنجا جهيڙا جهٽا ڪنهن وڏيري هٿان نبرائڻ بدران پاڻ گڏ ويهي حل ڪندا آهن.
- هن ڳوٺ ۾ نه ڪڏهن قتل ٿئي، نه ڪارو ڪاري جا واقعا ٿين، نه قبيلائي دشمنيون آهن.. اهڙي ڳوٺ کي ته ايوارڊ ملڻ گهرجي.
- پر افسوس ته سڄي سنڌ جو نڪ سڏجندڙ طور مشهور هن عالمي ڳوٺ جي جيڪڏهن ڪنهن عزت نه ڪئي ته اها سنڌ پوليس ۽ رينجرز آهي.
- هاڻي به ڪجهه ڏينهن اڳو پوليس ناليواري ليکڪ، ڀٽائي جي پارکو، سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري جي ٻه ڀيرا سيڪريٽري ٿيل اقرار پيرزادي، سندس ڀاءُ ۽ چڙهائي دوران جيڪو به واٽهڙو نظر آين شناختي ڪارڊ نه هئڻ تي کين کنڀي کڻي هلي وئي آهي.
- اسان هتي اي ڊي خواجه سان مخاطب آهيون ته اسان توهان جي آءِ جي، ٿيڻ کي ان ڪري ته ڀليڪار نه ڪيو هو ته اوهان هن انعام جي اهل ڳوٺاڻن (نڪي اسين چُهڙا نڪي اسين چور) کي زوريءَ ڏوهاري سمجهي پڪڙيندا وتو.
- اسان ته اِن اُميد سان اوهان کي ڀليڪار ڪيو هو ته اوهان سنڌ پوليس کاتي ۾ انقلابي تبديليون آڻيندا، گرفتارين ۽ جاچ جي عمل کي يقيني طور تي شفاف بڻائيندا.
- عام ڳوٺاڻا ته پوليس ۽ رينجرز کي ”حڪومت“ سمجهندا آهن سي سندن محافظ ٿيڻ بدران ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين وانگر اغوا ڪري هليا وڃن ته باقي ڇا بچيو؟
- ته پوءِ پوليس ۽ ڌاڙيلن جي ڪارروائي ۾ ڪهڙو فرق ٿيو. ڪنهن به ماڻهوءَ کي کڻڻ مهل اهو احساس ڇو ناهي ڌاريو ويندو ته اهو به ڪنهن جو پٽ، پيءُ، وَرُ، ڀاءُ، ڀائيٽيو ڀاڻج هوندو. هن جا به ڪي ٻڍڙا پيئر مائر، ڀائر ڀينر هوندا.
- توهان ماڻهن کان اهي رت جا رشتا ڪيئن ٿا کسيا هليا وڃو، جڏهن انهن جي ڏوهاري هجڻ جي توهان وٽ ڪا ثابتي به ناهي.
- توهان جي قابليت ۽ اهليت ته اها آهي ته اوهان اڳ ۾ چڱي ريت جاچ ڪري، پڪ وٺي، ثبوت هٿ ڪري پوءِ ڪنهن ڏوهاري ۾ هٿ وجهو.
- ٻاهرين ملڪن ۾ پهريون جاچ ڪَندي ثبوت هٿ ڪري پوءِ گرفتاري عمل ۾ آندي ويندي آهي. پر هتي نظام ئي الٽو آهي. اڳ ۾ گرفتار ڪري قيد ۾ واڙي پوءِ جاچ شروع ٿيندي آهي.
- اڳ ماڻهن کي ٿاڻن ۾ رکندا هيا پر هاڻي ته گرفتاريون به ظاهر نٿا ڪن. نتيجي ۾ ماڻهن جا وارث ۽ مٽ مائٽ ڪڙهندا، لڇندا ۽ ڦٿڪندا ٿا وتن، روز ٿا مرن ۽ روز ٿا جيئن.
- خدارا انصاف ڪيو. هيءَ آهي عوامي ۽ جمهوري حڪومت؟ عوام اهڙي حڪومت لاءِ وقت جي ڊڪٽيٽرن سان مقابلا ڪيا ۽ جانيون ڏنيون.
- ڪارروائي کانپوءِ گرفتار ٿيل پنهنجن مٽن مائٽن کي ڳولهڻ لاءِ جيڪڏهن پوليس آفيسرن کي فونون ڪن ٿا ته اهي به بند، توهان ڀلي کين گرفتار ڪيو، کانئن پڇا ڪيو ۽ پنهنجي تسلي ڪيو پر خدارا سندن گهر وارن کي ته ٻڌايو ته سندن ساهه سيباڻا ڪٿي آهن.
- هتي ته جن جمهوريت لاءِ ڦٽڪا کاڌا تن جي جوان اولاد کي به کنڀي، گم ڪري انهن جا چچريل لاش ڏنا ويا.
- اسان جو خيال آهي ته اي ڊي خواجه صاحب جيڪو رڳو پوليس سربراهه ئي ناهي پر هڪ اديب به آهي ۽ اديب حساس هوندا آهن تنهن کي ذاتي دلچسپي وٺي ٻلهڙيجي جي بي ڏوهين کي ڇڏائڻ جو انتظام ڪري سگهجي.
- هڪ خيال اهو به آهي ته جيڪي گرفتاريون پوليس ظاهر ناهي ڪندي تنهن واردات پٺيان اصل ۾ رينجرز جو هٿ هوندو آهي.
- جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڇا رينجرز کي سنڌ ۾ مڪمل اختيار ان ڪري گهرجن ته جيئن اُها ڏوهارين بدران اديبن، شاعرن، صحافين ۽ استادن کي پڪڙيندي وتي.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو