Wednesday, August 10, 2016

وال پــــيــــپـــــــر ـ ڪالاباغ ڊيم، وفاق ۽ صوبائي خودمختياري


رئوف عباسي
اڳوڻي صدر آصف زرداريءَ ٻه تمام بهتر ڪم ڪيا، هڪ ٻارهين آئيني ترميم ۽ ٻيو صوبي سرحد جو تاريخي نالو خيبرپختونخواهه بحال ڪرڻ پر اها صورتحال واضح ناهي ته 12 هين ترميم تحت صوبن کي ڪهڙا حق حاصل ٿيا آهن؟
اصولي طور جنهن اڪثريت ۽ شُهرت سان پيپلز پارٽيءَ کي 2008 ۾ سرڪار حاصل ٿي هئي، ان تحت صدر زرداري توڙي وزير اعظم گيلاني، صوبن جي مڪمل خودمختياريءَ جي پاسداري  ڪن ها، ڇاڪاڻ ته ٻئي شخص مظلوم سنڌي ۽ سرائيڪي قوم جا فرد هئا.
پر اسٽيبلشمينٽ جي تيورن کي ڏسندي هُنن ٻنهي اهڙو ڪو تاريخ ساز ڪم نه ڪيو، جنهن جي ڪري بجليءَ جو گهوٽالو برقرار آ، بي روزگاري جيئن جو تئين آ، عدليه ۽ سرڪار جي هڪٻئي ڏانهن روش فارملٽي جهڙي آهي.
پيپلز پارٽيءَ جي 1988 جي حڪومت ۾ پاڻي ۽ بجليءَ جو وفاقي وزير غلام مصطفيٰ کر هُو، جنهن اُن وقت سالياني بجيٽ ۾ ڪالاباغ ڊيم لاءِ رقم مختص ڪرائي هئي، پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ان رٿا لاءِ راضپو ڏيکاريو هو.
اڄ وري پاڻي ۽ بجليءَ جو چيئرمين ڪالاباغ ڊيم لاءِ راءِ عامه هموار ڪري  رهيو آهي، سنڌ طاس معاهدي تحت پنجاب يا ڪو ٻيو صوبو، سنڌو درياهه مان پاڻي کڻڻ جو مجاز ناهي، ان لاءِ پنجاب پنهنجا درياهه سنڌ طاس معاهدي تحت هندستان کي وڪڻي ڏنا هئا.
مرحوم ذوالفقار ڀُٽي الائي ڪهڙي خوش فهميءَ ۾ چشما، جهلم لنڪ ڪينال جي جوڙجڪ جي ڪٽوتيءَ لاءِ راضپو ڏيکاريو هو.
پرويز مشرف، ٿل ڪئنال ٺاهي، سنڌ جي اڪثر زمينن جي غير آباديءَ جو سامان پيدا ڪيو، ۽ اسان جا وڏيرا وري اسيمبلين ۾  وڃي چپ سبي، ڪنن کان ٻوڙا ٿي ويهي ٿا رهن.
همراهه هليو هو سنڌ ۾ ڪالاباغ ڊيم لاءِ راءِ عامه جوڙڻ، جنهن جي خبر کيس حيدرآباد، بدين ۽ ٺٽي ۾ ئي دورو ڪندي خبر پئجي وئي، اُن وقت جي لاڏلي واپڊا چيئرمين ذوالفقار علي کي پئجي ويو هو ۽ سنڌين جون اکيون ٻيون آهن.
خبر ته نواز شريف اينڊ ڪمپني کي به چڱي نموني پئجي وئي هئي، جڏهن 1997ع ۾ ڪمون شهيد وٽ، سنڌ جي جملي ليڊرشپ بشمول محترمه بينظير ڀٽو، بشير خان قريشي، رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر قادر مگسي، سيد امداد محمد شاهه، جلال محمود شاهه، عبدالواحد آريسر موجود هئا، ائين ئي  اٽڪ پل تي عوامي نيشنل پارٽيءَ جي سموري قيادت سراپا احتجاج رهي.
ڪالاباغ ڊيم، قومن جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، ۽ وڏي ڳالهه ته اُن کي ملڪ جون ٽي اسيمبلون سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه رد ڪري چڪيون آهن، پارليمينٽون جڏهن، عوام جون چونڊيل آهن ته پوءِ اُنهن جي تقدس جو خيال رکڻ به وفاق جو لازمي فرض آهي. وفاقي گهرو وزير، وڪالت جي ڊگري به پاس آهي، الائي نه، سنڌ کي والاريل علائقو ٿو سمجهي الائي سنڌ کي وفاق جو غلام ٿو سمجهي، اهڙيون خرمستي واريون ڳالهيون، جهڙوڪر همراهه، بدمست هاٿي آ.
سنڌ حڪومت جي مرضي آهي ته اها، ڪهڙي مامري لاءِ راضپو ڏيکاري نه ڏيکاري، ۽ صوبائي خودمختياريءَ جي گهرُج به اِها آهي ته وفاق، پنهنجي حد ۾ رهي، سنڌ، جڏهن وفاق کي به 70 سيڪڙو سالياني بجيٽ ڏئي ٿي ته مُوٽ ۾ اُن کي ملي ڇا ٿو؟
گورو سامراج، ڪهڙي به نيت سان سنڌ يا ٻين علائقن تي قابض ٿيو پر پوءِ به علائقائي سالميت توڙي صوبي جي خودمختياريءَ ۾ دخل اندازيءَ کان پاسيرو رهيو هو.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وفاق پاڻ کي راجا پورس جو هاٿي نه سمجهي ۽ سنڌ تي واڳ جا صاحب، پنهنجو موقف برجُستو ۽ بهادراڻي انداز ۾ پيش ڪن، اُن ۾ ئي سنڌ جي ڀلائي آهي.
(روزاني عوامي آواز)   

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو