Tuesday, August 9, 2016

بلوچستان جي جاڳرتا تي حملي جو لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو


ڊاڪٽر ايوب شيخ
سومر ڏينهن صبح جو سويل بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار ائسوسئيشن جي صدر ائڊوڪيٽ بلال انور ڪانسي کي راهه ويندي قتل جي خبر ٻڌڻ شرط قدرتي طور ٻن پرتن سول اسپتال جو رخ ڪيو. هڪڙا هيا سندس ساٿي وڪيل ۽ ٻيا هيا رپورٽنگ ڪندڙ ميڊيا جا رپورٽر ۽ ڪئمرا مين. اهي ٻيئي پرت سڀ کان وڌيڪ جانيون ڏيئي ويٺا ۽ زخمي ٿي پيا آهن. سول اسپتال ۾ اهي جيئن ئي پهتا ۽ ايمرجنسي وارڊ وڪيلن توڙي عام ماڻهن سان ڀرجي ويو ته اتي ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ ايمرجنسي وارڊ سميت سرجيڪل وارڊ مڪمل تباهه ٿي ويا.
هي سٽون لکجڻ تائين لڳ ڀڳ 70 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ 140 ڄڻا زخمي ٿي ويا آهن، مري ويلن جو انگ انهن زخمين منجهان وڌي سگهي ٿو. مارجي ويلن ۾ اهم ترين شخصيت بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار ائسوسيئيشن جو صدر بلال انور ڪانسي پهريون قتل هيو، جيڪو گهر کان ڪورٽ پئي آيو. ان جي قتل جي خبر جهنگ جي باهه وانگر سڄي ملڪ ۾ اڃا پکڙي مس هئي ته ٽي وي اسڪرين ” سول اسپتال ٻاهران ڌماڪا“ جي بريڪنگ نيوز ٻڌائي. ان خبر سان مري ويلن جو انگ پنجن مان پندرنهن ٿيندو ويو  ۽ وڌي وڃي 70 تي پهتو. قتل ٿيلن ۾ اڪثر وڪيل پر انهن سان گڏ ڊان ٽي وي ۽ آج ٽي وي جا ڪئمرا مئن شهزاد خان ۽ محمود علي پڻ شامل هيا.
ڌماڪي ۾ بار جو هاڻوڪو صدر مسٽر ڪانسي ئي نه پر اڳوڻو صدر باز محمد ڪاڪڙ پڻ انهن  وڪيلن ۾ شامل آهي، جيڪي قتل ٿي ويا. جڏهن ته قتل ٿيندڙ ٻين وڪيلن ۾ خاص ڪري جيڪي اهم نالا سامهون آيا آهن انهن ۾ ، بئرسٽر عدنان ڪانسي، عسڪر خان اچڪزئي، بشير زهري، نورالدين رخشاڻي، قاهر شاهه، دائود ڪانسي، رشيد کوکر، ناصر ڪاڪڙ، نعمت الله ، نور الله ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن ته زخمين ۾ سينئر وڪيل رئوف عطا، اياز ظهور، سينيٽر جهانزيب جمالديني جو فرزند سنگت جمالديني ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي بولان ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۽ ملٽري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
تحريڪِ طالبان جي هڪ ڌڙي ”جماعت الاحرار“ ان واقعي جي ذميداري قبول ڪئي آهي، جڏهن ته صوبي جي گهرو وزير سرفراز بگٽي ان ک ڀارتي ايجنسي ”را“ جي ڪارروائي ڪوٺيو آهي.
بلوچستان ۾ قيامتون ختم نه ٿيون آهن، اهي اڃا تائين جاري آهن. هر مهيني، هر هفتي، هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ننڍي واقعي جي شروعات سان وڏا واقعا ٿي رهيا آهن. اهڙي ئي قيامت ڪالهه سومر ڏينهن صبح جو صوبي جي راڄڌاني شهر  ڪوئيٽا ۾ پيش آئي، جنهن سڄي ملڪ کي لوڏي ڇڏيو آهي.
پاڪستان آرمي جي سربراهه جنرل راحيل شريف ڪوئِيٽا پهچي هاءِ ڪورٽ توڙي اسپتالن جو دورو ڪيو. هڪ اهم اجلاس ۾ ان خطرناڪ واقعي ٿيڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته بلوچستان ۾ دهشتگردن کي ٻهارو ڏيڻ لاءِ Combing Operation  ڪيو ويندو، جيڪو به دهشتگرد هوندو ان کي ڏسڻ سان گولي هڻي ماريو ويندو.
پاڪستان جو وزيراعظم ميان محمد نواز شريف، جنرل راحيل شريف، فوج جي ڏاکڻي ڪمانڊ جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل  عامر رياض ، جنرل ناصر جنجوعا، جنرل عاصم سليم باجوا، وفاقي وزيرن  عبدالقادر بلوچ ۽ مير حاصل خان بزنجو ڪوئيٽا ۾ ڌار ڌار ۽ گڏيل نموني سول اسپتال ۽ ٻين هنڌن جا دورا ڪيا ۽ ان عزم کي ظاهر ڪيو ته اهي واقعا پاڪ چين راهداري رٿا کي ناڪام بڻائڻ جون رٿائون آهن، جن کي ڪڏهن به نه بخشيو ويندو.
اهو واقعو”را“ ڪيو آهي يا ”طالبان“ جي ڌڙي، اهو واقعو پاڪستان خلاف گهري سازش آهي يا سي پيڪ خلاف،  پر بلوچستان ۾ هن سال ۾ وڪيل برادري جا قتل هڪ عام ٽارگيٽ  Common Practice رهي آهي. ان کي اتفاق چئجي، يا ڪجهه ٻيو ان جي باري ۾ ڪا تڪڙي راءِ قائم ڪري نه ٿي سگهجي. پر مختلف واقعن جي روشنيءَ ۾ وڪيل مخالف ٽارگيٽ واري دليل کي هٿي ملي ٿي.
  • 3 آگسٽ 2016ع تي، ائڊوڪيٽ جهانزيب علوي قتل ڪيو ويو. ائڊوڪيٽ بلال ڪانسي ان قتل جي واقعي جي سخت لفظن ۾ نندا ڪندي صوبي ۾ ٻن ڏينهن لاءِ ڪورٽن جي بائڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي.
  • جون مهيني ۾ بلوچستان لا ڪاليج جو پرنسپل بئرسٽر امان الله اچڪزئي قتل ڪيو ويو.
صوبي جي گهرو وزير پاران ”را“ جي باري ۾ ڳالهه ڪرڻ  ۽ تحريڪ طالبان پاران ان جي ذميداري قبولڻ جو مطلب هي آهي ته جيڪڏهن بلوچستان ٽارگيٽ آهي ته پوءِ ”را“ ۽ ”طالبان“ جا ڪجهه گروپ ۽ ڌڙا ان مهم ۾ هڪٻئي جا مددگار ۽ گڏ آهن. پر ”را“ جي باري ۾ ته ڳالهه پڌري پيئي آهي ته اهو ڀارت آهي، طالبان جي ڌڙي لاءِ ڇا چئجي؟ اهو اشارو افغانستان ڏانهن آهي يا پاڪستان اندر ان دهشتگردي جي باهه کي پکيڙڻ لاءِ ڪن طالبان گروپن ڏانهن آهي؟
اها ڳالهه سرڪار کي ئي پڌري ڪرڻي آهي ته ڪير ڪنهن سان گڏ آهي. پر ڪالهوڪي واقعي جا سماجي طور جيڪي اثر پوندا انهن تي غور ڪرڻ پڻ سرڪار جي واسطي بنهه ضروري آهي. انهن اثرن مان سڀ کان وڏو اثر قانون جي شعبي تي پوندو، جنهن جي وڪيل برادريءَ جا تمام گهڻا ماڻهو مسلسل نشاني تي آهن ۽ قتل ٿي رهيا  آهن. اصل ۾، هڪ جمهوري طور چونڊيل برادري، جيڪا قانون ۽ انصاف سان واڳيل آهي، انهن جي اهم اڳواڻن توڙي بهترين وڪيلن جا قتل صوبي بلوچستان کي قانون جي ميدان ۾ سنڍ بڻائي ڇڏيندا.
وڪيلن جي قتل جو مطلب آهي ڪورٽن، فريادين ۽ انصاف کي ڪمزور ڪرڻ. سماج جي ان حصي کي نشانو بڻائي انهن کي قتل يا ختم ڪرڻ جي ڳالهه جو مطلب، سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ  دليل ۽ رد-دليل سان زندگي گذاريندڙ طبقي کي پنهنجي زندگي کان محروم ڪرڻ آهي.
ڪوئيٽا جو واقعو جيڪو ايڏي وڏي تباهي اڳي هزارا برادري لاءِ آڻيندو رهيو آهي، انهن واقعن ۽ هن واقعي ۾ هڪ وڏو فرق رڳو طبقي جو ناهي، ته هزارا وارا پورهيت هيا ۽ هي مڊل ڪلاسي، پر صوبي بلوچستان ۾ زمانن کان پوءِ قانون پڙهي ايندڙن جو هڪ زبردست فصل جيڪو آهستي آهستي اڳيان وڌي رهيو هو، جيڪو سماج ۾ هڪ بحث لاهي رهيو هو، ان سموري بحث کي ان قتلام سان ڪاپاري ڌڪ لڳندو. هن واقعي ۾ اوهان غور ڪندا ته ڪيئي بئرسٽر، پروفيسر، مرد ۽ عورتون قتل ٿيا آهن.
زندگي جي هن چمن ۾ مس مس اهي وڪيل ڪي بهارون ڏسڻ جهڙا ٿيا هيا، انهن کي پاڪستان جي دشمنن بمن وسيلي خزان بڻائي ڏکن جي درياءَ ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو آهي.
(روزاني عوامي آواز)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو