Friday, August 12, 2016

ايڌي کي سنڌ جي مڃتا


عبدالخالق جوڻيجو
عبدالستار ايڌي هاڻي اسان سان ناهي رهيو. هي عظيم انسان دنيا ته ڇڏي ويو پر پنهنجي عظمت جا نه مٽجندڙ نشان هميشه لاءِ ڇڏي ويو جيڪي هر هنڌ، ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل ڏسي سگهجن ٿا. هن پنهنجي سڄي زندگي انسان ذات جي خدمت ۾ گذاري ۽ خدمت به اهڙي جو ان کي عبادت جي درجي تائين پهچائي ڇڏيائين.
هن جي مٿان نه رڳو هن ملڪ پر سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان زندگيءَ جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهو مڃتا، عزت، احترام، پيار ۽ پاٻوهه جا گل ڇٽي رهيا آهن. بطور هڪ سنڌي قومپرست جي مان کيس عظيم شاهه لطيف جي هنن حڪمت ڀريل لفظن ذريعي خراج پيش ڪريان ٿو ته ”روزا نمازون پڻ چڱو ڪم، پر اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرينءَ کي“.
سنڌ ۾ سماجي ڪم ۽ ڏتڙيلن جي خدمت ڪرڻ جي هڪ ڊگهي ۽ شاندار روايت موجود رهي آهي جيڪا رڳو انسانن تائين به محدود ڪانه هئي پر پکين ۽ جانورن تائين پهتل هئي ۽ جنهن جا چمڪندڙ نشان شڪارپور کان ڪراچيءَ تائين پکڙيل آهن. پر افسوس ته ورهاڱي سان اهو سڀ ڪجهه ذري گهٽ ختم ٿي ويو. ان کان پوءِ آيو عبدالستار ايڌي جنهن نه رڳو انهن عظيم روايتن کي وري جياريو پر انهن کي وڌيڪ بلندين تائين پهچايو. جديد ۽ پاڻ ۾ ڳنڍيل دنيا جي سهوليتن جو فائدو وٺندي ۽ پنهنجي خداداد صلاحيتن کي استعمال ڪندي هن پنهنجي خدمت واري ڪم کي ڪراچيءَ کان سڄي سنڌ، پاڪستان، ننڍي کنڊ ۽ دنيا جي مختلف کنڊن تائين وڌايو.
هن جي ڪم جي حد ۽ پيار جو دائرو ڪنهن هڪ خطي، برادري، ذات، فرقي يا مذهب جي پابندين کان آجو هئو. سندس ئي لفظ آهن ته ”انسانيت جو ڪو به مذهب نه هوندو آهي“. هو حقيقي معنيٰ ۾ هڪ انسان دوست، بين الاقواميت پسند ۽ سوشلسٽ هئو. هو پيار، امن ۽ ڀائيچاري جو علمبردار هئو. اهي ئي سنڌ جي اٺ هزار ساله تهذيب جا بنيادي جزا آهن ۽ پوءِ يڪو صوفين جي هن ڌرتيءَ جو اهوئي پيغام رهيو آهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ايڌي صاحب ان پيغام جي عملي شڪل هئو. ان لاءِ اسان سندس سدائين ٿورائتا رهنداسين.
سنڌ جي ڌرتي شادابي، خوشحالي، نهٺائي ۽ سخاوت وارين پنهنجي خاصيتن ڪري دنيا جي مختلف حصن کان ماڻهن جي هتي اچڻ جو سبب بڻبي رهي آهي. انهن ٻاهرين ماڻهن کي ٻن خانن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙا اهي جيڪي قبضي، بالادستي ۽ ڦرلٽ جي ارادي سان آيا. انهن سان سنڌي ماڻهن زندگي موت جون چوٽون کاڌيون آهن ۽ آخر تائين مزاحمت ڪئي آهي. ٻيا اهي جيڪي ايمانداري، وفاداري ۽ سچائيءَ جا جذبا کڻي آيا ۽ جن جو مقصد پيار، امن، ڀائيچاري، خوشحالي ۽ انسانيت جي خدمت وارن آدرشن جي آبياري ڪرڻ هئو. اهي هن ڌرتيءَ جي رهواسين جا هيرا بڻجي ويا ۽ هميشه انهن جي عزت، احترام ۽ تعظيم جا حقدار رهيا. ان قسم جي انسانن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، جي.ايم.سيد، هوش محمد شيدي، مسڪين جهان خان کوسو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ڊاڪٽر جي.ايم.مهڪري جا نالا اچي وڃن ٿا. عبدالستار ايڌي ان لسٽ ۾ تازو اضافو آهي.
عبدالستار ايڌي پنهنجي زندگي مظلوم، محڪوم ۽ مٽيءَ هاڻن ماڻهن جي خدمت لاءِ وقف ڪئي ۽ پاڻ کي نادار، نراس، محتاج ۽ مسڪين ماڻهن جي صفن ۾ بيهاريو. هو انهن جي وچ ۾ رهيو، انهن کي پسند ڪندو هئو ۽ انهن سان پيار ڪندو هئو ۽ انهن جي ئي وچ ۾ مرڻ جو خواهشمند هئو. هن انهن امير ۽ بالادست طبقي وارن سان ڪڏهن ڪو واسطو نه رکيو جن جو پاڪستان جي رياست ۽ سماج تي قبضو آهي. هن جابرن کان نه ڪڏهن ڪجهه گهريو ۽ نه ورتو. ۽ نه ئي انهن کي سندس ڪم سان ڪا دلچسپي رهي جيستائين هو جيئرو هئو. جيئن ئي سندس وفات ٿي انهن ٽولن بنا دير جي سندس شخصيت تي قبضو ڪري ورتو. جن ماڻهن سندس زندگيءَ ۾ هن جي روح کي رنجايو انهن موت کان پوءِ سندس جسم کي هائجيڪ ڪري ورتو. انهن پڪو بندوبست ڪيو ته جيئن سندس آخري وصيت به پوري نه ٿئي ته ”سندس جنازي خاطر روڊ بند نه ڪيا وڃن“. اصل ۾ انهن کي خوف هئو ته ڪٿي هي انسان دوست ۽ سوشلسٽ فقير مسڪين ۽ مصيبتن جي ماريل ماڻهن جي ميڙاڪن جو مرڪز نه بڻجي وڃي ڇاڪاڻ ته انهن ڄاتو ٿئي ته جيڪڏهن مسڪين، مظلوم ۽ محڪوم متحد ٿي ويا ته سندن مانڊاڻ انهن جي اتحاد جي سٽ سهي ڪونه سگهندو.
(روزاني عوامي آواز)   

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو