Friday, August 12, 2016

وال پــــيــــپـــــــر ـ اڪيلي دهشتگردي خلاف ورهايل سياسي قوتون


پاڪستان ۾، ميڊيا تي توڙي قومي اسيمبلي جي مختلف ميمبرن ۽ مختلف سياست ڪندڙ ڌرين جي ڌار ڌار موقفن جي ڪري ٽن ڏينهن ۾ ڪوئيٽا جي لڱ ڏڪائيندڙ خطرناڪ واقعي جي ڪري مسڪين ۽ مظلوم توڙي ناحق مارجي ويلن جو ڏک هڪ نئين رخ ۾ سفر ڪري رهيو آهي. جڏهن ته ملڪ جي پاليسي ساز فوجي ۽ سياسي ادارن پاران جيڪا ڳالهه پهرئين ڏينهن ڪئي وئي، ان باري ۾ هو دهشتگردي ۽ دهشتگردن جي خلاف هڪ اهم فيصلائتي ايڪشن جي پاسي وڃي رهيا آهن.
ڪالهه ملڪ جي آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪمانڊرز ۽ انٽيليجنس ادارن کي دهشتگردن ۽ سندن ڳجهن ٺڪاڻن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قوت سان ڪومبنگ يا ٻهارو ڏيڻ ۽ ٽارگيٽيڊ آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪوئيٽا اسپتال ۾ وڪيلن تي بزدلاڻو حملو ڪيو ويو، اهو حملو آپريشن ضرب عضب کي متاثر ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، دهشتگردي خلاف ڪاميابين کي ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، قوم جي حمايت سان هٿياربند فوج دهشتگردن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي.
هو جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ سمورن ڪورڪمانڊرز ۽ پرنسپل اسٽاف آفيسرن شرڪت ڪئي، جن کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جاري فوجي آپريشن، ملڪ جي مجموعي اندروني ۽ ٻاهرئين سلامتي جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪمانڊرن ۽ انٽيليجنس ادارن کي هدايت ڪئي ته دهشتگردن ۽ سندن ڳجهن ٺڪاڻن کي مڪمل طاقت سان ختم ڪرڻ جي لاءِ موثر ڪومبنگ آپريشن ۽ ٽارگيٽيڊ آپريشن تيز ڪن. آرمي چيف ڪمانڊرز کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ موثر ڪاررواين جي لاءِ صوبائي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تربيت، وسيلن ۽ منصوبابندي ذريعي انهن جي سگهه کي وڌائڻ جي لاءِ مڪمل مدد ڪئي وڃي.
پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيو آهي ته ڪوئيٽا ۾ چپي چپي تي ايف سي جا اهلڪار موجود آهن جيڪي تلاشي وٺڻ کانسواءِ ڪنهن کي وڃڻ نه ٿا ڏين، هر حملي کانپوءِ ”را“ تي الزام هڻي ڇڏڻ سان ملڪ ناهي هلندو، ملڪ جا دشمن اسان جي ايجنسين جي پيرول تي آهن، سرڪاري تقريبن ۾ اڳئين سيٽن تي ويٺل هوندا آهن انهن کي جيل ۾ هجڻ گهرجي، اسان کي وچن ڪرڻو پوندو ته ڪنهن به ملڪ جي واسطي جنگ يا پراڪسي وار نه وڙهنداسين، ڪوئيٽا سانحي جي جاچ سيڪيورٽي ادارن کي ڏني وڃي ناڪام ٿيڻ تي سربراهه کي عهدي تان هٽايو وڃي. هن چيو ته ڪوئيٽا ۾ هر جاءِ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار موجود آهن، 12 گهٽين جو شهر سيڪيورٽي ادارن کان نه ٿو سنڀالجي ته اها اسان جي ڳجهن ادارن جي ناڪامي آهي، هڪ مهينو اڳلا ڪاليج جو پرنسپال قتل ڪيو ويو ان جا قاتل اڃا گرفتار ناهن ٿيا. هن رٿ پيش ڪئي ته وزيراعظم ڳجهن ادارن کي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ۽ هن سانحي کي آزمائشي واقعو سمجهي ان آهر حڪمت عملي ٺاهي وڃي. جيڪو جاچ نه ڪري ان کي فارغ ڪيو وڃي، دهشتگردي خلاف جنگ عوامي حمايت کانسواءِ نه ٿي کٽي سگهجي.  20 ڪروڙ انسانن جي طاقت تمام وڏي طاقت آهي، ڪوئيٽا حملي کي پوري ملڪ تي حملو تصور ڪيو وڃي. محمود خان اچڪزئي چيو ته ايف سي جا اهلڪار ڪنهن جي تلاشي وٺڻ کانسواءِ ڪنهن کي داخل ٿيڻ نه ٿا ڏين ۽ ان کانپوءِ به اهڙا واقعا ٿي رهيا آهن. هن چيو ته اسان کي سوچڻو پوندو ته اسان ڪنهن ٻئي جي زوري مڙهيل جنگ جو حصو ته نه بڻجي رهيا آهيون ۽ هر سانحي کانپوءِ را تي الزام هڻي پارليامينٽ ۾ رڳو مغفرت جي دعا ڪئي وڃي ٿي، ان سان مسئلا حل نه ٿيندا. هن چيو ته حڪومت، فوج ۽ عدليه کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وچن ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي ڪارروائي جمهوريت، عوام، وفاق ۽ خطي جي خلاف سازش آهي، جيڪڏهن اسان کي دهشتگردي جي خلاف اها جنگ کٽڻي آهي ته سمورن سماج دشمن عنصرن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي. ملڪ جي هر سياسي پارٽي حڪومت جي سپاهي جي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان سڀ کان پهرين آهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائي حڪمت عملي جوڙي وڃي.
جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته زبان تي “را” جو لفظ ايندي ئي ڳالهه ختم ٿي وڃي ٿي، ايجنسيون ڇو بار بار رڪجي وڃن ٿيون ۽ اسان الزامن کان آجا ٿي وڃون ٿا، هن وڌيڪ چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول هجي يا وري باچا خان يونيورسٽي جو واقعو هجي، ڪو شڪ ناهي ته اها ناڪامي آهي، اسان الزام هڻي ڪوئيٽا سانحي کي هلڪو وٺي رهيا آهيون، رڳو “را” جو نالو وٺو ته ڳالهه ختم ٿي وڃي ٿي، حڪومت پاڻ ۾ويهي دوستن ۽ ادارن کي گڏ ويهاري پاليسي ۽ حڪمت عملي جو جائزو وٺي ته خاميون ڪٿي آهن.
اهي ٽي رخ آهن جيڪي اڪيلي دهشتگردي جي باري م بيان ٿي رهيا آهن. انهن رخن وسيلي جائزو ته سامهون اچي رهيو اهي پر هڪ ڪرو موقف پيش نه ٿي سگهندو. ان ڪري وزيراعظم يا پارليماني سطح تي ان باري ۾ ان بحث کي ايوان اندر اڪلائي ان آهر پاليسي ٺاهي وڃي.
(روزاني عوامي آواز)   

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو