Friday, August 5, 2016

چهرن جي تبديلي سان تبديلي ڪونه ايندي!


سنڌ ۾ سانوڻي جي وسڪاري کانپوءِ گرمي جي شدت ۾ گهٽائي اچي وئي آهي. ماڻهن شڪراني جا نفل ائين ادا ڪيا آهن، جيئن سيد قائم علي شاهه جي وڏ وزارت تان هٽڻ کانپوءِ سکر ۽ خيرپور جي پوليس شڪراني جا نفل ادا ڪيا آهن. ڇو ته هر هفتي شديد گرمي جو پد 40 کان 45 ڊگري تي پهتل هجي ۽ سڄو ڏينهن اڃ بک تي سکر ائيرپورٽ کان خيرپور تائين پوليس اهلڪار نٽهڻ اس ۾ بيٺا هوندا هئا، وري سائين جن جي اچڻ وڃڻ جي ڪا مهل ئي ڪانه هوندي هئي. پوليس وارا دانهون ڪندا هئا ته مري ويا آهيون. هاڻي انهن وڃي سک جو ساهه کنيو آهي، ائين جيئن برسات ۾ پکين، وڻن، پارڪن روڊن فصلن ۾ جان آئي آهي. سڪل وڻن ۾ به سرهاڻ موٽي آئي آهي. ڇو ته مينهن ڪڻين سان نه رڳو گرمي کان بچيا آهن پر اتي وهنجي وري تازا توانا ٿيا آهن. ها باقي کجين جي باغائين ۾ وري ڪاوڙ غصو اچي ويو آهي. جيتوڻيڪ هتي جو عوام گرمي ۾ ائين پچي رهيو هو، جيئن کجين ۾ ڏوڪا پچندا آهن. جيتوڻيڪ باغائي به پچندا هئا پر بارش جا شديد مخالف آهن، ڇو ته کارڪون، ڏوڪا، ڏنگ اڃا پڙن کجي جي وڻن ۾ پيل آهن. انهن جي 30 سيڪڙو مس مارڪيٽ تائين رسائي ٿي آهي. انهن کي ڪالهوڪي مينهن ڪاوڙائي ڇڏيو آهي. کجي جو فصل رڳو ڇهه ماهي ٿيندو آهي، هو باقي ڇهه مهينا ويهي کائيندا آهن. جيتوڻيڪ ٺيڙهي وٽ نيشنل هاءِ وي تي سڄو سال کارڪون مختلف قسمن ۾ ملنديون آهن ۽ ماڻهو سوکڙي طور وٺي ويندا آهن.
کجين جي پچڻ/ لهڻ جي موسم به عجيب ٿيندي آهي. سڄي ملڪ مان هزارين خاندان لڏي اچي باغن ۾ عارضي گهر ٺاهيندا آهن. ڪي ڏوڪا ميڙڻ جي مزدوري ۾ هوندا آهن ته وري عورتون کارا ڇٻا ٺاهي روڊ جي ڪناري تي وڪرو ڪنديون آهن ۽ روڊن تي هي دل لڀائيندڙ منظر ايڏا وڻندا آهن، جيئن وڪري لاءِ روڊ تي عارضي دڪانن ۾ ٽڪ واريون ۽ ٻيون رنگ برنگي رليون سجايل هونديون آهن. ٺيڙهي وٽ رلي جو وڏو ڪاروبار ٿيندو آهي. گهرن ۾ عورتون رليون ٺاهينديون آهن، مرد سوزوڪيون ڀري اچي روڊ ڪنارن تي رکندا آهن ۽ انهن مان خاص پئسو ڪمائي وٺندا آهن. هڪ هزار کان پنج هزارن تائين في رلي وڪرو ٿئي ٿي پر جيڪڏهن سرڪار هن ڪاروبار جي پٺڀرائي ڪري ته ملڪ کي خاصو ناڻو حاصل ٿي سگهي ٿو.
خيرپور ۾ هر سال ٻه ارب روپين کان مٿي کجي جو بزنس ٿيندو آهي پر اهو ڪاروبار باغائي صرف پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪن ٿا. عالمي ليول جا ڪي هتي ڪارخانا ناهن. مان سمجهان ٿو کارڪون، رليون، ڪيلو، انب ۽ ٻيا کوڙ سارا اهڙا ڪاروبار آهن، جيڪڏهن حڪومت طرفان توجهه ڏني وڃي ته هتان جو عوام خوشحال زندگي گذاري سگهي ٿو- پر ڇا ڪجي، سڄي ملڪ ۾ نڌڻڪي سنڌ آهي، جيڪا قدرتي نعمتن سان مالا مال هوندي به يتيمن واري حالت ۾ آهي ۽ ان جا ذميوار هڪ اسان پاڻ ٻيو سنڌ جا واڳ ڌڻي آهن. نتيجن حالتن جا حال وڃن ٿا هيڻا ٿيندا ۽ سور وڃن ٿا ٻيڻا ٿيندا- ۽ روئندا وري قسمت تي آهيون. ڇا ڪجي جيڪو قسمت ۾ لکيل هو! هروڀرو قسمت ۾ اهڙو ڪجهه ناهي لکيل، ڪجهه اسان پنهنجي طرفان به لکي ڇڏيو آهي. بس ڪجهه ناهي ڪرڻو. ڇو ڀاءَ ڪجهه ناهي ڪرڻو؟ محنت ۾ ئي عظمت آهي. جيڪڏهن سيد قائم علي شاهه 8 سال وڏ وزارت تي رهيو، سنڌ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ته ٻن سالن ۾ تبديلي اچڻ جي اميد سيد مراد علي شاهه ۾ ڪهڙي حيثيت ۾ هڻي ويٺا آهيو؟ هن جا ٻه سال ته رينجرز کي اختيار ڏيون يا نه ڏيون واري جهيڙي ۾ ئي پورا ٿي ويندا؛ ته باقي عوام کي ڪهڙو رليف ملندو؟ سنڌ جي ڪابينه ۾ تبديلي پٺيان وڏا بحث هلن پيا. اصل چيف جسٽس جي پٽ جو اغوا ڪيس هنن جي ڳچي ۾ پئجي ويو. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ان جي واپسي به ٻن اڳوڻن وزيرن جي هٿن مان ٿي آهي، جن مان هڪ ته وري وزير ٿي ويو آهي، جڏهن ته هڪ رهجي ويو آهي. ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته اهو به جلد ڪنهن قلمدان جو ڌڻي ٿيندو. هوڏانهن مهر سردار به ڪاوڙيل آهن، انهن کي به نئين ڪابينا ۾ ناهي کنيو ويو. چون ٿا ته راجا علي نواز مهر جيڪو لاڳيتو منسٽر رهيو آهي، هاڻي انهن جي خاندان جو اصل جيڪو پڳ ڌڻي آهي سردار محمد بخش خان مهر ضد تي آهي ته هاڻي وزارت منهنجو حق آهي، مون کي ملڻ گهرجي. ڏسجي ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي؟
بهرحال هن وقت سنڌ سرڪار اندروني اختلافن سان گڏ وفاق سان به جهيڙي ۾ آهي. سنڌ حڪومت ڪراچي تائين رينجرز کي جيڪي اختيار ڏنا، اها سمري وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار رد ڪري ڇڏي آهي، جنهن کي سنڌ جا وزير وائسراءِ جو لقب ڏئي رهيا آهن. اهڙا وائسراءِ سنڌ گورنمينٽ ۾ به آهن، جيڪي ملڪ کان ٻاهر هوندي صوبي کي ريموٽ تي هلائي رهيا آهن. سنڌ جي عوام جي قسمت چينلن وانگر مٽجندي رهندي آهي، جن ۾ سدائين جهرمر نظر پئي ايندي آهي. ترقي جي تصوير سدائين ڌنڌلي هوندي آهي. هتي هاڻي وري هڪ نئين حربي سان قلم ڌڻين جي آواز کي دٻائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، پهريان فقط کين ئي حراسان ڪري قتل ڪيو ويندو هو، هاڻي معاملو صحافين جي خاندانن تائين پهچي ويو آهي. حق سچ جون خبرون چينلن تي اسٽوريون هلائڻ سان انهن جي والدين کي قتل ڪيو وڃي ٿو. ملڪ ۾ وياج خورن، جرڳائي سردارن، سياستدانن صحافين سان هاڻي وري ويڙهه جو اهو رستو اختيار ڪيو آهي. تازو خيرپور ۾ بي باڪ صحافي شاعر شوڪت نوناري جي 70 سالن جي ضعيف والد غلام سرور نوناري کي تشدد بعد قتل ڪري لاش بي درديءَ سان قبرستان ۾ اڇلائي ويا. پوليس ان کي روڊ حادثي جو ويس پارائي ڪيس کي مختلف طريقن سان دٻائڻ جي شروع ڪئي آهي ۽ روايتي سستيءَ جو مظاهرو ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ هفتو گذري ويو آهي، قاتل ناهن پڪڙجي سگهيا. هوڏانهن خوشاب ۾ هڪ صحافي تي تشدد ڪري ٽنگون ٻانهون ٽوڙيون ويون آهن. صحافت کي رياست جو چوٿون ٿنڀو سڏيو ٿو وڃي، رياست جا باقي 3 پلر ڪٿي بيٺا آهن ۽ صحافتي ٿنڀو ڪٿي بيٺو آهي؟ پوءِ به رياست هلي ٿي ملڪ ۾ ڪنٽرولڊ صحافت طرف وکون کڄي رهيون آهن، اچو ته ان نقطي تي به سوچيون ته،
سوچون ننگي پيرين آهن
ذهن تتل ڄڻ ٽاما آهن
جيون جي آکاڻي ۾ دک
فل اسٽاپ ۽ ڪاما آهن.
اسان جي سماج تي جيڪو سينور چڙهي ويو آهي، ان کي هيلوڪي سانوڻي جي وسڪاري سان ڌوئڻو پوندو. ٻي صورت ۾ بيٺل پاڻي سينوارجي ويندو آهي. پنهنجا ڀاڳ به اهڙا ٿي ويندا جو پنهنجو پاڻ کي به سڃاڻي ڪونه سگهنداسين. وزيرن جي بدلجڻ سان ڪابه تبديلي ڪونه ايندي، اصل ۾ سوچ کي تبديل ڪرڻو پوندو. تڏهن وڃي جيئڻ جو حق ملندو. باقي چهرن جي بدلجڻ سان چڱائي جون نديون وهڻ جي اميد ڪرڻ، ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جهڙي آهي.
 (روزاني عبرت)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو