Friday, August 12, 2016

جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي


نذير ناجي
مير حاصل بزنجو پنهنجي ويران اکين سان رت ۾ ڀنل مٽيءَ ڏانهن ڏسندي وڏو ٿڌو ساهه کڻندي چيو ”منهنجي صوبي ۾ جيڪي ڪجهه پڙهيل لکيل ماڻهو رهجي ويا هئا، سڀ جا سڀ شهيد ٿي ويا.“ بلوچستان بار ايسوسيئيشن جي صدر بلال انور ڪاسيءَ سڀ کان اڳ گولي کاڌي ۽ پوءِ هڪ ٻئي پٺيان هڪ هڪ ڪري وڪيلن کي بم جي ٽڪرن جو نشانو بڻايو ويو. هي دهشت گرد شيطان جي اولاد آهن. اهي انسانن کي موت جي منهن ۾ ڏيڻ لاءِ نت نوان طريقا سوچين ٿا. لڳي ٿو ته هو شياطان کان به برتر ڪا شيءِ آهن، جيڪا انساني رت تي پلجي ٿي. ڪٿي هي مذهب جو سهارو وٺن ٿا، ڪٿي ذاتي يا اجتماعي تذليل جو حساب چڪائڻ جو بهانو گهڙين ٿا. ڪٿي فرقيوار نفرتن جي آڙ وٺن ٿا، ڇهه سال اڳ ڪوئيٽا ۾ بلڪل اهڙو ئي منظر هو، جهڙو سومر ڏينهن ڪوئيٽا جي سول اسپتال ۾ هو، جنهن هزاره برادريءَ سان تعلق رکندڙ هڪ واپاريءَ ؛ي نشانو بڻائڻ کانپوءِ ان جي برادريءَ کي نشانو بڻايو ويو هو. سو دهشت گردي به هڪ دائمي مرض وانگر آهي، جيڪا ڪجهه ڏينهن لاءِ اوجهل ٿي وڃي ٿي ۽ اوچتو ڪنهن بيماريءَ جي دوري جيان نمودار ٿئي ٿي. ڪڏهن ڪو ڪنهن ڪاليج جي پرنسيپال کي نشانو بنائن ٿا، ڪڏهن، ڪڏهن پوليسک ي نشانو بنائن ٿا، ڪڏهن غائب ٿي وڃن ٿا ۽ ڪڏهن کين وري وري دورو پئي ٿو. ڪڏهن ته نوجوانن کي پيءُ جهڙي شفقت ڏيندڙ استادن کي به نشانو بڻائن ٿا. ايئن لڳي ٿو ته نارمل ماڻهن کي ڏسندي ڏسندي هوش وڃائي ٿا ويهن ۽ رَتُ ۽ لاش ڏسي سندن مرض وري اٿلي ٿو پوي. اها مريض جهڙي ذهنيت هڪ قوم يا ملڪ تائين محدود ناهي. ڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ اوچتو ان جي لهر اٿي ٿي ته ڪڏهن وري ڪنهن شهر ۾ دهشت گرديءَ جو ڪو هڪ جواز يا مرض جو ڪو هڪ مخصوص سبب ڳولي نه ٿو سگهجي. ڪڏهن پيرس ۾ گهمندڙ ڪنهن شخص کي اوچتو دورو پوي ٿو ۽ بي شمار ماڻهن کي انڌا ڌنڌ نموني ماري اهو ڄاڻي ته ڇا حاصل ڪرڻ گهري ٿو؟ ڪڏهن آمريڪا جي ڪنهن شهر ۾ اوچتو معصوم ٻارن کي نشانو بڻائي ٿو. ڪڏهن آفريڪا ۾ معصوم ماڻهن کي ماري سڪون حاصل ڪري ٿو. لبيا، تيونس، شام، عراق مطلب ته ملڪ ملڪ ۾ واڙهي ٿو.
بيماريءَ جا جراثيم هجن ٿا، ديوانگيءَ جا به سبب ٿين ٿا ڪٿي رت جي خرابي هجي ٿي ته ڪٿي رت جو عارضو، ڪٿي نسلي پاڙون هجن ٿوين ته ڪٿي تعصبن جون تاريڪيون پر بغير ڪنهن دشمني، سب بيا عناد جي ماڻهن کي پنهنجي ڪم ڪار ۾ رُڌل ڏسي، اوچتو ڪنهن کي دورو پئي ٿو ۽ هو چڱن ڀلن ماڻهن کي پنهنجي ئي رت ۾ تڙپندي نه ڄاڻ ڪو لطف وٺي ٿو يا نشي جي حالت ۾ لطف اندوز ٿئي ٿو. اهڙا انساني اهڙي ڪِني ڪم مان آخر ڇا حاصل ڪن ٿا؟ هن وقت تائين دهشت گرديءَ جي مرض جو ڪارڻ ڳولجي نه سگهيو آهي. ان ديوانگيءَ دوري واري مرض يا ڪنهن دماغي بخار بابت ڪجهه معلوم ٿي ناهي سگهيو. ڪوئيٽا ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو ان بابت ته ڪجهه سوچڻ به محال آهي.
ڀارت ۾ اهڙي قسم جي مرض هرين کان موجود آهن. ڀارت جا ڪجهه قبيلا انسان کي رت ۾ وهنجاري پنهنجي پَرِ ۾ ثواب ڪمائيندا آهن. ڪٿي زندهه ماڻهن کي اذيت ڏئي لذت محسوس ڪئي ٿيو ڃي ته ڪٿي عورتن کي طرحين طرحين جون اذيتون ڏئي پنهنجي سمجهه مطابق ديوتائن کي خوش ڪن ٿا، ڪٿي جيئرين عورتن کي ستي بڻائي پنهنجي عقل موجب ثواب ڪمائن ٿا. سمورن جي سمورن انساني مسئلن کي زندگيءَ جي حق کان محروم ڪري نيڪي ڪمائن ٿا، انسانن کي اذيت ڏيڻ جا جيترا نوان نوان طريقا هندو ذهنيت دريافت ڪيا آهن، تن جو دنيا ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي. مثال طور هندن جي هڪ وڏي طبقي هڪ سڄي انساني نسل کي اشوت بڻائي ڇڏيو آهي، ان نسل سان تعلق رکندڙ ڪوبه شخص ان مَٽ يا لوهه مان پاڻي پي نه ٿو سگهي. جيڪي اوچي ذات وارن لاءِ مخصوص هجن.
سفارتي اصولن جا طور طريقا به هڪ عالمي حيثيت رکن ٿا. ڪنهن معاشري جو خراب کان خراب ماڻهو به جي ڪنهن تقريب ۾ شرڪت ڪري ٿو ته هو اعليٰ ترين شهزيبي رک رکاءَ جو پابند هجي ٿو ۽ سفارتي اصولن جي به احتياط سان پابندي ڪندو آهي. ڀارت جو شمار عالي برادريءَ ۾ هڪ مهذب ملڪ طور ٿئي ٿو. ان جا نمائنده عالمي ڪانفرنس ۾ وڃن ٿا، ته کين به ٻين قومن جيان ڏٺو وڃي ٿو، پر ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارت جي گهرو وزير اسلام آباد ۾ جيڪا حرڪت ڪئي، سا ڪنهن به طرح سفارتي اصولن پٽاندڙ نه هئي. سفارتي حوالي سان مختلف ملڪن پنهنجا پنهنجا پروٽوڪول ٺاهيا آهن، ايتري تائين جو اهو اصول به طئي ٿيل آهي ته ميز تي ويٺل هڪ عورت سان به ڪهڙو رويو رکڻو آهي؟ پر ڀارتي ڪابينا جي هڪ ميمبر راڄ ناٿ، جنهن پروٽوڪول جو مظاهرو ڪيو، سو بدتميزيءَ جي سڀني کان هيٺين سطح جو مظاهرو هو. ڀارتي وزير کي جي اوچتو وڃڻو به هو ته سفارتي اصولن مطابق کيس ميزبانن کان غير محسوس انداز ۾ اجازت وٺڻ گهرجي ها. ايئن هو هڪ چٺي لکي به ڪري ٿي سگهيو يا عملي جي ڪنهن ماڻهوءَ کي موڪلي به اجازت وٺي ٿي سگهيو. پر وزير جي حيثيت وارو ڀارتي مسلمان ايتري بدتميزيءَ سان پيرن تي زور ڏئي تقريب مان ٻاهر هليو ويندو، سو ڪنهن جي وهم گمان ۾ به ڪين هو. پر ڀارت پهريون ملڪ آهي جنهن جي گهرو وزير ڪجهه پاڙيسري ملڪن جي هڪ نمائنده تقريب مان انتهائي بدتميزيءَ سان نڪري وڃڻ جي جيڪا حرڪت ڪئي، تنهن جو مثال نه ٿو ملي. پر راج ناٿ جو قرض لاهڻ لاءِ اسان کي بهرحال تيار رهڻ گهرجي. بيشڪ اها هڪ غير مهذب حرڪت هوندي پر ڀارت ان جو حقدار آهي. اهڙي قسم جي ماڻهن مان اها اميد رکڻ گهرجي ته هو باقاعدگيءَ سان اهڙيون حرڪتون ڪندا رهندا جنهن جو مظاهرو ڪوئيٽا ۾ ڪيو ويو، ذهني ۽ تهذيبي زوال، اسان جي گڏيل ميل ميلاپ جو طئي ٿيل انداز هئڻ گهرجي. ٻيو ڇا ڪجي، جهڙن ماڻهن سان واسطو پيو آهي، انهن سان اهڙو ئي رويو رکڻو پوندو.
(روزاني عوامي آواز)   

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو