سنڌ جي وڏي وزير، سيد مراد علي شاهه ۽ ان جي ڪابينا صبح سوير پنهنجي دفترن ۾ پهچڻ ۽ سمورن سرڪاري دفترن ۾ ملازمن جي وقت تي حاضري ۽ بهتر ڪارڪردگي کي يقيني بڻائڻ وارا اُپاءَ وٺي پڪ سان هڪ سٺي روايت قائم ڪئي آهي، پر ان سان گڏوگڏ دفترن ۾ ويهي وقت ڏيڻ دوران جيڪي نِت نيون عوام دوست روايتون متعارف ٿيڻ گهرجن، سنڌ کي تن جي وڌيڪ ضرورت آهي. سنڌ ۾، اڄ به روڊ حادثا انيڪ زندگيون ڦري رهيا آهن. ڄامشوري ڀرسان خوفناڪ حادثو اڃا ڪالهوڪي ڳالهه آهي جو ڪوچ بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي ۽ 15 ماڻهن جي لڳ ڀڳ موت واقع ٿيا ۽ 40 کان مٿي ماڻهو زخمي ٿيا.
سنڌ ۾ روز روڊ حادثا انيڪ انسانن جون قيمتي زندگيون کسي رهيا آهن ۽ جڏهن حادثي ۾ ڪو ماڻهو مري وڃي ٿو ته اهو موت فقط هڪ فرد جو موت نه ٿو ٿئي، پر هڪ ماڻهوءَ جو موت سڄي خاندان کي ماري ڇڏي ٿو. اهي روڊ حادثا ٽن سببن جي ڪري وڏي پئماني تي ٿين ٿا، جنهن ۾ بنيادي ڪردار روڊن رستن جو ٽُٽل ۽ ڦٽل هئڻ جو آهي، ٻئي نمبر تي ڊرائيورن جي غفلت ۽ انهن کان لاڳيتو ڊيوٽي وٺڻ جو وارو اچي ٿو. اڪثر ٽرڪ ڊرائيور يا ڪوچ ڊرائيور توڙي فور ويل گاڏيون هلائيندڙن جو نشو ڪيل هوندو آهي، ان ڪري به حادثن وارا الميا آڏو اچن ٿا. سنڌ سرڪار فوري طور تي مٿين سببن جي آڌار تي جيڪڏهن سنجيده ٿي ڪي اثرائتا اپاءَ وٺي ٿي ته ان جا سماج تي تمام گهڻا صحتمند اثر پئجي سگهن ٿا.
آمريڪا ۾ نشو ڪري ڊرائيونگ ڪرڻ، استاد جي ڪلاس ۾ اچڻ، جج جي فيصلي ڏيڻ، بئنڪر پاران چيڪ ڪليئر ڪرڻ ۽ سرڪاري آفيسر پاران ڪنهن به هٿيار کي هٿ لائڻ تي به پابندي آهي. جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو ان ڏوهه جو ڏوهي ثابت ٿيندو ته ان جو عهدو ويندو، نوڪري ڇٽ ٿيندي، ان خلاف ٽرائل ٿي ويندو. آمريڪا ۾ ڪوبه پياڪ سياست، پوليس، فوج ۽ سول ايويشن ۾ نه ٿو اچي سگهي، اتي سياسي جماعتون پياڪ اميدوارن کي ٽڪيٽون نه ٿيون ڏين ۽ ووٽر کين ووٽ نه ٿا ڏين.
گذريل ڏهه آمريڪي صدر ”نان الڪوئل“ هئڻ جي تاريخ رکن ٿا. شراب، سگريٽ، عياشي، ڪوڙ ۽ رشوت خوري آمريڪا ۾ وڏي شرمساريءَ جا جواز پيدا ڪري ٿي ۽ مٿين مڙني عيبن مان جيڪڏهن ڪو هڪڙو عيب به اوهان سان لاڳو آهي ته اوهان سٺا استاد نه ٿا ليکجو، ان ڪري اتي ”مسٽر ڪلين“ اهو ئي ماڻهو ٿيندو آهي جيڪو مٿين غلطين کان مٿانهون هجي ۽ ڪابه غلطي ڪري ته عبرت جو نشانو بڻجي وڃي.
جيڪڏهن سنڌ ۾ به حڪومتي سطح تي ”مسٽر ڪلين“ واري تعارف کي يقيني بڻائڻ جي سنجيده سرگرمي سامهون آندي وڃي ته سنڌ ۾ نه رڳو حڪومتي سطح تي پر سنڌ جي سياسي سماجي افق تي ۽ ڪامورڪي دنيا ۾ نِت نين تبديلين سان ڀرپور انقلاب متعارف ڪرائي سگهجن ٿا ۽ مان سمجهان ٿو ته اهڙين ڪوششن لاءِ نه ته ڪن وسيلن جي ضرورت آهي نه ئي ڪو لشڪر کپي. کپي ته رڳو سٺي نيت کپي، جنهن جي اڄ سنڌ کي تمام وڏي ضرورت آهي.
سنڌ ۾ آفيسرن جي مقرري، ٺيڪن جي نيلامي ۽ ادارن جي بجيٽ هضم ڪرڻ جي حوالي سان ڪجهه ماڻهن جيڪا سنڌ ۾ شهرت ماڻي آهي، گهٽ ۾ گهٽ هاڻ وقت ۽ حالتن جي للڪار کي آڏو رکندي اها مداخلت بند ٿيڻ گهرجي ۽ اهڙو ذڪر وڏ وزارت جي حلف کڻڻ کان اڳ سائين مراد علي شاهه پاڻ انهن لفظن ۾ بيان ڪري چڪو آهي ته سنڌ ۾ اويس مظفر ۽ فريال ٽالپر جي حڪمرانيءَ وارو تاثر ختم ڪبو. اهو بيان سنڌي اخبارن مان ڪن ته مُک هيڊ لائين طور شايع ڪيو آهي، جيڪو سوشل ميڊيا تي پڻ وڏي بحث مباحثي جو موضوع بڻيو آهي.
سائين مراد علي شاهه جنهن تاثر جو ذڪر ڪيو آهي، خلق جي زبان تي اهو معاملو تصديق واري حقيقت رکي ٿو ۽ سچائيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪا آرسي نه ٿيندي آهي. سنڌ ۾ نوڪرين تان پابنديون هٽائڻ وارا حڪم پهچي چڪا آهن. اخبارون خالي آسامين جي اشتهارن سان آهستي آهستي ڀرجي رهيون آهن. پ پ جي گذريل اٺن سالن واري عرصي دوران نوڪريون وڪري جو وکر بڻيل رهيون آهن، نتيجو اهو نڪتو آهي ته رشوت ۽ سفارش تي ڀرتي ٿيل ملازمن نوڪرين کان ئي جواب ڏئي ڇڏيو آهي. آئون اها ڳالهه دعويٰ سان چئي سگهان ٿو. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ توڙي سوشل ميڊيا سان تعلق رکندڙ دوستن کي کليل دعوت ڏيان ٿو ته اهي خود پاڻ سروي ڪن ۽ پوءِ ٻڌائن ته سفارش يا رشوت عيوض نوڪري وٺندڙن ۾ ڪيتري اهليت آهي ۽ انهن پنهنجي ڪِرت جي حوالي سان ڪهڙا اَڪَ ڪارا ڪيا آهن. سچ ته اهو آهي ته انهن ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي ۽ مفت جون سرڪاري خزاني مان پگهارون کنيون آهن.
معاملو رڳو ايترو ناهي، الميو ته اهو آهي ته هر کاتي ۾ ضرورت کان وڌيڪ ٽيڻ، چئوڻ ۽ پنجوڻ تي ناجائز ۽ غير قانوني ڀرتيون ڪيون ويون آهن. سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ هاڻ اهڙي سلسلي کي ڪوبه تسلسل نه ملڻ گهرجي.
سرڪاري نوڪريون جيالن ۽ انهن جي بنگلن جي لاءِ سڻڀي ديڳ نه ثابت ٿيڻ گهرجن ۽ اشتهارن ۾ طئي ٿيل طريقيڪار تي پورا لهندڙ ماڻهو نوڪرين جا حقدار ثابت ٿيڻ گهرجن، جن جون ٽيسٽون به پهرين گريڊ کان 15هين گريڊ تائين ساکائتن ادارن جيئن اين ٽي ايس ۽ ايس ٽي ايس کان وٺرايون وڃن ته جيئن ڪنهن به ڪاموري يا سياستدان ۽ حڪومتي همراهه جي دامن تي ڪو داغ نه لڳي. اها الڳ ڳالهه آهي ته گذريل اٺ سالن ۾ ڪوبه اهڙو ماڻهو نظر نه ٿو اچي جنهن جو دامن داغن کان آجو نه هجي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سان سنڌ ۾ جيڪو حشر ڪيو ويو، ان جا احوال ڪجهه عرصو اڳ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين آعاز رفيق پٺاڻ جي استعيفيٰ کانپوءِ وارن انڪشافي بيانن ۾ آڏو اچي چڪا آهن. پنجاب ۾ پنجاب پبلڪ سروس ڪميشن پاران صوبي جي مختلف کاتن ۾ سؤ کان ڏيڍ سؤ تائين اهم نوڪرين جا اشتهار هر سال آڏو اچن ٿا، جنهن ۾ صوبي هر کاتي جون اهم پوسٽون اهليت جي آڌار تي ڏنيون وڃن ٿيون. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران مختلف کاتن لاءِ پوري سال ۾ مشڪل سان ڏهه اشتهار آڏو اچن ٿا، جن جي آڌار تي ڏنل نوڪريون به سواليه بڻجي وڃن ٿيون، ڇو ته اهي سياسي مداخلت سفارش، رشوت يا ڪنهن بااثر جي دٻاءَ جي اثر هيٺ ڏجن ٿيون.
سو سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه جيڪڏهن سچ پچ بااختيار وزيراعليٰ آهي ته ان کي پنهنجي ڪابينا ۽ پارٽي جي چونڊيل نمائندن ۽ عهديدارن کي سوا سال لاءِ ڪرپشن جي ”روزي“ رکڻ لاءِ ڏوهه ڪرڻو پوندو.
پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ رينجرز جي اختيارن بابت وفاق ۽ سنڌ جي ڦڏي واريون خبرون عام جام آهن. اهو ڦڏو اڳتي هلي جيڪڏهن ڪا فشري برپا ڪري ٿي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ وفاق جي رڙ مٿان رڙ آهي ته رينجرز سڄي سنڌ ۾ ڪارروائين لاءِ متحرڪ ٿي سگهي ٿي ۽ متحرڪ آهي. جڏهن ته سنڌ سرڪار رينجرز جي اختيارين کي ڪراچي آپريشن تائين محدود ڪيو آهي ۽ سنڌ سرڪار جي اهڙي سمري به وفاق رد ڪري ان کان مطالبو ڪيو آهي ته دائرو سڄي سنڌ تائين وڌايو وڃي، اختيار سڄي سنڌ تائين منتقل نه ٿيا ته پوءِ وڏيون خرابيون پيدا ٿينديون.
سوشل ميڊيا تي اهو بحث هلي رهيو آهي ته رينجرز تي حملو ڪري ڪو جيڪڏهن ڪراچيءَ کان ٻاهر سنڌ جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ وڃي پناهه وٺي ته ڇا رينجرز کي ان جي ڪڍ نه وڃڻ گهرجي؟ اهو بحث ته پنهنجي جاءِ تي مختلف نقطا نروار ڪري رهيو آهي، پر پاڻ جيڪڏهن ڪم جي ڳالهه تي اچون ته اُها اِها آهي ته سنڌ ۾ سنڌ پوليس کي ايترو بااختيار ۽ باصلاحيت ڇونه بڻايو ويو آهي جو رينجرز يا ڪنهن ٻئي اداري جي مدد تي ڀاڙڻو ٿو پوي!؟
اسان ضياءُ الحق جي دؤر کان رينجرز جي سنڌ ۾ تعيناتي کي سنڌ جي وسيلن ۽ سنڌ جي بجيٽ تي بار سمجهون ٿا. اها ئي ڳالهه جيڪڏهن سنڌ جي اقتدار ڌڻين کي سمجهه ۾ اچي ها ۽ اهي سنڌ پوليس کي پنهنجو ”ٻڌو ٻانهو“ بڻائڻ بدران کيس اسڪاٽ لينڊ يارڊ پوليس جهڙا اختيار ۽ وسيلا عطا ڪن ها ته اڄ نه رڳو ڪراچي پر سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ رينجرز جي ضرورت واري سوال جي اهميت ئي نه هجي ها!
سو سنڌ پوليس جو مورال جهڙيءَ ريت بيدرديءَ سان حڪمران پارٽي خراب ڪيو آهي، اهڙي ئي شدت سان ان جي ازالي جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ائين ڪرڻ ۾ مراد علي شاهه ڪامياب ٿئي ٿو ته اهو به سنڌي سماج تي سڳوري جو وڏو احسان هوندو.
سنڌ ڪابينا ۾ ماضيءَ جي سٺي ڪالم نگار ۽ خوبصورت شاعر سردار شاهه جو وڏو چرچو آهي، جنهن کي ثقافت کاتي جو قلمدان ڏنو ويو آهي. وقت ۽ حالتن اڄ سردار شاهه کي وڏي آزمائشي موڙ تي بيهاري ڇڏيو آهي. ڪالهه تائين هن جا احساس شعر يا نثر جي صورت ۾ جيڪي مطالبا ڪندا هئا، اڄ انهن مطالبن تي عمل جو خود پاڻ اختيار ڌڻي آهي. ان کي ثقافت کاتي ۾ تمام گهڻين سنجيده سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي. گذريل ڪابينا ۾ ثقافت کاتي جي وزير اجرڪ ڪلبن جي صورت ۾ ضلعي هيڊ ڪوارٽرن اندر سنڌ جي اديبن لاءِ سرڪاري فورم جوڙڻ واري رٿا تي عمل شروع ڪيو هو. ڪجهه هنڌن تي اجرڪ ڪلبون ايڪٽو آهن، شڪارپور ۾ ڏيڍ سال کان ان جي عمارت موجود آهي، پر نه ته اتي بجلي آهي، نه گئس آهي نه ئي اجرڪ ڪلب جي باڊي کي متحرڪ بڻايو ويو آهي.
سنڌ ثقافت کاتي لاءِ اديبن جي وظيفن، بيمار ۽ مجبور اديبن جي مالي سهائتا يا ادبي سرگرمين صوفي بزرگن جي عرسن ۽ ميلن وارا انعقاد سدائين اختلافي رهندا آيا آهن، انهن سڀني معاملن کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو ڪم جيڪڏهن سردار علي شاهه ٺيڪ طرح سان سرانجام ڏئي ٿو ۽ خود پاڻ ضلعي ۽ تعلقي سطح جي اديبن سان ملاقاتون ڪري ۽ واسطا رکي گهربل بهتريون آڻي ٿو ته مراد علي شاهه جي ڪابينا ۾ هي وڏي مڃتا ماڻي پاڻ کي ماڊل ثابت ڪري سگهي ٿو ۽ ٻين وزيرن کي به پنهنجن ترجيحن کي تبديل ڪرڻو پوندو. اهو ڪم هنن کان ڪنهن ٻئي نه پر مراد علي شاهه کي ئي وٺڻو آهي.
(روزاني عبرت)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو