نذير سومرو
ٽي وي اسڪرين……
هڪ زوردار ڌماڪي جو آواز ٻڌو ويو….
ڌماڪي ۾ ڪيترين ئي حياتين جي ضايع ٿيڻ جو خطرو…….
زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڏهه ڄڻا اجل جو شڪار…..
انگ وڌي ويهه ٿي ويو….
انگ وڌي….
انگ وڌي…..
وزيراعظم پاران ڌماڪي جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت….
صدر چيو آهي ته دهشتگرد بزدلاڻين ڪاروائين سان اسان کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن.
دبئيء پاران مجرمن کي ڪيفرڪردار تائين پهچائڻ جو ازم…..
لنڊن پاران ڌماڪو انسانيت تي وار قرار……
آرمي چيف پاران آخري دهشتگرد تائين جنگ جاري رکڻ جو فيصلو…….
فلاڻي پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڌماڪي ۾ پرڏيهي هٿ ملوث آهي…..
فلاڻي پاران ڌماڪو را جي ڪاروائي قرار……
فلاڻي پارٽي پاران هڪ ڏينهن سوڳ جو اعلان…….
فلاڻي پارٽي پاران ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان…….
فلاڻي پاران قوم کي متحد رهڻ جي اپيل…..
فلاڻي هن ڌماڪي کي بزدلاڻي ڪاروائي سڏيو……
حڪومت، فوج ۽ عوام هڪ پيج تي………..
مٿي ڄاڻايل سڀ همراهَه ننڊ ۾ هجن يا جاڳ ۾ پر بيان وقت سر (اٽڪل ساڳئي وقت) اچي ويندو آهي، جيڪو اصل ۾ سندن سيڪريٽري ”اسٽينڊنگ انسٽرڪشن“ تحت جاري ڪري ڇڏيندا آهن. پڪ سان لڳندو آهي ته اهڙا بيان ٺهيل پيا هوندا آهن جن ۾ رڳو خال ڀريو وارو عمل ڪري بيان جاري ڪيو ويندو آهي، جڏهن صاحب ”گهري“ ننڊ مان اٿندو تڏهن سندس تجربيڪار/آڙيڪاپ سيڪريٽري صاحب اهڙي عمل بابت انهن کي ٻڌائيندو آهي ته هي ڌماڪو ٿيو آهي، مون بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي. (يعني اوهان دل جاء ڪريو، مون پنهنجو فرض پورو ڪري ڇڏيو آهي).
ٻيو ڏينهن، ٽيون ڏينهن……مهيني کان پوء…..
ٻن مهينن کانپوء……..
شهيد ٿيلن جي امڙين جي اکين هيٺان ڳوڙهن وهڻ جا ڪارا ڪارا نشان……
ڀينرين جو اکيون ڦڪيون، ڪوٽڙي کان اڳتي ويران سنڌوء جو ڏيک ڏيندڙ……
زالون عدت ۾، گم سم، ايندڙ ڏينهن جا ڀوائتا پاڇولا……
ٻار يتيم، ايندڙ ويندڙ جي هٿان ڪا شيء ملڻ جي اميد…….
اکيون بکايل ۽ اڃايل…..
گهرن ۾ فاقا، بکون، عزتون نيلام………
بيان وارا همراهه وري ” بدمست“ ننڊ ۾…..
سيڪريٽري وري جاڳيل، ڪنهن ڌماڪي/سانحي جي انتظار ۾…….
پوئين اوڻهتر سالن کان اهو عمل پنهنجي طمطراق سان جاري آهي ۽ جاري رهندو…..
هي منظر آهي اسان جي هن بدنصيب سماج جو، جنهن جي لاء هاڻي بدنصيب لفظ ڪا معني نه ٿو رکي، جيڪو ڪنهن اهڙي گناههَ جي سزا ڀوڳي رهيو آهي جنهن کي ڪيل گناهه هاڻي ياد به ڪونهي…..
دنيا ۾ ڪو به اهڙو گناهه اڃان تائين نه ٺهيو آهي جنهن جي ايتري سزا هجي، وڏي کان وڏي گناهه جي سزا ”هينگ ٽل ڊيٿ“ آهي پر هتي ڊيٿ/موت کان پوء به لڙڪيل/هينگ رهڻو آهي هن گناهگار کي…..
ذهني توازن وڃائي ويٺل هي ماڻهو جنهن کي قوم جي نالي سان پڪاريو وڃي ٿو سوال ڪندڙ اکين سان هڪ هڪ ڏانهن واجهائي رهيا آهن. سندن اجهاميل اکيون خاموش آهن، پر اهي سڀ ڪُسچن مارڪ (سوال جي نشاني) وانگر ڏسندڙن ڏانهن جهولي ڦهلائي سوال ڪري رهيون آهن ته؛
جانگلوس ناول جي هڪ هڪ سين سان ٺهڪندڙ هي ماحول ڪنهن ٺاهيو آهي؟
ڪنهن کي ذميوار قرار ڏجي؟ اردو شعر وانگر مان ڪنهن جي هٿ تي رت جا نشان تلاش ڪريان شهر جي ماڻهن کي دستانا پاتل آهن.
ڪنهن کي ڏوهي قرار ڏجي؟
هي بجيٽون، هي رقمون، هي ملڪ جون پنهنجون ڪمايون، هي ٻاهريان قرض آخر ڪيڏانهن ٿا وڃن؟
اسلام جي نالي تي ٺاهيل ملڪ دنيا ۾ اسلام لاء ڪهڙو تاثر ڇڏيندو؟
آخر ڇا ٿيندو هن ملڪ جو؟
آخر ڇا ٿيندو ملڪ ۾ رهندڙن جو، جيڪي سلاٽر هائوس ۾ موت جي انتظار ۾ آهن؟
موت جي رات جو ڪرڀ ڪيڏو ڀيانڪ هوندو آهي……
ڪرشن چندر ۽ دوستووفسڪي جي ناولن جي ڪردارن وانگر ڦاسيء جي رات گهاريندڙ ارڙهن ڪروڙ ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي زندگيء جا پورا نه ٿيندڙ خواب، خيال ڪيئن اچي هن جي ذهنن ۾ ٿوري چمڪ پيدا ڪري وري اجهامي ويندا هوندا؟
اهي سوال آهن هر ماڻهو جي زبان تي…….
انهن سڀني سوالن جو جواب ڳوليو وڃي……
گهڻن سوالن جا جواب ملڪ تي حڪمراني ڪندڙ، انهن جي سيڪريٽرين، انهن جي سيڪيورٽي آفيسرن، وڏن وڏن عهدن تي رهندڙ، انهن جي ويجهو رهندڙن جي لکيل پراڻن ڪتابن، ڇپايل ڊائرين مان ملندا، جيڪي پڙهي اوهان به يقينا ان نتيجي تي پهچندا ته چوريء جا پيرا پنهنجي ئي گهر آهن.
(روزاني عوامي آواز)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو