هڪ ئي وقت ۾ جڏهن ايترا وطن واسي خون ۾ لٿ پٿ ڪيا وڃن، ايتريون مائرون پنهنجن پُٽن کان محروم ٿي وڃن، ڪيترا پُٽ، نياڻيون يتيم ٿي وڃن ته پوءِ قوم کي هڪ ٿيڻ گهرجي. ساڄي کاٻي واري وڇوٽي ختم ٿيڻ گهرجي. سياسي عسڪري ۾ فرق نه هجي. شدت پسند- لبرل وچ ۾ وڌيڪ فاصلا نه وڌايا وڃن. انتهاپسندن ۽ اعتدال پسندن کي ويجهو آڻجي. صرف هڪ ئي ڌُن هجي. هڪ مقصد ته دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪرڻو آهي. موتن کي جنت جو رستو سمجهندڙن جون دليون ۽ ذهن ڪيئن بدلائڻا آهن، اِها اسان سڀني جي ذميداري آهي. صدر پاڪستان جي به، وزيراعظم جي به، آرمي چيف جي به، چيف جسٽس جي به ميڊيا مالڪن جي به ۽ اينڪر پرسنز جي به. ڇوته خودڪش بمباري کي، دهشتگردي کي ايمان بڻائڻ وارن جي انهن وارداتن جي زد ۾ ڪير به اچي سگهي ٿو ۽ اچي به رهيا آهن. ڪوئيٽا ۾ شهيد ٿيل اسان منجهان ئي ڪنهن جا ڀائر هئا، ڪنهن جا پُٽ، ڪنهن جا والد- ڌماڪو ڪندڙن اهو ڪو نه ڄاتو ته ڪير لبرل آهي، ڪير شدت پسند، انهن کي جيڪو ڪم ڏنو ويو هو، انهن پورو ڪيو.
اسين اهڙن سانحن تي حب الوطنيءَ جي مينار تي بيهي لائوڊ اسپيڪر تان بيهي اعلان شروع ڪري ڏيندا آهيون ته فلاڻو غير ملڪي ايجنٽ آهي، فلاڻو غدار آهي، فلاڻو محب وطن ناهي. ڪجهه جمهوريت جي ٿنڀي تي چڙهي اِهو فرمان جاري ڪري ڇڏين ٿا ته اها انٽيليجنس ايجنسين جي ناڪامي آهي. اسين وساري ويهون ٿا انهن گهراڻن کي جن تان قيامت گذري ٿي، جتي پار ۽ اوڇنگارون هجن ٿيون، جتي ڀيڻون سينا پٽينديون رهن ٿيون.
ايترا لاش ڪيرائڻ، سڄي ملڪ ۾ خون جي لهر پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ جڏهن انسان دشمنن جو ماسٽر مائينڊ ٽي وي چئنلن تي الزامن ۽ بيانن جي جنگ ڏسندو هوندو ته ڪيترو خوش ٿيندو هوندو. پنهنجي جانثارن جي سامهون فخر سان چوندو هوندو، اهو ئي ته اسان چاهيو ٿي. قوم جو ورهاڱو به ته اسان جي فتح آهي.
هيءُ چئلينج جيترو وڏو آهي، اسان جا ادارا، انهن جا سربراهه شايد ايترا وڏا ناهن رهيا. هي خودڪش راهه اختيار ڪرڻ وارا جنهن عشق سان سرشار آهن، جيترا باشعور آهن، انسان جا ادارا ۽ اسان جو سماج شايد ايترو باشعور ناهي، ڪنهن عشق ۾ مبتلا ناهي، نه ته پندرهن سالن کان هلندڙ اِهو سلسلو هاڻ ختم ٿي چڪو هُجي ها. سڀني کي پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائڻ گهرجي ته ڇا اسين واقعي به ان مسئلي جو حقيقي حل چاهيون ٿا.
پهريان اُن دشمن کي بي چهرو چيو ويندو هو پر هاڻ ته اُن جا نشان واضح ٿي ويا آهن. هو پاڻ پنهنجي شناخت ڪرائي رهيو آهي. پنهنجن وڊيو پيغامن، لٽريچر- دعوائن سان پنهنجو اتو پتو ٻڌائي رهيو آهي. هيءُ طوفان ورهين جي گرم هوائن ۽ حبس سان وجود ۾ آيو آهي. تحقيق ٿي چڪي آهي. اهو صرف پاڪستان تائين محدود ناهي، سڄي اسلامي دنيا جو مسئلو آهي. اُن جي پس منظر ۾ ورهين جي محرومي آهي. رهنمائن جون بيوفايون آهن. عام شهرين جون رسوائيون، ملوڪيت، جاگيرداري، قانون جي بي حرمتي مذهب جون غلط من ماني تعبيرون- دهشتگردي جي پس منظر ۾ ڪيتريون ئي فڪري تحريڪون به آهن.
ان تفصيل ۾وڃڻ جو وقت ناهي. ان خطري کي جڙ کان ختم ڪرڻ جو چئلينج آهي. دشمن ٻاهر جو ناهي. هڪ سچ آهي، جيڪا ڳالهه عشق بڻجي وئي آهي- ايمان جو درجو وٺي چڪي آهي، گولي جو جواب گولي سان، بم جو بم سان ته ڏئي سگهجي ٿو. اُن لاءِ ته ڪجهه ناهي ٿي رهيو- گولي بم ڌماڪن سان تبديليءَ جي خواهش ڪا نئين ڳالهه ته ناهي. ”طاقت بندوق جي ناليءَ سان حاصل ٿيندي آهي“ جا انقلابي نعرا به ته لڳي چُڪا آهن- بيلٽ نه بُلٽ- پرچي نه بڙڇي پر دليل غالب اچي ويا. نظام بدلجي رهيا آهن. طاقت بندوق جي ناليءَ سان حاصل ٿيندي آهي، چوڻ وارا مائوزيتنگ جي چين به بندوق ڇڏي اقتصادي طاقت حاصل ڪئي آهي. بيلٽ کي بُلٽ تي ترجيح ملي رهي آهي پر اُن لاءِ بيلٽ جو احترام لازمي آهي. مان ته ورهين کان چوندو اچان پيو ته انتهائن سان رابطو پيدا ڪريو، انهن کي ويجهو آڻيو. منبر ۽ ڪرسيءَ ۾ قربت- يونيورسٽي ۽ ديني مدرسن ۾ رابطو. علمائن ۽ اسڪالرز کي گڏ ويهاريو. ديني مدرسا، سخت مذهبي سوچ رکڻ وارا حقيقت آهن انهن کي رد ڪري، مذمت ڪري هڪ طرف نه ويهاريو وڃي. مذهب نهايت غالب عنصر آهي ۽ اهو پوءِ رياست سان ٽڪراءَ طرف وٺي ويندو آهي، جتي رياست ڪمزور هجي، اُن جا ٿنڀا لُڏي رهيا هجن، اُن جا محافظ پاڻ ۾ وڙهي رهيا هجن، خزانو لٽيو ويندو هجي. اُتي ملڪ سان ٽڪراءُ آسان ٿي ويندو آهي.
اي خاصه خاصان رسل وقتدعا هي،
امت په تري آ ڪي عجب وقت پڙا هي.
هن ڏکي وقت ۾ وزيراعظم جو فرض آهي ته ان مسئلي جو مستقل حل ڪڍڻ لاءِ قومي اسڪالرز ۽ مذهبي اسڪالرز کي گڏ ويهاري. انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ وارن دردمند پاڪستانين کي هڪ هنڌ ڪٺو ڪري. اُن مسئلي جي جڙ تائين رسڻ لاءِ انهن فڪرن جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي، جيڪو پهاڙن جي چوٽين تي بسيرو ڪرڻ وارن جي دماغن ۾ آهي، جيڪي خانقاهن ۾ جنم وٺي رهيا آهن، جهادي تنظيمن جي ڪارڪنن ۾ گردش ڪري رهيا آهن. وقت جي تقاضا آهي، سڄي سرڪاري، پرائيويٽ يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز، ديني مدرسن کي هلائيندڙ آمهون سامهون هجن. عابد حسن منٽو، صلاح الدين، فضل الله خليل، مولانا خان محمد شيراني، ڊاڪٽر مبارڪ احمد، سراج الحق، مولانا انس نوراني، مولانا زرولي، مفتي منيب الرحمان، مولانا فضل الرحمان، ڊاڪٽر خالد مسعود، فيصل ايڌي، رمضان ڇيپا، اهلحديث، اهل تشيح- سڀئي هڪ ٻه ڏينهن گڏ ويهن- اُهي جيڪي پهاڙي صحرائن ۾ سماجي ڪم ڪري رهيا آهن، اُهي جيڪي جذبات ڄاڻن ٿا. تاريخ اسلام ۾ اهڙا فڪري بحران پهريان به آيا آهن. اسان جي اڪابرن انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي ۽ اهي ڪامياب به رهيا آهن.
ڪو به مسئلو انسان کان وڏو ناهي هوندو، اُن جي تهه تائين وڃڻو هوندو آهي. دل ۽ دماغ کٽڻ گهرجي. ذهن فتح ڪرڻ گهرجن، صرف علائقا نه. اوهان به سوچيو- پنهنجن علائقن ۾ ته اوهان اهي وڇوٽيون ختم ڪريو. هڪ ٻئي تي جيڪڏهن شڪ ڪندا رهنداسين، جيڪڏهن الزام لڳائيندا رهنداسين ته اسين ورهائجي وينداسين.
(روزاني
عبرت)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو